تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مختصر تاريخ ”تپو کوکر“ [ڀاڱو پهريون]

ڪتاب ”مختصر تاريخ ”تپو کوکر““ اوهان اڳيان پيش آهي. هن تحقيقي ڪتاب جو ليکڪ محمد ياسين جروار آهي. هن ڪتاب ۾ تپو کوکر جي تاريخ، ڪجه سفرناما، ديھن بابت معلومات ۽ لوڪ بيت شامل ڪيا ويا آھن. ڪتاب مان جن شين حيران ڪيو تن ۾ شجرا ۽ نقشا آهن، شجرا ٻن صدين کان به مٿي جا ڏنا ويا آهن، هن ڪتاب ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن جا شجرا شامل آهن، جن جي نالن سان ڳوٺ ٻڌا ويا، انهن جي 11/10 پيڙهن جا نالا ڏنا ويا آهن، ان مان خبر پئي ٿي ته هن وقت خاندان ۾ ڪير آهن ۽ ڳوٺ جا اصل پڳدار ڪير آهن.

ڪتاب ۾ کوڙ شجرا بہ ڏنل آھن، جيڪي پي ڊي ايف ڪاپيءَ ۾ ڏسي سگھجن ٿا.
Title Cover of book مختصر تاريخ ”تپو کوکر“ [ڀاڱو پهريون]

سئوٽ احمد جروار ۽ ڳوهه جو جهيڙو

بيت بابت وضاحت: هي قصو ائين ٿيو جو سندم والد جناب حاجي محمد پريل خان جروار جي زمين چاڪر واهه جي اتر طرف واري واٽر ڪورس ٽو ايل چاڪر تي هئي ۽ واٽر ڪورس پڻ سندس نالي منظور ٿيل آهي، واٽر نوان ڏکيا پاڻي قانون جو سو زميندار هر وقت واٽر ڪورس کي کاٽي ڪرائي صفائي جهنگ جهاڙي ڪٽائي واٽر کي درست رکندا هئا، جيئن پاڻي زيان به نه ٿئي ۽ زمين ۾ پيچ به وڌيڪ ڪري، مذڪوره واٽر جي کاٽي زميندارن کي چيل هئي گهڻي ۽ وڏي زمينداري حاجي محمد پريل خان جروار جي هئي، سڀ هاري پهتا واٽر جي کاٽي شروع ٿي، علي محمد علڻ، بابا وٽ ڪمدار يعني زمين جو ڪم سنڀاليندڙ هو، همراهه سڀني کاتيدارن جا پهتا ليڪن منهنجو سوٽاڻو سوٽ احمد ولد حاجي جان محمد جروار جو پٽ نه آيو، پيءَ به کيس چيو ليڪن ڪم ڪوس نٽائي ويو، ڪمدار وڃي کيس پهتو ته ابا احمد کاٽي تي ڇو نه آيو آهين، هلي کاٽي کڻ احمد چيو ته منهنجي حصي جي کاٽي ماپ ڪري ڇڏي ڏيو، آئون سڀاڻي ڪڍندس، ائين ماپ ڪري سندس حصي جي کاٽي ڇڏي ڏني ۽ ٻئي ڏينهن به نه آيو ۽ کاٽي رهجي ويئي ۽ ڪمدار علڻ کيس چوندو رهيو هي نٽائيندو رهيو، ٻه ٽي ڏينهن گذري ويا، روز جواب ڏيو ڇڏي ته سڀاڻي، نيٺ ڪمدار بيزار ٿي چيس ته کاٽي ڪڍ نه ته آئون توتي بيت ٺاهيندس، سوٽ احمد کي لڳي مذاق سو چوي ته چاچا بيت ٻڌ ته کاٽي ڪڍان پوءِ، علڻ هيٺيون بيت ٻڌو، جنهن ۾ کيس وڏي جُٺ ٿيل آهي، پوءِ چوي ٿو ته چاچا ماڻهن کي بيت نه ٻڌاءِ آئون کاٽي ڪڍان ٿو ۽ ڪڍيائين، ليڪن بيت هلي ويو، اڄ نه ڪمدار علڻ، نه احمد نه اهي ماڻهو رهيا، دنيا فاني آهي، رهي نالو الله جو، سڀاڻي آئون به ڪونه هندس، اهيو بيت سوٽ احمد جي هلڪائي آهي، مگر پاڻ ڪچهرين ۾ ماڻهو چوندا هئس ته بيت ٻڌاءِ ته وڏي وات خوشي خوشي ڪچهرين ۾ بيت به ٻڌائيندو ۽ کلندو به هو.

ساراهيان سچو ڌڻي ساراهيان سبحان
ڪامل جي قدرت جي ڪمي آهي ڪانه
ونگار ڪئي سون واٽر تي ته جلدي آيا جوان
ٻه جوڙيون هيون ٻانهيپوٽن جون سي ڪڏيا بيٺي ڪپتان
خاصخيلي کپي بيٺا نر ٿيا نشان
بچائي تنهن بهادري سان ڪئي ڪاني ڪڇ ڪپتان
ڪامل علي ڪاهي پيا ڏس عرضي جا ايمان
هستي ڏسي حسن جي حاجي ٿيو حيران
ماهي مڙد مٿير هو، جويو سو به جوان
جروار آيو هو هڪڙو هو احمد به اٽڪل ساڻ
خان اچي بيٺا کامن ۾ وِير سي وريام
کڻندا اچن کاٽي کي هي پاسي وٺيو پهلوان
اچي پهتا اڏن تي جتي هئي کسڙجي کيٿان
ڳوهه نڪتي ڊوهه ڪري بري سابئيمان
اچي اٽڪي احمد سان هي بي گناهه بدنام
هي به مڙد مڙيو ڪو نه تنهن به وارا ڪيس وريام
پر زناور هو زور ڀريو سو هٽيو ڪونه حيوان
ڏنائينس ڀيڙ ڀاڪر جي ته الٽو ٿي پيو انسان
کڻي وڃي هنيائينس کامي ۾ اتي احمد ڇڏيو ايمان
لِنڊ هن جو لڙڪڻ لڳو تنهن تڪڙ ڪئي تمام
کسڪي نڪتو کِين مان وڃي پيو کامي ۾ کيٿان
ڏنئين ڳنڍو واٽر کي اتي گونهه ڪيو گمسان
ٿلهو هو ڪو ٿمڀ کان چورس نموني چرياڻ
ڪانو کڻي ڪڇيو سو ماپيو سو مروان
ڊگهو هو سو ڊيگهه ۾ 18 فوٽ ڪِن انچڻ ساڻ
پوءِ موڪليائون ماڻهو مائٽن ڏي آيو سانوڻ سرت سڄاڻ
اچي ڏٺائين احمد کي اڏ ۾ ٻيو پاسي منجهه پهلوان
سو به هيڪر لِنڊ ڏسي لڏي ويو هيڪر ٿيو حيران
چئي ادا مڙس بچايو آهي اسان جو مولا پر ظاهر ٿيو آهي اسان جو زيان
هن ۾ اڍائي مڻ آهن ان جا ۽ ٻيو ساڳ سرنهن جو ساڻ
اسين ڪانٽو آڻينداسين ڪشت مان ڪڍون نظر مان نقصان
پوءِ ڏاند جا ڏاڍا هئا موڳا سي مَستان
گهري هنيائوس گاڏي ۾ احمد به انهيءَ ساڻ
ٺاهي هنيائون ٺانٺي ۾ ڪو داسو هو دُوران
آڻي لاٿائون اوطاق تي جهڙو مسافر منجهه ميدان
پوءِ گلو منجهن هو گوهر تنهن چيو وارو ڪري آڻيو وڏاڻ
ٽوڙيون ڪنهن ٽل سان ڇِنون ڇيڻين ساڻ
ترازو کڻي توريائون ته ٿيو ٽي مڻ ڪن سيرن ساڻ
پوءِ ڪلمين جي ڪلام احمد ڇٽو آزار کان

***