سمان ۽ ٻانهيپوٽا
ٻني ڏني سين ٻانهيپوٽا توکي ڪري پوکن جي به پر
پر ذري تنهن زمين جي تي اچي مچايو اٿئي مهڄر
اسين سَوَ گهر آهيون سمن جا جنهن جي هاڪ پوي ٿي هيڪر
ٻانهيپوٽا تون ٻُٽو آهين، تنهن جي پٺ نڪي پونير
ايمان نه آهي احمد توکي نه ته پيٽا سُڪايان ۽ ها پگهر
هاڻي منڊا مڙين ٿو ڪين ڪي کڻي بُکيا ٻڌو اٿئي ڀڀر
تون ڪاهيو پوين ڪورٽن ۾ يا سڏيو اچين سکر
سامهون ٿو ٿين سمن سان تون ڌيان پنهنجو ڌر
جي نه ته احمد تنهنجي آر اسين سڀ ڀڃندا سون سونٽن سان
سڀ ڀڃندا سونٽن سان وڃي سمان ڪريو سايو
آئون به مورهان مڙندس ڪونه ڪو نڪي رکانوَ رايو
اڳي اوهان اسان کي هو هنر سان هٽايو
ٻڌي ڌوپو ڌاڙي جو هو وَ قاسم شاهه کي ڪُٽايو
محمد ابراهيم شاهه مڙد آهي پر اُن کي آهي کُريڙن کٽايو
تڙ اڃان تيار ئي نه ٿيو آهي اوهان آهي تهتا تپايو
سپروائيزر منهنجو سنگتي آهي آئون اچان ٿو مختيارڪار به موٽايو
پوءِ سمان سڀ سٽايو آئون ڪل هڻان يان ٿو ڪورٽ ۾
ڪل هڻائيندين ڪورٽ ۾ پر تون بندرا ڪر بس
سامهون ٿو ٿين سمن سان ۽ منهن ڏنو اٿئي مس
اسين لِنڊ ڪڍنداسين لتن سان ٻيو وڏو ڪنداسين وس
ٻانهيپوٽا انهي ٻني تان توکي لڏو کڻائينداسين لس
ٺڪر ٺوپر پنهنجا ٺاهي کڻجئين توڙي هونئي تس
ماٽيون ماٽورڙا پنهنجا ميڙي کڻجئين متان لائين ڪنڀارن کي ڪس
هاڻي چروڙيون چمٽا چونڊي کڻجئين متان ٿئي حُقي جو حوس
اڏاري وڃجئين ان کي وٺي گاڏين جو ڀي گس
مُٺا ايڏاهين ماڃر ڏي وڃي راهي ويهجئين رس
پوءِ هجي جمع کي جس جو آسري لڳو آهي تو احمد جي
آسري لڳو آهي احمد جي اوهين ڪريو سمان صفائي
دغا رکي دل ۾ اٿو اهيا ويڙهه به وڌائي
اوهين وٺي اچو وڏيرن کي جن آهي اهيا جوت به جاڳائي
آئون به وڃان ٿو اتر ڏي اتان آڻيندس جروار به جهجائي
اتئين حاجي مير محمد هليو ايندو جنهن کي آهي عقل اِلاهي
پر حاجي سليمان هٽندو ڪونه ڪو هن نر کي آهي نهٺائي
پر يڪي سر تنهن يار محمد کي آهي ڪنڌار کي ڪرڙائي
ٻيو حاجي عثمان آهي ٻانهيپوٽو اتي جنهن جي آهي راڄن سان رهائي
مرد ويندو ميرن ۾ جتي آهي نر جي به نِوائي
هڪل ٻڌي حسن علي جي اتي ولڙي ٿيندوَ وائي
آئون موٽائي آڻيندس مکي کي جيڪو ڀڳڙو آهي ڀائي
ڪامورا هن کان ڪن هڻن ٿا ٻيا سوين ڪنبن ٿا سپاهي
سو مڙندو ڪونه مختيارڪار تان ۽ ڪندو صوبيدار ساڻ صفائي
سٽ ڪڍندو سپروائيزر کي تنهن مهل تپيدار ٿيندو توائي
کاتا پاڻي کڻي ايندا پوءِ ڏسنداسين سکرن جي به سچائي
اهيا اٿوَ ٻانهيپوٽي ٻڌائي پهرين ڳالهه پڙ ۾
پهرين ڳالهه پڙ ۾ ٻڌ ٻانهيپوٽن جا ٻار اسين ڪڇون پڇو ٿا ڪين ڪي
کڻي ڪيو اٿئي خلق ۾ خوار
اسان کي انهن اترادين جا تون ڏکا ڪين ڏيکار
اهي مڙد آيا هئا سي موٽي ويا پنهنجن جا ڏسي پار
گڏجي توگري سان هو ويا لاهي مڙد ميار
هاڻي ڀڳڙو هتان ڀڄي ويو اچي پئي آهي ڀائي تي ڀُلڪار
هاڻي نڪي اچئي ڪو ٻانهيپوٽو ٻوڪ تي نڪي جلدي ڪو جروار
هاڻي منڊا کائي مار پوءِ لڏيندين لاڙ ڏي
ڪين لڏيندس لاڙ ڏي آئون جنگ ڪندس جوڙي
همراهه منهنجا هٽندا ڪونه ڪو مونکي پڪ ڏني آهي پوڙهي
هو محمد مڙندو ڪونه ڪو وجهندو نوي کن نهوڙي
هن لٺ وڍي آهي لئي مان تنهن کي جمع ڏني آهي جوڙي
هاڻي تيل هڻيو تنهن کي هو مڇون بيٺو موڙي
ٻيو ته امين آهي سو اٿي نٿو هو کيمان ويٺو آهي کوڙي
پر هن ڪٽ مست وٽ آهي ڪهاڙي جيڪا ويٺو روهي تي روڙي
خانو اڃان پيو کاسوڙا ڪري اڃان پيو ڊڪي ۽ ڊوڙي
هيءَ لٺ آڻيندو لائق پور مان وڏي ڪا وانجهڻ ووڙي
جي هڻندو پري کان پٽ تي ته وجهندو ڪنهن جي ٻيڙي ٻوڙي
ٻيو ته بچو ويٺل آهي برينچ تي جنهن کي به خطه لکيو اٿئون کوڙي
جنڊ مڪڙيون انهيءَ جوءِ جون جا هو جوان ويٺو جوڙي
هن کي ناهي پرواهه پئسي جي هو ويٺو روڪڙ کي روڙي
سو پهرين ايندو اسان وٽ پر هن کي ڇڏيو آهي اوزارن اليڙي
ٻيو صاحب ڏنو ويو آهي سُونٽا وڍڻ سنگت لاءِ جيڪو خوب آڻيندو کوڙي
ڀريون کڻي ڀائر ٻئي ڇڏيندا ٽولي ۾ ٽوڙي
سمان سمجهين ٿو ڪين ڪي اهيا ٻڌائي اٿئي ٻوڙي
جي نه ته اوهين وڏيرا ووڙي، اهيا ٻني ڏيو ٻانهيپوٽي کي
ٻني ڪين ڏينداسون ٻانهيپوٽا تون موڳاهڻين ٿو مٿو
جوان آندا اٿئي جنگ لاءِ تنهنجو خراب ٿيو آهي کٿو
جنهن مهل هڪل ٿيندي هِڪڙي تنهن مهل اِهي مڙها وڃائيندا مٿو
هيءَ ڪندا منهن مولچند ڏي اوڏاهين ٻيلو اٿن ٻُڌو
سڌا ڀڄندا سرن تي جتي آهي مِرُن جو به مٿو
انهي کسڙ ۾ “علڻ” چئي آهي مرن جو به مٿو
امين ڪريو ڪنهن اڀ ڪپي تان اتي فقير پيو هوندو ڦٿو
خانو هوندو ڪن کڏن ۾ جنهن جو مرگهي جهليو بيٺي آهي مٿو
الياس هوندو ڪنهن اوسهه ۾ ڪولهه ڏسي لٿو
نڪري سگهندو ڪونه ڪو پيو ڳوليندو ڳٿو
پوندو ڏس بچو جو برينچ ۾ جتي هوندو لاري مان به لٿو
صاحب ڏني ۽ عثمان جو پوندو پليجن کان پتو
هاڻي منڊا نه هڻ مٿو تون لڏي وڃ لاڙ ڏي.
***