تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مختصر تاريخ ”تپو کوکر“ [ڀاڱو پهريون]

ڪتاب ”مختصر تاريخ ”تپو کوکر““ اوهان اڳيان پيش آهي. هن تحقيقي ڪتاب جو ليکڪ محمد ياسين جروار آهي. هن ڪتاب ۾ تپو کوکر جي تاريخ، ڪجه سفرناما، ديھن بابت معلومات ۽ لوڪ بيت شامل ڪيا ويا آھن. ڪتاب مان جن شين حيران ڪيو تن ۾ شجرا ۽ نقشا آهن، شجرا ٻن صدين کان به مٿي جا ڏنا ويا آهن، هن ڪتاب ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن جا شجرا شامل آهن، جن جي نالن سان ڳوٺ ٻڌا ويا، انهن جي 11/10 پيڙهن جا نالا ڏنا ويا آهن، ان مان خبر پئي ٿي ته هن وقت خاندان ۾ ڪير آهن ۽ ڳوٺ جا اصل پڳدار ڪير آهن.

ڪتاب ۾ کوڙ شجرا بہ ڏنل آھن، جيڪي پي ڊي ايف ڪاپيءَ ۾ ڏسي سگھجن ٿا.
Title Cover of book مختصر تاريخ ”تپو کوکر“ [ڀاڱو پهريون]

ديهه بڪيراڻي

هن ديهه تي بڪيراڻي نالو بڪيرا قوم جي ڪري پيو، اهائي قديم قوم ديهه تي نالي جو سبب بني آهي، جيڪا شايد سومرن ۽ سمن، ڄامن جي حڪومت جو وقت چئي سگهجي ٿو، سن 900 هجري کان به اڳ جو آباد هوندو، ڪافي تاريخي ڪتابن ۾ سندس احوال ملي ٿو، مٿي دڙي تي شهر آباد آهي ۽ هيٺ به آباد آهي، قديم نشانن ۾ پيرن صاحبن جون درگاهون وڏيون ۽ ان کان علاوه جيئو شاهه، واهي فقير جي درگاهه، رڪن پورتلاءَ کاڻ شرف الدين، مقام شاهه ميران، مقام شاهه عنايت، گهوٽ جمال واهه، مقام مخدوم ڪاهوجو، جيڪو موجوده وقت شهر بڪيرا شريف کان ٻه فرلانگ ڏکڻ طرف آهي، موجوده نقشو ان ۾ به مقام آهي، جيڪو هن وقت نوان کوکر حاجي عالم وارا استعمال ۾ آڻين ٿا، سروي بلاڪ 120 ۾ آهي، قديم نالو مڪان ڄام پور آهي، روايت آهي ته مخدوم ڪاهو نالي درويش، شيخ ڀرڪئي جو ابتدائي استاد آهي. حوالو اذڪار قلندي ص-104
واهي فقير جي مزار وارو ٽڪرو رڪن پور جو تلاءُ نالي سڏبو هو ۽ اتي جيڪا موجوده کڏ آهي، ان کي کاڻ شرف الدين سڏيندا هئا، واهي فقير جو اصل نالو فقير رحيم ڏنو آريسر آهي، ڦٽل کيسانو واهه پڻ ديهه جا دنگ نشان واضح ڪري ٿو، جيڪو اتر اولهه کان شروع ٿي سڄي ديهه جي ڏکڻ کان گذري ۽ اوڀر طرف ديهه ستياري ڏانهن وڃي ٿو، نقشي ۾ عيد گاهه، منزل گاهه، مقام مخدوم ڪاهو بلاڪ 120 ۾ ان کان علاوه مساڻ ايريگيشن بنگلو بڪيراڻي ريسٽ هائوس رهن، وقت برباد حالت ۾، کوهه 13/113 ۾ مسافرن جي سهولت لاءِ ۽ پراڻا ڳوٺ آباد ڳوٺ قديم بڪيرا شريف، جوين وڪرو ڪيو پڊ، ڳوٺ الهه بخش جروار جديد جيڪي نوان ڳوٺ آباد ٿيا آهن، انهن ۾ جن پنهنجن زميندارين ۾ ڳوٺ آباد ڪيا آهن، جن ڳوٺن جا نالا نقشي ۾ نه آيا آهن، رئيس خان محمد خان کوکر جي ماڙي موجوده ڳوٺ دوست علي خان کوکر، ڳوٺ محمد عرس درس، شمس الدين ميمڻ، حاجي عالم کوکر، هن ديهه مان سکر بيراج جا موجوده سرفراز واهه، زنئور ڊسٽري ۽ چاڪر واهه موجود آهن ۽ ان تي آبادي ٿئي ٿي، پراڻن واهن ۾ جن تي هرلا هلندا هئا، انهن ۾ پراڻو کيسانو واهه ٻئي طرف هرلا ڇڙهندا هئا، پراڻه جمال واهه جيڪو صرف هڪ يا ٻه مهينا وهي ۽ بند ٿي ويندو هو، سڄي ديهه کي هڪ ڪنڊ ۾ هو. ڳوٺ ۾ اوطاق حاجي شفيع محمد پتافي ۽ اوطاق اعجاز شاهه آهن.
بڪيرا شريف شهر م لاتعداد قومون آباد آهن، اميد تندرستي ساٿ ڏنو ته پورا تفصيل ڏبا، مختصر طور، سيد بخاري، سيد ڏاڏاهي، پير صاحبان غوثيه ۽ سندن اولاد، بڪيرا، ميمڻ، دل، درس، مير بحر، کوکر نوان آيل، خاصخيلي، سهتا، شيدي، قمبراڻي، ديهه بڪيراڻي کي موجوده وقت ۾ زراعت لاءِ پاڻي چاڪر واهه، زنئور شاخ ۽ کيسانو 2 پاڻي پهچائڻ جو طريقو آهن، ان کان علاوه ڪجهه خانگي ۽ سرڪاري ٽيوب ويل پن آهن، شهر مٿي هڪ مٽي جي دڙي تي آهي، منهنجي ناقص عقل ۽ راءِ ته ڪنهن پراڻي حڪومت اندازن 800 سو سال اڳ جي ڪنهن حڪومت پنهنجو سرڪاري انتظام هلائڻ لاءِ رعيت کان مٿي ڀرائي ۽ مٿانهون شهر آباد ڪيو آهي، قديم ۽ جديد ڳوٺ پهرين چئي چڪو آهيان، اسان جي يادگيري جي وقت ۾ ديهه جا مشهور شخصيتن ۾ سندن حاجي محمد پريل خان جروار، سيد اسماعيل شاهه عرف عطر شاهه بخاري، امداد شاهه، صالح محمد شاهه ڏاڏاهي، برادرن سيد ڊاڪٽر شاهنواز شاهه، سندن فرزند سيد محمود شاهه، اسماعيل بڪيرو، محمد يونس ميمڻ، مقبول احمد صاحب ميمڻ، جان محمد شاهه بخاري ۽ کوکر برادران حاجي غلام حسين کوکر اولاد هر هڪ پنهنجي توفيق ۽ شايان شان خدمتون سرانجام ڏيندا آهن، غوثيه اولاد به پنهنجو مٽ پاڻ آهن، پاڳارو صديق محمد شاهه، مقبول احمد شاهه، نبي بخش شاهه هر آڌي رات راڄ کي سڏ ڏيڻ ۽ سنڀالڻ وارا آهن.
استاد محمد اسماعيل شيدي جا هن شهر ۽ پس گردائي جي عوام تي احسان آهن، جيڪي وٽانئس تعليم پرائي پنهنجي روزگار سان لڳي ويا، کيس دعائون ڪن ٿا، سيد جان محمد شاهه پ پ پ جي ڪري وڏي خدمت ڪندو آهي، مينهن واءُ هجن، لسٽ ڪارڊ هجن سڄو سڄو ڏينهن سڄي سڄي رات ڪم ۾ لڳو پيو هوندو آهي، اسان هڪ ٻئي سان زندگي جو ساٿ نڀايو آهي، اصولي ڳالهين تي ڪڏهين اختلاف به ڪيا اٿئون، ليڪن انا ڪڏهين نه بنائي اٿئون، هر ماڻهو کي ساٿ ڏيون، بغير ڪنهن لالچ جي لالچي دوست به آهن جو غريبن بي واهين انڌين کان به ڪم جي بهاني ۾ هئي، هڪ بڪيراڻي ديهه جو مختصر احوال آهي، ڪتاب جي پهرين ڀاڱي لاءِ تندرستي ۽ حياتي ساٿ ڏنو ته هر عنوان کي حقيقي جائزو پيش ڪبو، سائين علي اڪبر شاهه ۽ سندس پٽ مدد علي شاهه جون جيڪي محنتون پ پ پ لاءِ بڪيرا شريف کان وٺي لاڙڪاڻه شهيدن جي مزار گڙهي خدابخش ڀٽو تائين وسارڻ جوڳيون نه آهن، اميد ته ٻئي ڀاڱي ۾ ٻڌائبو ته مدد شاهه جڏهين قافلي ۾ لاڙڪاڻه هلندوهو ته ان وقت سندس عمر ڇا هئي، بي سمجهه ٻار جيترو هو، بڪيرا شريف جو ذڪر هجي ۽ ڀٽين کهباتي ياد نه ڪجن ڪونه ٿو ٺهي، مسٽر شمس الدين، عبدالخالق، سندس پٽ علي نواز ۽ شفيع محمد هر هڪ جي پنهنجي اهليت ۽ تاريخ آهي، موقع سان سندس پورا پورا احوال لکبو، افتخار سميت.
جيترو بڪيرا شريف شهر ۽ بڪيرا قوم هن شهر کي آباد ڪندڙن ۾ اول آهن ته ميمڻ قوم به هن شهر ۾ اوتري پراڻي آهي، کين نه ياد ڪرڻ وڏي زيادتي ٿيندي، حاجي لکانو، سيٺ ڀورو محمد وريل، چاچو جمع دڪان وارو سندس پٽ سيٺ حاجي وڪيو ميمڻ، خليفو محمد انور ميمڻ، حيدر ميمڻ هر وقت سائين ڊاڪٽر شاهنواز شاهه جي ڪچهري ۾ موجود هوندو هو، غلام قادر ميمڻ پ پ پ جو ڪارڪن آهي، سيٺ ڪاشف ۽ امداد وڏا واپاري آهن، اسان جي عزت ڪندا آهن، پ پ ۾ سائين اسماعيل شاهه عرف عطر شاهه بخاري، محمد يونس ميمڻ کي سياست ۾ کڻي آيو ۽ محمد يونس ميمڻ پنهنجون صلاحيتون ڪم آڻي تمام اڳتي نڪري ويو، حاجي خير محمد خان کوکر کيس تمام مٿي کڻي ويو ۽ پاڻ وري بڪيرا شريف جي ميمڻ قوم کي مٿي کڻي ويو.
اسان جي عزت ڪري ٿو ۽ اسين به سندس عزت ڪندا آهيون، سياسي رستا اسان جا يعني مون راقم جا سدائين پ پ پ ۽ پاڻ سدائين چڙهندڙ پاسي، مامون خالق ڏنو دل ۽ سندس پٽ محمد انور سائين ڊاڪٽر شاهنواز شاهه ۽ محمود شاهه جي کاتي ۾ آهن ۽ آئون راقم به سندن عزت ڪندو آهيان.

بڪيرا شهر:
بڪيرا شهر پراڻو کيسانو واهه جي کٻي پاسي بلند دڙي تي ٽنڊوالهيار کان ڏکڻ طرف ڇهن ميلن پنڌ تي آهي، اتي جا اصل رهاڪو بڪيرا ذات جا ماڻهو آهن، جنهن ڪري مٿس اهيو نالو پيو آهي.
پير غوث العالمين صاحب ملتاني هاشمي قُدس سرهه جي اولاد مان حضرت قطب الزمان سيدنا حضرت مخدوم پير فاضل شاهه ڪلان 951 هجري ۾ ملتان شريف کان بڪيرن جي شهر ۾ بامجموع فقرا حلقه جي آيا، پير صاحب جي اچڻ وقت اِتي جو زميندار ارباب شير بيگ بڪيرو هو، جنهن جي قبر هڪ مسجد شريف جي صحن ۾ آهي ۽ اها مسجد شريف مخدوم پير ولايت علي شاهه جي بنگلي وٽ سندن حفاظت ۾ آهي، ميان حسين سنگهار مشهور آهي، سندس چوڪنڊي گول زمين کان ٻارنهن کي فوٽ مٿي آهي، بڪيرن جي شهر ۾ کُڏي مڪان جي قريب آهي، جنهن کُڏي مقام کي هن وقت سخي شيخ ٻانهون جو مقام سڏين ٿا، ميان حسين سنگهار، هي بزرگ مخدوم نوح رحه جي وڏن خليفن مان آهي، سندس 12 خليفا هئا، جن کي 12 ٻالڪا ڪري چوندا آهن، جهڙوڪ
1. پاڪسنگهار
2. حاجي جلال
3. سيد اِڀوڙو
4. شاهه ٻانگو
5. ساجن سوائي
6. پنيو ڪاپڙي
7. نانگو شاهه
۽ ٻيا، انهن مٿين سڀني بزرگن تي سندن مڪانن تي سڀ ڪنهن سال فقيرن جي ميلا لڳندا آهن، (اذ ڪار قلندري)
موجوده ديهه هن وقت عالم کوکر وارن جو مقام آهي، روايت آهي ته مخدوم ڪاهو نالي درويش (جنهن جو مقبرو بڪيرن جي ڀرسان ڏاکڻي طرف مڪان ڄام پور ۾ آهي) جيڪو شيخ ڀرڪيو آچاري سمونڊ پير جو ابتدائي استاد آهي.
شيخ ٻانهون جنهن جو قبو شهر جي اتر پاسي چوبندي مڪان جي قريب آهي، تنهن بابت بيان ڪندا آهن ته هن ننڍي هوندي ئي پاڻ کي ملتان شريف جي ست دفعا وڪڻايو، جنهن ڪري سندس نالو مشهور شيخ ٻانهون ٿيو، ملتان شريف کان سنڌ ملڪ ڏي وڃڻ جو حڪم مليس، جنهن تي شيخ صاحب ان جاءِ جي معلوميت لاءِ عرض ڪيو، جنهن تي نشاني مليس ۽ جتي توکي مڇي جو ٻوڙ ۽ جوَن جي ماني ملي، اهيائي تنهنجي ۽ اسان جي اولاد جي جاءِ آهي، سفر ڪندو آيو، اتي بڪيرن جي شهر ۾ کيس جوَن جي ماني ۽ مڇي جو ٻوڙ مليو، جنهن ڪري اتي ويهي رهيو، چوندو هو ته منهنجا پير ملتان مبارڪ کان ايندا.
فقير رحيم ڏنو آريسر المعروف واهي فقير درويش
لاکو درويش مريد مجذوب ۽ درويش ڪريم ڏنو ۽ فقير امين مينهون يا ميان راڄو خاناڻي وارا جو پهريائين ظاهر جو عالم هو ۽ پوءِ باطن جو عالم ٿيو، فقير موتيو، جنهن جي قبر درگاهه شريف ۾ لکي دروازي وٽ آهي، هڪ ميمڻ مائي منادن مان پرڻجي آيل هئي، جا پنهنجي مڙس جي وفات کان بعد بڪيرن مان موٽي پنهنجي مائٽاڻي وطن ڏي وڃڻ لڳي ته ڪنهن درويش منع ڪيس ۽ بيت چيو.

ٿيندي باغ بڪيراڻي ميمڻ وڃ م رُسي،
هت روضا ٿيندا شاهه رڪن جا خلق ڪندي خوشي،
ايندءِ مائٽ مسي، پوندي مار منادن ڏي.

ڳالهه ۽ بيت لکڻ مان مقصد ته پيرن صاحبن جي اچڻ کان اڳ جي ڳالهه آهي، سمجهون ته جيترا بڪيرا شريف شهر ۾ بڪيرا پراڻا ۽ قديم قوم آهي ته بڪيرا شريف شهر ۾ ميمڻ قوم به قديم آهي.
شفيع محمد کان روايت آهي هڪ فقير شفيع محمد ذات مينهون رهندڙ راڄو خاناڻي، ايڪتاليهه دفعا پنڌ ڪيائين، ملتان شريف جا ۽ حڪم مليس ته قلندر قائم الدين وٽ تنهنجي امانت آهي ۽ بڪيرا شريف آيو هڪ ڏينهن قلندر قائم الدين کيس چيو ته شفيع اڄ توکي پڪو ڪبو ۽ فقيرن کي چئي کيس کوري ۾ وجهي باهه ڏياريائين، ٽن باهن کان پوءِ جيڪي سرون فقير سان گڏ هيون، اهي به پچي ويون هيون، مگر فقيرن کي ڪو به دخل نه هو ۽ کيس چيائون هاڻي شفيع مان شفيع محمد ٿيو ۽ کيس مريد ڪيائون، فقير جو مقبرو راڄو خاناڻي ۾ آهي، حڪم مطابق پاڻ به مريد ڪندو هو.
سندس اولاد به راڄو خاناڻي ۾ آهي ۽ مينهان سڏبا آهن، مون راقم خليفو ميان نور محمد عرف نور علي راڄو خاناڻي ۾ دواخانه هلائيندو هو، دوا وٺڻ ويو هو 1959ع جي ڳالهه آهي، تڏهين ڪچا رستا هوندا هئا، الهجڙيو واڍو وٽ ٽڪياسين، جو اسان جي ڳوٺ وارن واڍن چاچو علي جو مائٽ هو، مونسان گڏ مبارڪ سومرو ڳوٺ عجائب سومرو چوهڙ جمالي جو ۽ مولابخش منهنجي سوٽ حاجي قاضي محمد الرحيم جو پٽ هو.
جديد ڳوٺ ۾ قديمي نالو اوطاق حاجي عثمان جروار 1977ع جي اليڪشن بعد نالو ڦري ڳوٺ حاجي هاشم برفت ٿي ويو.
حاجي هاشم نيڪ انسان هو، مسجد شريف آباد ڪرڻ لاءِ به زمين جي مالڪن چاچو حاجي عثمان ۽ سندس وڏي پٽ قاضي محمد رحيم کان اجازت وٺي گهرن ۽ دوڪان سان لڳ مسجد تعمير ڪئي، وڏن ۾ اشرافت هئي، ننڍن ۾ نه آهي.
قديمي نالو اوطاق حاجي مير محمد جروار وٽ هاري ٿي وڏيرو محمد قاسم ۽ سندس ڀاءُ ڌڻين وٽ مزدوري ڪندي 1977ع جي اليڪشن بعد ڳوٺ فقير محمد برفت نالو پئجي ويو، زمين جا مالڪ ڇٽا هئا.
ڌڻين جي اوطاق جا نالا ويا هاڻي مٿين نالن سان ڳوٺ پيا سڏجن، آئي ٽانڊو کڻڻ ٿي پئي بورچاڻي، عجب پيو لڳي! هنن جا وڏا زبان جا پڪا سڏ سلوڪ آڌي رات ڏيندا هئا.
اڳيان هن ديهه متعلق شجرا ڏسندا.
شجرو فوٽ نوٽ: مينهون دوئم پاڙو ميهاڻي جروار دوئم راقم جي ڏاڏي حاجي محمد خان جروار جو وڏو ڀاءُ هو، سڀ ئي 5 ڀاءُ هئا، حيدر خان کاتي مطابق جا پٽ هئا ۽ آخري پٽ عثمان ڪنوارو فوت ٿيو، 1897ع ۾ باقي هر هڪ جو اولاد آهي، الڳ الڳ پني تي فوٽ نوٽ شجرن جا ڏنل آهن، ياد رهي ته اهي فوٽ نوٽ شجرن جا تمام اڳي جا لکيل آهن، هن لکڻ کان بعد به ڪيترن همراهن کي اولاد ٿيو آهي، ٻه ٻه شاديون ڪيون ۽ هڪ همراهه پنهنجي گهرواري کان عليحدگي به ڪئي آهي، غير شرعي ڪم ته نه ڪيائين، البته معاشري مطابق سٺو قدم به نه هو.
شجرو فوٽ نوٽ: نوٽ مينهون دوئم زير نظر همراهن ۾ برداشت تمام گهٽ بهانو ڪري گار ڏيئي ڳالهه مان ڳالهڙو ڪرڻ وارا آهن، جيئن، ڪيئي ڪتاب ۾ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جاڙن نظاماڻين جي ڳالهه لکي آهي، ائين هنن همراهن کي به زمين ملڪيت سان وڏي محبت ۽ سڪ آهي، ڪيئن به ڪري وڌائجي، پنهنجي رشتي ناتي کي بالائي طاق رکي ايڪڙ به وڌائڻو آهي، اڳلي کي هيسڻو به آهي، برابر ملڪيت زمين توڙي جائداد مون راقم محمد ياسين کي به پياري آهي، ليڪن جائز ناجائز کان الله پاڪ بچايو آهي ۽ بچائيندو، اسان جي خاندان ۾ به هڪ ٻه گهر جاڙن جو آهي، جنهن مان هڪ هيءَ به آهي ۽ ٻين جي به نشاندهي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ڪئي اٿم، مطالع دوران خبر پوندي.
حاجي محمد پريل خان جروار ڏاڍو همت وارو ماڻهو هو، جنهن ٻه شاديون ڪيون، سندن ٻنهي شادين مان اولاد هو، جن جا شجرا پيش ڪيا ويا آهن، راڄن ۾ سندس وڏي عزت هوندي هئي، وڏي ڄاڻ جو مالڪ هو، 1950ع ۾ ڳوٺ الهه بخش جروار ۾ ديهه بڪيراڻي مان بي ڊي جو ميمبر هو، سندس ڪوششن سان پرائمري اسڪول کليو، ڳوٺ اميد علي بوزدار وٽ زنئور شاخ تي پل به سندس ڪوششن سان ٺهي، جڏهن ته چاڪر واهه مان پاڻي جي سهولت خاطر واٽر ڪورس ون اي آر به حاجي محمد پريل خان منظور ڪرايو، بڪيرا شريف کان ٽنڊوالهيار تائين روڊ تعمير ڪرايو، ان کان ڳوٺ الهه بخش تائين بجلي ۽ پڪو روڊ به سندس ڪوششن سان ٿيو.
سکر بئراج چاڪر واهه تي ڪاٺن جي ڦڙ موري انگريز سرڪار کان راقم جي ڏاڏي حاجي محمد خان وڏي جفاڪشي ڪري منظور ڪرائي ۽ پنهنجي خرچ تي ٺهرائي، جنهن کي 1933ع ۾ ٺاهيو ويو.
جروار بلوچ مري گزيني واري شاخ مان آهن، شجرن ۽ تاريخي ڪتابن جي ورقن ۾ سندن احوال ڏسي ۽ مطالعو ڪري سگهجن ٿا، مرين بلوچن جو مورث اعليٰ حاجي خان زئي مير رند جي 14 پيڙهي مان آهي ۽ سندن پشت مان جروار قبيلو هليو، محبوب ڪريم صه جي امت مان ۽ خلفاءِ الراشدين جا حبدار ۽ پيروڪار آهن، سندن مريدي جو طعلق ديره غازي خان سخي سرور ۽ ملتان شريف جي گادي غوثيه فقهه حنفيه اهل سنت جماعت سان آهي، غوثي مريد آهن، جروار جيئن ته آڳاٽي زمانه ۾ علم تمام گهٽ ماڻهن ۾ هو انهي سبب ڪري منهنجي فيملي ۽ خاندان، قبيلي ميهاڻي ۾ به تعليم ۽ وڏو علم ڪو نه هو ۽ راقم کان پهرين جي ڪا به تاريخ لکت ۾ موجود نه آهي، پشت به پشت ياداشت وڏن کان ورسي ۾ هلندي اچي ۽ روينيو رڪارڊ زمين جا کاتا جن مان جيڪي نالا يا احوال مليا ته قلمند ڪيا اٿم ۽ 1700ع تائين فيملي ۾ ڪو به احوال لکيل نه مليو آهي، باقي زباني ياداشت جا پڪا ماڻهو جن کان احوال وٺي لکيو اٿم، جن ۾ سندم والد محترم جناب حاجي محمد پريل خان جروار همٿايو، ڏاڏو حاجي محمد حسن خان جروار راڄن جو چڳو مڙس مامي جو سوٽ علي محمد عرف علڻ لاڙيچو جيڪو لوڪل شاعر ۽ وڏو سگهڙ ۽ گهمڻ ڦرڻ وارو مڙس سدا ملوڪ ڄاڻ وارو سندس لوڪل ماڻهن جي اٿ ويهه ڪم ڪار سورهيائي ۽ ڪارنامن تي مزاح جي شاعري جيڪا به هڪ تاريخ ۽ اهڃاڻ آهي، موقع سر لکبا، لکي پڙهي به سگهندو هو، هنن احوالن کي تمام تصديق سان لکايو سئو سالن کان مٿي ڄمار ۾ وفات ڪيائين ۽ آخر تائين مزوري ڪري وقت گذاريائين، حال احوال، ڳالهه تصديق سان لکائيندو هو، نانون مصري فقير بخشاڻي جروار جيڪو پڻ حافظي جو انتهائي ٺيڪ ٺاڪ ايمان جو پختو پرائي کان پڄڻ وارو ۽ تندرست سالم دماغ سان هن ڪم ۾ مون راقم محمد ياسين جروار جي مدد ڪئي ۽ احوال لکايو، صوم وصلوات جو پابند هروڀرو وڌاءُ ڪونه ڪندو هو، ڳالهه چٽي ۽ صاف بيان ڪندو هو، سندس اميد ته پوين کي وڏي مدد ملي.
سو احوال پئي هليو ته ڪا خاص تعليم نه هيس ۽ اسلام جا پابند هئا، روزا نمازون، حج زڪوات ۽ ٻين اسلامي عقيدن احڪامن جي ضروري ڄاڻ رکندڙ رهيا آهن ۽ شريعت جا پابند اصول جا پڪا، زبان ۽ واعدي جا نڀائيندڙ مڙس ماڻهو هئا.
هينئر اسان 21 هين صدي ۾ پيا رهون، پنجئي آڱريون برابر نه آهن، الله پاڪ جهان خلقو آهي ۽ هلائي پيو، انساني سمجهه کان هينئر ڳالهه مٿي آهي، رب پاڪ ايمان بخشي ۽ برداشت جو مادو ڏي، دنيا تيز کان تيز ٿيندي وڃي، الاجي ڪٿي اهي ڊوڙ دنگ ڪندي، مورث اعليٰ پاڙو مينهاڻي جروار مري گزيني واري شاخ جو مينهون خان اول اصل رهندڙ ديهه گل ڪلهوڙو تعلقه ميروخان ضلع لاڙڪاڻه سنڌ جو رهندڙ هو، اهيو ڪلهوڙا اوائل دور هو، ڳوٺ پانڌي خان جروار ۾ اولاد به شادي شده هئس، سندس اولاد پشت به پشت اتي رهندو اچي ۽ سندن وڏو ڳوٺ آهي، اتي سندس گهر واري گذاري ويئي، اميد ته سندن احوال موقع سر لکبو. سندن ڳوٺ پانڌي خان جروار ديهه گل ڪلهوڙو تعلقه ميرو خان ضلع لاڙڪاڻي ۾ هن وقت مشهور ماڻهو محمد پناهه خان جروار آهي.
جيئن ته جروار مري بلوچ پهرين مغلن ڪلهوڙن، ٽالپرن جي دور ۾ اندرون سنڌ نقل مڪاني ڪندا پئي رهيا، ذريعي معاش ۽ وقت جي حڪومتن جي دور ۾، ڪافي پاڙا جروارن جا به اندرون سنڌ ڳوٺ ٻڌي ۽ ڪي خانه بدوش زندگي گذاري رهيا هئا، انهن پاڙن مان هڪ پاڙو باگاڻي جروار به پراڻي ناگنا واهه تي به ڳوٺ ڪري ويٺو، جيڪو اڄ ڳوٺ بيگن جروار تپو ۽ ديهه ڍالو ۾ موجود آهي، ٽنڊوالهيار کان 13 ڪلوميٽر تي ميرواهه ويندڙ روڊ ۽ موجوده ناگنا شاخ جي کٻي هٿ تي آهي، سندن بيان موقع سر ڪبو.
باگو خان جروار مينهون خان جروار جو سڱ ۾ مامون ٿيندو هو ۽ کيس به اولاد هو، باگي خان جروار کي نياڻي هئي، جيڪا لائق ٿيڻ تي اتي ويٺل رند سڱ گهريو، جيئن ته اڳي مٽي مائٽي سوچي ويچاري ڪبي هئي، باگو خان جروار لاڙڪاڻه وڃي پنهنجي ڀاڻيجي مينهون خان اول کي وٺي آيو ۽ پنهنجي نياڻي جو نڪاح ڪري مينهون اول کي پراڻي کيسانه واهه جي ڪپ تي اتر پاسي کاٻي پاسي ڳوٺ اميد علي بوزدار جي سامهون هاڻوڪي ديهه بڪيراڻي تپو کوکر تعلقو ٽنڊوالهيار ۾ رهڻ لڳو، اتي اڳي ٻيا پاڙا جروارن جا به آباد هئا، جن ۾ خاناڻي جروار، موساڻي جروار به هئا ۽ مينهون خان اول پڻ اتي اچي رهيو، ڪلهوڙا دور حڪومت ٻڌائين ٿا ته اتي مينهون خان کي اولاد به ٿيو، پنهنجي همٿ سان پنهنجي اولاد جي رزق روزي سلسلي ۾ زراعت ۽ مال مويشي سان دل لائي محنت مزدوري ڪندو هو ۽ پاڻي جي سٺي سيهي سان ڪڏهين هڪ جاءِ ته ڪڏهين ٻي جاءِ تي نقل مڪاني پڻ ڪندو رهيو.
ليڪن اتي ديهه بڪيراڻي جي مختلف ڪڙين تي ٻني جي پوک ڪندو آيو، جن ۾ پير بقادار شاهه جو ڪڙيو ۽ ڪڙيو لنڊو بولرام تي ۽ پڊ به بدلبا رهيا، ديهه بڪيراڻي بلاڪ 30، بلاڪ 31 ۽ بلاڪ 203 ۾ ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي، کيس ٻه پٽ وسائو خان (وسايو) ۽ ڇٽو خان نالي ٿيا، جوان ٿيا ته سندن شاديون به پنهنجي جروارن مان ڪرايائين ۽ انهن کي به اولاد ٿيو، سندن فوٽ نوٽ شجرا به موجوده ڪتاب ۾ مناسب جڳهه تي درج آهن.
آدم شماري وڌي روز روز جي لڏپلاڻ به ڏکي ٿي ٻني پوکي هڪ طرف ته ٻار ٻچا ٻي طرف، پوءِ سندن پيري مريدي جو سلسلو ملتان شريف جي غوثيا گادي سان وابسته هو، جن جو اولاد ديهه بڪيراڻي جي ڳوٺ بڪيرا شريف ۾ هو، ان وقت جي 1200 هه بزرگ سجاد مرشد پير امام بخش شاهه پالڪي وارو آف بڪيرا شريف ڏولي وارو سائين کي پڊ لاءِ يعني ڳوٺ ٻڌڻ لاءِ عرض ڪيائون، سائين جن الله پاڪ کان دعا گهري ۽ موجوده پڊ ڳوٺ الله بخش جروار جي نالي آباد آهي، ديهه بڪيراڻي سروي بلاڪ 265 ۾ جيڪو الله پاڪ جي مهرباني ۽ بزرگن جي دعائن سان ڳوٺ الله بخش جروار ديهه بڪيراڻي تپو کوکر تعلقو ٽنڊوالهيار ضلع حيدرآباد سروي بلاڪ نمبر 265 ۾ وڏو ڳوٺ ٿي ويو آهي، الله پاڪ کيس آباد رکي، آمين، سندن اولاد پشت درپشت آباد آهن ۽ سٺي زمينداري اٿن، آخر سڀ ڪنهن کي هيءَ جهان ڇڏڻو آهي، پاڻ مينهون خان اول به هن جهان مان لاڏاڻو ڪيو، سندس عمر ڪو سئو کن سالن جي لڳ ڀڳ ٻڌائين ٿا، کيس قبرستان شاهه عنايت گهوٽ واقع موجوده ديهه بڪيراڻي سروي بلاڪ 262 ۾ مدفون ڪيائون، جو اڳي به اتي جروارن جون قبرون هيون، پڪين سرن جون ٺهيل هيون، هاڻي اهي به ڊهي چڪيون آهن، قبرستان جو احوال به جيڪو ملي سگهيو آهي، هن ڪتاب ۾ مناسب جاءِ تي لکندس.
وسائو (وسايو خان) مينهون خان اول جو وڏو پٽ هو ۽ کيس به اولاد ٿيو، جن جو احوال پڻ موقع سان ڪبو، انشاءَ الله
وسائو (وسايو خان) ان لاءِ به ڪو خاص تاريخي احوال نه ملي سگهيو، جيڪو درج ڪري سگهجي، البت اهيا روايت ملي ٿي ته وسائو سخي مڙس هو، مسافرن کي ماني پاڻي ۽ خدمت ڪندو هو ۽ پنهنجي اولاد جي گذر مال رزق ۾ مصروف رهيو ۽ ٽالپر دور ۾ وفات ڪيائين، سندن پيءَ واري قبرستان شاهه عنايت گهوٽ ۾ مدفون ٿيو، کيس نياڻيون به ٿيون ۽ ٽي پٽ به ٿيا، جن جا اولاد آهن، پٽن جا نالا حيدر خان، غلام محمد، الهه بخش جنهن جي نالي سان ڳوٺ الهه بخش جروار آهي، مينهون خان اول جو ٻيو نمبر پٽ ڇٽو هو، سندن به ڪو تاريخي احوال نه ملي سگهيو آهي، البت صوم صلوات جو پابند هو، دين ڏانهن سندس لاڙو وڌيڪ رهيو، کيس به اولاد ٿيو، نياڻيون ۽ ٻه پٽ به اٿس، هڪ حاجي خان ۽ ٻيو ڪرڙ خان، ٻنهي ڀائرن حاجي ۽ ڪرڙ جو به اولاد آهي.
قبرستان مقام سيد شاهه عنايت: جيئن اسان جروار ميهاڻي بلوچ جروار رانجهاڻي ۽ صاحب خان جروار وارا توڙي ٻيا اوسي پاسي ۾ رهندڙ خانه بدوش قومون، قوميت ٿئي ته قبرستان بنام مقام شاهه عنايت ۾ جيڪو تپو کوکر جي ديهه بڪيراڻي سروي بلاڪ نمبر 262 ۾ دفن ڪندا آهيون.
قبرستان جي قديم هئڻ ۾ ڪو شڪ نه آهي، برابر قديم آهي، ديهه بڪيراڻي نقشي ۾ به ڪٽيل آهي، ڏسي سگهجي ٿو، باقي پراڻه آثار جيڪي مون نوٽ ڪيا، انهن ۾ ڪجهه پڪين سرن جون قبرون هيون، وڏا ٻڌائيندا هئا ته اهي خاناڻي جروار جيڪي پڻ مري گزيني شاخ مان هئا، انهن جون آهن، مون چڱي طرح ڏٺيون هيون، اڄ کان 40 سال کن پهرين هاڻي باقي نه رهيون آهن، انهن جون سرون پڪيون سنهين ڪارب جون جيڪي هاڻي نه آهن ۽ ٺهن به ڪونه جايون، لِئي جا وڏا وڻ، ڪنڊي جا وڏا وڻ آهن، جن کي ڏسڻ سان قبرستان جي عمر جو اندازو ٿئي ٿو ته قديم آهي، قبرستان سان لڳ اوڀر طرف راقم جي مائيٽاڻي زرعي زمين آهي، ديهه بڪيراڻي جي بلاڪ نمبر 263 ۾ مقام جو اڀرندو پاسو هڪ وڏو بند مٽي جو آهي، وڏا ڳالهه ٿا ڪن ته پير بقادار شاهه بڪيرن واري جو ڪڙيو آهي، جيڪو پراڻه کيسانه واهه مان نڪرندو هو، اهيو بند پراڻه زمانه ۾ کاٽين جي ڪري ٿيو هو، سندم والد حاجي محمد پريل خان جروار 1961ع ۾ هڪ بلڊوزر ٽريڪٽر ٽنڊو ڄام ايگريڪلچر مان ڪرائي تي آندو هو، جنهن ٽريڪٽر جو نالو ڪاٽرپلٽر ڊي ايٽ هو، ورڪ دوران ڀڳل مٽ، ماٽين، دانگين ۽ دلن جا ڪنا الاهي تعداد ۾ پراڻن ٿانون جا ٽڪرا مٽي سان گڏ هيڏانهن هوڏانهن ڌڪجي مٽي ۾ گڏجي ويا، جيئن ته ان وقت اسان جي جوءِ ۾ پهريون بلڊوزر ٽريڪٽر ڪم تي آيو هو، ان کي ڏسڻ لاءِ پڻ تر جا گهڻا ماڻهو ايندا هئا ۽ ڳالهيون ڪندا هئا ته خبر پئي ته هتي اڳي به جروار ۽ ٻيون قومون ويٺل هيون.
هڪ ٻي روايت به وڏن ۾ مشهور آهي ته هيءَ ستين جو مقام آهي، سيد عنايت شاهه گهوٽ سندن والد صاحب پڻ اتي اڳي ڳوٺ ۽ پراڻين پڊن ۾ سندن حويليون پڻ هيون، سيد عنايت شاهه گهوٽ کي ڀيڻيون هيون ۽ جڏهن سيد عنايت گهوٽ رحلت ڪئي ته سندن ڀيڻيون اڪيليون خاندان مان وڃي رهيون، جن جو ڪو به خاندان باقي نه هو، پوءِ سڀني ڀينرن پاڪ دامن الله پاڪ جي بارگاه ۾ دعا جا هٿ کنيا، دعا اگهامي ۽ موجوده مقام ۾ حويلين جي جاءِ تي زمين ڦاٽي پئي، پاڪ دامن بيبيون اندر زمين ۾ ويون هليون، زمين هڪ ٿي وئي، موجوده قبرستان ستين جو مقام به سڏجڻ لڳو، ته هي ستين جو مقام آهي، خبر جيئن ته پاڪدامن جو نالو وٺڻ تبرڪن سٺو نٿو لڳي، ان ڪري سندن ڀاءُ سيد عنايت گهوٽ جو مقام سڏجي ٿو.
ڇٽو خان: ڇٽو خان به پنهنجي زندگي گذاري 90 کن سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين ۽ آباڻي قبرستان واقع شاهه عنايت ديهه بڪيراڻي ۾ مدفون ٿيو، پٺيان سندن اولاد آهي.
حاجي خان: حاجي خان کي به اولاد ٿيو، نياڻيون ۽ پٽ چار ٿيا، سندن نالا حاجي ڇٽو، خان محمد، جمع ۽ دوست محمد، حاجي خان هڪ نياڻي ميان جي کي ڏني، مشهور حاجي پروز ملون جنهن تان ڀائرن ۽ سوٽن ۾ اختلاف ٿيو، ڀائرن سوٽن جي ناراضگي ٿي پئي، حاجي خان لڏي وڃي ڳوٺ صاحب خان جروار ديهه سهڻا بڪيرا ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ سندس اولاد پشت درپشت اتي موجوده پڊ ڳوٺ صاحب خان جروار بلاڪ 52 ديهه سهڻا بڪيرا تپو کوکر تعلقو ٽنڊوالهيار ۾ رهندا اچن، سندن جيڪو احوال مليو آهي، اهو موقعي سر ڪبو، سندن سلسلي مان جمع به مشهور آهي ۽ علي محمد “علڻ” لاڙيچو مزاحيه شاعر جنهن جي شاعري وقت جي ماڻهن جي گڻن اوگڻن جي تاريخ آهي، ڏاڍو مڙس ۽ ڪچهري جو خان مشهور آهي، جنهن هن سڄي سلسلي کي سهيڙڻ ۾ راقم جي وڏي رهنمائي ڪئي، سندن همٿ افزائي سان هي ڪجهه پراڻيون ياديون هنن پنن ۾ درج ڪيون اٿم، ڪافي مزاحيه بيت به لکيائين، جيڪي اميد ته هن ڪتاب ۾ درج ڪندس.
ڪرڙ خان ڇٽو جو ٻيو نمبر پٽ هو، سندس شادي به پنهن جن مان ٿي، کيس به ٻه پٽ ٿيا، سندن نالا گلڻ ۽ جمع، جمعون لااولاد گذاري ويو ۽ پنهنجي آباڻي قبرستان شاهه عنايت ۾ مدفون ٿو. ڏاڍو مڙس دليري ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، پري کان اڪيلو چوري ڪري ايندو هو، جو ڪنهن کي خبر به نه پوي ۽ راڄ تر ۾ ڪڏهين به نه ڦٽايائين، سڀ سندس خيرخواه هئا، حيدر خان جي پوٽي حاجاڻي رضيه بيگم حاجي محمد جي نياڻي سندس نڪاح ۾ هئي، پاڻ لااولاد گذاري ويو، سندس وفات کان پوءِ راقم جي پڦي حاجاڻي رضيه بيگم کي ٻيو حق نالي عبدالرحمان جروار ڳوٺ علي بخش جروار ۾ پرڻائي ڏنائون، ڇٽو خان جو پٽ گلڻ ۽ ان جي اولاد آهي، ڳوٺ الهه بخش جروار ديهه بڪيراڻي تپو کوکر ۾ آباڻي ڳوٺ ۾ آهن.
ڪرڙ خان جي گهرواري وفات ڪري ويئي ۽ کيس ٻئي شادي جو خيال ٿيس، سندس عمر شادي جهڙي هئي ۽ پهرين شادي مان اولاد به جوان هو، ٻي شادي نه ڪرايائونس، اهيو انگريز حڪومت جو وقت هو، جنهن تان سندس مائٽن کيس مار به ڏني، جنهن تان ڪاوڙجي ڪرڙ خان پنهنجي گهر جي جڳهه 28 روپين ۾ وڪڻي ۽ ڪاوڙجي اولاد گڏ نه ويس، پاڻ ڪوچ ڪري اصل پنهنجي ڏاڏاڻي ڳوٺ پانڌي خان جرورا ميرو خان لاڙڪاڻي وڃي مائٽن ۾ رهيو، جيڪي سندس چوٿين پيڙهي رت عزيز هئا، 15 کن سال اتي رهي، عمر پوري ڪيائين، وفات ڪيائين ۽ اتي ئي مائيٽاڻي مقام ۾ مدفون ڪيائون، جيڪو ڳوٺ پانڌي خان جروار وارن جو مقام آهي، چاچو حاجي اسماعيل، مامون علڻ ۽ سندس اولاد چاچو حاجي سليمان، سندس پٽ حاجي غلام رسول عرف حاجي الهبچايو وارن وٽ اسان اڄ تائين ٻارين ٻچين ڏاڏاڻن ويندا آهيون، ڳوٺ پانڌي خان جروار ۽ هو به ٻارين ٻچين خوشي غمي ۾ ايندا آهن.
حيدر خان جروار جيڪو ٽي پيڙهي مينهون خان اول جو پوٽو هو ۽ کيس به ڪافي اولاد ٿيو، ٿورو زمين جو ٽڪرو هئس، انهي زمين ۽ مال مويشي تي گذاران هئس، سندس اولاد 6 پٽ ٿيس، مينهون خان دوئم، حاجي محمد خان (منهنجو ڏاڏو)، حاجي احمد، محمد عمر، عثمان (جيڪو ڪنوارو فوت ٿي ويو) ۽ صالح جيڪو ننڍپڻ ۾ فوت ٿيو، ننڍن ٻن کي ڇڏي باقي حيدر خان جي سڀني پٽن کي اولاد آهي، احوال سڀني جا ڏنا ويا آهن. مڪمل فوٽ نوٽ ڏسڻ سان پوري ڄاڻ ملندي، غلام محمد عرف گامن ۽ الهه بخش پڻ حيدر خان جا ڀاءُ ۽ مينهون خان اول جا پوٽا هئا، غلام محمد (گامن) کي نياڻيون ٿيون ۽ الهه بخش کي اولاد آهي، سندن بيان موقع سر ڏبا، حاجي حيدر خان ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ وفات ڪئي، آباڻي قبرستان شاهه عنايت ۾ مدفون ٿيو، سندس نياڻيون به هيون.
مينهون خان دوئم جون ٻه شاديون ڪيل هيون هڪ سڳي سوٽ غلام محمد (گامن) جي نياڻي سان، ان مان کيس هڪ پهريون پٽ نالي اڪ، اڪو هاڻي اڪبر ٿيو ۽ ٻيون نياڻيون ٿيون، ٻي شادي ڳوٺ داد خان جروار ديهه ٻوچڙ تپو کوکر تعلقو ٽنڊوالهيار عزيزن جن جو پاڙو ياراڻي جروار سڏجي ٿو، پيارو خان ياراڻي جي ڌيءَ سان شادي ڪيائين، جنهن مان هڪ نياڻي ٿي، (جيڪا منهنجي وڏي چاچي ۽ سس به ٿئي)، 5 پٽ ٿيا، حاجي حيدر، حاجي علي بخش، حاجي مير محمد، غلام محمد (گامن)، حاجي امام بخش آهن.
غلام محمد ٻاجهر جي هلر ڳاهي رهيو هو ته ڍڳا وچڙي پيا، ڍڳن جو وچڙ ڪڍي رهيو هو ته کيس ڍڳي ٽڪر هنئي، جيڪا کيس انتهائي زور دار لڳي، ان ڍڳي جي ٽڪر سبب سندس موت ٿي ويو، کيس اباڻي قبرستان شاهه عنايت گهوٽ ۾ دفن ڪيو ويو، اهو دور انگريزن جو ٻڌايو وڃي ٿو.
الهه بخش پڳدار جيئن ته مينهاڻين جي مورث اعليٰ مينهون جو پوٽو ۽ وسائي (وسايو خان) جو پٽ هو، ننڍپڻ ۾ کلڻون ملڻون ۽ هوشيار مڙس هو، همٿ ڀريو، جيئن ته هاڻي اولاد جو سلسلو به وڌي ويو ۽ راڄن ڀاڳن سان به اٿي ويٺي سڏ سلوڪ کي به منهن ڏيڻ لاءِ پڻ ساڻس صلاح مصلحت کائنس راءِ ورتي ويندي هئي، نهايت ئي ملڻسار هو، ٻه اکر به پڙهيل هو، قرآن شريف، نور نامون، شاهه جو رسالو جيڪي سندن پوين وٽ هئا، جي مون به زبون حالت ۾ ڏٺا، تفسير قرآن پاڪ جو شايد 29 سيپاري جو ابو الحسن جي سنڌي لکيل هو، اڳيان پويان ورق شهيد ٿي ويا هئا، نالا تاريخون نه ملي سگهيا، جو هتي لکي ڇڏجن ها.
شايد پاڻ به لکي ڪونه ڄاڻندو هو، جو ڪجهه لکي ڇڏي ها ته شايد فارسي ڄاڻ نه هئس، سنڌي ۾ به ڪٿي ڪجهه به لکيل نه مليو، سندس هڪ ڀيڻ باگاڻين جروارن ۾ ڳوٺ بيگن جروار ۾ پرڻيل هئي، سندس بيان پڻ موقعي جي منانسبت سان آهي، وسائي جي نياڻي باگاڻين ۾ پرڻيل هئي، باگاڻي مينهاڻين جا ناناڻا هئا ۽ ويجها عزيز پڻ هئا، کيس اتي هڪ پٽ به ڄائو هو، ننڍڙو هو ته ان کي ماءُ گڏ کڻي ڦٽين جي چونڊ تي ٻين ماين سان گڏجي ويئي، ماءُ ٻار کي ٿڃ ڏيئي ڪپڙي جي لوڏ وڻ ۾ ٻڌي ۽ ٻار ننڍڙي کي ان ۾ سمهاري پاڻ ماين سان گڏ ڦٽيون چونڊڻ لڳي، ڦٽين جا ڪامبا لاهڻ لاءِ مايون آيون ته ننڍڙو ٻار لوڏ ۾ ڪونه هو، گهڻي ڳولڻ کان صرف جي ڪپڙا ۽ ڪجهه هڏا مليا، جن کي ڪنهن جانور کائي ڇڏيو هو، باگاڻين جروارن کان ڪوبه ماڻهو اطلاع لاءِ ڪونه آيو، اتي ترسيل هڪ فقير مڱڻهار اچي ميهاڻي جروارن کي ٻڌايو ۽ هتان ٻه همراهه گهوڙن تي وڃي مقام تان ٿي واپس آيا ۽ جلدي پوءِ اها مائي به وفات ڪري وئي، اهيو ٽالپرن جو آخري دور پراڻي پاڻي جي واري جي ڳالهه آهي، وري به مڱڻهار فقير مائي فوت ٿيڻ جو اطلاع ڏنو ۽ هتان همراهه گهوڙن تي ويا، قبرستان تان شريڪ ٿي واپس آيا، پوءِ اهيو مائٽي جو سلسلو ڪاوڙ سبب منقطع ٿي ويو، جيڪو پوءِ ڪافي زماني سالن تائين ٽٽل رهيو، اچ وڃ مائٽي سڱ ڪرڻ جي گهڻو وقت رڪجي ويئي، آدم شماري ٻنهين طرفن الله سائين وڌائي آهي.
الهه بخش پڳدار وسائو (وسايو خان) جو ٽيون نمبر پٽ هو، وڏو حيدر خان ۽ غلام محمد هئا، ليڪن پيءَ جي وفات جي پڳ الهه بخش پاتي، جو هِن ۾ پڳ سنڀالڻ جي اهليت هئي ۽ اتان اسان مينهاڻين تي پهاڪو ٺهيو ته مينهاڻين جي پڳ پوڇڙ کان ٿي هلي، جيڪو ڪافي مشهور ڳالهه برادري ۾ آهي.
گهڻو ڪري مون راقم ۽ مشاهدو ڪيو آهي ته برابر ائين پڳ ننڍي پٽ کي ٻڌايو ڇڏن.
الله پاڪ جل شانه جي مهرباني آهي مون راقم سان ائين نه ٿيو، جڏهين سندم والد جناب حاجي محمد پريل خان جروار 6 جنوري 1992ع تي وفات ڪئي ته بابا سائين جي پڳ مون کي ٻڌرائي وئي، جنهن ۾ شهداد ڪوٽ، رتو ديرو، ميرو خان، خانواهه، سانول، ميون عثمان جا قبا ڇڇ جهان خان کان مرشد سائين اميد علي شاهه، لوڪل ٽنڊوالهيار جي ست راڄي جروارن ۽ ٻيا دوست احباب گڏ ٿيا هئا، جتي مون کي پڳ ٻڌائي وئي.
جيئن ته الهه بخش جروار انتهائي خوبين جو مالڪ هو، سندس عزت به راڄن ۾ گهڻي هئي، ٿورو پڙهيل پڻ هو ۽ اهيو زمانو ميرن جي حڪومت کان پوءِ جو ٿو ڀائنجي يا آخر جو.
سندس ٻني پڻ پير بقادر شاهه جي ڪڙيئي جي پوڇڙ وٽ موجوده ديهه بڪيراڻي بلاڪ 203 ۾ هئي، اتي هڪ ننڍي اوطاق پڻ هئي ۽ هن مڙس جو راڄن ۾ پڻ وقار هو.
جيئن ان زماني ۾ ٻارَهو ئي پاڻي پراڻن واهن ۾ ڪو نه هو، ماڻهن جي پيئڻ ۽ مال مويشي لاءِ پڻ پاڻي جي ضرورت هئي، ننڍا ڳوٺ توڙي آدم شماري وصائل گهٽ ۽ غربت به ايتري جو ڪڏهين نه ڪرڙ جي پسي ۽ ڪرڙ جي ڏونرن تي پڻ گذر ڪرڻو ٿي پيو، غربت تمام الاهي هوندي هئي، راڄن جا راڄ پاڻي لاءِ به تنگ هوندا هئا، ان زماني ۾ کوهه کوٽائي ٺهرائڻ به سڀ ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هئي، پوءِ پاڻي جي سنگين مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ هن يعني الهه بخش جروار پاڻي خاطر هڪ پڪو کوهه موجود ڳوٺ جي الهندي پاسي گهرن کان جريب پري وائکي زمين نار ۽ پڪي اوڙي سان کوهه تيار ڪرايو، بس پوءِ ته رنگ لڳي ويا، غريب غربو مسافر، واٽهڙو پنهنجو سڄو راڄ بلڪه تر جا ڪيترائي ڳوٺن جا ماڻهو مال مويشي کي پاڻي اتي اچي پياريندا هئا، وڏن وڻن جي ڇانوَ لڳي پئي هوندي هئي، ائين هنڌين ماڳين سندن نيڪي به ٿي ۽ ڳالهه ٿي، تئين الله سائين به مٿن رزق جا در ڪشادا ڪيا، کوهه جي ڪم مان فارغ ٿيندئي کوهه کان ڏکڻ طرف پراڻي مسجد کروٿ سيدن واري جاءِ تي جيڪا تمام ننڍي مسجد ويران هئي، ان کي مرمت ڪري آباد ڪيائين، ڪچي مسجد ننڍي هئي ۽ پابندي سان ٻانگ ۽ نماز شروع ٿي، مسجد ٻيو دفعو تعمير جي ضرورت ٿي، ساڳي جاءِ تي راقم جي ڏاڏي حاجي محمد خان ننڍي مسجد کي شهيد ڪرائي ۽ ڪجهه وڏي مسجد ڪچي اوڏن جون ڀتيون ڏياري انداران ۽ ٻاهران اڇي چن جو نيرو جا پلستر ڀتين چٽ سالي اندران جن ۾ ميوي دار وڻ ۽ وليون نقش ڪرايون ۽ ڇت لاءِ به پنهنجي اوچي قسم جي چٽ سالي سان ڪام ۽ داساتن جي مٿان پٽيون به نم جي ڪاٺ جو هو، جنهن لاءِ منهنجي ڏاڏي حاجي محمد خان لاءِ مشهور آهي ته پاڻ مسجد جو ڪم ڪرائي رهيو هو ته ان وقت ڳوٺ صاحب خان جروار جي هڪ بيوه مينگهواڙي مائي پوڙهي چيو ته حاجي بابا الله سائين جو گهر ٺهرائين ٿو، مون رن زال جو گهر ڪريل آهي، اهو به مون کي ٺهرائي ڏي، ڏاڏي سائين مسجد جو ڪم بند ڪري ساڳين واڍن ۽ رازن کان پنهنجي ٻني مان ڪاٺ وڍائي ۽ بيوه جو گهر به ٺهرايائين، مسجد جو ڪم به تمام اچو ڪرايائين، پوءِ مسجد شريف کي منهنجي پيءَ حاجي محمد پريل خان جروار 1950ع ۾ شهيد ڪرائي ۽ پڪين سرن سان گپ جي اوساري ۽ پلستر انداران ٻاهران نيرو اڇو چن جو استعمال ڪرائي ڇت گاڊرن ٽيئرن سان فرش ٽائلس سان تعمير ڪرايو، جيڪا منهنجي ڄمڻ کان اڳ جي ڳالهه آهي.
مسجد وڏي ۽ عاليشان ڪشادا در دروازا هڪ وڏي مسجد جنهن کي ٽي در چار دريون ٻه ڪٻٽ قرآن شريف رکڻ لاءِ، اڳيان ٽن ونگن جي دروازن ۽ ٻن درين سان پڪو ويرانڊو سميت سان ٽائلس جو فرش سان، جنهن ڪم لاءِ ملتاني رازا ايندا هئا.
رازي جو نالو لال دين هو، جنهن مسجد شريف جو سڄو ڪم ڪيو، جيڪو اڄ به ملتاني ڪاريگري جو شاهڪار آهي، اميد ته مسجد شريف جو فوٽ نوٽ به ڪٿي ڏيندس، ڏسڻ وٽان آهي حاجي محمد پريل خان جروار دل کولي خرچ ڪيو ۽ رازي لال دين ملتاني پنهنجون فني صلاحيتون خدا جي گهر لاءِ ڪتب آنديون ۽ ڳوٺ وارن مزوري ڪرڻ ۾ ڪونه گهٽايو، جنهن کي ڏسڻ سان داد ڏيڻ کان رهي ڪونه سگهبو، لال دين ملتاني ڪچو سيڌو وٺي پنهنجي ماني پاڻ تيار ڪري کائيندو هو، باقي ڪم وارن سڀني جي ماني گهران ٺهندي هئي، موجوده لوهي چونڪ در درين جا اهي حاجي مير محمد، نبي بخش جي پيءَ 1965ع ۾ لڳايا، ڇو جو پهريون ڪاٺ اڏوهي کائي ضايع ڪري ڇڏيو هو ۽ دروازا هڪ اتر طرف وارو ٻيو ڏکڻ طرف وارو جو اڌ بند ڪرائي لوهي چونڪن سان دريون لڳائي ڇڏيون، مرحوم چاچا عثمان واڍو ۽ سندس پٽ حاميد واڍو ڪم ڪيو هو، اميد ته سندن احوال ڳوٺ صاحب خان جروار ۾ ايندو، باقي هڪ در وچ وارو لوهي چونڪ سان ٻٻر جا مضبوط تختن سان لڳائي ڇڏيو جو اڃا تائين لڳل آهي.
باقي مين دروازو ٻن مينارن وارو ۽ مسجد شريف ساڳئي شان سان موجود آهي، پنج وقتي ٻانگ نماز باجماعت ٿئي، جمع ڏينهن وڏي جماعت ٿيندي آهي ۽ علاوه ٻنهي عيدين جي نماز جماعت تمام وڏي ٿيندي آهي، اندازن سڄي مسجد ڦل ڀرجيو وڃي، جماعت سان عيد الفطر، عيد الضحيٰ ملون يا ٻيو ڪو حافظ مقرر نه آهي.
پنهنجي ئي نسب جروارن مان وقت سر مسجد سنڀاليندا اچون، مسجد شريف جي ديک ڀال صفائي پنج وقت ٻانگ امامت منهنجو چاچو حاجي عثمان حوالي آهي، ڪڏهين غير حاضري ۾ ادا يوسف يا قاضي محمد رحيم اهيو ڪم ڪن، جروارن جڏهن کان مسجد شريف سنڀالي تفصيل وار نالا درج ڪجن ٿا، پهريون الهه بخش پڳدار، حاجي محمد خان، حاجي اسماعيل، حاجي سليمان، حاجي عثمان، ڀائو محمد يوسف جيڪو بعد ۾ اکين کان نابين ٿي ويو، سياري جو پاڻي گرم ڪرڻ لاءِ مٽ هيٺيان باهه جو انتظام حاجي گامن ڪندو آهي، جنهن جي پڻ اکين جي بينائي خراب ٿي پئي آهي.
حاجي عثمان راقم جو وچٽ چاچو مسجد جو ڪم سندس حوالي آهي، قرئت سٺي ڪندو آهي، حافظ نه آهي، پر قرآن شريف الاهي ياد آهي، سندس ڊيوٽي پنجئي وقت آذان نماز جي امامت آهي، سندس غير حاضري ۾ پوءِ اسان مان جيڪو به آهي نماز پڙهائي ٿو.
چاچا حاجي عثمان تراويح نماز به پاڻ پڙهائيندو آهي، 30 کن سالن کان ذميواري نڀائيندو پيو اچي، اسلام سان وڏي محبت هئس، جواني ۾ سائين لکي محمد شاهه بخاري بڪيرا شريف، سائين ميرل شاهه بخاري بڪيرا شريف، اسماعيل شاهه عرف عطر شاهه بخاري جي حويلين جي سائين کي جيجا حاجاڻي نور کي بيل گاڏي ۾ پوش ٻڌي ۽ ڳوٺ وٺي ايندو هو ۽ سندس واپسي به پردي داري ۾ ڪري ايندو هو، اٺ به لڏيندو هو جو ڏاڏا سائين کان اسان وٽ مال ڍڳيون، ڍڳا، اٺ هئا، هاري به جا مڙد مڙس هو، ليڪن آخري حصو عمر جو مسجد شريف جي خدمت ڪيائين، چندا گڏ ڪري مصري شاهه جامع مسجد ٽيون نمبر بلاڪ مکي باغ حيدرآباد ڏيئي ايندو هو، چوهڙ جمالي ۾ ڳوٺ عجائب سومرو ضلع ٺٽي ۾ مسجد شريف جي تعمير لاءِ پڻ چندو گڏ ڪري پهچائي آيو.
ڳوٺ الهه بخش جروار ۾ چاچي حاجي عثمان ديني مدرسي جي شروعات ڪئي، بنياد رکيو، سندس وفات بعد قاضي محمد رحيم مدرسو ٺهرائي خطابين جو سک ٿيو، قرآن شريف پڙهڻ لاءِ قاضي محمد رحيم چاچي حاجي عثمان جو وڏو پٽ ۽ منهنجو سئوٽ ٿئي، سندس وفات کان پوءِ مسجد شريف ادا وڏو يعني قاضي محمد رحيم حوالي آهي، پاڻ خوش اصلوبي سان پيو نڀائي، جاءِ وضو خانو پڪو نلڪين تي پاڻي جي مشن بجلي تي ٽانڪي سميت جوڙائي اٿس، جماعت وڌڻ ڪري ٻه مينار در کي قلف لڳائي ۽ بند ڪيو آهيس، لڳ ڏکڻ ٻانهين ۾ ننڍو لوهي گيٽ لڳرايو اٿس، جتان جماعت ايندي ۽ ويندي آهي.
قاضي رحيم به چاچا وڏي وانگي ڪل مصروفيتون ڇڏي مسجد شريف جي خدمت ۾ لڳو پيو آهي، تازو بيماري جي جهڙپ آيس، پر الله سائين مهربان ٿيو، پاڻ هاڻ چاڪ تندرست ٿي اٿيو آهي، سندس غير حاضري ۾ حاجي اسحاق يا جمع يا اسان مان ڪو ٻيو امامت ڪرائيندو آهي.
عيدين جي صبح سڀ گڏجي جماعت لاءِ مسجد شريف جي صفائي توڙي صفون وڇائي تياري ڪندا آهيون، عيد نماز لاءِ پسگردائي جي به جماعت ايندي آهي، مسجد شريف ۾ خطبو جمع يا عيد جو حاجي نبي بخش پڙهندو هو، پوءِ جماعت هلندي خطبي ۾ ڪري پيو ۽ ان کان پوءِ خطبو پڙهڻ ڇڏي ڏنائين، پوءِ ماستر پير بخش ادا جمع به ڪڏهين ڪڏهين خطبو پڙهندا هئا، خطبو پڙهڻ جي ذميواري منهنجي حصي ۾ آهي، ڪنهن سٺو پڙهيو اهيو فيصلو جماعت ڪيو آهي ته نبي بخش کان بعد محمد ياسين خطبو سٺو ٿو پڙهي، الله معاف ڪري، منهنجي غير حاضري ۾ منهنجو ننڍو ڀاءُ ماستر شير محمد پڙهندو آهي، سندس غير حاضري ۾ ماستر عرس پڙهندو آهي، ادا احمد به ڪڏهن ڪڏهن خطبو پڙهندو هو.
جڏهن بجلي فٽنگ ڪرائي ۽ عارضي ميٽر لڳو، جڏهن ڳوٺ الهه بخش جروار جي بجلي منظور ٿي لڳي، ٿنڀا لڳا پڪيون تارو لڳيون ۽ آدمشماري به وڌيل هئي، مانجهي جروار عطراڻي جي ڳوٺ ۾ اڃان آبادي نه هئي، ليڪن مسجد ۽ هڪ گهر پير بخش عطراڻي ۽ محمد عطراڻي جروار جا هئا، پوءِ مانجهي پير بخش محمد خان راقم جي معرفت خرچ ڪيو، اعتراض وارو ڪونه هو، بجلي اتي به الهه بخش جروار وارو ڳوٺ نالي ويئي، هاڻي گورمينٽ بجلي ڳوٺ الهه بخش جروار جي حد ۾ ٻه مسجدون ٿي پيون، ٻن مسجدن جي بجلي ڪنڪشن لاءِ به ٻن نالن جي تجويز ٿي نالا منتخب ڪيا، راقم جيئن ان وقت اوطاق تي وڏي ڪچهري ٿيندي هئي، سڄي ڳوٺ جا همراهه اچي گڏ ٿيندا هئا، مسجد شريف جي ڪنيڪشن ميٽر لاءِ راقم بجلي ڳوٺ واري جي ڪم جو اڳواڻ هو ۽ ٻنهين مسجد شريفن جا نالا تجويز ڪري رکيم، جيڪي الله سائين جي مهرباني سان سڀني ڪچهري وارن پسند ڪيا ۽ ٻئي نالا مسجد شريفن تي قائم ٿيا.
وڏي جامع مسجد ڳوٺ الهه بخش جروار واري جو نالو مدينه مسجد ڳوٺ الهه بخش جروار ۽ مانجهي فقير عطراڻي واري مسجد شريف جو نالو مڪه مسجد ڳوٺ الهه بخش جروار مقرر ٿيا، جيڪي الله جي مهرباني سان پسند ٿيا ۽ قائم آهن، انشاءَ الله قائم رهندا، هاڻي ٻئي مسجدون انهن نالن سان سڏجن ۽ بجلي جا بل به انهن نالن سان اچن ٿا.
1. مدينه مسجد ڳوٺ الهه بخش جروار
2. مڪه مسجد ڳوٺ الهه بخش جروار
خير ذڪر پئي هليو الهه بخش پڳدار جو ۽ اتان وري مسجد جو ذڪر نڪري آيو.
جيئن ته ان وقت تعليم صفا نه هئڻ جي برابر هئي، سندن احوال به گهڻا ڪونه ٿا ملن، جڏهن مون 1980ع ۾ لکڻ چالو ڪيو ته جيڪي ان وقت وڏا موجود هئا، جن وٽ اهي احوال سينه به سينه سانڍيل هئا، انهن کان معلومات حاصل ڪندو ۽ بروقت رف ڪندو ويس، جيئن جيئن وقت ساٿ ٿو ڏي ته انهي مختلف نوٽبڪن ۾ لکندو آهيان ۽ هي فيئر بڪ لکڻ شروع ڪيو.
جيئن ته ڏاڏو الهه بخش جروار پڳدار جو وقت ميرن ٽالپرن جي حڪومت هئي ۽ بعد ۾ انگريز آيا ۽ انهن کي وڏا فلنگي (فرنگي) دي حڪومت سڏيندا هئا ۽ پوءِ انهن جڏهن زمينن جي ماپ ۽ نقشا ٺاهيا ته ديهه بڪيراڻي جي نقشي ۽ انهن سروي بلاڪ 265 ۾ موجوده پڊ تي ڳوٺ الهه بخش جروار جي نالي سان ڳوٺ جي پڊ جو نشان واضح ڪيو، جيڪو اتي ڏسي سگهجي ٿو، اهيو ڏاڏو الهه بخش ان وقت سڏ سلوڪ اتي ويٺي وارو هو ۽ سندس نالو پڊ تي رکيائون، موجوده انگريزن سروي مطابق هاڻي هي تعلقو ٽنڊوالهيار جو تپو کوکر جي ديهه بڪيراڻي آهي، جنهن ۾ ڏکڻ اوڀر طرف زمينون به اسان جروارن جون آهن، پراڄ کان پهرين به اسان جي جروارن جي پاڙي جون هيون، ڪلهوڙا ۽ ٽالپر دور کان هنيون، جن کي ان وقت جي پراڻي واهه کيساني تي هرلا چاڙهي آباد ڪندا هئا، ڏکيو وقت هر هرلو چاڙهڻ، هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هئي، هرلو به الڳ مضمون آهي، موقع سان هرلي جو به ذڪر ڪبو، پوءِ بئراج مان زمين کڻت به ڪئي وئي، جيڪا موجوده چاڪر واهه ۽ زنئور شاخ تي آهي، ديهه بڪيراڻي ۽ ديهه سهڻا بڪيرا ۾ اسان جروارن زمينون خريد ڪيون، برانچ مان ۽ پارٽيشن وقت واڻين کان به اسان جي وڏن زمينون خريد ڪيون، جيڪي ان وقت واڻين 45/1946ع ۾ خوشي سان سودا ڪيا.
جيئن مٿي ذڪر ڪري آيس ته ڪلهوڙا ۽ ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ اسان هن حصي ۾ اچي آباد ٿياسون، ٻيا به پاڙا جروار جا آيل هئا. ڪجهه پاڙا پوءِ ٻين ڳوٺن ڏانهن مائٽي جي سٺي سان لڏي ويا، ڪجهه پاڙا اتي ئي رهي پيا، سندن ڳوٺ به آهن، رانجهاڻي جروار هن وقت موجوده ديهه سهڻا بڪيرا تپو کوکر ۾ ڳوٺ علي بخش جروار ۾ آهن، ديهه سهڻا بڪيرا جي نقشي سروي بلاڪ 54 ۾ پڊ آهي، ڳوٺ علي بخش جروار جي نالي سان سندن اتي اچي آباد ٿيڻ جو جيڪو احوال مليو آهي، ان مطابق ڳوٺ احمد خان رستماڻي ديهه شاهه ڪي وارن سان سندن مائٽي يا ڪو رشتو هو، انهن رستماڻين معرفت اتي اچي ويٺا، هن وقت مائٽي رشتو نه آهي، باقي راڄ هڪ ٻئي جا آهيون، ڳوٺ صاحب خان جروار به ديهه سهڻا بڪيرا تپو کوکر ۾ سروي بلاڪ 52 ۾ موجود آهي، اتي جروارن کان پهرين واڻيا، گرڙا، مينگهواڙ ۽ سمان واڍا ويٺل هئا، باقي سڀ لڏي ويا، سمان واڍا اڃان آباد آهن، جروارن مان پهرين فقير آيا ۽ ٻيا بعد ۾ ساڳئي تپو کوکر جي ديهه ٻوچڙ ۾ پڻ جروارن جو وڏو ڳوٺ داد خان جروار جي نالي سان موجود آهي، اهيو ڳوٺ به قديم آهي ۽ اسان جروارن جا وڏا پڳدار منجهنس آباد آهن، جن جو قديم اٿ ويهه کوکرن جي وڏن سان هئي، خصوصي ٻيڙو خان کوکر سان انهن جروارن ۾ پڻ وڏي نالي وارا جروار گذريا آهن، رئيس حاجي عبدالرحيم خان جروار، رئيس امام بخش جروار، رئيس علي محمد خان جروار، خليفو ابراهيم جروار، سرهندي پيرن جو خليفو هو، مراداڻي پاڙو، ياراڻي پاڙو، پاڙو موساڻي، پاڙو پنجاڻي جروار به آباد آهن، ٻيون قومون به ڳوٺ ۾ آباد آهن، سونارا، واڍا، مينگهواڙ، ماڇي به هن ڳوٺ ۾ قديم آهن.
اميد ته موقع سر سڀني جو بيان ڏبو، جيڪو ڳوٺ داد جروار ۾ آباد آهن، احوال الهه بخش پڳدار جو پئي هليو، ان به ڪافي زمين ڪئي، ڳوٺ الهه بخش جروار سان لڳ اتر پاسي ۽ الهندي پاسي به ديهه بڪيراڻي جي مختلف بلاڪن ۾ موجود آهي، پشت درپشت سندن اولاد ۾ تقسيم ٿيندي اچي، الهه بخش پڳدار جي وقت ۾ قرب وڏو هو، پنهنجي ميهاڻين کي ورسائڻ لاءِ هن ۽ سندس اولاد ڪڏهن به دل سوڙهي نه ڪئي، ڪنهن کي به گهر لاءِ يا مال جي وٿاڻ ٺاهڻ لاءِ سمجهو ته آسائش لاءِ ڪونه جهليندو هو، ڳوٺ به سندس وقت ۾ وڌيو هو، پاڻ هر هفتي جمع ڏينهن يا عيد نماز پڙهڻ لاءِ پابندي سان بڪيرا شريف ۾ جماعت سان پڙهڻ لاءِ ايندو هو.
هڪ جمعي جي ڏينهن ڪمن ڪارين سبب بڪيرا شريف تي جماعت نماز لاءِ نه پهچي سگهيو، ڏينهن گذري ويو رات ئي سڀئي پاڻ ۾ ڪچهري تي ويٺا هئا ۽ الهه بخش پڳدار روئي پيو، مينهون دوئم جيڪو ان وقت خاشو جوان سمجهه لائق هو، سو ڪچهري ۾ ويٺل هو، تنهن پڇيو ته چاچا روئي ٿو ڇو؟ پاڻ ٻڌائين ته بابا عيدين تي ۽ جمع نماز جماعت ۾ بڪيرا شريف ۾ پڙهندو آهيان ۽ اتي غريب حاجت مندن کي خدا ڪارڻ خيرات ڏيندو آهيان، اڄ نه پهتس اهي غريب آسرو ڪري خالي هٿين واپس ويا هوندا، سندن ٻچن کي الاجي ڇا کارايو هوندائون، آئون ڪونه وڃي سگهي، خيرات ڪا نه ڏنم، شايد الله اڄ مون تي ناراض ٿيو آهي، ان ڪري روئان پيو، جو اڄ الله جي نالي ڪجهه به ڏيئي نه سگهيو آهيان، ان تي مينهون دوئم جيڪو سڱ ۾ سندس ڀائيٽيو ٿيندو هو، انهي چيو ته چاچا مان غريب آهيان ۽ گذر لاءِ تنگ آهيان، دعا ڪندس مون کي خيرات ۾ نمبري زمين جي جيڪا 6 جريب آهي، مون کي خيرات ۾ بخشي ڏيو، خدا ڪارڻ الهه بخش پڳدار رضا خوشي سان کيس اها 6 جريب نمبري زمين جي ڀائٽي مينهون خان دوئم کي لکي ڏني ۽ سندن حوالي ڪئي.
جڏهين حيدرآباد ۾ انگريزن سول اسپتال شروع ڪئي الهه بخش خان بيمار ٿي پيو ۽ دوا لاءِ حيدرآباد سول اسپتال ويو ۽ داخل ڪيائون، اتي سندس سٺو علاج ٿيو، اهيو سندس ڀائٽيو مينهون دوئم گڏ هئس، تندرست ٿيڻ تي موڪل مليس، پاڻ ڪپڙا بدلائي تيل سرمون ڪري ڳوٺ جي تياري ڪيائين ڪو اچانڪ اٽيڪ دل جو ٿيس ۽ موقعي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪيائين، وڏا جن هي احوال ڏنو، چون ٿا ته نرس سوئي لڳائي ۽ مڙس مري پيو.
مينهون دوئم جيڪو ساڻس گڏ هو، ان همت ڪري مڙس کي بستري سميت کڻي ڪلهي تي ۽ کنيون، ٻاهر ٽانگي ۾ رکي مرزا پاڙي وٽ ڪو جروارن جو گهر هو، ٻيا ڄاڻ سڃاڻ وارا به ائين کٽ وٺي همراهه کي کڻائي ٽنڊو حيدر، ٽنڊو قيصر منگين جوتڙ کوکرن کان پنڌ ئي پنڌ لاش ڳوٺ پهچا يائين ۽ پنهنجي آباڻي قبرستان واقع شاهه عنايت گهوٽ ۾ مدفون ٿيو، کائنس بعد سندس پٽ حاجي محمد حسن جروار کي پيءَ واري پڳ ملي، حاجي محمد حسن کي ٻه پٽ ٿيا، هڪ حاجي حسين ٻيو حاجي اسماعيل.
حاجي اسماعيل هڪ حج شام کان پيادل زيارتون ڪندو پڙهي آيو، ٻيو حج بحري سفر ڪيائين، پاڻ رانجهاڻي پاڙي مان حاجي نبي بخش رانجهاڻي جروار جي نياڻي حاجاڻي معربي سان شادي ڪيائين، صوم صلوات جو پابند مسجد شريف جي خدمت ڪند هو.
پاڻ لااولاد گذاري ويو هو، حاجاڻي پهرين گذاري ويئي هئي، پاڻ حاجي اسماعيل پيءَ کان زمين جو حصو وٺي پنهنجي ڀائٽي هارون جي کاتي ڪرائي ويو هو، جيڪا زمين هن وقت هارون جي ملڪيت آهي ۽ احمد خان حاجي وسايو وٽ مقاطعي ۾ آهي.
حاجي محمد حسن پيءَ جي عزت برقرار رکي جا مڙد قدآور پيءَ وانگي سهڻو هو، مون راقم به ڏٺو هو، کائنس به ڳالهيون پڇندو هئس، جيڪي هنن پنن ۾ لکيون ويون آهن، راڄن ۾ ڏاڍي عزت هوندي هئس.
پرهياڙ، خاصخيلي، ٻانهيپوٽا، درس، هاليپوٽا ۽ ٻين راڄن جروارن ست راڄي سان اٿي ويٺي فيصلن ۾گڏ رهندو هو، راڄ برادرين ۾ ناتو نڀايو ايندو هو، ڪٿي به ڪا غمي يا خوشي ٿيندي هئي ته پاڻ بروقت پهچي ويندو هو، سک ڏک ۾ هڙان وڙان ڪونه مڙندو هو، ايتري قدر جو ڪجهه راڄن جون ته سڱابنديون به حاجي محمد حسن جروار ڪندو هو، ڀت پوت برادر توڙي سنگت مهل سر پهچي شريڪ ٿيندو هو، حاجي محمد حسن جروار ڇني ۾ نه پهچي، ماني ڪونه هلائيندا هئا، سندس پهچڻ تي ڄڻ ڇنو سينگارجي ويندو هو، جروارن جي ڪاڄ ۾ ته ست راڄي سندس انتظار ڪندي هئي، جيسين پهچي، آمري جروار، مصري جروار، حيدر جروار، مٺو جروار، بيگن جروار، مبارڪ جروار، داد جروار مطلب ته خاناڻي، مراداڻي، باگاڻي، بشڪاڻي، موساڻي، سعيداڻي، جياڻي، بگهاڙ وارا يا ناگنا وارا يا ڳاهوري وارا ٽندو قيصر جا نظاماڻي، حاجي محمد خان، بچل خان، حاجي شهلي خان نظاماڻي ۽ ٻيون برداري ۽ دوستي جو ناتو پري پري تائين نڀائين.
پير بقادار شاهه جي ڪڙيئي واري اوطاق به برقرار رکيائين، چوندا هئا ته حاجي محمد حسن وٽ سو سنات ٻارهن ذات پئي اچي.
هڪ باغ موجوده مقام کان الهندي طرف ديهه بڪيراڻي ۾ آهي، انب، ليمان، زيتون، ڊاک، ڦاروا، کجي پڻ پاڻ هٿن سان رکيائين، وڏو فارم ته ڪونه هو، مگر ٻن ٽن ايڪڙن ۾ هو، جيڪو مون چڱي طرح ڏٺو هو چٽو ياد آهي.
حاجي محمد حسن گهوڙن جو تمام شوڪين ڄاڻو هو، ڀلا ڀلا گهوڙا ڌاريائين ۽ چڙهي ڪيائين ميلن ملاکڙن ۾ ڪونه ڊوڙائيندو هو، پنهنجي چڙهي لاءِ استعمال ڪندو هو، کير لاءِ مينهون هئس، کير مکڻ ڏڌ پنهنجو جڏهن سندس پٽ حاجي اسماعيل ۽ حاجي حسين جوان ٿيا ته ڳوٺ وارو کوهه جنهن تي اڳي نار ۽ اوڙو ٺهيل هو، هاڻي برانچ جو پاڻي موڪ پيو هلي، کوهه سان لڳ ڏکڻ طرف پنهنجي زمين ۽ هڪ اوطاق، مدينه مسجد بلڪل سامهون ٻن وکن تي، اوطاق به اوڏڪيون ڀتيون ڏياري سٺو ڪاٺ وجهي ٺهرايائين، پهرين کان بيٺل پپر به اوطاق جي اڱڻ ۾ ڇانوَ سٺي ٿو ڪري، هڪ ننڍڙي ڪوٺي ۾ سندس ريزڪي دڪان پڻ آهي، ليڪن هنن سٽن لکڻ وقت اهو دڪان احمد خان جي گهرن جي اندر ڏيڍي ۾ اچي ويو ۽ اوطاق احمد خان ولد حاجي وسايو جا گهر آهن.
گهوڙن جو کاڌو ۽ علاج به ڄاڻندو هو، ابتدائي راڄن جا واقعات پڻ ٻڌائيندو هو، پڙهيل به هو ليڪن ڪا به لکت نه آهي، فجر نماز کان بعد قرآن شريف جو دور ڪندو هو، وڏي آواز ۾ لسي ڪرئت دل کي ٻڌڻ سان فرحت پئي ايندي هئي، سندس آواز پري پري تائين پيو ٻڌبو هو، معلوم ڪرڻ تي ٻڌايائين ته آئون ننڍپڻ کان وڏي آواز سان قرآن شريف جو دور ۽ ذڪر به ننڍي ڪچي مسجد کان وٺي ڏاڍي ڪندو آهيان، سندس گهرن کي ۽ سڄي ڳوٺ کي ڪرڙ خان جا گهر ڇڏي انهن کي اڀرندي طرف لوڙهو اتر به لوڙهو هو، باقي سڄي ڳوٺ کي ڪچو ڪوٽ اوڏڪو ملايل هو ۽ سڄي ڳوٺ لاءِ داخل ٿيڻ جو هڪ وڏو ڪاٺ جو ڏاڪائون در هو، سندس گهر جو اٽو پسائي ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي جانڊه هئي، جيڪا ان پسائي ڪندي هئي، گڏهه تي هلندي هئي، باقي هر هڪ جي گهر جو دروازو مين گهٽي مان الڳ هوندو هو، ڳوٺ جو ڪوبه ٻار ٻچو سندس گهرن ڏانهن ويندو هو ته چوندا هئا رئيس جي پاڙي ٿا وڃون.
احترامن سندن گهرن کي رئيسن جو پاڙو سڏبو هو، اسان جي پاڙي جا رئيس پنهنجن سڀني تي ساهه ڇڏيندا هئا، هڪ دفعي جي ڳالهه ٻڌايائين ته ڪي دوستي وارا سنگتي آيا ته منجهن شادي آهي، حاجي محمد حسن ڳهه گهر جا ڏي ته ٻارن کي پارايون ۽ شادي بعد ڏيئي وينداسين، سونيون دُهريون، نٿون، ايرنگ سڀ سونا گهر جا زيور کڻي ڏنائين، ته شادي کان بعد ڏيئي ويندا، سنگت ڳهه واپس ڪونه ڪيا، کائي ويا ۽ سندن سنگت بيهي وئي، سندس والده جو نالو جنت هو ۽ ڌي گامن جي هئي، سندس اهليه جو نالو خيري هو ۽ ڌيءَ حيدر خان جي هئي.
آخر وقت پاڻ اکين کان ويهي ويو هو ۽ اوطاق ۾ رهيو پيو هوندو هو، سندس وڏو پٽ حاجي اسماعيل پيءَ سان گڏ اوطاق ۾ رهيل هوندو هو، خدمت ڪرڻ لاءِ حاجي اسماعيل جي گهر واري پڻ گذاري ويئي هئي، سندس ٻيو پٽ حاجي حسين هو، ان ٻي شادي بڪيرا جي شيدين مان ڪئي، پاڻ حاجي محمد حسين جيڪا پيءَ جي کاتي ۾ زمين هئي، ان جو 50 پئسا حصو ننڍي ڀاءُ وسايو خان جيڪو پهرين گذاري ويو هو ٻه شاديون ڪيون هيائين، ان جي پٽن رمضان، الهه بخش ۽ احمد کي حصن مطابق کاتا زمين جا ڏيئي ڇڏيائين، باقي پنهنجا اٺ آنا کاتي تي رکيائين، مٿين همراهن کي پنهنجو حق حوالي ڪري ڇڏيائين، حاجي اسماعيل کي اولاد ڪونه هو، ان پنهنجو حصو ڀائٽي هارون کاتي ڪري ڇڏيو، جو حاجي حسين کي ڏاڏي پوٽي زال مان هڪ ئي پٽ هارون هو.
خير حاجي محمد حسن جروار پنهنجي جيئري ئي کاتا پٽ بدل ڪري حقدارن کي ڏيئي ويو ۽ پاڻ تقريبن 110 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين، اباڻي قبرستان شاهه عنايت ۾ مدفون ٿيو، پهرين حاجي اسماعيل 70 کن سالن ۾ وفات ڪئي۽ شاهه عنايت ۾ مدفون ٿيو.
هاڻي راڄن پڳ حاجي حسين جروار کي پارائي ڳوٺ الهه بخش جروار جو چڱو مڙس حاجي حسين ٿيو.
حاجي محمد حسين جروار پڻ ننڍپڻ کان ئي نهايت ملڻسار راڄن عزيزن ۾ عزت جو مالڪ هو، کيس وڏو صبر عطاءُ ٿيل هو، سندس اوطاق چئن ڪچن ڪمرن جي اڳيان ورانڊو سٺو اڱڻ الهندي ڏاکڻي ڪنڊ ۾ وڏو پپر جو وڻ بيٺل هوندو هو، جنهن جي ڇانو ۾ سڄي اڱڻ تي 40 کٽون پيون هجن،ساڳي جاءِ تي هن وقت احمد خان جا گهر آهن، پاڻ حاجي حسين پهرين ڏاڏي پوٽي زال مان اولاد هوس، پر شوق جي شادي بڪيرا شريف جي شدين ڪيائين، جنهن مان هڪ پٽ ۽ ٻه نياڻيون ٿيون، واهه جي اتر پاسي واري زمين ته ماڇين جا ٻه ٻه گهر به ويهاريائين، هڪ گهر انهن مان هينئر بڪيرا شريف جي ٻاهران ديهه وساڻڪي ۾ زمين جو ٽڪرو خريد ڪيو، پنهنجو ڪريو ويٺا آهن ۽ ٻيو گهر دربدر آهي، ناگجي ڪولهي، سهراب خاصخيلي، لوهار به وٽس ويٺل هئا، سندس اوطاق حاجي مير محمد کي ان ۽ ٻج رکڻ لاءِ ڏيئي عارضي ۽ پاڻ ٻاهران زمين ۾ جدا هڪ پارڪ نما ڊاک جو بنگو تيار ڪرائي، ان ۾ رهندو هو، سندس زمينداري جو ڪاروبار سندس سئوٽ احمد خان جي حوالي هو، وقت سٺو پئي گذريو، چاچا حاجي حسين جو ننڍي پٽ غلام حسين عرف پنهون تي وڏو راز هو ۽ پنهنجي ويٺي 16 آنا زمين جو کاتو وڪرو رجسٽر پنهون جي نالي ڪيائين، وڏو ڊرامون هو، چاچا حاجي حسين خان کي اڌ رنگ جي بيماري ٿي پئي هئي، مٿيون زمين جي کاتي وارو ڪم بيماري دوران ٿيو، ان ۾ به وڏي هڪ سازش هئس، پنهنجن جي جيڪا هڪ ڊگهي ڪهاڻي آهي، اصل بڪ ۾ ڏسي ۽ پڙهي سگهجي ٿي، اشاعت جي قابل نه آهي، پنهون خان پهرين ڌڪ ۾ سال اندر هڪ حصو زرعي زمين جو وڪرو ڪري هڪ بس بڪيرا شيخ ڀرڪيو روٽ تي هلائي ۽ ٻئي ڌڪ ۾ رهيل اڌ حصو زمين جو وڪرو ڪري ٻي بس خريد ڪئي، سال جي اندر ٻئي بسون فيل همراهه کي ڳوٺ مان ڪڍيائون، زمين سڀ انهن خريد ڪئي، جن کي ويهڻ لاءِ اوطاق چڙهي لاءِ گهوڙي ڀلوڙ مفت ۾ حاجي حسين ڏني هئي، ادا چڱائي ڪيئي ڳچي ۾ پئي يا نه جي چڱائي ڳچي ۾ پئي ته ڪيل آهي نه ته.....
مِٺي به ماٺ مُٺي ماٺ، چاچا حاجي حسين جهڙو امير هو مگر زندگي جا آخري ٽي سال کن دربدري واري زندگي گذاري سندس بڪيرن واري اڳائي ليمي وٽ انتقال ڪيائين، تاريخ 11 رمضان 1410هه 1980ع کن جي ڳالهه آهي نبي بخش خان جي ٽالي ٽريڪٽر وٺي سڀئي ڳوٺ وارا جماعتي ٿي بڪيرا شريف مان سندس ميت کڻي اچي پنهنجي آباڻي قبرستان شاهه عنايت ۾ مدفون ڪيوسون.
سندس عمر تقريبن 70 سال هئي، ٻئي بسون وڪامجي ويون، پنهون خان مزوري تي گذر ڪري ڳوٺ مان ڪنهن ڪڍيو ڇا ٿيو، ڌڻي کان پاڻ کان ڪو پڇي ڏسي ڇا وهيو واپرو الله پاڪ سڀ ڪنهن کي پنهنجي حفظ وامان ۾ رکي، گهر جا ٽي ڀاتي زمين وڪري کان روڪي پي سگهيا، ليڪن پئسو کائي ايمان وڪيائون.
چاچي حاجي حسين جو وڏو پٽ محمد هارون ان کي سندس چاچو حاجي اسمائيل زمين جو حصو کاتو ڪري ڏيئي ويو آهي زمين احمد خان کي مقاطعي ۾ ڏيئي پاڻ وڃيو حيدرآباد مال پڙي ۾ رهي ڳوٺ نٿو رهي مڙئي ووٽن لاءِ منت ڪريو وٺيو اچو نس اليڪشن جي ڏينهن ووٽ ڏيئي وري گھمڻ هليو وڃي.
ادا رمضان 1960ع ڌاري گذاري ويو الله بخش دوئم به تازو هنن سٽن لکڻ وقت گذاري ويو آهي باقي ادا احمد لائق ماڻهو انهي سلسلي مان آهي کيس گڙدي جو سور پوندو آهي انتهائي ڪمزور ٿي ويو آهي سڏ سلوڪ جو ڀلو وڏن جهڙو آهي کيس چار پٽ آهن محمد عيسى واڪ سينيٽر آهي ۽ هن وقت ٻي شادي ٽنڊو ڄام ڏومرن مان ڪئي آهي محمد عرس ۽ عبدالشڪور ۽ شڪيل اڃان ننڍا آهن ادا رمضان جو لکيو ڪلام هو ڳالهه جو وٺ ڳاٽوڌڙ پيو ڌوڙ پائي. ادا الله بخش دوئم به راڄ جي سڏ تي سڀني کان پهرين پهچي ويندو هو.
نالي سوني ڌيءَ ڇٽي جي حيدر جي گھرواري هئي
جيئن ته تفصيل وار ذڪر هڪ پاڙو مينهاڻي جروار جو پيو اچي موقعي جي مناسبت سان حيدر خان جروار جي سلسلي کي اڳتي وڌائجي ٿو جنهن جو مختصر احوال پهرين به اچي چڪو آهي
حيدر خان جروار .. جيڪو مينهون خان اول جو ٽي پيڙهي پوٽو هو سندس شادي سڳي سوٽ “سوني” بنت ڇٽو سان ٿيل هئي ۽ کيس به ڪافي اولاد ٿيو جن جا تفصيل هيٺ ايندا. 1مينهون دئم 2حاجي محمد خان 3حاجي احمد 4عمر خان کيس رڳو نياڻيون ٿيون 5عثمان ڪنوارو فوت ٿيو 6 صالح ڪنوارو فوت ٿيو، ٻه پٽ هئس جنهن جي نالي جي خبر نه پئجي سگھي آهي ننڍ پڻ ۾ فوت ٿي ويو هو نمبر وار 5،6۽ ست فوت ٿيا ۽ اباڻي قبرستان واقع شاه عنايت ۾ مدفون ٿيا.البت عثمان وڏو ٿيو هو شادي جي تياري هئي ۽ بيمار ٿي جلدي گذاري ويو باقي چئين پٽن شاديون پڻ ڪيون ۽ کين به الله اولاد سان نوازيو آهي حيدر خان جروار جي پهرين پٽ مينهون دوئم جو احوال هن طرح آهي جو پاڻ ٻه شاديون ڪيون هئائين کيس پهريون حرم ڏاڏي پوٽي زال مان هڪ پٽ نالي اڪ_اڪو هاڻي اڪبر ۽ نياڻيون ٿيون مينهون دوئم طبيعت جو شوخ ۽ ڏاڍو مڙس هو ليڪن ڪم ڪار جي گھٽ ڪارپت جي اون به گھٽ پر ڏاڍ مڙسي همراه ۾ گھڻي هئي رات جو ڊڄندو ڪونه هو پنهنجن وڏن ۽ اشراف ڀائرن جو موچڙو هئس مڙئي زبردستي قائدي ۾ رکندا هئس ڪڏهن ڪڏهن قائدي کان نڪري به ويندو هو. ٻني جي ڪم تي دل گھٽ هئس ۽ ياري دوستي اهل واري سان ڊيگھ سوائي رکندو هو. ڪِتي جي ٻني پوکڻ جو وقت اچي ويو همراه وٽ ڊڳي جي کوٽ هئي. ڳوٺ دريا خان مسرڪ ۾ خيرات خدا ڪارڻ جي دعوت هئي کيس موڪليائين ته واندو ويٺو آهين وڃ دعوت خيرات کائي اچ همراه ويو ته کائڻ پر سڀ ڪو پنهنجي فن جو ماهر هوندو آهي هي همراه به ماهر هو خيرات کائي رات جو واپسي ڪئي هئائين گس ۾ صبح جو وڃڻ وقت هڪ مئل ڍڳو ڏٺو هئائين جنهن کي ڪتن ۽ ڳِجهن کائي ختم ڪيو هو باقي ڍڳي جا سنڱ همراه جي ڪم جهڙا هئا. مسرڪن مان سج لاهي اونداهي ۾ واپس ايندي انهي مئل ڍڳي جا سڱ ڪهاڙي سان وڍي کڻي آيو ۽ صاحب خان جروار جي ڳوٺ مان واڻين جو ڍڳو چوري ڪري جيڪو ڌڱاڻي بوزدار جي واڻين جو هو چاراڻي اڌ تي بيٺل هو اهو چوري ڪري رات جو ڪاهي اچي مئل ڍڳي وارا سڱ سڱن تي چاڙهي ڍڳو پنهنجو ڪري واهڻ لڳو، واڻين پيرا کڻي ڍڳو سڃاتو هلڻي پير رنگ ساڳيو، باقي سڱ ٻيا، واڻيا ڇڏي ويا ته اهيو ڍڳو سڱن ۾ اسان جو نه آهي، اهڙي طرح همراهه ڍڳو واهيندو رهيو ۽ ڪتي جو ٻنون جهلي پوءِ ٿوري ڀنگ تي پنهنجن ڀائرن ۽ چاچي جي جٺين تي ڍڳو واڻين کي واپس ڪيائين.
پهرين گهرواري سوني بنت ڇٽو درويش صفت هئي، اُن جي وفات کان پوءِ مينهون خان دوئم جي شادي ڳوٺ داد خان جروار جي ياراڻي پاڙي مان پياري ياراڻي جروار جي نياڻي سان ڪئي، ان جو به نالو سوني هو، ان مان به کيس اولاد ٿيو ۽ سندس تفصيل موقع سر ايندا.
اڳي الهه بخش پڳدار جو احوال لکي چڪو آهيان ته پاڻ عيدين ۽ جمع نماز لاءِ بڪيرا شريف ويندو هو ۽ هڪ نماز تي نه پهتو ۽ رات جو ڏک ۾ رنو هو ۽ مينهون کي زمين جي نمبري 6 جريب خدا ڪارڻ ڏني هيائين، اها 6 جريب نمبري زمين جي الهه بخش پڳدار کان خيرات ۾ مليل هئس، ان تي گذر ڪندو هو.
هاڻي کيس ٻه شادي مان اولاد ٿيو، ڪجهه زمين پيءَ کان به ورتائين، 4 ايڪڙن تي گذر تنگ هئس ۽ سندس ڀاءَ حاجي محمد خوشحال هو، پوءِ مڙئي ڀاءُ تي بار پوندو هو، انهيءَ بار کي هلڪو ڪرڻ لاءِ پهرين شادي واري پٽ اڪو هاڻي اڪبر کي زمين جو ٽڪرو الڳ ڪري ڏنائين، جيڪا پيءَ وارو حصو هئس ان مان اڪو هاڻي اڪبر اهو وري چاچي حاجي محمد خان جي نياڻي سڳي سوٽ آمنت پرڻيل هو، کاتي ڪرائڻ مهل تپيدار کوکرن جي ڳوٺ ٻيڙو خان کوکر ۾ تپيدارن جو ديرو هوندو هو، نواب ولي محمد کوکر چيس ته پاڻ ويٺي کاتو نه ڏي پوءِ ڪوڏو واڻيو کي چئي کاتو بدلائين، ڪوڏو جي اوطاق ڳوٺ ٻيڙو کوکر ۾ هئي، رئيس ولي محمد خان کوکر کي چئي ٻني جو کاتو ٺهرايائين، شهلي پتافي ولي محمد خان کوکر جو ڪمدار هو، ڪوٽار حمزو ڪولاچي هو، انهيءَ زماني ۾ ڪوڏو واڻيو ۽ سندس ڀاءُ ٺاڪر داس واڻيو به هو، ڪوڏو مل واڻيو ۽ مکي موتي رام نالي واڻيا به زمين جي تڪرار ۾ هئا ۽ تپيدارن وٽ کاتن تي وڙهيا پيا هوندا هئا، حاجي مجاور درس جي مينهون جروار سان دوستي گهاٽي هئي، لاڙ سجاول ۾ ڪنڊڙي واري خاصخيلين جيڪي هينئر طاهراڻي سڏجن ٿا، پٽيل محمد صالح جي پيءَ جمع سان به سندس پڪي ياري هئي.
مينهون خان دوئم جو مٿيون سڄو احوال سندس پٽ حاجي غلام محمد عرف گامن لکايو، پاڻ پير بقادار واري زمين ۾ انبن جو باغ پوکيو اٿس، آمدني وڏي آهي، حاجي غلام محمد گامن ٻڌايو ته الهه بخش پڳدار جي ڏنل نمبري واري زمين تي بابا مينهون دوئم نار جو ڪم پراڻي کيسانو واهه ڪري رهيو هو ۽ ڀيڙ ڪري ۽ مينهون دوئم جي ساڄي ٽنگ ڀڄي پئي، پوءِ بابا هلي ڪونه سگهندو هو، کٽ تي گهر ويٺو هوندو هو، حاجي مجاور ٻانهيپوٽو، ڳالهه ٻڌائي ٽنڊو محمد خان ڍڪ ۾ مينهون جروار جو ساٿي درس وڇ سميت جيڪا وڇ چوري جي هئي ۽ مينهون جروار جي شاهدي واري وڍي آيو، شاهدي پنهنجي زبان وڍيل وڇ جي سچي ڪيائين، درس کي ٽيهاڻ وڇ چوري واري ڦٻي ويئي، هو ته راقم جي ڏاڏي جو ڀاءُ پر احوال پڙهي ۽ سمجهو ته پنجئي آڱريون برابر نه آهن، ماڻهو ڀلا به آهن ۽ ڍلا به آهن، الله سائين سڀني کي گڏائي هن دنيا ۾ موڪليو آهي، دنيا کي هلائي پيو، مينهون دوئم 90 کن سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي ۽ آباڻي قبرستان شاهه عنايت ۾ مدفون ٿيو، سندس پهرين گهر مان پٽ اڪبر نالي آهي، سندس شادي سڳي سئوٽ نالي آمنت بنت حاجي محمد سان ٿيل آهي، جنهن کي پڻ هڪ پٽ حاجي موسيٰ نالي ۽ نياڻيون به آهن، حاجي موسيٰ خان حيات آهي، هنن سٽن لکڻ تائين سندس عمر 80 سال آهي ۽ کيس اولاد به آهي.
اڪبر به پيءَ وانگي دلبر مڙس هو، اڻ پڙهيل ڏاڍو جوشيلو هو، ڏنگو هو، پيءَ به ڌار ڪري ڇڏيو هئس، زمين جا 4 ايڪڙ ڏيئي ۽ گهر ورهائي ڌار ڪري ڏنائين، علي محمد عرف علڻ جو همعصر هو، چار ايڪڙ مائٽياڻي زمين تي گذر ڪندو هو ۽ حاجي محمد جي نياڻي سندس گهر ۾ هئي، تنهن ڪري مڙئي سندس ٽيڪ ڪندو هو، مال به وٺرايائين ۽ اٺ به جن تي حاجي محمد خان مزوري تي موڪلي ڇڏيندو هوس.
جيئن ته اڪبر انتهائي سخت مزاج هو، ٿوري گهڻي تان پنهنجن سان رٺو ڪاوڙيو ويٺو هوندو هو ۽ بلوچاڻي ڪاوڙ ڀت ۾ ڪو نه ايندو هو، وڏو ڪاڄ ڳوٺ ۾ شادي غمي جو ٿيندو هو ته ٻارن کي گهر ۾ بند ڪريو ويٺو هوندو هو ته آئون ڪاوڙيو آهيان ڀت ڪونه کائيندس، جهيڙو لايو ويٺو هوندو هو، پوءِ سندس ڀائر ۽ سئوٽ مڙئي پٽڪا لاهي پرچائي ايندا هئس، تڏهين زال ۽ نياڻين کي ڪاڄ ۾ شريڪ ٿيڻ جي موڪل ڏيندو هو، اڌ ڄمار کان پوءِ حاجي موسيٰ سندس پٽ جي شادي خان محمد جي گهران ڪيائين، جيڪا منهنجي سڳي ماسي ٿئي.
منهنجي پڦي ۽ ماسي جي ناتي منهنجو پيءَ جناب حاجي محمد پريل خان جروار ڀائيندو هئن، مائٽاڻي گهرجي جاءِ حصو تمام ٿورو هئن، بابا کان گهرن جي لاءِ زمين گهريائون، بابا کين پنهنجي زرعي زمين ڳوٺ جي پڊ لڳ بلاڪ سروي 12/265 ۾ ڏني جتي هن وقت سندن موجوده گهر آهن، عيوض ۾ سندن اڻپوري گهر واري جڳهه ورتي جيڪا چاچا حاجي عثمان جي نياڻي غلام محمد گامن جي گهر ۾ ڏنل آهي، ان کي ڏني جن ۾ هينئر غلام محمد گامن جا گهر اڀرندي مهاڙي سان آهن.
حاجي موسيٰ کي حاجي محمد پريل خان برانچ مان به زمين موجوده ديهه بڪيراڻي جي سروي بلاڪ 38/39 ۾ آهي، کڻت ڪرائي ڏني ۽ اتي هڪ باغ انبن جو به ڌڻين پوکيو ۽ مال جو وٿاڻ به اتي زمين تي ڪيو، اڪبر جهنگ ۾ پنهنجي همت سان ويٺو هوندو هو، پيري ۾ اکين کان نابين ٿي پيو، پر ويٺو ٻني تي هوندو هو، روزانو صبح لڪڻ جي ٽيڪ تي ٻني جو ٻارو ٻارو ڪري گهمي پٽ حاجي موسيٰ کي ڪم سمجهائيندو هو، دل سجاڳ هئس، مال جي ڇوڙي ٻڌي ڪري کير ڏهائي، ڪاٺين جو گڏ مٿي تي رکي چئونري کير جي ڳوٺ پهچائي ۽ ماني کائي ٻني تي ماني کڻي ويندو هو، لٺ جي ٽيڪ تي هڪ دفعي پاڻ اڪبر ۽ علڻ اٺن جي قطار ۾ بار کڻي شهر پي ويا، جتاڻون عقل سو رستي ۾ تلخ ڪلامي ٿين علڻ هڪڙو جلد مڙس ۽ پاڻ جامڙد ڊگهو مڙس سو جوڙي کڻي علڻ جي ٽنگن وچان ڪنڌ ڏيئي علڻ کڻي کنيائين، علڻ وري سندس ڳچي ۾ انگڙا ڦاسائي ويهي رهيو، علڻ کي چوي ته توکي کڏ ۾ اڇليندس، ڪو فرلانگ مڙس کي کنيو رستو ويٺو هليو، رستو ۾ هڪ سڪل وڏي کڏ نظر آيس ۽ علڻ کي کڻي ان ۾ اڇلايائين، علڻ به ڳچي مان ٽنگون نه ڪڍيون ۽ ٻئي گڏ وڃي انهي کڏ ۾ ڪريا ۽ بعد ۾ وري به سفر گڏ ڪيائون، اهي هئن عقل ڇا لکجن هڪ ڀيري واندڪائي جا زمانا ويا چاچي جانو لوهار وٽ ٻيڙو کوکر جي ڳوٺ واپسي ۾ ڳوٺ اميد علي بوزدار ۾ سج مڙئي پهتا کين بک لڳي، اڪبر ۽ علي محمد عرف علڻ ٻئي سئوٽ گڏ هجن، بک لڳي هئن، ماني بهاني چاچي يعقوب ميربحر جي گهر ويا، جتي چاچي ويٺل هئي، ان کان ماني گهريائون، جيسين چاچي ماني ڏي تيسين ٻئي ڄڻا چلم حقي پيئڻ کي لڳي ويا، اڪبر چلم حقي جي نڙ کي پاڻي سان پسائي چلم جي سوراخ تي نڙ رکي هٿ جي زور تي نڙ ڦاسائڻ لڳو وڌيڪ زور اچڻ تي چلم حقو وڃي ڪريو ۽ حقي جي ٽوپي ڀڄي پئي، حقو به ڪرڻ جي ڪري ڀڄي پيو، چاچي ڪاوڙ مان وٺي ٻنهين ڄڻن کي الاهي ڳالهايو، مئا جروار اهڙا تهڙا باهه لڳي چلم حقو به زيان ڪيو اٿوَ، اچي اوهان جو چاچو يعقوب پادر هنڻايان ٻنهي جي کل ٿي لهرايان، دڙڪا داٻا زبردست ڏيئي ٻنهي کي کڻي دٻايائين، ٻئي ڄڻا بنا ماني جي ڳوٺ اچي نڪتا، علي محمد علڻ هو سگهڙ تنهن ورائي کڻي چاچي يعقبوب ميربحر جي گهرواري تي بيت ٻڌو، اهو بيت به علڻ مونکي لکايو آهي، پر پوءِ ڪتاب ۾ اچڻ کان روڪرائي ڇڏيم، ڇو ته سٺو ڪونه ٿو لڳي.
خير سدائين بادشاهي آهي الله جي، پاڻ اندازن 100 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين، کيس آباڻي قبرستان شاهه عنايت ۾ دفن ڪيو ويو.
هاڻي احوال حاجي موسيٰ جو، سندس پٽ ۽ منهنجي ماسات محمد رحيم کي سوانح حيات لکي ڏيڻ لاءِ عرض ڪيم، 2 سالن تائين انتظار ڪرايائين، پر پوءِ احوال لکي منهنجي حوالي نه ڪيائين، هاڻي وڏن کان مونکي جيڪو احوال مليو آهي، قلم کڻي لکيو آهي.
پاڻ ابتدائي تعليم لاءِ ملا مڪتب ۽ ميان جي حاجي پروز جروار ملين وٽ ڇڏيائون، ان وقت ڪو ملن جي چوري ٿي پئي، جنهن جو ڪوڙو الزام حاجي موسيٰ جي پيءَ اڪبر تي لڳو، پوليس ان زماني ۾ کوکر ٻيڙو جي ڳوٺ ۾ ٿاڻو هو ۽ پوليس هئي، پوليس اچي اڪبر کي ٻڌو پر پوءِ جانچ ٿيڻ کان پوءِ چوري ثابت نه ٿي ته ڇُٽي آيو، مگر ڪاوڙ مان حاجي موسيٰ کي ۽ منهنجي والد حاجي محمد پريل خان جروار کي جيڪي ٻئي مامون ۽ ڀاڻيجو ملا مڪتب ۾ ميان جي پروز وٽ پڙهندا هئا، اتان کين ڪڍي ۽ ڳوٺ حمزو خان ٽالپر ۾ سرڪاري پرائمري اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيائون، ڪو ٻه ٽي درجا پڙهي ۽ نٽائي اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنائون، حاجي موسيٰ پيءَ سان گڏ ٻني جي ڪم ۾ لڳي ويو ۽ بابا سائين پنهنجي ڀائرن سان گڏ پنهنجي مال ۽ ٻني توڙي اٺن کي چارڻ ۾ لڳي ويو.
حاجي موسيٰ ٻني جي ڪم سان گڏ واڍڪا اوزار ۽ لوهارڪا اوزار به ورتا، گهر جو ڪاٺ ڀڳل ٽٽل ٺاهڻ سکيو، ڏانٽا وغير ٺپڻ به سکي ورتائين، جيڪڏهن ضرورت پوندي هئس ته ٻني واري ڪم تان فارغ ٿي اوطاق تي ويهي ڪم کي لڳي ويندو هو، پر کيس پاڻي ڏيڻ جي ڪاريگري نه آئي، اوزارن جا منهن مڙي ڀڄي پوندا هئا. پاڻ حج تي اهليه ۽ وڏي ڌيءَ سميت ويو، حج ڪري آيو، سندس حج جا رفيق جيڪي جروار هئا، انهن جا نالا حاجي يار محمد پوري عيال سان زال مڙس، ٻه پٽ، ٻه نياڻيون، حاجي بچل مراداڻي ڳوٺ مبارڪ جروار وارو به ٻارن ٻچن هو. حج تان واپس اچڻ کان پوءِ کيس پرواني جو شوق ٿيو، مامي حاجي محمد پريل خان کي چئي پئسن سان ليس واري بندوق دونالي خريد ڪيائين.
کيس ٻه پٽ عبدالحڪيم ۽ محمد رحيم ٿيا ۽ ٽي نياڻيون به، ٻئي پٽ پڙهيا ڳوٺ واري سرڪاري اسڪول جنهن جو بنياد بابا سائين رکرايو هو، ان ۾ مڊل تائين پڙهيا، مڊل جو اجازت نامون بابا زوري وٺي آيو هو، انگريزي پڙهائڻ لاءِ نه ته شاگرد پنج پاس ڪري مال حوالي ٿي ويندا هئا، خير مڊل تائين ڳوٺ الهه بخش جروار ۾ پڙهي پوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ ٽنڊوالهيار ويا، وڌيڪ تعليم لاءِ عبدالحڪيم پڙهي پاس ٿي انگريزي جو استاد ٿي ويو آهي، مختلف اسڪولن ۾ ڊيوٽي ڪري چڪو آهي، ليڪن پنهنجي ڳوٺ الهه بخش جروار ۾ مڊل اسڪول جي بلڊنگ 1993ع پهرين پرائمري استاد بعد ۾ انگريزي ۾ ٺهي چڪو آهي، ايس اين سي به اچي چڪي آهي، پر پاڻ اتي ڊيوٽي نٿو ڪري، اهيو ڪير کائنس پڇي ته جتي تون بنيادي تعليم پڙهيو آهين ۽ استاد ٿيو آهين اتي ڇو نه ٿو پڙهائين.
سندس والد کان اسان جي مامي محمد هاشم ۽ ٻين کان چورايو اٿم پر همراهه پنهنجي اسڪول ۾ ڊوٽي نٿو ڪري، ڪافي ڪجهه ان تي لکان پر دادلو ماسات آهي، ڇا لکان، هو به منهنجو حياءُ ڪري روبرو جواب ڪونه ٿو ڏيئي، حاجي محمد موسيٰ جو ٻيو نمبر پٽ ماسات محمد رحيم پڙهي بنيادي تعليم ڳوٺ واري اسڪول مان ۽ هن وقت پرائمري استاد ٿيو آهي، نوڪري ملي جوائين ڪرڻ لاءِ ڳوٺ جي اسڪول جو آرڊر وٺي آيو، استاد هئڻ سان گڏ ادب تي لکي پيو، پڙهي ڳوٺ واري اسڪول مان بدلي ڪرائي ويو آهي، ننڍي وڏي ڪا لائبريري شاهه لطيف جي نالي سان ٺاهي آهيس، مون کان به ڪجهه ڪتاب کڻي ويو آهي، شاعري پڻ ڪندو آهي، پاڻ ٻه شاديون ڪيون اٿس، هڪ ڏاڏي پوٽي ۽ هڪ امير بخش باگائي جروار جي ڌيءَ، ٻنهين مان کيس اولاد آهي.
مون عرض ڪيو هو ته پنهنجي فيملي اڪبر تي احوال لکي ڏي، ته ڪتاب ۾ شامل ڪيون، پر پاڻ نه لکي ڏنائين، مون جيڪو احوال لکيو آهي، سو احوال مونکي به علي محمد علڻ جروار لکرايو هو، جيڪو هتي شامل ڪيو اٿم، پاڻ ٻه ڀاءَ عبدالحڪيم ۽ محمد رحيم مونکان عمر ۾ الاهي ننڍا منهنجي هٿن جا ٻار آهن، پاڻ عبدالحڪيم جيڪو وڏو ڀاءُ آهي، جڏهن 7 سالن جو ٿيو هو ته اسان جهنڊ لهرائڻ لاءِ شيخ آچاري تي وٺي وياسين، عبدالحڪيم کي گهوڙي تي گڏ وٺي ويس ۽ شيخ ڀرڪيو آچاري تي زيارت ڪرائي ۽ سندس جهنڊ لهرائي آيس، انهيءَ زماني ۾ موجوده پڪو روڊ اڃان تعمير ڪونه ٿيو هو، ڪچو رستو گهوڙن جو سفر هو، سويرو ڳوٺان نڪتاسين ۽ واپسي مهل اسان کي منجهند گرمي جا ڏينهن هئا، بک به لڳي، مڪان شريف جي ننگر جي ماني وٺي کاڌيسون، سندن احوال پورو ڪيم، هاڻي اڳتي بيان وڌايون.
حاجي حيدر خان ميهاڻي جروار جو احوال جيئن ته پاڻ مينهون خان جروار دوئم جو ياراڻي ديري مان پرڻيو، پاڻ 5 ڀاءُ هئا، هڪ ڀيڻ ياراڻي ديري مان هئي، نمبر وار هن طرح آهن، حاجي حيدر، حاجي علي بخش، حاجي مير محمد، حاجي غلام محمد عرف گامن، حاجي امام بخش ۽ هڪ ڀيڻ نالي مسمات فاطمه جيڪا منهنجي وڏي چاچي حاجي سليمان جي گهرواري ۽ منهنجي سس پڻ هئي، مينهون دوئم ياراڻي ديرو جي حاجي حيدر به غربت جو وقت ڏٺو ۽ مزدوري نه ملي ته ڀائو محمد يوسف سان گڏجي ڀري به مزدوري تي نڪري پوندا هئا، پاڻ چوري جي پير کڻڻ جو به ماهر هو ۽ علائقي ۾ ڪا چوري ٿي جروارن جي يا ٻئي ڪنهن قوم جي آڌي رات سڏ سان گڏ هليو ويندو هو ۽ پيرن کڻڻ جي وڏي ڄاڻ هوندي هئس، پيرا کڻي مال موٽائي ايندو هو، بدن جو هلڪو قدآور مٿي تي هميشه اڇو پٽڪو ٻڌندو هو، مزوري کان فارغ ٿي اڇو ڪپڙو ڪندو هو، پاڻ ٻه شاديون ڪيائين، پهرين شادي ڏاڏي پوٽي سڳي سئوٽ عمر خان جي نياڻي سان ڪيائين، جنهن جو نالو مسمات فاطمه هو، ان مان کيس هڪ پٽ نالي عبدالڪريم عرف عدل ٿيو ۽ گهرواري گذاري ويس، پاڻ حاجي حيدر ٻي شادي باگاڻي جروارن مان خير محمد جي نياڻي سان ڳوٺ بيگن جروار مان ڪيائين، جنهن مان کيس هڪ نياڻي ٿي، جيڪا پاڻ ڳوٺ صاحب خان جروار ۾ عطراڻين جروار جي پاڙي ۾ صاحب خان کي پرڻائي ڏني ۽ بدي جو سڱ صاحب خان جي ڀيڻ وٺي سندس ننڍي ڀاءُ حاجي امام بخش جي شادي ڪرايائين، مٿيان ڀاءَ پاڻ ۾ گڏ رهندا هئا، روزي ۾ به برڪت ٿي، پاڻ زمينون به خريد ڪرڻ لڳا ۽ زمينداري وڌائڻ جو عشق وڌيڪ اٿن، پوءِ پنهنجن کي چپ سپ ڪندا مڙئي ايڪڙ وڌائيندا اچن.
نماز روزي جو پابند هو، کيس تعليم ڪانه هئي، ڪپڙا بلو رنگ جا يا خاڪي رنگ جا پائيندو هو، چيڙاڪ به هو، شل نه ڪاوڙ اچيس، سڀ ڀڄي پري ٿي ويندا هئس، پوءِ حاجي مير محمد سندس ڪاوڙ لاهيندو هو، اگهائيون بيماريون ته آهن، مگر پاڻ تندرست رهندو هو، ڇن جي تڪليف هئس، ان کان چيلهه ۾ ڊاڪٽري پٽو ٻڌندو هو، کيس جيڪا زمين حصي ۾ آئي، پنهنجي جيئري پٽ ۽ ڌيءَ جا کاتا ٺهرائي ڇڏيائين، البت سندس وفات بعد ان تي عمل نه ٿيو، اهيا هڪ ڊگهي ڳالهه آهي، شايع ڪرڻ جي لائق نه آهي، همراهن کي زمين وڌيڪ مٿي آهي، سڀ ننگ ناتا پوءِ، هي جهان فاني هر هڪ کي هلڻو آهي، پاڻ حاجي حيدر بلڪل تندرست روز مرده وانگي ڏينهن ٻني تي گذاري وچين نماز به سندس ٽيوب ويل تي پڙهي جيڪو حاجي نبي بخش بجلي تي لڳايو هو، ان نماز کان بعد ڳوٺ لاءِ روانو ٿيو مغرب وقت ڀريل هو، طوفان لڳو جهڙ آسمان ۾ ٿي ويو ۽ برسات سنهين شروع ٿي وئي، طوفان تمام تيز هو، رستي ۾ هارين جا گهر هئا، انهن به چيس مجيري ترس برسات بيهي پوءِ وڃ، برسات گهٽ طوفان وڏو هو، پاڻ هارين وٽ نه ترسي ۽ هليو آيو ڳوٺ ڏي، مدينه مسجد ڳوٺ الهه بخش جروار وٽ پهچي به ويو، آذان به ٿي چڪي هئي، جماعت جي به مهل هئي، پاڻ هو به نماز جو پابند پر قضا جو قلم ڪونه ٽريو پاڻ مسجد بجاءِ گهرن ڏانهن هلي پيو، طوفان تيز هو، حاجي حسين خان جي گهرن جون ڏاکڻيون وڏو ڪوٽ جتي مسجد جي اوڀر اتر ڪنڊ اڳيان بجلي جو پول آهي، اتي تيز طوفان جي زور سان ڪوٽ ڪري پيو ۽ پاڻ ان جي هيٺيان اچي ويو، ڪنهن کي به خبر نه پئي، مڙس هيٺيان اچي دٻجي دم ڌڻي حوالي ڪيو، جڏهين طوفان ختم ٿيو برسات به بيٺي مغرب جي نماز به پڙهي ويئي، همراهه گهر نه پهتو ته معلومات ڪيائون، خبر پئي ته ٻني کان نڪتو هارين ترسڻ لاءِ چيو مگر نه ترسيو ڳوٺ ڏانهن ويو ته وڌيڪ ڳولا ٿي، ڇو جو طوفان ۾ ڪوٽ به ڪريو هو، پوءِ ڪوٽ جي کوٽائي ڪري همراهه کي ٻاهر ڪڍيائون، ائين 80 کن سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو، کيس به پنهنجي آباڻي قبرستان شاهه عنايت ۾ مدفون ڪيائون. رهي نالو الله جو باقي سڀ فنا.
حاجي علي بخش جو احوال، پاڻ ياراڻي ديري مان مينهون خان دوئم جو ٻيو نمبر پٽ هو، پاڻ به ٻه شاديون ڪيائين، پهرين ڏاڏي پوٽي گلڻ فقير جي نياڻي جنهن مان کيس ڪوبه اولاد ڪونه ٿيو ته سندس ويٺي پنهنجي ناناڻن ياراڻين مان ڳوٺ داد خان جروار ديهه پوچڙ تپو کوکر مان عمر خان ياراڻي جروار جي نياڻي سان شادي ڪيائين، جنهن مان کيس اولاد ٿيو، ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون، بدي جو سڱ ڪيائون عمر خان کي وري سندس ڀائٽي اڪبر جي نياڻي ڏنائون، جنهن کي پڻ هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي آهي، حاجي علي بخش جا مڙد مڙس دلير هو، جواني ۾ مزوري به الاهي ڪيائين سڀ ڀاءُ پاڻ ۾ گڏ هئا، ڪنڌار مڙس اڻ پڙهيل هو، نماز جو پابند هو، سندس حصي جي جيڪا زمين هئي، ان ۾ انبن جو باغ ۽ ڪيلو به پوکيائين، اهيا ٻي ڳالهه آهي ته پوين اها زمين حاجي امام بخش کي ڏني ۽ حاجي علي بخش کي حاجي امام بخش وارو زمين جو حصو ڏنائون، خير اهيو سندن گهرو مسئلو هو، حاجي علي بخش به پيءَ مينهون خان وانگي ڏاڍو مڙس هو، حاجي علي بخش ڪئنال وٽ پٽيوالو هو ۽ پگهار 14 رپيا هئس. پيءَ واري ڇڪ همراهن ۾ کڻي هئي، پر رات وارو شڪار قائدي ۽ صفائي سان ڪندو هو، جو لکا ئي نه پوندي هئي، رات واري شڪار تي به ويندو هو، پري پري حاجي مير محمد جو قائدو هئس، ظاهر ڪونه ٿيو چوراڻي وهنوار تان ڪي کوسا چور دوست هئس، انهن جو ونهوار هو ۽ رات جو پاڻ ۾ وڙهي پيا، موجوده ديهه ڳوٺ صاحب خان جروار وٽ محمد ۽ پير بخش عطراڻي جي موجوده گهرن وٽ اتي اڳي، ان زماني ۾ مينگهواڙ، گرڙا، کنمڀو، جنهن جا پٽ سانوڻ ۽ طوطو هن وقت چمبڙ شهر ويٺا آهن، انهن جا گهر هئا، اصل اتي جا هئا، پوءِ مجبور تي لڏي ويا، اتي کوسن چورن سان وڙهي پيو حاجي علي بخش کي ڪهاڙي جو وڏو ڌڪ لڳو، جنهن ۾ سندس پسراٽيون وڍجي ويون، آنڊا ٻاهر نڪري آيس ۽ چور ڀڄي ويا، پاڻ حاجي علي بخش پٽڪو مٿي تان لاهي پاسراٽين ۽ آنڊن کي ٻڌي اچي ڳوٺ گهر پهتو، همراهن سان ڳالهه جهيڙي جي ڪري ٻڌائي پوءِ قرب ۽ ٻڌي هئي، هڪڙن حاجي علي بخش کي کٽ تي کنيو ٽنڊوالهيار سول اسپتال پراڻي ۾ پهچايو، جتي شاهه صاحب ڪو وڏو ڊاڪٽر هو، جنهن همراهه جو علاج ڪيو، ٻين همراهن ابتا پير کنيا ۽ هڪڙن وري سبتا پير کنيا، ٿاڻو پوليس جو کوکرن ۾ هو، رپورٽ ڪيائون ٻئي مهيني چور ٻڌا، همراهه ٺيڪ ٿيو ۽ ڪيس هليو، چورن کي ڪيس ۾ سزا جا امڪان هئا، پوءِ نياڻيون وٺي آيا، حاجي مير محمد کان ڏوهه بخشايائون جنهن کين بخش ڪيو، ڪيس ڏکيو هو، وڪيل جي چوڻ تي شاهدي ڦيرايائون، چور ڇٽي ويا، اهيا ڳالهه انگريز دور جي آهي.
پوءِ اولاد ڪانه هئس پاڻ ٻي شادي ڪيائين ۽ مٿيون ذڪر ڪيل اولاد به ٿيس، سندس ڀاءُ حاجي مير محمد کي اڌ رنگ جي بيماري هئي، جنهن مان به 30 کن سال ٿيا جو چڙهي ويو، البت هڪ ٽنگ ساڄي پاسي واري کان مفلوج هو، گهوڙي تي چڙهي زمين جيڪي هاڻي وڌائي ويا هئا، 1950ع بعد انهن تان گهمي ايندو هو، حاجي مير محمد وري ٻيو دفعو بيمار ٿي پيو ۽ کيس ميمڻ اسپتال حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر پروفيسر محمد عظيم عالماڻي داخل ڪيو، طبيعت ڪجهه سڌري رهي هئي ۽ حاجي علي بخش ڳوٺ خدا ڪارڻ خيرات ڪئي ۽ گهرن کي پٺيان ڪوٽ کي ڇيڙو ٿي لوڙهو ڏياري منجهند جو فارغ ٿي حاجي مير محمد کي ڏسڻ حيدرآباد ميمڻ اسپتال ويو ۽ اتي اچانڪ بيمار ٿي پيو ۽ گذاري ويو.
حيدرآباد مان گاڏي تي کڻائي آيا ۽ حاجي مير محمد صحتياب هو، اهو به ٻي گاڏي ۾ ڳوٺ آيو، حاجي علي بخش کي به آباڻي قبرستان شاهه عنايت ۾ دفن ڪيو ويو، حاجي نبي بخش وڏي خيرات ڪئي، حاجي مير محمد چئي ته خيرات نه آهي، حاجي علي بخش جي جهڙي ڪر شادي آهي ۽ پٺيان جلدي حاجي مير محمد پڻ گذاري ويو، حاجي علي بخش پٺيان ٻه بيوه، نياڻيون ۽ ٻه پٽ افضل ۽ سليم ڇڏيا آهن، جن کي پڻ پري جي ڇڪ سندن ڏاڏي مينهون جي آهي، ليڪن زمانو الاهي بدلجي چڪو آهي، سليم ماٺيڻون آهي، افضل جا خيال ڪافي ملن ٿا.
هاڻي احوال مينهون خان دوئم جي ٽي نمبر پٽ جو ياراڻي ديرو مان حاجي مير محمد، حاجي مير محمد قدبت جو پورو پنو، منهن مهانڊو سهڻو ۽ وڻندڙ هوس، عقل منجهنس خدائي ڏات هو، فيصلن راڄن ۾ اٿي ويٺي تمام وڏي هئس، پاڻ يا سندس لاڳاپيل واري همراهه کي فيصلي ۾ پوئتي نه ڪندو هو، ڳالهه مڙئي پنهنجي عقل سان مٿڀري ڪندو هو، جتي کيس ڪس ايندي هئي چوندو هو ادا مٺا اهيو ڪم ڪونه ٿيندو، ڀائرن ۾ قرب وڏو هو، هڪ ٻئي تان ساهه پيا ڇڏيندا هئا، سندس چاچي عمر خان جي نياڻي سان شادي ڪيائين، جنهن مان کيس اولاد ٿيو، حاجي نبي بخش ۽ هڪ نياڻي جيڪا پنهنجي سئوٽ محمد يوسف کي ڏنائين، پاڻ ڀيڻ کي ڪافي اولاد آهي، حاجي مير محمد ۽ سڀئي ڀائر گڏ هئا، سکر بئراج جي واهن جي کوٽائي واري وقت ۾ واهه تي مقدم هو، ٽپال کيسانو موري بڪيرا ريگيوليٽر چمبڙ، سنجرچانگ پهچائيندو هو، پگهار 16 روپيا هئس.
حاجي علي بخش ڪئنال وٽ پٽيوالو هو، سندس پگهار 14 روپيا مهينو هو، حاجي مير محمد ۽ حاجي غلام محمد عرف گامن ميان جي پروز وٽ پڙهيا هئا.
هيءَ ڀائر 5 ئي گڏ هئا، پنهنجي ملڪيت ٺاهڻ جي اٽڪل هئس، منهنجو والد به سڳو سئوٽ هو، هڪ ٻئي جي عزت ڪندا هئا، زمينن سرڪارين ۾ ۽ واڻين کان هڪ ٻه سودي ۾ گڏ هئا، همراهه هر ملڪيت ۾ سودو ڪري پاڻ ڌوڃ ٿيندا هئا، يعني سٺو ڀلو حصو پاڻ جهليندا هئا ۽ گهٽ پاسو بابا سائين کي ڏنائون، بابا جا سئوٽ هئا، بابا سائين وڏي چاچي جي پٽن جي حيثيت ۾ وڏي ڀاءُ کان به سندن وڌيڪ راءِ رکندو هو.
حاجي مير محمد پڻ نماز جو پڪو پابند هو، ٻاهر نڪرندو هو ته مڙس سهڻو هو، ڪپڙا اڇا پائي ۽ بوسڪي جو پٽڪو ٻڌي نڪرندو هو، حاجي بچو ميمڻ بڪيرا شريف واري سان وڏي دوستي هئس پاڻ گڏجي ديهه وساڻڪي ۾ بڪيرا شريف ڏانهن زمين مقاطع تي کنيائون، پوءِ صبح ڳوٺان گهوڙن تي چڙهي ٻني تي ويندو هو ۽ منجهند جو واپس ڳوٺ ايندو هو.
شايد اهيا 58-1955ع جي ڳالهه آهي، هي ٻني تان واپسي منجهند ڳوٺ پهتو، اڌ رنگ جي بيماري ٿي پئي، دوا ڪرايائون، همدرد دواخانو ڪراچي مان حڪيم محمد سعيد کان، باقي سڄو ڳالهائڻ وغيره ۾ ٺيڪ ٿي ويو، ليڪن ساڄي ٽنگ کان آخر تائين مفلوج رهيو، هلي ڪونه سگهندو هو، مال رزق زمين تي سندس چانس هئي، علاج لاءِ سندس پٽ حاجي نبي بخش گڏ رهندو هو، ڪجهه وقت شروع وارا سول اسپتال حيدرآباد ۾ به داخل هو، چون ٿا ته ڪرنل نجيب سول اسپتال حيدرآباد کي سٺو هلائي ويو، اهيا ان زماني جي ڳالهه آهي.
مال ۾ مينهون الاهي هئس ۽ ڍڳيون به ڪجهه هئن، ڍڳن جا 4 جوڙا پنهنجا ڪيائين، مال مان به آمدني سٺي هئس، سڀئي گڏ هئا، عدل حاجي حيدر جو پٽ مال چاريندو هو، ٻيا همراهه ٻني جو ڪم ڪندا هئا، هارين جا به ڪجهه جوڙا ٻني تي رکيائون، فصل سٺا ٿيا، اناج جي اپت وڌي، ان رکڻ لاءِ گهرن کان علاوه ٻي جاءِ نه هيس، پوءِ حاجي حسين کين سڄي اوطاق حوالي ڪئي، جيڪا مدينه مسجد جي بلڪل لڳ هئي، اناج، ٻج اتي سنڀالي رکندو هو، ٻجن ۽ ضرورت وقت کڻندا هئا، اوطاق سندن حوالي هئي، حاجي حسين هڪ ڀلي گهوڙي به کيس چڙهڻ لاءِ ڏني، مفت ۾ صبح جو گهوڙي تي سنج رکي حاجي مير محمد کي هٿن سان کڻي گهوڙي تي ويهاريندا هئا ۽ گهوڙي به سياڻي ٻني جو ٻارو ٻارو ڪري گهمي نبي بخش جو لڳايل ٽيوب ويل بجلي وارو مال جو وٿاڻ به اتي ڪيائون، پهرين وٿاڻ حاجي مير محمد جو سڀئي ڀاءُ گڏ هئا، بڪيراڻي بلاڪ 41 ۾ چاڪر واهه کان ڏکڻ ۾ لڳ هو، خير مال جوڙ سڀ شئي جي نظرداري ڪري منجهند جو ڳوٺ ايندو هو، ڪجهه سالن جي مسلسل چڙهي جي ڪري گهوڙي کي پٺن ۾ وڏو چٽو پئجي ويو ۽ چڙهڻ کان وڏي ٿي ويئي، آخر تائين وٽن رهي ۽ پوءِ مري وئي، 10 کن سال به اوطاق حاجي حسين واري وٽن رهي،
سندس ڀاءُ حاجي امام بخش جي شادي عطراڻي جروارن مان ٿيل هئي، نورل ۽ علي نواز حاجي امام بخش جا پٽ آهن، عطراڻين تي ڀولڙي نچائڻ جي آل پيل آهي، سو علي نواز کي حاجي مير محمد چيو توکي ڀولڙي وٺي ڏيان، تون نچائيندين، علي نواز چيو ها چاچا، حاجي مير محمد چيس يارو ٿي ڏيئين، پر توکان ڀولڙي ڪُتا ماري ڏيندا، چيائين نه ڪتن کي مارڻ ڪونه ڏيندس. ٻه گهوڙيون ڀليون هيون، هڪ مڪڙي هڪ ڪميت رنگ جي، جهڙيون هيون ڀليون اهڙيون هيون سياڻيون، غريب، خير مڙس هو هوشيار سڀ ڳالهه کي سوچي سمجهي، مون کان ڪميت گهوڙي چڙهي لاءِ موڪلايائين ۽ مون وڏي خوشي سان سندس حوالي ڪئي، چيائيون تو وٽ بک پئي مري، اسان کارائي متاري ڪنداسون، بس شل ڪنهن ڦِٽي شل نه، ڪاهي گهوڙي چڙهي ڪرڻ لاءِ ڏيئي آيس، هڪ سال کن وٽن هئي، جهڙي ڏنم، اهڙي واپس ڪيائين، متاري ته ڪانه ٿي پر ان کي به پٺي ۾ وڏو چٽو ناسور ٿي ويو ۽ هوشياري سان مونکي واپس ڪري ڇڏيائون، جيڪا چڙهڻ کان عمر ڀر ويئي ۽ بابا ممون ڪوٽار ڪولاچي کي خدا ڪارڻ ڏني ته گهوڙي ڀلي آهي تون وڃي گهوڙي کان ڦر وٺ، انهي ويچاري محمد رحيم ممون ڪولاچي ڪوٽار گهڻي سنڀالي ليڪن گهوڙي چڙهڻ کان وئي ۽ ڦرن کان به وئي، پوءِ ممون ڪوٽاري گهوڙي کي براق ڪرائي ڇڏيو، حاجي بچو ميمڻ ڳوٺ ايندو هو جڏهن حاجي مير محمد حياتي هو ۽ اسان جي اوطاق تي اچي رهندو هو، چاچا حاجي مير محمد پڻ پاڻ کڻائي اچي ويهندو هو، ڪچهريون ڪندا هئا، ڪو راڄ جو ماڻهو ملڻ لاءِ يا ڪچهري لاءِ ايندو هو ته پاڻ کڻائي اسان جي اوطاق تي اچي ڪچهري ڪندو هو، انهي زماني ۾ سندن اوطاق ڳوٺ ۾ نه هئي، جيڪا هئي، ان کي ڀانڊ وان ۽ ٻج رکڻ جو ڪري ڇڏيو هيائون، ڪو غريب کائڻ لاءِ ان اوڌر تي گهرڻ ايندو هو ته ان کي چوندو هو مٺا ادا ان غريبن جي کائڻ کان مٿي چڙهي ويو آهي، پوءِ دل پسند اگهه مقرر ڪري کين اوڌر ۾ ان ڏيندو هو، پاڻ جروارن جون ڪجهه زمينون خريد ڪيائين، آخري وقت ۾ ٻئي حج لاءِ اهليه ۽ پٽ سميت تياري ڪيائون، ٽئي ڀاتي هوائي جهاز جي ٽڪيٽ تي سفر ڪيائون، حاجي نبي بخش حج ۽ مدينه شريف جو سفر زيارتون ڪرائي آيو، اچڻ واپسي مهل ڳوٺان بس ڪري ويا هئاسين، تڏهين ڪراچي شهر ۾ ٽام ريل هلندي هئي، مون سڀني دوستن ڀائرن کي ٽام جو سفر ڪرايو، عبدالرزاق عرف دلبر خان نظاماڻي ۽ سندس وڏو ڀاءُ عبدالباقي نظاماڻي ٽنڊو قيصر وارا به گڏ هليا هئا ۽ حاجن سڳورن کي وٺي آياسون، خير جا پنهنجي ڳوٺ وڏا آهن، ياداشت لاءِ پٺين جي ڄاڻ لاءِ لکيو اٿم، ڊيگهه ڪري ويس، ايتري سٺي تاريخ نه آهي، جو ويهي پنهنجو پئسو ۽ وقت زيان ڪريان، آخري ڏينهن ۾ پاڻ بيمار ٿي ميمڻ اسپتال حيدرآباد ۾ علاج لاءِ ويو هو ته حاجي علي بخش بيمار ٿي اتي اسپتال ۾ گذاريو، وڏي ماني خيرات جي حاجي نبي بخش ڪئي ۽ جلدي پٺيان حاجي مير محمد پڻ ڀاءُ جي ڳڻتي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، آباڻي قبرستان شاهه عنايت ۾ دفن ڪيو ويو.
حاجي نبي بخش جروار جو احوال، پاڻ حاجي مير محمد جو اڪيلو ۽ پيءَ چاچن جو دادلو آهي، پاڻ ڪوسو واءُ ڪونه ڏٺو اٿس، منهنجي پيءَ حاجي محمد پريل خان جروار پاڪستان ٿيڻ وارن سالن ۾ ٽنڊوالهيار ۾ رهڻ جي جاءِ ورتي هئي، پوءِ غلام رسول عرف الهه بچايو، نبي بخش، مير محمد، لائق خان ولد مير هادي بخش خان ٽالپر، حمزو ٽالپر جي ڳوٺ وارو، ٽنهين کي گڏ پڙهائڻ لاءِ رهايو، ليڪن گريجوئيٽ منجهائن ڪوبه ڪونه ٿيو، پڙهڻ ڇڏي سڀ اچي مائيٽاڻي ڪمن يعني زمينداري کي لڳا، پيار، محبت هئي، نبي بخش خان وارن وٽ ڳوٺ ۾ اوطاق نه هئي ۽ اسان جي اوطاق تي مهمانن سميت رهندا هئا، ڪچهري جو ڪوڏيو هو ۽ چڙندو به جلدي هو ته وري پرچندو به جلدي هو، ڇو جو مائٽن جو دادلو هو، پاڻ حاجي موسيٰ جي نياڻي وڏي سان شادي ڪيائين، جنهن مان کيس 5 پٽ ۽ ٻه نياڻيون آهن، وڏو پٽ محمد حنيف اٿس، عزت ڀرم وارو آهي، وڏي نياڻي عدل جي پٽ ڪرو جي گهر ۾ آهي، ٻئي نمبر پٽ تي عمر ورسي جو نالو آهي، حنيف کان سواءِ سڀني چاچن ۽ ڀائرن لاڙ واري زمين جيڪا سجاول لڳ ڪنڊڙي ۾ خاصخيلين طاهراڻين وٽ آهي، وڪڻي ڇڏي اٿن، حنيف جو حصو باقي آهي. الله بچائي ڏيندس.
سندس ٻئي نمبر پٽ عمر کي عرض ڪيم ته اوهان جي سڄي فيملي تي تاريخي احوال نوٽ ڪري ڏي ته ڪتاب ۾ لکيا، ها ڪري آسرا ڏيندي هن به ڪونه لکي ڏنو، منهنجي لکڻ جو ڪم هڪ سال پوءِ ٿيو، جيڪا حقيقت آهي، اها لکي ڇڏي آهي.
حاجي نبي بخش پيءَ ۽ چاچن جو دادلو آڳ واڳ جو ڌڻي هو ۽ وڃائڻ وارو به نه هو، زمين کي پيءَ ۽ چاچين جي صلاح سان خريداري ڪندو ۽ وڌائيندو آيو، هروڀرو جي الاهي سنگت ڪونه رکيائين، مگر جتي به سندس ڪم ڪار پوندا هئا، اتي 5 جي جاءِ تي 50 به خرچ ڪري ڇڏيندو هو، اسان سڀ پاڻت ۾ سئوٽ ٿيون، ماستر محمد صالح، ماستر مبارڪ، لکاڏنو، جوڳي خاصخيلي، صالح پٽيل ولد جمع خاصخيلي جي معرفت ڪنڊڙي وٽ به زمين خريد ڪيائين، ٻنهي ٺهرائڻ ۽ هتان سندس ٽريڪٽر سان گڏ سئوٽ قاضي محمد رحيم جا به ٻه ٽريڪٽر وٺي ويو، جيڪي اتي مسلسل 5 مهينا تيل تي ڪم ڪري آيا، نبي بخش کان بعد چاچن ۽ محمد حنيف کان سواءِ سڀن حصا وڪرو ڪري ڇڏيا.
حاجي نبي بخش دادلو هئڻ ڪري مڙئي سهپ گهٽ هئس ۽ چڙ جلدي ڪندو هو، سندس ويٺي ۽ حاجي حيدر حاجي علي بخش ۽ پيءَ حاجي مير محمد گذاري ويا هئا، سڀني جي گڏيل زمين هئي، حصن مطابق هيراڦيري کاتا ٺهريائين، حاجي علي بخش جي باغ پوکيل حصا حاجي امام بخش کي ۽ حاجي امام بخش جا باغ پوکيل زمين سميت حاجي علي بخش جي پٽن حوالي ڪيائين، افضل ۽ سليم ننڍا هئا، سندن طرفان سندن نانو عمر ياراڻي داد جروار وارو تمام ناراض ٿيو، حدون اڪري ويا، ٻئي ڄڻان دنيا خاطر دين مٽائي ڇڏيائون، عمر ياراڻي سور پي ويو، جو نياڻي بيوه جي ۽ ننڍن ٻارن جو اڃا بي سمجهه هئا، سندن اختلاف حد کان ٻاهر هو، راڄن کي خبر آهي لکڻ جهڙو مواد نه آهي، جو عمر ياراڻي مون وٽ به دانهن کڻي آيو هو، پاڻ ۾ هئا سو مون ڪنهن جو به طرف نه ورتو، حاجي نبي بخش کي شگر بيماري جي تڪليف هئي، مسجد ۾ خطبو پڙهندي پڙهندي ڪِري پيو، هڪ دفعو خطبو پڙهي ڪِري پيو ۽ ان کان پوءِ خطبو نه پڙهيائين، ان کان پوءِ مون خطبو پڙهيو ۽ هاڻ شير محمد ۽ منهنجو ڀاءُ ماستر عرس خطبو پڙهندا آهن.
آخري ڏينهن پاڻ کاتن ۽ شريعت محمدي جي ترڪي جي سلسلي ۾ ميمڻ حاجي سيف الحق وٽ هو ۽ ڪاغذ ٺهريائين، ڪهڙا ٺهرايائين اها مونکي خبر نه آهي، سندس پٽ نانو عمر گڏ هئس، شگر جو مريض هو، گهر لاءِ ٻوڙ ۽ سامان خريد ڪري خان محمد جي مسافر خاني ٺڪاڻي تي رکي آيو، اهيو ٺڪاڻو اسان سڀني جروارن جي ملڻ جي جاءِ آهي، اڄ انهي ڳالهه کي 35 سال ٿيا، هاڻي جروار سينٽر مارڪيٽ تعمير ٿي ويئي آهي.
اتي پهتو ۽ اٽيڪ ٿيس دم ڌڻي حوالي ڪيائين، ميت کي گاڏي کڻائي نانا عمر ڳوٺ آيو ۽ هڪ ڏينهن آئون به ڪونه هوندس، رهي نالو الله جو، باقي سڀ فنا آهي، مان مزوري سانگي شوڪيه نصير بيراج فاضلاڻي موري تي هئس، علي خاصخيلي ايريگيشن فون وسيلي ٻئي ڏينهن اطلاع ڪيو ۽ ڪم ڇڏي ڳوٺ آيس.
حاجي نبي بخش پٺيان 5 پٽ، 2 نياڻيون ۽ هڪ بيوه ڇڏي آهي، هڪ محمد حنيف وڏو پٽ ۽ وڏي نياڻي منهنجي تمام گهڻي عزت ڪن ٿا، ٻيا نڪي منهنجي عزت ڪن نه مان ويجهو ٿيان، محمد حنيف کي ڪجهه پيءَ وارا خيال آهن ته ڳوٺ راڄ ۾ ۽ هيڻي جو مڙئي خيال ڪري ٿو، الله ڪري خوش هجي، باقي ڪو اهڙو احوال نه آهي، جو لکان، ايترو تجربو ۽ عمر ٻڌائي ٿي ته سڀني کي پُري جي ڇڪ آهي، صفائي سان ٻئي جي گلو ڪهي ڄاڻن ٿا، ڪنهن جي به سک سان ٻڌل نه آهن، پنهنجو پيٽ پالي ڄاڻن ٿا پر خوش هجن، ڪرڪيٽ راند جو به محمد حنيف کي شوڪ آهي ۽ پاڻ به راند ڪري ٽيمون ٻاهران گهرائيندو آهي ۽ عبدالحڪيم جي اوطاق لڳ پنهنجي زمين ۾ ڪرڪيٽ راند جو سٺو گرائونڊ ٺهرايو اٿس ۽ راند جي پچ به سيمينٽ سان پڪي ٺهرائي اٿس.
حاجي غلام محمد عرف حاجي گامن ميان جي حاجي پروز وٽ ڪجهه پڙهيو، جڏهن هيءَ احوال پهرين بڪ تي پئي لکيم ته سندس ٻڌائڻ ته منهنجي عمر هن وقت 70 سال کن آهي، مينهون دوئم جو ياراڻي ديرو مان جروار ڳوٺ داد خان جروار وارو ديهه ٻوچڙ تپو کوکر مان چوٿون نمبر پٽ آهي، منهنجي سڳي سئوٽ گهر ۾ اٿس، ان مان کيس 4 پٽ ۽ 3 نياڻيون آهن، پاڻ هن وقت اکين کان ويهي رهيو آهي، ويهي ڪچهري ڪبي ته پراڻيون ڳالهيون ياد اٿس ۽ هن سندس احوال ۾ به سندس ٻڌايل ڳالهيون درج آهن، پنهنجي جيڪا حصي جي زمين آهيس جواني ۾ ان ۾ مزوري ڪري انبن جو باغ پوکي تيار ڪري ڇڏيو اٿس، اهيا زمين جڏهن سڀ ڀائر گڏ هئا ته پير بقادار شاهه بڪيرا شريف واري کان خريد ڪئي حاجي مير محمد ۽ حصي ۾ رکي حاجي گامن هيئنر پاڻ اکين کان ويهي ويو آهي، ڪارو بار پٽن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهيس ۽ کاتا به 4 پٽن جا زمين ۾ پنهنجي جيئري ڪري ڇڏيا اٿس، نياڻين کي زمين ملڪيت مان حصو ڪونه ڏنو اٿس. مڙس کي پيءَ واري ڇڪ آهي، پر حاجي مير محمد قائدي ۾ رکين ۽ کين خوار ٿيڻ کان بچائيندو رهيو، حاجي گامن به پنهنجي اولاد کي پڪائي جي سٺي ٽرينگ ڏني آهي، پنهنجي پيٽ ڀرڻ پورو پورو سکيا آهن، ٻيو پاڙي جو غريب ڀاءُ مري ڪي بچي، انهي ۾ سندن هڪ نياڻي منهنجي سئوٽ محمد ايوب جي گهر ۾ آهي، کيس اولاد آهي، ٻي نياڻي محمد حنيف جي گهر ۾ آهي، کيس به اولاد آهي، ٽي نياڻي علي نواز جي گهر ۾ آهي، کيس به اولاد آهي، علي نواز مڙئي ڏکيو مڙس آهي، ڏاڏاڻي توڙي ناناڻي ڇڪ همراهه ۾ پوري پوري آهي، جنهن کي به پهتو، انهي کي ٽڪي جو ڪريو ڇڏي.
حاجي گامن جي وڏي پٽ قمر الدين ۽ امين جي پٽن جا نالا “الدين” تي ترز تي رکيا اٿن، وڏا ڳالهه ڪندا آهن ته سڀ ڪو پنهنجي فن جو ماهر آهي، پوءِ جنهن وٽ جيڪو فن هجي اهو ان ۾ ماهر سو انهن “الدين” نالن ۾ به وڏي ڳالهه سمايل آهي. اشاعت جي قابل نه آهي پر ايترو ضرور لکندس ته اسان سڀ گڏجي هڪ فيصلي ۾ وياسون، جنهن ۾ اسان چڱن مڙسن سان گڏ هڪ امانتدار جروار مسٽر حاجي شير محمد ولد غلام رسول جروار اسٽامپ ويڊر به فيصلي جي امانتدار ٿي هليو هو، مسٽر غلام قادر مري ۽ سندس ڀاءُ اسماعيل خان مري وٽ زمين جي فيصلي لاءِ اتي مينهون خان جيڪو ڳالهايو، ان مان اسان کي معلوم ٿيو ته اهيو نالن جي ترز “الدين” ڇو رکي اٿن، فيصلو حقي حق ٿيو، پر همراهن جي نيت ۽ ڏاڏي جي ڇڪ اٿن، بس دين ايمان سڀ ڪجهه ملڪيت شايد اهيا ملڪيت سندن ايمان ۽ اخلاق ۾ آهي، جيڪا وڏن جي ڇڪ اٿن، حياءَ به ايترو جو سندس گاڏي ڪار ۾ ڪنهن دعوت يا دوستي ياري ۾ گڏجي هليا ته وڏو مامون قاضي محمد رحيم يا ننڍو مامون حاجي اسحاق هجي ان کي پٺين سيٽ تي ۽ پاڻ مينهون خان اڳين سيٽ تي ويهن، اهيا اٿن وڏن واري ڇڪ ۽ ذهني سوچ رئيس غلام قادر مري ۽ حاجي اسماعيل مري وٽ جيڪو فيصلو ٿيو اميد ته صحت ساٿ ڏنو ته ان جو پورو پورو احوال درج ڪندس، جيئن پوين کي سندن ساک پت ۽ ايمانداري توڙي اخلاق جي پوري خبر پوي، ليڪن ڪندا سڀ ڪجه صفائي سان، جيئن الزام ٻئي ڏانهن وڃي ۽ ناجائز نفعو پاڻ کائين، استعمال ٻئي کي ڪري ڇڏيندا سندن وڏن کان اهڙا ٻه ٽي واقعا آهن.
ڏاڍي کان پري رهندا ۽ هيڻين کي گار ڏيئي جهيڙو ڪري جهيڙي جي آڙ ۾ هيڻين کي هيسائڻ سندن چالاڪي آهي، اهڙا واقعا منهنجي فيملي سان ڪندا اچن، اسين اشرافت سبب سهيو وڃون.
حاجي امام بخش مينهون خان دوئم جو پنجون نمبر پٽ آهي، سندس شادي عطراڻي جروار جي پاڙي مان ٿيل آهي، کيس به اولاد ۽ انهن کي به اولاد آهي، حاجي امام بخش کي ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون آهن، نور محمد عرف نورل ۽ علي نواز، حاجي امام بخش کي حصي جي زمين آهي، نبي بخش ڪجهه بدلي سدلي ڪري کاتا ٺهرايا ڪجهه ناراضگيون به ٿيون، پر وري به ملڪيت سندن آهي، ٺهي ويا، الله ڪري خوش هجن، حاجي امام بخش ڪچهري ۾ ننڍي ڳالهه کي وڏو ڪري ڄاڻندو هو، وٽس اهيو فن به ورسي جو هو، سندس ساڄي ٻانهن ۾ ٺونٺ کان مٿان ڪلهي کان هيٺيان گوشت جو وائي ڳنڍو ٻه ڪلو کان به ڪجهه وڌيڪ هو، سڏ سلوڪ برادر يا دوستي ۾ موڪليندا هئس، قدرآور وڏي منهن سان مڙس هو، سڏ سلوڪ ۾ وڃڻ وقت بوسڪي جو پٽڪو هيٺ مٿي تري سان ٻڌندو هو ۽ جيڪو کيس ٺهندو هو، اسان جي نسل ۾ مڇيون ۽ ڏاڙهي وڏيون ڪونه ٿين، البت کُسرا نموني جا آهيون، ڏاڙهيون مڇون ڪنهن ڪنهن مڙس جون ڀريل مڇون ڇا پر ڏاڙهي ٿئي، پر گهڻن همراهن کي شهپر وڏا رکڻ جو شوق ته آهي، ليڪن ٿين ڪونه، ڪوئي واري بيت ۾ علڻ سندس نالو وصفون ۽ گڻ بيان ڪيا آهن، جيڪو مون وٽ لکيل پيو آهي ۽ هتي ڪٿي بيان درج ڪندس، حاجي امام بخش جو وڏو پٽ نور محمد عرف نورل هو، پاڻ سهڻو جوان هو ننڍي وهي ۾ شادي ڪيائين، منظور علي، مختيار علي، مراد علي ۽ هڪ نياڻي جو اولاد اٿس، نورل نانگن جي بادشاهه نواب حاجي محمد خان تاجپور واري جو شاگرد هو ۽ بلائون جهليندو ڇڏيندو هو، تعويذ مليل هئس، ڪکيل کي به پاڻي پڙهي ڏيندو هو سوڀائتو جوان سڀني کي وڻندڙ سچ گو پڻ هو، ٽريڪٽر پنهنجو پاڻ ڊرائيو ڪندو هو، واقعي واري ڏينهن منجهند جو ڳوٺان ٻني تي ويو، هارين نانگ ڏٺو، ان کي پئي ماريائون، نورل جي نظر پئي ۽ چيائين نه ماريوس، پاڻ اڌ ڌڪيل نانگ کي پاڻي جا ڇنڊا هڻي ڪجهه سامت ۾ آندو ۽ کيس هٿ وڌائين ته نانگ ڪو زهريلو هو، ان چڪ هنيس، تعويذ گڏ نه هئس، ڳوٺ وساري آيو هو، قضا جو وقت ڀريل هو، نانگ جي چڪ سان همراهه ڪِري پيو جيئن شاهه سائين فرمايو آهي.

سنهان مَ ڀائج سپ وياءَ واسيگن جا،
لتاڙيا لطيف چئي چڙيا هڻن چڪ،
جن جي جهڙپ هاٿي هنڌان نه چري.
(شاهه)

بس همراهن کي زهر وڪوڙي ويو، بروقت جيپ ۾ نواب حاجي محمد خان وٽ تاجپور پهتا، ان چيو بابا زهر پنهنجو ڪم ڪري چڪو آهي، جلدي سول اسپتال حيدرآباد پهچو ۽ انهيءَ ئي گاڏي ۾ سول اسپتال حيدرآباد پهتا.
جيئن لطيف فرمايو آهي ته

اڳي ان تڙان مون وهنجدي ورهه ٿيا،
قضا آندس ڪن ۾ گهرائي گهران.
جڏهين پورا ٿيا پريان تڏهين تانگو به تار ٿيو.
(شاهه)
سول اسپتال حيدرآباد ۾ پهتا، ڊاڪٽرن علاج به ڪيو، ليڪن قضا کي ڪير به روڪي نٿو سگهي، نورل جو حياتي ساٿ ڇڏيو، پاڻ سول اسپتال حيدرآباد ۾ ساهه الله جي حوالي ڪيائين، ڪو 4 ڪلاڪن ۾ سڀ ڪجهه ٿي گذريو.
سڀ فنا جو مڪان آهي، الله سائين کيس جنت ۾ جاءِ ڏي، ڳوٺ اچي آباڻي قبرستان شاهه عنايت ۾ دفن ڪيو ويو.

ڪڏهين ڳاڙهو گهوٽ، ڪڏهين مڙهه مقام ۾،
واري سندو ڪوٽ اڏي اڏبو ڪيترو.
(شاهه)
الله سائين کان به دعا آهي ته الله سائين سندس اولاد کي خوش رکي ۽ وڌائي.
حاجي امام بخش حصي ۾ ورتل گهر جي پلاٽ کي تعمير ڪرايو، جيڪو منهنجي گهر لڳ الهندي پاسي آهي، نورل کان بعد ڪيترا سال پنهنجو ڪاروبار سنڀاليندو رهيو، آخر اڌ رنگ جي بيماري ٿيس، لکي محمد شاهه پير بڪيرا شريف واري کان دوا ورتائين، هيڪر اڌ رنگ مان اٿي ويو، وري ٻئي دفعي بيمار ٿيو، پوءِ دوا ڪٿان ٻئي پاسان ڪرايائين، ٺيڪ نه ٿيو، ڪيترا سال کٽ تي پئي بيماري ۾ وفات ڪيائين، کيس آباڻي قبرستان واقع شاهه عنايت ۾ دفن ڪيو ويو.
علي نواز کي ٻه شاديون آهن، اولاد اٿس، سندس چاچي حاجي مير محمد جي چيل ڀولڙي واري ڳالهه سچي آهي، پاڻي ٻي شادي سڳي مامي محمد عطراڻي جي واڍن واري حرم يعني گهر مان جو شادي چاچا علي واڍو وڃي نياڻي سان ٿيل هئي.
اهي واڍا صاحب خان جروار جي ڳوٺ وارا ابوپوٽا، سمان آهن، ڳوٺ صاحب خان جروار جي احوال ۾ سندس ذڪر ايندو، علي نواز ڪُپت ڪري کائي ويو، باغ جي سودي ۾ باگڙين جا پئسا کاڌا، چاچا حاجي ڪريمداد وساڻ ديهه وساڻڪي وارو ۽ پروفيسر ڊاڪٽر سيد شاهنواز شاهه فيصلي لاءِ مون کي چيو مڙئي منتون ڪري وٺي ويس، مينهون، ڪرو ۽ افضل سڀني ٻڌايو ته مون کي باگڙي جا پئسا آهن، نٿو ڏي، اسين ڇا ڪريون، پوءِ مونکي وٺي ويو، روبرو ڳالهيون ٿيون، باگڙي جا پئسا ثابت ٿيا، مونکي فيصلي ۾ ضامن ڪري اڌ پئسا ڏنائين ۽ اڌ پئسا نه ڏنائين سو نه، منهنجي ڪري پوليس ۾ ڳالهه ڪانه ويئي، نه ته چٽي سميت ڀري اچي ها، مٿين پنهنجي خاندانن چاچا حاجي ڪريمداد وساڻ ۽ سائين شاهنواز شاهه صاحب مونکي ۽ بابا سائين حاجي محمد پريل خان کي عزت ڏئي، علي نواز وٽ عزت نه آهي، ته ڪٿان ڏين، مينهون خان، افضل ۽ حنيف وارن مان ڪو به علي نواز سان گڏ چاچي حاجي ڪريمداد وساڻ ۽ ڊاڪٽر شاهنواز وٽ فيصلي لاءِ گڏجي نه هليا، آئون گڏجي ويس، مٿان همراهه رڳو پئسن ڀرڻ جي سور کان نه هليا، باگڙي جا پئسا باغ جا علي نواز تي ثابت ٿيا، مونکي ضامن وجهي اڌ پئسا ڏئي اڌ کائي ويو.
جيئن ته هن لکڻ جي ڪم لاءِ جروارن جي ڳوٺن ۾ وڃڻ ۽ خبر چار وٺڻ لاءِ توڙي شجرن فوٽ نوٽن لاءِ ته اهيا خبر مواد گڏ ڪرڻ جي سنڌي لينگويج اٿارٽي کي پئي، انهن مواد موڪلڻ لاءِ ليٽر منهنجي نالي موڪليو، دير جا الاهي سبب آهن، اهيو لکڻ وارو سمجهي سگهي ٿو، سنڌي لينگويج اٿارٽي کان مليل ليٽر، سنڌي ٻولي جو بااختيار اداري طرفان موڪليل ليٽر پيڊ تي ليٽر جناب شيخ محمد اسماعيل اعزازي مشير موڪليو، موضوع انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا بابت پهتو، نمبر ايس ايل اي/ايڊمن 1498/ 31 آگسٽ 2001ع تي پهتو، ٻه سال بند ڪم وري کنيو اٿم، 27 سالن ۾ ڪيتريون تبديليون اچي ويون آهن، ڪي ڪاغذ به هيٺ مٿي ٿي ويا آهن، اصل پيپرن مان شاٽ ڪٽ ڪري احوال لکيو آهي.
حاجي محمد خان ولد حيدر خان، پاڻ حيدر جو ٻيو نمبر پٽ هو، منهنجو ڏاڏو آهي، سندس شادي حيدر خان جي ماماڻن مان سونو جروار بخشاڻي جي نياڻي مسمات مريم سان ٿي، بَدي جو سڱ هو، عيوض ۾ حاجي محمد خان جي ڀيڻ ۽ حيدر خان جي نياڻي مسمات حاجاڻي آسيئته ڏنل هئي، حاجي غلام علي بخشاڻي کي مٿيان حاجي غلام علي ۽ سونو بخشاڻي انهي زماني ۾ ڇڇ جهان خان ميون عثمان شاهه جا قٻا لاڏيون ضلع ٺٽه ۾ ويٺل هئا، منهنجي ڏاڏي حاجي محمد خان اتان شادي ڪئي، ڏاڏي کي وٺي آيو، اڇو پٽڪو ٻڌندو هو.
رنگ جو ڪجهه پڪو هو، باڊي ۾ سنهون مڙس اڻ پڙهيل مگر حساب ڪتاب جو پڪو پختو، هٿ جو سخي مڙس بنان ڪنهن لالچ جي غريبن جي مدد ڪندو هو، اڙيال کي هرگز خالي نه ڇڏيندو هو، ڪار پت زبان جو سچو هوندو هو.
واڻين سيٺين سان ڏيتي ليتي کي بلڪل چٽو رکندو هو، واڻيا به چوندا هئا ته ڪارو ڪوجهو آهي پر ڪارپت جو سچو آهي، هر وقت پنهنجي ٻني ۽ مال رزق جي ڪم ۾ ۽ آئي ويئي مهمان مسافر جي خدمت ۾ رڌل رهندو هو، پرائي کان صفا ڀڳل صوم صلوات جو بلڪل پابند هو، ڳوٺ واري موجوده مدينه مسجد کي شهيد ڪرائي پنهنجي ٻني مان نمون وڍائي، ساڳئي سيدن واري بنيادن تي ننڍي مگر سهڻي مسجد ٺهريائين، مسجد شريف جي ڪاٺ جي چٽسالي به ڪريائين، ڪچين ڀتين تي اڇي چن جو سٺو نيرو ڪرائي ان تي رنگ جي چٽسالي به تمام اوچي ڪرايائين، جنهن ۾ تمام گلن سان گڏ انب جا وڻ به ڦر سميت چٽسالي ڪرايائين، اڳي به بيان ڪري آيو آهيان، ته مسجد شريف جي ڪم دوران صاحب خان جروار جي ڳوٺ ۾ مائي بيوه مينگهواڙي اسان جي ڳوٺ آئي ۽ سندس گهر ڊٺل هو، منهنجي ڏاڏي حاجي محمد کي چيائين ته حاجي بابا الله سائين جو گهر پيو ٺهرائين، مون بيوه رن زال جو گهر ڊٺو پيو آهي، مونکي به خدا ڪارڻ گهر ٺهرائي ڏي، انهي بيوه کي پنهنجي ٻني مان ڪاٺ وڍرائي ۽ ساڳين رازن مزدورن کان بيوه جو گهر ٺهرائي ڏنائين، ميان جي حاجي پروز جروار ملون اچي ڳوٺ صاحب خان جروار ۾ ويٺو، قرآن شريف جي تعليم ڏيڻ لاءِ ڏاڏا حاجي محمد خان کيس ڳوٺ الهه بخش جروار ۽ ڳوٺ علي بخش جروار جي ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ فقر ٻه وقتو ۽ جنسن لهڻ تي ان جو وظيفو راڄن تي مقرر ڪيو ته ميان جي حاجي پروز جروار ملون ٻارن کي پڙهائي ۽ اهيو تعليم جو سلسلو ڳوٺ صاحب خان جروار ۾ حاجي محمد خان جروار شروع ڪرايو هيو، 1970ع تائين به ڳوٺن مان فقر جي ماني شاگرد پهچائيندا هئا، ٽي پيڙهين تائين اهيو سلسلو هليو ۽ ملان مڪتبه رهيو پوءِ پرائمري اسڪول ٿيو، پوءِ پرائمري اسڪول ڳوٺ الهه بخش جروار ۾ پڻ منهنجي بابا سائين حاجي محمد پريل خان جروار، حاجي غلام حسين کوکر کان ايوب جي حڪومت ۾ کولرايو، جيڪو هن وقت مڊل اسڪول ڳوٺ الهه بخش جروار ۾ بلڊنگ سميت هلي پيو، موجود آهي.
جڏهن انگريز سرڪار بيراج واهه کوٽايا ۽ پاڻي 1931ع ۾ نوان واهه جاري ٿيا ته اسان جي فيملي جون ڪافي زمينون موجوده چاڪر واهه جي اتر طرف ٿي ويون، ڳوٺ چاڪر واهه جي ڏکڻ هو، اَن گاهه آڻڻ ۽ ٻني ٻاري جي اچ وڃ چاڪر واهه وچان گذرڻ ڪري ڏاڍي مشڪل ٿي پئي، چاڪر واهه تي ان وقت موري ڪانه هئي، وڏي تڪليف ٿي، پوءِ حاجي محمد خان سرڪار کي موري چاڪر واهه تي تعمير ڪرڻ جي درخواست ڏني، جيڪا وڏي جدوجهد سان انگريز سرڪار منظور ڪئي ته خرچ پنهنجي سان ڪاٺ جي موري تعمير ڪرايو ۽ ضرورت پوڻ تي سرڪار ڪاٺ لهرائي ۽ کاٽي ڪرائيندي، حاجي محمد خان قبول ڪئي ۽ پنهنجي خرچ تي سرون ۽ ڪاٺ پين ۽ لوهيڙو پڪو خريد ڪري آيو ۽ پنهنجي زمين ۾ بيٺل سرينهن جو وڏو وڻ هو، ان کي ڪٽائي زبردست ٿلها تختا ٺهرائي، مال موجود ڪري ڏنو ۽ سرڪار جي طرفان آفيسرن اچي نشان ڏنا ۽ موري جا پيلرن جا بنياد پيا ۽ ان تي ڪاٺ جي موري تعمير ٿي، هاڻي مال مويشي مزور هاري وهٽ ٻني تي سولائي سان اچڻ وڃڻ لڳا، لوڊ ٿيل ڍڳي گاڏي خالي ڪري ۽ هٿن سان همراه بيل گاڏي هڪ کان ٻئي طرف پاس ڪري پوءِ گاڏي مان لاٿل بار لوڊ ڪري هڪ کان ٻئي پاسي ويندا هئا ۽ اڄ ان موري کان اولهه طرف 165 فوٽن تي پڪي موري منهنجي بابا سائين حاجي محمد پريل خان جروار، حاجي غلام حسين خان کوکر يونين ڪائونسل کوکر جو چيئرمين هو، ان کان اهيا موجوده پڪي موري شايد 1962ع ۾ تعمير ڪرائي.
ڳوٺ جي همراهن مڙسان مڙسي ڇيڙون ڏنيون ۽ موجوده پڪي موري ٺهي تيار ٿي، جيڪا هن وقت هلي پئي.
منهنجي ڏاڏي کي 3 پٽ ۽ 4 نياڻيون هيون، حاجي سليمان، حاجي عثمان، حاجي محمد پريل ۽ نياڻيون خديجه جيڪا سڳي سئوٽ خان محمد سان نڪاح ٿيو، اولاد به ٿيو ۽ بعد ۾ خان محمد مينهون جي گهرن کي باهه لڳي ۽ امام بخش کي باهه مان ڪڍي آيو کيس باهه ساڙي ڇڏيو ۽ فوت ٿي ويو پٺيان گهرواري ۽ ٻار به گذاري ويا، حاجاڻي رضيه بيگم پهرين جمع ولد ڪرڙ جي گهر ۾ هئي، سندس بنا اولاد گذّارڻ جي ڪري ٻيو حق علي بخش جروار ۾ عبدالرحمان سان ٿيو، جنهن مان حاجي صديق ۽ نياڻيون ٿيون آهن.
آمنت سڳي سئوٽ اڪو هاڻي اڪبر جي گهر ۾ هئي، هڪ پٽ حاجي موسيٰ ٿيو ۽ نياڻيون انهن کي به اولاد آهي، 4 جندو مصري جي نڪاح ۾ آهي کيس هڪ نياڻي ۽ 5 پٽ آهن.
چاچا حاجي سليمان ۽ چاچا حاجي محمد عثمان کي اٺن جي قطار ۾ لاڙ طرف کورواهه شاهه ڪريم ميرپور بٺورو ٻنون طرف مزوري لاءِ موڪليندو هو، سيزن ڪمائي ان، چانور به خريد ڪري ايندا هئا ۽ پنهنجا اٺ چاري ايندا هئا ۽ چار پئسا مزوري مان ڪمائي کڻي ايندا هئا.
هڪ سال سندم والد اٺن تي مزوري لاءِ ويو قدرت جا شان هڪ اٺ چور ڪاهي ويا ۽ هڪ اٺ جي ٽنگ ڀڄي پئي، پوءِ بابا کي يعني حاجي محمد پريل خان کي اٺن جي مزوري تي ڪونه موڪليندا هئا.
پنهنجي ڳوٺ واري زمين جڏهن کيسانو واهه پراڻو وهندو هو ته ڏاڏا حاجي محمد خان 4 هرلا پنهنجا هلائيندو هو، ان زماني ۾ هرلو چاڙهي زمين آباد ڪرڻ هر ماڻهو جي وس جي ڳالهه ڪانه هئي. مرد قلندر ڪنهن کي مزوري ڪنهن کي هارپ جي پتي تي ته ڪنهن کي اٺ جي ڪمائي ۾ ڀائيوار ڪري ٻنيون پوکائيندو هو، جيڪي پاڻ همٿ ڪري پوکرائيندو هو، ڪڏهن به پوکيل زمين کي غيرآباد نه ڇڏيندو هو.
هڪ سال گنجي واري نمبر ۾ اڪبر سندس ڀائيٽيو هو ۽ ناٺي به هو، تنهن سان بيکلي نالي سنڌي ڀيل کي ڀائيور رکيائين، ڀيل اڌ ۾ ٻني ڇڏي ڀڄي ويو، ويٺل هو درسن وڏيرن جي ڳوٺ ابريو درس ۾، خير پيار، محبت ۽ عزت جو وقت هو، حساب ڪري سندس مزوري ڪٽي اڃان به چار پئسا ڏاڏي حاجي محمد خان جا رهيا، ڏاڏي درسن کي شڪايت ڪئي ته بيکلو کان پئسا وهنوار وٺي ڏيو ۽ وهنوار مليو.
پر علي محمد عرف علڻ جروار مٿس مزاحيه بيت ٺاهيو، بيت ۾ سمجهڻ واري ماڻهو لاءِ هڪ تاريخ سمايل هوندي آهي، علي محمد علڻ کان بيت لکائي ڇڏيو اٿم، اميد ته ڪٿي داخل ڪبو.
منهنجي ڏاڏي پنهنجي مال مويشي لاءِ کڙ ٺاهڻ جا گهاڻا به پنهنجا لڳايا هئا، توريو ۽ ڄانڀو پيڙهي کڙ به پنهنجي ۽ تيل به پنهن ڪم آڻيندو هو، مزوري تي ٻين کي به تيل کڙ تيار ڪرائي ڏيندو هو، تيل ۽ کڙ جا گهاڻا موجوده اوطاق جي ڳوٺ واري اڳيان هئا.
جيئن ته ڏاڏي جي ويٺي ئي بابا سائين حاجي محمد پريل ڪاروبار سنڀالي ورتو، انگريز سرڪار جو وقت برانچ جون زمينون خريد ڪيائين ۽ ٽنڊوالهيار ۾ لوهار محله ۾ اٽي جي چڪي بجلي هلندڙ ۽ جڳهه به واڻين کان خريد ڪئي ۽ ڪاروبار وڌائيندو ويو، جڳهه جي سهولت ڪري بابا ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻه ڏينهن ڳوٺ ڪونه ايندو هو، ته ڏاڏو حاجي محمد خان چاچي حاجي سليمان کي ٽنڊوالهيار موڪليندو هو، ابا ڏس ڪونه آيو آهي، ڪٿي اوهڏ ۾ نه ڪري، ڏاڏي جي هوندي نه بلڪه ڏاڏي جي وفات کان پوءِ پاڻ ٻي شادي ڪيائين ۽ ڏاڏي درويش جي ڳالهه سچي ٿي، ٽنڊوالهيار رهڻ دوران بابا کي حج جو ارادو ٿيو، خبر چار پڪي وٺي آيو ته ڪمپني جو جهاز ڪراچي بندر تي لڳو آهي ۽ حاجين کي کڻي ويندو، تڏهن پاسپورٽ ۽ ٻيا ڌڪا ڪون هئا، سڌو ٽڪيٽن جا پئسا پياري ۽ بهري سفر ڪبو هو.
سو بابا اچي ڳوٺ رات جو ڏاڏا سائين کان حج وڃڻ جي موڪل ورتي ۽ کيس موڪل ملي پر چاچي حاجي سليمان ڪاوڙجي پيو ته وڏو آئون آهيان ۽ ننڍو پهرين ٿو وڃي حج تي، بابا مونکي به موڪل ڏيو ته گڏجي ڀاءَ سان حج پڙهي اچان، ته کيس به موڪلي ملي ته وڏي پڦي جنهن جو گهروارو وفات ڪري ويو هو، انهي پڦي حاجاڻي رضيه بيگم به حج جي موڪل ورتي، ڏاڏا سائين ٽنهين ڀاتين کي حج جي موڪل ڏني ۽ ثمر جو به انتظام ٿيو، ٻئي ڏينهن موڪلائي ٻه ڀاءَ ۽ هڪ ڀيڻ خير جا حج لاءِ ويا، تنهن زماني ۾ چئن مهينن جو سفر هوندو هو.
چاچا حاجي عثمان ٻنهي ڀائرن جي گهر سنڀالڻ جو زمون کنيو ۽ چاچا وڏو پڦي حاجاڻي رضيه بيگم حج ادا ڪري آيا، آخر زمانو ڏاڏا سائين جي نظر تمام گهٽجي وئي هئي، پر ماني مٿي تي ڏڌ جو وٽو هٿ ۾ ٻيو هٿ ڪنهن ٻار جي هٿ ۾ ڏيئي مسافرن کي اوطاق تي ماني کارائيندو هو، اندازن 90 کن سالن جي ڄمار ۾ سال 48-1949ع ۾ وفات ڪيائون، کيس به آباڻي قبرستان شاهه عنايت ۾ دفن ڪيو ويو.
چاچا حاجي عثمان ۽ مامون مصري ڏاڏي سائين جي قبر معلوم ڪرڻ تي ٻڌائي، جيڪا مونکي ڏيکاريائون، ان جو نقشو هن ئي ڪتاب ۾ ڏيندس.
حاجي سليمان خان جروار پاڻ حاجي محمد خان جو وڏو پٽ هو ۽ منهنجو وڏو چاچو توڙي سهرو به هو.
پاڻ قدآور گول وڏو منهن مهانڊا سهڻا ۽ وڻندڙ ڀريل ڏاڙهي، سنت برابر، مٿي تي سدائين اڇو پٽڪو، مٿان تُرو ڇڏيل ٻڌندو هو، نهايت باهمت رُعبدار، دٻدٻي سان باڊي وارو مڙس هو، پنهنجي موقوف جو پڪو هو.
قرآن شريف پڙهيل هو، پنهنجي ڪم جيتري سنڌي به لکي ۽ پڙهي ويندو هو، ميان جي حاجي پروز ملون جروار وٽ پڙهيو هو مڪتب ۾، سڱن جي کوٽ هئي، پڪو جوان ٿيو ته سڳي سئوٽ مسمات حاجاڻي فاطمه بنت مينهون دوئم جي نياڻي سان شادي ڪيائين، جيڪا مينهون خان دوئم کي ياراڻي جروار ديري مان هئي ۽ کيس اولاد به آهي.
ننڍپڻ ۾ پڙهائي کان بعد پنهنجي پيءَ حاجي محمد خان سان ڪاروبار ۾ هٿ ونڊائيندو هو، ٻني ۽ مال مويشي حلال رزق ۾ پيءَ جو ساڄو هٿ هوندو هو، سيزن تي اٺ به هوندا هئا، انهن تي مزوري ڪرڻ لاءِ لاڙ پٽ ۾ شاهه ڪريم ميرپور بٺورو کورواهه ابڙال طرف اٺن جي قطار سان ويندو هو، سيزن ڪم جي ختم ڪري گهر لاءِ اَن خريد ڪري ساريون پنهنجي اٺن تي ڳوٺ کڻي ايندو هو ۽ پئسا به بچت ڪري سنڀالي کڻي ايندو هو، حساب جو پڪو پختو هو، مزودرن کي مزوري چٽي ۽ بروقت ڏيئي لکيو، صاف رکندو هو، اهيو وقت انگريزن جو هو، ڳوٺ وري پيءَ سان گڏ مال مويشي جي خدمت ۾ ۽ باقي وقت ٻني جي ڪم تي مزدورن ۽ هارين تي نذرداري ۾ خيال ڏيندو هو، هرلا چاڙهڻ لاءِ به پيءَ جو ٻانهن ٻيلي ٿيو بيٺو هوندو هو، پنهنجن فصلن کي گڏ ڪرائڻ ۽ بٽين دوران کرن جي نذرداري آڌي اڌ رات گهوڙي تي چڙهي هليو ويندو هو، اَن تي پهتو ته ڪوچڙا چور اَن چورائي رهيا هئا، پاڻ انهن سان وڙهي اَن چوري کان بچايائين، کيس ڌڪ به ڏاڍا لڳا، پر همت ڪري پنهنجو رزق بچايائين، رات ۾ پيرا کڻائي شد ڪري چور ٻڌائي کائن ڏنڊ ڏوهه پر راڄن ۾ چڱ مڙسي جو معيار هو، حق ئي حق فيصلو ڪري آيو، هڪ دفعي منهنجي پيءُ سان ناراض ٿي چيائين ته ڪراچي ٻني کڻت ڪرڻ مان ٿو وڃان، تون ڳوٺ مال گاهه جي ڪر، قرب هئا بابا ها ڪئي ۽ چاچا حاجي سليمان پئسا کڻي برانچ جي زمين کڻت ڪرڻ لاءِ ٽنڊوالهيار مان ريل تي ڪراچي روانو ٿيو، تڏهن زمين ڪراچي مان ڪاغذ برانچ جي کڻت ملندي هئي، داخلا اچي ميرپورخاص ۾ رکبي هئي، ساڻس گڏ مصري فقير جروار جيڪو سندس ڀيڻايو هو ۽ هاشم لغاري، اميد علي لغاري جي ڳوٺ وارو اهي ٽئي پئسا کڻي گڏ روانا ٿي ته سڀئي برانچ مان زمين کڻت ڪري ٿا اچون، اتفاق ڪراچي پهچي شام ٿي چڪي هئي ۽ ٽئي همراهه ڪراچي ۾ ڪنهن مسافر خاني ۾ رهيا، اتي هڪڙو ٺڳ کائن پئسا وٺي رکڻ حفاظت بهاني سان پئسا پاڻ وٽ رکيائين، هنن کي چيائين ته توهان کان پئسا لليجا ڪڍي ويندا، هنن پئسا کيس ڏيئي ڇڏيا صبح آفيس ٽائيم جي پابندي سان ٺڳ سميت ٽانگي ۾ سوار ٿيا ته آفيس هلي اوهان کي پئسا ڏيان ٿو ۽ رستي ۾ ٽانگو بيهاري پاڻ ٺڳ لهي ۽ ٺڳي ڪري ڀڄي ويو.
ٽانگي وارو ايماندار پٺاڻ هو، ان کي پئسن کڻي وڃڻ جو واقعو ٻڌايائون ته اسان ٽنهين ڄڻن جا پئسا وٽس آهن، پوءِ ٽانگي واري پٺاڻ ساڻس وڏي مدد ڪرائي، هڪ پي ٽي هوٽل تي ان کي ٺڳن جا ٺڪاڻا ساريل هئا، وڃي ٺڳ کي پڪڙيائون ۽ زبردستي جهلي سڳ سوڌو پوليس حوالي ڪيائون، انگريز جو دور قانون هو، ٺڳ سڳ سوڌو، نانان ڪورٽ ۾ رجوع ڪيائون ڪورٽ ٻئي ڏينهن انصاف ڪري کين پنهنجي رقم واپس ڪرائي ڏني، ٺڳ کي سزا آئي ۽ ٽيئي همراهه بنا زمين کڻت ڪرڻ جي واپس ڳوٺ آيا، بابا چيس ته ادا زمين کڻت ڪرڻ ڪو سولو ڪم به آهي، جڏهن ڀائرن پنهنجون زمينون ورهايون ته پاڻ مڙئي سٺا حصا زمين جا حصي ۾ کيائين ۽ صبح سان مال رزق مان فارغ ٿي گهوڙي تي چڙهي ٻني گهمي پوءِ ڳوٺ ايندو هو.
انهي زماني تازو ڄام شورو اسپتال ٺهي هئي، گهوڙي واٽر مان ٽپو ڏنو ۽ چاچا حاجي سليمان پويان ڪنڌ ڀر وڃي ڪريو، وڏو ڌڪ آيس، همراهه کي بابا کڻائي حيدرآباد سول اسپتال داخل ڪرايو ۽ پوءِ اتان ڄام شورو استپال شفٽ ڪيو، ٻن ٽن مهينن کان پوءِ ٺيڪ ٿي ڳوٺ آيو ۽ بابا تي ڪاوڙيو ته مونکي هروڀرو اسپتال ۾ بند ڪيو آهيس، پاڻ پهرين حج ڪري آيو هو ۽ آخري وقت اڃان تندرست هو ته ٻئي حج تي چاچي حاجاڻي فاطمه کي به گڏ وٺي ويو، بحري جهاز تي واپس حج پڙهي آيا ته مان ڪراچي ويو هئس ڏٺو هيم ته سفينه حجاج جهاز ۾ آيا هئا.
صوم صلوات جو پابند هو، رات جو تهجد پڻ پڙهندو هو، سورت ياسين شريف تي عمل هوس، هر وقت پيو پڙهندو هو، ٻه ٽي دفعا سندس وٿاڻ تان مال جي چوري به ٿي، پاڻ سر ڪڏهن به چوري ٿيڻ جي حالت ۾ پيرن تي نه هلندو هو، ٻيا ماڻهو ورهاڙو ڪري ويندا هئا، هيءَ ڳوٺ گهر ۾ يا مسجد شريف ۾ سوره ياسين شريف ويهي پڙهندو هو، سندس چوري واپس ٿيندي هئي، 1958ع ۾ ڀائرن پاڻ ۾ زمينون ورهاست ڪري الڳ ٿيا، حاجي غلام رسول عرف حاجي الهبچايو سندس پٽ جوان هو ۽ پنهنجو ڪاروبار سٺو هلايائون، بعد ۾ به چاچا حاجي سليمان 20 کن ايڪڙ زمين خريد ڪئي ۽ ٽنڊوالهيار شهر ۾ به ٽي جڳهيون، چمبڙ ناڪي ۾ هڪ اٽي جي چڪي خريد ڪئي، پنهنجي عمر سادگي مگر خوشحالي سان گذاري، حساب ڪتاب جو پڪو پختو هوندو هو، ڍل وغيره محل سر ادا ڪري ڇڏيندو هو، رشوت ڏيڻ وارو ڪونه هو، پوءِ تپيدارن سان ڪونه ٺهندو هو، تپيدار مٿس ڏمربا هئا ته لاپو سولو ڪونه ٿو ڏي ۽ بابا انهن کي ٿڌو ڪري ڇڏيندو هو.
بڪيرا شريف مين روڊ تي مسجد لڳ لقمان لاشاري وارن کان هڪ پلاٽ خريد ڪيائين، چاچا جي قبضي ۾ هو، راڄوڻي اسٽامپ به لاشارين لکي ڏنو هو، چاچي جي گذارڻ کان پوءِ لاشاري ڪوڙي ساک کڻي پلاٽ واپس ڪري ٻي ڌر کي وڪرو ڪري ڇڏيو، وڏو قصو آهي، جيڪڏهن پورو لکبو ته لقمان لاشاري سان گڏ فيصلي ڪرڻ وارن جو ضمير داغدار ٿيندو.
1972ع پاڻ زرعي ترقياتي بئنڪ ٽنڊوالهيار برانچ مان ٽريڪٽر وياج تي خريد ڪيو، مئنيجر صاحب ۽ ٻيو عملو خوش نه هو ۽ تپيدار توڙي مختيارڪار به مٿس گرم هئا سو مٿس ضابتگي لاءِ پوليس وٺي ڳوٺ آيا، اوطاق تي پاڻ انهن کي روبرو ٿيو ۽ چيائين ته منهنجي زمين اوهان وٽ لکي پئي آهي، مان پئسا ٽائم تي ادا ڪندس، تپيدار مڙئي گرم ٿيو پاڻ بنان ڪنهن گهٻرائڻ جي مختيارڪار صاحب کي چيائين ته آئون ڪو رات پيٽ ۾ لڏيو ٿو وڃان جو هيڏي سختي پيا ڪريو، پوءِ آفيسر صاحب واپس ويا ۽ پاڻ قرض جون قسطون ڀري وقت سر ادا ڪيائين، سندس سالن سان دل ڪانه لڳندي هئس، انهن جي خيرات به ڪونه کائيندو هو، زمين جا کاتا پٽ بيان نٿي ڏنائون، انهيءَ سبب پاڻ حق تي هو، همراهه مڙئي ڏنگا هئا، انهي سبب ڪري پاڻ انهن کي ويجهو گهٽ ٿيندو هو.
آخر ته هيءَ جهان فاني آهي، پاڻ ڪو 80 سالن کان مٿي جي عمر ۾ مهينو کن عليل گذاريائين ۽ ٽنڊوالهيار مان ڊاڪٽر پيتمامبر کي جيپ تي ڳوٺ آڻيندا هئاسين ۽ صحتياب به نه ٿيو، ايمان جي سلامتي سان هيءَ جهان ڇڏيائين، چاچي حاجاڻي فاطمه پهرين گذاري ويئي هئي ۽ پاڻ بعد ۾ انتقال ڪيائين، کيس به آباڻي قبرستان شاهه عنايت ۾ دفن ڪيو ويو، اهيو وقت جنرل آمر جو هو، اليڪشن پي ٿي، اسان واري قومي تڪ تي وزير دفاع مير حاجي علي احمد ٽالپر حيدرآباد وارو هو، هارايو هيائين، اليڪشن غير پارٽي بنياد تي هئي، چاچا حاجي سليمان پٺيان ٽي پٽ ۽ ٽي نياڻيون سوڳوار ڇڏيا، حاجي غلام رسول عرف الهبچايو، غلام حيدر، حاجي محمد ايوب، ٽي نياڻين ۾ حاجاڻي ڌاڻو، حاجاڻي صابل ۽ جنت عرف جنان منهنجي گهرواري، سندس حج 2004ع جو ٽڪيٽ ڀرايم قراندازي ۾ نالو نه آيو ۽ پاسپورٽ ٺهرائي کيس عمره شريف جي سعاد حاصل ٿي، ويل چيئرمين تي عمرو ڪرايم، جيڪو سفرنامو هن ڪتاب ۾ موجود آهي، واپس آياسين ته تمام عليل رهندي هئي، گهر ۾ ايمان جي سلامتي سان 2007ع ۾ جمع ڏينهن وفات ڪيائين، پورو وقت علاج اسان جو گهرو معالج خانداني ڊاڪٽر پروفيسر محمد انور ميمڻ صاحب حيدرآباد اسان جو فيملي ڊاڪٽر آهي، تمام مهربان آهي.
چاچي حاجي سليمان ڳوٺ جي ٻارن کي قرآن شريف پڙهائڻ لاءِ حاجي احمد درس کي مدينه مسجد ۾ مقرري ڪري رکيو هو، ڇوڪرا توڙي نياڻيون وٽس قرآن شريف ۽ نماز توڙي وضو سيکاريندو هو، جنهن کي ابتدائي ديني علم چئجي، مون به وٽس قرآن شريف پڙهيو هو، 61-1960ع جو سال هو، ته سائين حاجي احمد درس کي مدينه مسجد شريف ۾ مقرر ڪيو ويو هو، وضيفو پاڻ ادا ڪندو هو، مدينه مسجد ڳوٺ الهه بخش جروار ۾ هر اسلامي مهيني جي پهرين جمع تي خدا ڪارڻ خيرات جماعت لاءِ چاچا حاجي سليمان جو زندگي جو معمول رهيو، پوءِ ڪڏهن تهري ڀت ته ڪڏهن مرچين ڀت، هر اسلامي مهيني جو پهريون جمع خيرات ڪندو هو، جنهن ۾ ڳوٺ کان علاوه ٻاهر جا به غريب جماعتي پابندي سان شريڪ ٿيندا هئا، تاحيات اهيا خيرات ڪيائين، مدينه مسجد ۾ 57-1956ع ۾ جمعي نماز جماعت ڪرڻ جو به اهتمام پاڻ ڪيائين، نه ته پهرين صاحب خان جروار جي ڳوٺ جمع نماز جي جماعت ٿيندي هئي، جماعتي وڌيا ته جماعت جمع جي به پنهنجي ڳوٺ مسجد شريف ۾ شروع ڪرايائين، هر اسلامي ڪم وضو نماز اسلامي عقيدا امام ٿي بيهي اڳيان نماز پڙهائڻ لاءِ اسان ننڍن کي هر وقت تاڪيد ڪري اڳيان ڪندو هو چوندو هو ته اسلامي ڪم پاڻ ڪريو سکو ۽ سيکاريو.
هاڻي احوال منهنجي ٻي نمبر چاچي حاجي عثمان ولد حاجي محمد خان جروار
حاجي عثمان نهايت ۽ ماٺيڻو جامڙد هاري مڙس هو، هر وقت کيس ٽوال جو پٽڪو مٿي تي ٻڌل هوندو هوس، ڪڏهن ڪڏهن اندر ٻاهر سڏ سلوڪ لاءِ بوسڪي جو پٽڪو پڻ ٻڌندو هو، ڪچهري ۾ گهڻو ڪونه ڳالهائيندو هو، ماٺ ڪريو ويٺو ڪچهري ٻڌندو هو.
ميان حاجي پروز قرآن شريف ناظران ۽ نور نامو پڪو پختو پڙهيو هو، جواني جو زمانو مال رزق اٺن جي قطار سان ويندو هو ۽ ڪوڏر جي ڪم جو به جامڙد مڙس هو، سندس شادي سڳي چاچي حاجي احمد جي نياڻي سڳي سئوٽ مسمات ڀنڀو سان ٿي کيس 6 پٽ ۽ 3 نياڻيون ٿيون، سڀئي شادي شده اولادي آهن، پاڻ روزو نماز جا بلڪل پابند سڄي عمر پنهنجي حلال رزق کان علاوه مدينه مسجد ڳوٺ الهه بخش جروار ۾ امامت جا فرائض انجام ڏنائين.
اسان جا بخاري سيد سائين عطر شاهه بڪيرا شريف وارا چاچا حاجي عثمان ڍڳي گاڏي کيس پوش ٻڌي چاچي کي گڏ کڻي بڪيرا شريف مان جيجا حاجاڻي نور رحه کي پردي داري ۾ وٺي ڳوٺ ايندو هو ۽ ڪجهه ڏينهن رهڻ کان پوءِ وري ساڳي پردي داري ۾ چاچي سان گڏ بڪيرا شريف پهچائي واپس ايندو هو.
سندم والد جناب حاجي محمد پريل خان جروار جڏهن ٽنڊوالهيار ۾ چڪي اٽي جي ۽ گهر جي جاءِ ورتي ته ٻارن کي بيل گاڏي ۾ پردي داري سان ٽنڊوالهيار گهر پهچائي ۽ واپس اچڻ تي مهيني کن کان پوءِ وري ڳوٺ وٺي ايندو هو، تڏهن آئون اڃان ڄاول نه هئس. ڀاءُ پاڻ ۾ گڏ هئا، رزق حلال سان الله مالا مال ڪري ڇڏيو هو وڏي برقت هئي، جڏهن اٺن وارو ڪم بند ڪيائون ته پاڻ ٽيئي ڀاءُ گڏ هوندا هئا، چاچا حاجي عثمان ٻني جي ڪم کان سواءِ گهر اوطاق جي رسائي سندن زمي هوندي هئي، پوءِ ٻار ٽنڊوالهيار سيدن جو اچڻ وڃڻ گهر جون ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون پاڻي به سندس حوالي جا ڪم هئا، هڪ دفعا جو واقعو آهي پاڻ ان (ڪڻڪ) جي ڍڳي گاڏي ٽنڊوالهيار کڻي ويو، ڍڳن جو گاهه به گاڏي ۾ گڏ کڻي ويندا هئا، جيئن شهر ۾ پئسا نه ڀرڻان پون، گاهه به ٻني مان مفت جو سو اتي ٽنڊوالهيار پهچي ان مشن پنهنجي تي لاهي گاڏي خالي ۾ ڍڳا ٻڌي ۽ پنهنجو گاهه ڍڳن کي ڏنائين، ميونسپالٽي ٽنڊوالهيار جو هڪ ڍڳو ڳاڙهي رنگ جو ٿلهو متارو ڇوٽ پيو هلندو هو، اهو اچي گاهه تي پيو هڪ دفعي ٻي ٽي دفعي هڪليو ڇڏي، پاڻ بازار مان سود سامان وٺيو اچي ميونسپل وارو ڍڳو به اسان جي ڍڳن سان گڏ بيٺو گاهه کائي، پاڻ هڪلي ڊوڙائي ڊوڙائي بيزار ٿيو، سڄو ڏينهن سو ڪاوڙ مان ڍڳي ميونسپل واري کي رسو وجهي ٻڌي ۽ شام جو کڻي ٽنڊوالهيار مان روانو ٿيڻ مهل اهو ميونسپل وارو ڍڳو پنهنجي ڍڳي سان گڏ گاڏي ۾ کڻي جوٽيائين، پنهنجو ڍڳو پٺيان گاڏي ۾ ٻڌائين بس اڃان چمبڙ ناڪي تي پهتو ته پوليس سرڪاري ميونسپل جي ڍڳي کي ڪاهي وڃڻ جي ڏوهه ۾ کيس ٻڌي ويئي، هاري گاڏي واپس ڪري مشن اٽي واري تي آيو ۽ ٻڌائي پوءِ بابا ويو ۽ چاچا حاجي عثمان کي ڇڏائي آيو، مغرب وقت پنهنجا ڍڳا گاڏي ۾ جوٽي ڳوٺ آيا، 2 ڪلاڪن جو رستو هوندو هو، چاچا حاجي عثمان کي اسلام سان تمام محبت هئي، سيدن پيرن ۾ وڏي عقيدت رکندو هو، ميون عثمان شاهه جا قبا ضلع ٺٽه ڇڇ جهان خان سان ته جهڙو ڪو رت جو رشتو هو، ڇو جو سندن والده جا مائٽ اتي ويٺل هئا ۽ بعد ۾ هن طرف لڏي آيا هئا، ليڪن سندن عقيدت پيرن ۾ هئي، هر سال چاچا حاجي عثمان ۽ بابا حاجي محمد پريل خان جروار ويندا هئا ۽ سائين غلام حيدر شاهه، سائين احمد شاهه ۽ سائين اميد علي شاهه، غلام حيدر شاهه عرف حيدرشاهه وڏي نالي وارو ٿي گذريو آهي، احمد شاهه پنهنجي ٻني ۽ درگاهه ميون عثمان جو متولي هو، سائين اميد علي شاهه درويش مريد خادمي ۾ سفر ڪري عمر پوري ڪئي، سندن سلسلو پيران پير سيد عبدالقادر شاهه جيلاني جي اولاد ۾ آهي، سندن هڪ وڏي تاريخ آهي، چاچا حاجي عثمان جتي بڪيرا شريف جي اسان جي بخاري سيدن سائين اسماعيل شاهه عرف عطر شاهه بخاري وارن سان يارهين ۽ چوڏهين هر اسلامي مهيني جي شريڪ ٿيندو هو، اهڙي طرح سونڍن جي شهر کان پريان ٺيگن جي ڳوٺ ۾ به پير يار محمد شاهه، نصير محمد شاهه، وارن وٽ به ٻارهين يارهين شريف ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ سندس عقيدت هئي، نصير محمد شاهه کان هڪ ڀلو گهوڙو خريد ڪيائين، مڪڙي رنگ جو ڀلو گهوڙو هو، وڙهڻ جو به ڏنگو هو، پر چاچا حاجي عثمان ۽ گهوڙي جو هڪ ٻئي سان پيار هو، چاچا سان وڙهندو هو، جيئن ته چاچا حاجي عثمان جي شادي پهرين ٿي هئي ۽ چاچا حاجي سليمان ۽ منهنجي بابا سائين جون شاديون پوءِ ٿيون، وڏي تعليم نه هئي، ملان حاجي پروز وٽ قرآن شريف ۽ ڪجهه ننڍي ريزڪي وڏو دوڪان کولي ڏنو، پنهنجي جڳهه ۾ جيڪا واڻين کان بابا خريد ڪئي هئي، موجوده ڳوٺ صاحب خان جروار ۾ مسجد کي سامهون رستو ڇڏي اولهه طرف دوڪان ڏاڍو هلند هو، هر ٻئي ڏينهن ٻه بيل گاڏيون جنس اناج جي شهر کڻي وينديون هيون، قاضي محمد رحيم پيءَ ۽ چاچن جو دادلو هو، اوطاق به پنهنجي سنڀاليندو هو، 1960ع ڌاري دوڪان حاجي اسحاق حوالي ٿيو ۽ دوڪان جي آمدني گهٽجي ويئي، ان وري حاجي لکاڏنو حوالي ڪيو، جنهن پهرين دوڪان پوءِ هوٽل کولي ليڪن فيل ويو، پوءِ اها جڳهه پڦي جي پٽ عبدالله ولد مصري فقير جروارن کي حوالي ڪئي ۽ ان وٽ آهي، بند آهي.
چاچا حاجي عثمان جڏهن ڀاءَ جدا ٿيا ته کيس به سندس حصو زمين جو ورهائي ڏنائون، سندس اولاد جوان هو، پنهنجي زمين کي سنڀالڻ لڳا، چاچا حاجي عثمان کي مڪمل واندڪائي ٿي، بس بابا سائين جو آئون محمد ياسين هئس، اهو به ننڍو ۽ ٻاراڻي وهي، بابا وري ٻي شادي حيدرآباد مان عالماڻي نصرپور جا هئا، انهن مان ڪئي ۽ اهيو ئي ٻي شادي سبب بني جدا ٿيڻ جو، پر چاچا حاجي عثمان بابا جي حاضري پوري پوري نڀائي عمر ڀر ٻارن کي ٽنڊوالهيار حيدرآباد پهچائڻ ڳوٺ بابا جي ڪم جي سارسڀنال ڪري حال احوال حيدرآباد مان ڏيئي وٺي ايندو هو.
جدا ٿيڻ جي به چاچا حاجي عثمان ڪڏهن به محسوس ڪونه ڪرايو ته ڪو اسان جدا ٿيا آهيون، سڀ ڪم ڪار بابا جي هدايتن تي ڪندو هو، ٽيوب ويل به لڳرايائين، ٻه ٽريڪٽر خريد ڪيائين، هڪ جيپ ڪو 55 ماڊل جي فورڊ خريد ڪيائين، جنهن جو نمبر ڪي 444 هو، محمد صالح سندس پٽ جي 1947ع ۾ شادي ڪرائي، پهرين گهر ۾ رهائي پڙهايو، پڙهيو نه، پر اٽي جي چڪي سٺي سنڀاليندو هو، جدا ٿيڻ تي کيس دوڪان به بابا کولي ڏنو، ٽنڊوالهيار ۾ سندس شادي به بابا ڪرائي آيو، سندس مامي جي نياڻي سان جنهن ۾ به بابا کي ڪجهه زمين جي ٽڪري تان هٿ کڻڻان پيا، لکڻ جهري ڳالهه نه آهي.
بس ڏاڍ مڙسي ٿي، معنيٰ جنهن جي لٺ ان جي مينهن وارو محمد صالح کي گڏجي زماني کان ئي بابا ٽنڊوالهيار وٺي ويو هو، سندس گهر جي جڳهه به بابا وٺي سندس حوالي ڪئي، ڏاڍو دوڪان هلندو هئس، گهر کي به ڊهرائي نئين ڊزائن سان ماڙي به تعمير ڪرايائين ۽ اولاد به آهيس، پر وري محمد صالح گهر ۾ بيماري جي ڪري ڏلي ويو، جايون جڳهيون وڪڻي ڇڏيائين، هڪ نمبر زمين جو سندس حصي جو ديهه ستياري ۾ 162 نمبر ۾ 10 ايڪڙ زمين به وڪرو ڪري ڇڏيائين، وري به بابا کيس ٽيڪ ڪئي، پنهنجي چڪي اٽي جي اها جاءِ چاچا حاجي سليمان کي حصي جا پئسا نقد ڏيئي ۽ اها جڳهه بابا سندس حصي ۾ رعايت ڪري چاچا حاجي عثمان جو سڄو حصو حاصل ته محمد صالح کي وري به گهر ۽ دوڪان وارو ڪيو، ان ۾ منهنجي پيءَ جو وڏو عمل دخل هو، ڳالهه ڊگهي آهي، موقع سان بيان ڪبي.
منهنجي فيملي جروارن جو ڪافي مواد آهي، ته ڪهڙا قوم سان سولا هليا ۽ ڪهڙا ڏنگا هليا، اهيو الڳ بڪ تي نوٽ ڪري ڇڏيا آهن، اشاعت جي قابل نه آهي، ان ڪري پرهيز ڪئي اٿم، گهر جي ڪهڙي ملڪيت ڪيئن ٺهي ۽ ڪيئن ويئي، ڪهڙا ڪارڻ هئا، انهيءَ ملڪي جي وڃڻ جا اُها خريد ڪنهن ڪئي، ڪهڙي طريقي ۽ سندن پڇاڙي ڪهڙي ٿي، هڪ الڳ موضوع آهي، اشاعت جي قابل نه آهي.
جدا ٿيڻ جي باوجود چاچا حاجي عثمان هر وقت هر گهڙي بابا سان ساٿ نڀايو ۽ بابا به کيس عزت ڪندو هو ۽ ڏکي سکي ۾ ڪونه ڇڏيندو هو، چاچا حاجي عثمان پويو وقت مدينه مسجد شريف جي خدمت ۾ امام ٿي گذاريو، مصري شاهه جامع مسجد ٽيو نمبر تلاءُ جي حيدرآباد مکي باغ گيٽ جي تعمير وقت هتي ڳوٺن مان چندو گڏ ڪري في سبيل الله صوفي رضا محمد صاحب عباسي کي پهچائي آيو، الله کيس آجر ڏيندو، ٺٽه چوهڙ جمالي ڳوٺ عجائب سومرو ۾ مسجد شريف جي تعمير وقت به ڳوٺن مان چندو ڪري پهچائي آيو، سائين مقيم شاهه ڪريم پوٽو وارشاڻي سيد سان به دوستي هئس، حج جي رفيقن ۾ ٿيٻا مولان وارا چاچا حاجي محمد رحيم ٿيٻو ۽ ٻارڻ ٽنڊو محمد خان جا لغاري به رفيق هئس، چاچا حاجي عثمان ۾ وڏ ماڻپي اصل ڪانه هئي، سادو سودو خوش اخلاق هو.
آخر ۾ بيمار ٿيو ٻه مهينا کن منهنجي ڀاءُ الهه بخش جي ڳوٺ واري جڳهه ۾ قادر بخش سندس پٽ سان گڏ فيملي سميت رهندو هو، ايمان سلامت هئس، پنهنجي آخري وقت ۾ وڏي پٽ قاضي محمد رحيم کي مدينه مسجد ڳوٺ الهه بخش جروار جي امامت ۽ ٻانگ صلوات تي مقرر ڪيائين ۽ اتان ان به نڀايو، مدينه مسجد شريف ۾ چاچا حاجي عثمان ڏکڻ لڳ ديوار مدرسو تعمير سان تڪميل ڪرايو، پاڻي جي مشن مسجد شريف ۾ به وضو ۽ جاءِ استنجا به پاڻي جي ٽانڪي پڪو انتظام ڪيو، چاچا حاجي عثمان جي سندس پوٽي حاجن ولد لکاڏنو گرم پاڻي لاءِ بجلي جو گيزر لڳايو ۽ چاچا حاجي عثمان جي ٻئي پوٽي محمد علي ولد لکاڏنو پيئڻ جي ٿڌي پاڻي لاءِ مدينه مسجد ۾ بجلي جو ڪولر ٿڌي پاڻي جو لڳايو آهي.
چاچا حاجي عثمان به اندازن 95 سالن کان مٿي جي عمر ۾ گذاريو، کيس به آباڻي قبرستان شاهه عنايت ۾ جڳهه ملي.
جناب حاجي محمد پريل خان جروار ولد حاجي محمد خان جروار جو احوال، جيڪو منهنجو پيءَ حاجي محمد خان جو ٽيون نمبر پٽ هو، سندس هڪ وڏي تاريخ آهي، شايد نه لکي سگهان، ڪوشش ڪندس ته جيترو ٿي سگهي، لکي وڃان.
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي.
(شاهه)
پاڻ حاجي محمد پريل خان جروار 15-1912ع جي درميان ڳوٺ الهه بخش خان جروار ۾ حاجي محمد خان جي گهر ۾ جنم ورتو، سندن والدين ڳوٺ ۾ ئي سندس پرورش ڪئي، جڏهن پڙهڻ جيڏو ٿيو ته ڳوٺ صاحب خان جروار ۾ ٻين ٻارن سان گڏ ملان مڪتب ۾ داخل ڪيائون، پاڻ قرآن شريف پڙهيو ۽ سنڌي جي به شروعات اتي ئي ڪيائين، ان زماني ۾ ملن جي گهر جو فقر ٻين ڳوٺن علي بخش جروار ۽ الهه بخش جروار مان شاگرد وٺي ايندا هئا ۽ ملن جي گهر جون ڪاٺيون ۽ پاڻي به شاگرد ڪندا هئا، هيءَ به ٻين شاگردن سان گڏ ملن جون ڪاٺيون پاڻي ۽ فقر لاءِ ويندو هو، جيڪا ڳالهه کيس پسند نه آئي، توڻي جو ملن جروارن صاحب خان جروار جي ڳوٺ وارن جو فقر به سندس پيءَ حاجي محمد خان جروار طرفان وظيفي سان گڏ ڳوٺن تي مقرر ڪرايل هو، کيس شاگردن کان ڪم وٺڻ جي ڳالهه نه وڻي ۽ ان ئي زماني ۾ ملن جروار صاحب خان جي ڳوٺ وارن جي چوري ٿي، جنهن جو ڪوڙو الزام اڪبر مينهون جروار جي پٽ تي لڳو ۽ کيس پوليس جيڪا ان زماني ۾ ڳوٺ ٻيڙو خان کوکر موجوده حاجي غلام حسين کوکر ٿاڻي تي رهندي هئي ۽ شڪايت داخل ڪرائي، اڪبر کي ملن ٻڌايو، ڏاڍي جاچ بعد اڪبر بي ڏوهي ثابت نڪتو، مڙس هو جوشيلو سو ان وقت موجود ڳوٺ وارن کي ملا مڪتب مان حاجي موسيٰ ۽ سندس مامين حاجي پريل کي اسڪول مان ڪڍي آيو، اڪبر کي ٻين ساٿ نه ڏنو، باقي حاجي محمد هوس سهرو، ان کي نياڻي جي مجبوري، انهي زماني ۾ انگريز سرڪار ڳوٺ حمزو خان ٽالپر ۾ پرائمري اسڪول کوليو، جيڪو اسان جي ڳوٺ کي ٿوري مفاصلي تي هو، هاڻي ٻنهين کي گڏي گورمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ حمزو خان ٽالپر ۾ داخل ڪرايائون، سندن استاد جو نالو نه مون کي ملي سگهيو، الاجي ڪهڙو هو، مامون حاجي محمد پريل خان ۽ سندس ڀاڻيجو حاجي موسيٰ اتي پڙهيا، ڪو ٻه درجا پرائمري پاس ڪري ٻنهين ڄڻن صلاح ڪري اسڪول ڇڏي ڏنو، حاجي موسيٰ سندس پيءَ جو ٻني ۽ مال ۾ هٿ ونڊائڻ لڳو ۽ بابا سائين پنهنجي ڀائرن حاجي سليمان، حاجي عثمان ۽ پيءَ حاجي محمد خان سان پنهنجي ڪم ڪار، مال رزق ۽ ٻني جي ڪم ۾ شروع ٿيو، اهو ڪو اندازن 1920ع جو دور هو.
مائٽاڻي ڪو 40 کن ايڪڙ زمين هئي، ان کي وڌائڻ ڦٽل زمينن کي ٺاهي آباد ڪرائڻ، اٺن ۽ مال رزق جي ڌنڌي کي لڳي ويو، واپار به مال جو ڪندو اڳتي وڌيو ۽ برانچ سکر جون زمينون وڪامڻ لڳيون، ته انهن جي خريدي به کيس سمجهه ۾ اچي ويئي، پيءَ جي هوندي زمين به وڌائيندو آيو ۽ مال جو وٽ واپار به ڪندو آيو، ڀاڳ به اچي وريو ۽ زمينون کڻندو آيو، ڪنهن به پنهنجي کي ڏکي ۾ ڪونه ڇڏيندو هو ۽ الله سائين به ڀاڱي آيو، راڄن ڀاڳن ۾ مرتبي وارو ٿيو.
پهرين سندس مڱڻو سڳي سئوٽ عمر جي نياڻي سان ٿيو، پر شادي کان پهرين سڳي سئوٽ گذاري ويس ۽ پاڻ وري پنهنجن عزيزن مان خان محمد جي نياڻي مسمات سوني سان نڪاح ڪيائين، جنهن مان اولاد ٿيو، پهرين نياڻيون ٿيون ته پاڻ پٽ جي اولاد لاءِ سڪندو هو، پوءِ الله سائين کيس پٽن جي اولاد سان پڻ نوازيو، پاڻ اندازن 41-1940ع ۾ حج جي سعادت ماڻيائين، هڪ ڀاءَ حاجي سليمان ۽ ڀيڻ حاجاڻي رضيه بيگم جيڪا بيوه ٿي چڪي هئي، انهن کي به گڏ حج ڪرايائين، حج کان واپس اچي وري به پنهنجي زمين جي ڪاروبار کي سنڀاليائين، وڏي ڀاءُ جي نالي ۽ گڏيل حصن ۾ برانچ مان زمينون 45-1940ع تائين کڻندو رهيو، زمين جو قسطون ڍل ۽ آبادين تي خيال هوندو هئس.
هڪ دفعا سليمان سندس ڀاءُ ڪاوڙ ڪري اٺن جي قطار ۾ مزورن سان لاڙ روانو ڪيو، هن همراه کي جتن وارو ڪم ڏانءُ نه آيو، هڪ اٺ چور ڪاهي ويس ته هڪ اٺ جي ٽنگ ڀڄي پئي، ماڪ ۾ اٺ لڏيائون لاڙ جي ڪلراٺي زمين اٺ جو پير ترڪي پيو ۽ اٺ وڃي ڪريو، اٺ جي ٽنگ ڀڄي پئي، زيان تان مايوس ڪونه ٿيو، نڪي گهٻرايائين، خدا وري کيس الاهي برڪتن سان نوازيو، چاچو خيرڻ جويو کي پوري ڪٽمب سميت هن تر ۾ بابا حاجي محمد پريل خان هارپ لاءِ آڻي آباد ڪيو.
45-1944ع تي پاڻ ٽنڊوالهيار شهر ۾ واڻين کان جڳهه ۽ اٽي جي چڪي خريد ڪئي، هاڻي ٽنڊوالهيار ۾ رهڻ به ٿيس، ڪڏهن فيملي ٽنڊوالهيار ته ڪڏهن ڳوٺ، چاچا حاجي عثمان بيل گاڏي ۾ سفر ڪرائيندو هو، 1945ع ڌاري صاحب خان جروار ۾ ويٺل واڻين رضا خوشي سان زمينن ۽ جڳهن جا سودا لکايائين، حاجي مير محمد کي ڀائيوار ڪيائين، سودن ۾ حاجي مير محمد ڌوڃ ٿي زمين رکي جاين جو حصو نه رکيائين، زمين زنئور شاخ واٽر ڪورس ون ايل جي پيچ ڳوٺ صاحب خان جروار جو اولهه طرف ٻي ڏکڻ طرف تي اوڀر طرف هئي، ڌوج همراهه منڌ جو حصو رکيو، ڳوٺ مان اولهه طرف رکيو ۽ واٽر جو پوچڙ ڳوٺ کان ڏکڻ ۽ اوڀر طرف بابا سائين کي ڏنائون، اهيا قدرت جي مهرباني آهي جو بابا جي سڄي زمين اڄ ٽرانسفر ٿي چاڪر واهه جي پهرين اي آر تي آهي، جيڪو هڪ الڳ داستان آهي، ذاتي بڪ ۾ درج ڪندس، گڏوگڏ قائد اعظم جي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو، ٽنڊوالهيار ۾ 1945ع ۾ ٽنڊوالهيار ۾ مڪمل رهائش اختيار ڪيائين جتي سندس اٿي ويٺي پڙهيل طبقي سان هئي ۽ ترڪي جو منزلون ڪامياب ويون، پاٽولين حاجي محمد يعقوب بچاڻي سان سندس دوستي به ۽ ڦٽين توڙي ٻي ڪاروبار جي ڏيتي ليتي پڻ ٿي، 1946ع ۾ سندس والد حاجي محمد خان انتقال ڪري ويو، پر پاڻ پنهنجو ۽ ڀائرن جو سڄو ڪاروبار باهمت ٿي هلايائين، 1947ع ۾ به ٽنڊوالهيار رهندو هو فيملي سميت.
1950ع ۾ ڳوٺ واري موجوده مدينه مسجد ڳوٺ الهه بخش جروار ڪچي مسجد شهيد ڪرائي وڌيڪ زمين سندس چوڻ تي منهنجي آهي، هڪ وڏي ڪشادي مسجد پڪين سرن گاري جي اوساري لينٽر ۽ ونگن ۾ سيمينٽ ملتاني رازو ڪاريگر لال الدين کان بهترين مهاڙي ٽائلس جو فرش لڳريائين، جيڪا اڄ به ڏسڻ سان پنهنجي شاهدي پاڻ پيش ڪري رهي آهي، 1955ع ڌاري سندس سس حاجاڻي جنت جيجان حاجاڻي نور بخاري بڪيرا شريف کي رفيق ڪري پاڻي واري جهاز ۾ حج سفر ڪرايائين، ان ۾ پاڻ ڪونه ويو هو، باقي سڄي سفر لاءِ انتظام ڪيا هيائين، بحري جهاز تيار هو، جيجان حاجاڻي نور کي پٽ جي اولاد لاءِ الله پاڪ کيس عرض ڪرڻ جو چيائين، هڪ ڦوٽو دعا ڪري گهري کائڻ لاءِ ڏنائون ۽ مان بعد ۾ والدين کي پيت ۾ ٿيس ۽ ڄايس، جيجا حاجاڻي نور جي ڪرامت الله سائين منهنجي کاٻي ڪک تي ڦوٽي جو داڻن وارو نشان آهي، جيئن ان تي اڱر سان کنيدو آهيان ته ڦوٽن جي داڻن جهڙا داڻا ڪرندا آهن.
1958ع ڌاري حيدرآباد مان ٻي شادي ڪيائين، عالماڻين مان جيڪي اصل قديم نصرپور شهر جا هئا ۽ ائين ارباب صاحب حاجي جمال الدين ورياهه جو سنڍو ٿيو، يعني ته ارباب حاجي جمال الدين جي اهليه منهنجي ماسي ٿي کيس پٽ نه هو، 1958ع ڌاري مان پيدا ٿيس ۽ بابا سائين حيدرآباد پنهنجي جڳهه پٽ خريد ڪري جڳهه ٺهرائي ٽيون نمبر تلاءَ ٽنڊو طيب حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ ٽنڊوالهيار ۾ ٽيليفون نمبر 77 ورتو ۽ حيدرآباد ۾ به گهر ٽيليفون لڳرايو، جنهن جو نمبر 26154 هو، حيدرآباد رهڻ ڪري ۽ ڀائرن جي جدا ٿيڻ ڪري زمينداري ڪاروبار توڙي ٽنڊوالهيار اٽي جي چڪي جي ڪاروبار ۾ ڌڪ لڳو.
پاڻ 1946ع کان جيئن ٽنڊوالهيار ۾ رهيو ته پهرين محمد صالح کي پڙهائڻ لاءِ وٺي ويو پڙهيو نه باقي ريزڪي دوڪان ۾ ڪامياب ويو، پوءِ حاجي غلام رسول عرف حاجي الهبچايو ۽ حاجي نبي بخش کي پڙهائڻ لاءِ ٽنڊوالهيار گهر رهايائين، مير محمد لائق خان ٽالپر ولد مير هادي بخش خان ٽالپر ڳوٺ حمزو ٽالپر ليڪن اهي به نه پڙهيا، پوءِ حاجي اسحاق کي ٽنڊوالهيار پڙهڻ لاءِ وٺي ويو، خدا جا شان اهو به نه پڙهيو، جڏهن آئون پڙهڻ جهڙو ٿيس ته کيس به پڙهائڻ لاءِ پهرين مسلم پرائمري اسڪول ميمڻ محلا ٽنڊوالهيار ۾ داخل ڪيائين، جو سندم والده پڻ ٽنڊوالهيار جڳهه تي رهندي هئي، پوءِ ايس ڪي رحيم هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ داخل ڪيائين ۽ بعد ۾ وري نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ داخل ڪرايائين، ليڪن مان به نه پڙهي سگهيس ۽ اسڪول ڇڏي ڏنم، ڳوٺ زمين جي ڪاروبار ۾ لڳي ويس، پرائمري کان آخر تائين جن استادن وٽ پڙهيس، انهن جا نالا ترتيب وار پرائمري استاد محمد رمضان شايد لُنڊ ذات جو هو، استاد محمد عرس درس، استاد محمد عثمان ڀٽي، اهڙا استاد ڪٿي سندس ڪل شاگرد سرڪاري نوڪريون ماڻيائون، وڏي فهرست آهي، اميد ته ڪٿي لکي ڇڏيندس، استاد محمد عثمان ڀٽي ۽ حاجي محمد پريل خان جروار جو هڪ وڏو ڪردار رهيو آهي، اسان جي ٽنڊوالهيار ۾ ڳوٺن ۾ استاد مولانا ناهشمت علي، سر محمد الياس پيرزادو، استاد سائين علي محمد شاهه، استاد مسٽر غلام حسين بالادي، استاد شيخ علي محمد، منهنجي بدقسمتي چئبي جو پڙهي نه سگهيس.
مٿيان سڀ استاد نالي وارا هئا، ليڪن منهنجي قسمت ۾ شايد اهيو ئي لکيو هو، اهيا به سندم والد ۽ استادن جي تعليم جي برقت آهي جو ايترو ڪجهه ٻه اکر لکيو ۽ پڙهيو وڃان، حاجي محمد پريل خان ملان مڪتب اسڪول ۾ شاگردن کان جيڪو ڪاٺين ۽ پاڻي جو ڪم استاد ملان وٺندا هئا اتان کيس تعليم جو خيال ۽ اجاگر ٿيو ته شاگردن اچن پڙهڻ لاءِ ۽ ڪن ملن جي گهر جون ڪاٺيون ۽ ڀرين گهر جو پاڻي، بس پوءِ خاص تعليم جو خيال کيس دل ۾ وجهي ويو ۽ پوءِ استاد محمد عثمان ڀٽي جنهن جي ڊوٽي صاحب خان جروار پرائمري اسڪول ۾ لڳي ۽ بابا جو مٿس وڏو اعتقاد ٿيو، پڙهائڻ جي سلسلي ۾، اهيو سنڌي ست درجا فائنل جو زمانو هو، استاد محمد عثمان ڀٽي جيڪي به شاگرد پڙهايا ۽ فائنل ڏياري اهي سڀ سرڪاري نوڪرين ۾ ويا، جن ۾ حاجي عثمان ملون، حاجي عمر ملون جروار پرائمري استاد ٿيا، ماستر خان محمد ولد خداد ملون جروار پرائمري استاد، پير بخش ولد حاجي جان محمد پرائمري استاد، حاجي علي نواز رستماڻي، ماستر محمد ونهيل درس، ماستر حمزو خاصخيلي ڳوٺ مٺو خان خاصخيلي، ماستر ڌڻي بخش خاصخيلي ڳوٺ مٺو خان خاصخيلي، تپيدار مسٽر شير محمد جروار، تپيدار لکاڏنو ولد جلال خان جروار ڳوٺ خير محمد جروار عرف آمري ۽ جيڪي نوڪرين ۾ نه وڃي سگهيا، انهن ۾ محمد رفيق ولد سليمان جروار ڳوٺ صاحب خان جروار پهرين حاجي محمد پريل خان کيس ناڪي منشي ٽنڊوالهيار ۾ نوڪري وٺي ڏني، ڪجهه وقت نوڪري پوءِ ڇڏي ڏنائين ۽ ادا قاضي رحيم جي دوڪان ريزڪي ڳوٺ صاحب خان جروار وٽ دوڪان تي ڪم ڪندو هو، غربت هئڻ سبب کيس شادي لاءِ پريشان هو، حاجي پريل خان سندس شادي بلوچي موساڻي جروارن مان ڪرائي، آخري وقت پنهنجي قيبين هلائيندو هو ۽ هڪ پٽ ٿيس ۽ پاڻ جلد گذاري ويو.
مولابخش ولد صادق واڍو، عبدالله ولد مصري فقير جروار، عثمان ولد عبدالرحيم جروار، حاجي عبدالرحمان عرف حاجي الهجڙيو جروار به استاد سائين سعد الله لاڙڪاڻه واري وٽ پڙهيا، ڳوٺ صاحب خان جروار ۾ ليڪن اڳتي نه نڪري سگهيا، فائنل پاس انهن ڪئي، جيڪي استاد محمد عثمان ڀٽي پڙهايا، بعد ۾ ملان جروار پنهنجي ئي اسڪول ۾ استاد ٿي آيا، ڪنهن کي به اڳتي پڙهائڻ لاءِ خوش نه هئا، ٻيو ته ٺهيو رڳو استاد ماستر خان محمد ولد خدا داد کي به اسڪول ۾ ڊيوٽي جي دخل ڪار نه ڏنائون، بس جيڪو سو اسان جو هجي، ٻيو ڪير به نه پوءِ حاجي محمد پريل خان جروار 1960ع ۾ گورمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ الهه بخش جروار ۾ کولرايو، جنهن ۾ حاجي غلام حسين خان کوکر چيئرمين يونين ڪائونسل کوکر جو وڏو هٿ هو ۽ اسڪول کلي ويو، پهريون سرڪاري استاد ماستر محمد ابراهيم ولد ماستر نور محمد ترڪ مقرر ٿيا، پاڻ ٽنڊوالهيار ميمڻ پاڙي جا هئا ۽ انهن ٻنهي استادن پيءَ ۽ پٽ ماستر محمد ابراهيم ۽ ماستر نور محمد ترڪ اسڪول جنرل رجسٽر رکي اسڪول هلايو، جيڪو الله جي مهرباني سان سال برسال ترقي ڪندو وڃي، پوءِ استاد بدلي ٿيندا ۽ ايندا ويا، جن ۾ استاد محمد عرس درس، استاد محمد هاشم ڏيٿو، ڳوٺ پنهنجو مٽياري شگر مل نزديڪ پير بخش ولد حاجي جان محمد جروار جنهن اسڪول کي الاهي پوئتي ڪيو، سندس ٻه پٽ به نه پڙهائي سگهيو، پوءِ وري ماستر خان محمد ٽالپر آيو، جنهن ڪجهه ساهه وڌو، اسڪول ۾ ۽ داخلا به وڌائي ۽ بعد ۾ ماستر خان محدم ولد خدا داد جروار استاد مقرر ٿيو، انهي زماني وري اسڪول سٺو هلڻ لڳو ۽ حاجي محمد پريل جي ڪوشش سان ٻه درجا ٻيا به گورمينٽ اٽيج ڪري ڏنا يعني 6 ڪلاس پڙهائڻ ۽ ستون ڪلاس پڙهائڻ جو اجازت نامون مليو ۽ هڪ استاد به وڌيڪ مليو، ماستر محمد رمضان ولد حاجي سائين بخش پرهياڙ ۽ پوءِ بابا سائين مڊل اسڪول جي منظوري جو آرڊ ڪرائي آيو، جيڪا ڳالهه ملن جروار کي نه وڻي، وڏو زور ڪيائون ته آرڊر بند ڪرايون، ليڪن ڪرائي نه سگهيا، پوءِ ڊي او صاحب حيدرآباد واري کي چار پئسا ڏيئي صلاح ڪري بابا سائين تي ميڙ ڪري وٺي آيا ته اسڪول جو آرڊل مڊل جو جيڪو آهي اهيو صاحب خان جروار جي ڳوٺ ڏيو پهرين ته آفيسرن کي بلڪل جواب ڏنائين ته منهنجي ڳوٺ مڊل اسڪول جو آرڊر آئون واپس نه ڪندس، پوءِ آخرڪار آفيسرن بابا کي الاهي ستايو ته اسان جي عزت ڪر اهيو سڄو قصو ڳوٺ اوطاق تي اڱڻ ۾ ڪرسين تي ويٺا هئا، شايد ٿورو سيءُ به هو، ان ڪري اوطاق جي اڱڻ ۾ اس تي ويٺا هئا، آفيسرن جي گهڻي زور ڀرڻ تي ته حاجي اسين ميڙ ٿي توکان عزت وٺڻ آيا آهيون، اسان کي عزت ڏي حاجي عثمان ملو به گڏ هو، مون گهران چانهه ماني پئي آندي، کارائي سڀني کي نيٺ بابا چيو گهران منهنجا سئوٽ قاضي محمد الرحيم ۽ غلام رسول عرف الهبچايو پڻ هئا، عزت به عزت وارو ئي ڏيندو آهي پوءِ بابا کين چيو ته مان اوهان کي هن وقت عزت ڏيان ٿو، ڀلي منهنجي ڳوٺ الهه بخش جروار جو گورمينٽ مڊل اسڪول جو آرڊر اوهان ڳوٺ صاحب خان جروار کي ڏيو، هيءَ شاگردن کي پڙهائيندا ڪونه آهن ۽ مان هينئر اوهان جي عزت ڪريان ٿو، پر ڇڏيندس ڪونه، لکپڙهه ڪرائي وري به اوهان وٽ ايندس ۽ ڳوٺ الهه بخش جروار لاءِ نئون آڊر وٺندس ۽ بابا کين عزت ڏني ۽ پنهنجو نڪتل مڊل اسڪول جو آرڊر ڳوٺ صاحب خان جروار لاءِ حاجي عثمان کي ڏنائين، پاڻ وري به همت ڪونه هاريائين، وري نئين سر درخواست ڏيئي ۽ سڄو ڪم ڪاغذي ڪاروائي مڪمل ڪرائي ۽ مڊل اسڪول ڳوٺ الهه بخش جروار جو آرڊر وٺي آيو، ڪو اندازن ٻن سالن جي اندر ڪم ڪيائين ۽ پرائمري اسڪول ڳوٺ الهه بخش جروار لاءِ ورتائين انهي کي مڊل تائين ڪامياب ڪيائين ۽ هلي پيو، ان جي بلڊنگ به منظور ڪرائي ٺهرايائين، ليڪن بلڊنگ پاڻ پنهنجي حياتي ۾ نه ڏسي سگهيو، جيڪا سندن وفات واري سال 1992ع ۾ تعمير ٿيڻ شروع ٿي هئي، پاڻ پيري ۾ لڪڻ نيٽ هٿ ۾ ٽيڪ ڪري هلندو هو، انهي نيٽ سان جيڪي نشان مڊل اسڪول جي بلڊنگ لاءِ ڏنائين، بلڪل اتي ئي کائنس پوءِ بلڊنگ ٺهي ۽ هلي پئي، حاجي محمد پريل جروار جي مڊل اسڪول ڳوٺ الهه بخش جروار ۾ جيڪي شاگر پڙهي اڄ نوڪرين وارا ٿيا آهن، انهن ۾ ماستر محب خاصخيلي ڳوٺ مٺو خاصخيلي، حاجي عبدالحڪيم جروار، محمد رحيم جروار، رحيم بخش جروار، مسٽر شير محمد جروار، منهنجو ڀاءُ ماستر سائين داد، ولي داد، ابراهيم، محمد عسيٰ، محمد سومار، عالم بشير خان، محمد اسلم، ارشاد جروار، ديدار، صديق ۽ ٻيا ڪيترا جيڪي 94-1993ع تائين اسڪول مان پڙهي ۽ پنهنجي روزگار سان وڃي لڳا آهن، جيڪي نه پڙهي سگهيا اهي پنهنجي ڀاڳ کان ڀائين، ديهه بڪيراڻي يونين ڪائونسل کوکر ۾ پاڻ حاجي محمد پريل خان جروار ٻه دفعا بي ڊي جو ميمبر چونڊيو، 70 واري ڏهاڪي ۾، واهه جي موري چيئرمين حاجي غلام حسين خان کوکر کان موجوده چاڪر واهه جي موري منظور ڪرائي ۽ ٺهرائي، جنهن جي ڪم تي حاجي غلام حسين کوکر خود اچي ويهي نظرداري ڪندو هو منظور به پاڻ وٺي آيو هو، جيڪا پل به بابا جي ڪوشش سان ٿي.
جو اڄ اسان جي سڄي علائقي کي شهري اچ وڃ جو ڪم پئي ڏي، اصل اتي ڏاڏي حاجي محمد خان جروار ڪاٺن جي تختن واري موري انگريزن کان منظور ڪرائي ۽ ٺهرائي هئي، اڄ اتي پڪي زبردست پل چاڪر واهه تي آهي.
جيڪڏهن منهنجو ڏاڏو ان جو بنياد نه رکائي ها ۽ سندم والد ان کي پڪي پل تعمير نه ڪرائي سگهي، پوءِ اسان جروارن کي احساس ٿئي ها ته اسان ڪيترا ڏکيا آهيون، پل کان سواءِ ٺهي جڙي شيون مليون ان جو قدر نه آهي.
1958ع ۾ پاڻ هڪ رٽائرڊ جيپ جيڪي ان وقت نيلام ٿينديون هنيون هڪ فادر جيپ حاجي هاشم جروار جي ڀائيواري پئسن مان خريد ڪري آيو، ان زماني ۾ ڳوٺن ۽ آس پاس جي ماڻهن اهيا پهرين جيپ اچي ڏٺي هئي ۽ ان تي ئي مامون هاشم ڊرائيوري سکيو، 1962ع ۾ بلڊوزر ٽريڪٽر زمين ٺهرائڻ لاءِ ٽنڊو ڄام ايگريڪلچر کان منظور ڪرائي ۽ ڪرائيي تي آندائين، پاڻ ڀائرن ۽ سئوٽن به ڪلاڪن جي حساب سان هلايو، حاجي هاشم به ڪرائي تي هلايو، ليڪن هن تر ۾ وٺي حاجي محمد پريل آيو، جنهن کي ڏسڻ لاءِ ڳوٺن مان ماڻهو هاسيڪار ايندا هئا.
ڀائرن سئوٽن ڪو 7 ڪلاڪن کان 14 ڪلاڪن تائين هلايو، ليڪن حاجي محمد پريل خان جروار 700 کان به وڌيڪ ڪلاڪ 36 روپيا ڪلاڪ جو حساب هو، روپيه وڏا هئا، اڄ وارا نه ٽريڪٽر جو نالو ڪاٽر پيلر ڊي ايٽ هو، اوطاق سامهون واري زمين ۽ مقام واري زمين ۾ الاهي وقت هليو، 1947ع ۾ پاڪستان ٺهيو ته ملڪ جي وڏي حفاظت جي ضرورت هئي، انگريزن کان اسلحه وائس وارن همراهن جو ڊوٽيون لڳنديون هيون، رات جي وقت ملڪ جي حفاظت لاءِ بابا سائين ٽنڊوالهيار رهندو هو، کيس به سنجراڻي شاخ موري تي بڪيرا رستي تي رات جو چوڪي به سندس حوالي هئي، پنهنجي ليسن واري دو نالي بندوق کڻي هڪ ٻه راتيون پاڻ ويو، پوءِ بندوق محمد هاشم سنجراڻي کي ڏيئي ۽ ان کي مقرر ڪيائين چوڪي تي، 1965ع واري جنگ دوران حيدرآباد شهر ۾ رضاڪار فورس ۾ به ڪردار ادا ڪيائين، ان سان گڏ پنهنجو ڪاروبار به سنڀاليندو آيو.
1968ع کان پاڪستان پيپلزپارٽي سان وابسته ٿي ويو، ذوالفقار علي ڀٽو جا سنڌ جي سڀني پروگرامن ۾ مير رسول بخش خان ٽالپر جي گڏجي هلندو هو، مير صاحب بابا کي ذاتي طرح سڃاڻندو هو ۽ ڀٽي صاحب سان به روبرو ڳالهائيندو هو، پارٽي امور ۽ ملڪي معاملن تي پ پ پ سان سندس تاحيات وابستگي رهي، 1970ع جي اليڪشن ۾ قومي جي ٽڪيٽ ٽنڊوالهيار تڪ جي مخدوم محمد زمان طالب موليٰ کي ملي، بابا پورو پورو وقت اليڪشن مهم ۽ ورڪ کي ڏنو، مخدوم صاحب قومي جي سيٽ کٽيو، وڏي اڪثريت سان ۽ صوبائي سيٽ جي ٽڪيٽ سائين محمد حسن شاهه عرف ڀورل شاهه کي ملي، پ پ پ سان بابا ملهايو ۽ سائين ڀورل شاهه به وڏي اڪثريت سان کٽيو.
1981ع ۾ پرائمري اسڪول ڳوٺ الهه بخش جروار جي بلڊنگ منظور ڪرائي، جيڪا ڊسٽرڪٽ حيدرآباد جي چيئرمين پير خالد جان سرهندي منظور ڪئي ٻه ڪمرا وڏا، ان وقت ڊسٽرڪٽ انجنيئر عبدالغفور مهر هو، ٺيڪيدار بلوچ آئسو سيئيٽس محمد نظير لُنڊ هو.
1973ع ۾ زرعي ترقياتي بئنڪ ٽنڊوالهيار کان قرض تي هڪ پنهنجي لاءِ ٽريڪٽر روسي ۽ هڪ ڀاءُ حاجي سليمان لاءِ ٽريڪٽر روسي خريد ڪيا ۽ زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ پاڻي جا ٽيوب ويل لڳرائي بجلي ڪاسٽ تي خريد ڪري لڳايا، بابا ڳوٺ ۾ بجلي پهچائڻ لاءِ ٽيوب ويل ڪاسٽ تي لڳايو، پاڻي اَن فِٽ هو، پر ڳوٺن کي بجلي جي نعمت ڏيڻ لاءِ 1973ع ۾ 1 لک 59 هزار روپيا قسطن ۾ واپڊا کي جمع ڪرائي ۽ ڳوٺن جي بجلي جي سهوليت پيدا ڪئي ۽ اڄ ٽيئي ڳوٺ بجلي پيا ٻارين، ٽيوب ويل جو پاڻي اَن فِٽ هو پر ڳوٺن جي بجلي ضروري هئي ۽ پاڻ پئسا ڀري بجلي وٺي آيو، 1973ع ۾ پڪو روڊ چمبڙ ناڪي ٽنڊوالهيار کان شيخ ڀرڪيو لاءِ منظور ڪرائي ۽ وڏي جفا ڪشي ڪري روڊ جا پئسا فنانس ڪراچي سيڪريٽريٽ مان رليز ڪرايا ۽ ٽينڊر ٿيو ۽ پڪي روڊ جو ڪم چالو ٿيو، پهريون ٽينڊر.
منهنجي والد جناب حاجي محمد پريل خان جروار 1973ع ۾ ڪاسٽ ڀري ڳوٺ الهه بخش جروار ۾ پنهنجي اوطاق اڳيان ٽيوب ويل لڳايو ۽ بجلي ٻن ميلن تان ڳوٺ ۾ پهچي وئي، ٽيوب ويل ۽ اٽي جي چڪي بجلي تي چالو ٿيا، ڳوٺ کي به عارضي بجلي ملي وئي، انهي لائين مان ڳوٺ صاحب خان جروار جي بجلي منظور ٿي ۽ پول تارون ٽرانسفارمر مامو قاسم ولد حاجي ڀائي خان رانجهاڻي جروار، حاجي نبي بخش، قاضي حاجي محمد الرحيم طاهراڻي جي معرفت ڳوٺ صاحب خان جروار مان لائين بجلي واڌائي ڳوٺ علي بخش جروار پول تارون لڳي ويا.
جيڪا ڳالهه ڳوٺ صاحب خان جروار وارن اڻ سهو گهرن کي نه وڻي، جيڪي ٻي کي ڪونه سهن، بس بجلي آفيسرن جن ڪاغذ صاحب خان جروار جي ڳوٺ سان ملايا هئا، انهن جي پٺيان محمود ولد سونو فقير کي گهر جو ڪرايو ڏيئي، ڳوٺ علي بخش جروار جي بجلي مسلسل 2 مهينا جدوجهد ڪري ڪٽائي، جنهن ۾ لڳل ٿنڀا انهن جون تارون کولي واپڊا مجبورن واپس کڻي وئي، سبب ڳوٺ صاحب خان جروار جي همراهن بجلي لڳائڻ نه ڏني.
واپس ٿيل پول تارون گل حسن طاهراڻي پنهنجي فارم تي امانت ڪري رکيا، هڪ مهيني اندر ڳوٺ علي بخش جروار جي نالي سان منظوري وٺي، ساڳيو سامان واپس لڳائي بجلي منظور ڪرائي، جيڪا ڳوٺ علي بخش جروار ۾ هلي پئي، پورا تفصيل فيئر بڪ ۾ لکيل آهن، ٻئي ڀاڳي ۾ ايندا.
وري هڪ وقت آيو، ڳوٺ الهه بخش جروار ٽيوب ويل جي بجلي بل ۾ ڪٽجي ويئي، ته ڳوٺ ۾ به بجلي ٻرڻ بند ٿي ويئي، ڇو جو ٽيوب ويل تان لائين هئي ، ڳوٺ جي بجلي منظور نه هئي، پوءِ راقم ڳوٺ علي بخش جروار جي معززين حاجي مولابخش، حاجي محمد خان ۽ محمد عثمان وٽ حاجي مولابخش اوطاق ۾ روبرو ڳالهائي اعتماد ۾ وٺي عارضي طرح بجلي ڳوٺ علي بخش جروار جي پول مان ڳوٺ الهه بخش جروار جي مدينه مسجد ۾ رمضان شريف جي مبارڪ مهيني لاءِ عارضي ڪنيڪشن سو به اجازت ڳوٺاڻن کان وٺي پوءِ چالو ڪرايو.
بس ڳوٺ علي بخش جروار جا اڻ سهو ماڻهو انهن وري گهر جو ڪرايو خرچ ڀري محمد الرحيم عرف ممون رانجهاڻي جي ڊوٽي لڳائي ڇڏي ته پنهنجي ڳوٺ جي بجلي مان ڳوٺ الهه بخش جروار جي مسجد ۾ بجلي ڇو پئي ٻري، بند ڪرايو، جن جي مدد وري عبدالحميد خاناڻي جروارن وقت لائين مين واپڊا هو، ان ڪئي.
ممون ۽ ٻين عبدالحميد جي معرفت 27 رمضان مبارڪ مسجد ڳوٺ الهه بخش جروار جي بجلي ڪٽائي دم کنيو.
بعد ۾ بابا ۽ اسان ڳوٺ الهه بخش جروار جي بجلي ڳوٺ سيڪشن ڪرائي بجلي لڳرائي، جيڪا هن وقت هلي پئي، سڀني ڳوٺ وارن مدد ڪئي.
اڻ سهو ماڻهن لاءِ ياداشت نامون آهي، نالا ڪهڙن جا لکان، ضمير جاڳائڻ لاءِ ڪافي آهي.
مسٽر گل حسن طاهراڻي خاصخيلي سجاول ٺٽي واري کنيو، روڊ جي ڪم لاءِ ٺيڪيدار ٽينڊر کڻڻ لاءِ تيار نه هئا، وڏو نئون اڙانگو ڪم هو، پوءِ مسٽر گل حسن طاهراڻي سان بابا جروار جا تمام وڏن کان لاڳاپا هئا ۽ پاڻ حاجي صاحب تي خصوصي مهرباني ڪري بڪيرا ٽنڊوالهيار جي پهرين ٻن ميلن جو ٺيڪو کنيو ۽ روڊ جو ڪم چالو ٿيو، جيڪو مسلسلو ٻن چئن سالن ۾ ورڪ هلندو پهرين بڪيرا شريف پوءِ کوکرن جو ڳوٺ ۽ بعد ۾ مڪان شريف تائين پهتو، شيخ ڀرڪيو سان ڳنڍجي ويو.
وزير اعليٰ غلام مصطفيٰ جتوئي صاحب هو ۽ فنانس مان پئسا نٿي نڪتا، حيدرآباد مشهور ڪنيونشن ۾ ذوالفقار ڀٽي جي سامهون پ پ جي ڪارڪنن جي حيثيت ۾ جتوئي صاحب جي پئسا نه ڪڍي ڏيڻ جي شڪايت ڪيائين، جو جتوئي صاحب انهي ڪنويشن ۾ روئي پيو ۽ عهدي جي استيفا ڏني، جيڪا ذوالفقار علي ڀٽو صاحب قبول نه ڪئي ۽ تاڪيد ڪيو ته منهنجي ڪارڪنن جا ڪم ڪريو، اهيو پ پ جو مشهور ڪنويشن حيدرآباد سرڪٽ هائوس ۾ مسلسل ٽي ڏينهن هليو، ڀٽو صاحب روبرو وزيرن، آفيسرن ۽ پ پ ڪارڪنن جون شڪايتون ٻڌي انهن جو آزالو ڪيو، جيڪو سنڌ جو مشهور معروف پ پ ڪنوينشن ٿيو هو، گورمينٽ رڪارڊ تي اڄ به موجود آهي.
1976ع ۾ پاڻ عمره شريف جي سعادت لاءِ پ پ حڪومت ۾ انٽرنيشنل پاسپورٽ ٺهرايائين، ليڪن ڀٽو صاحب انهي سال ۾ عام چونڊن جو اعلان ڪيو ته پاڻ اليڪشن لاءِ جدوجهد ڪرڻ کي لڳي ويو ۽ 1977ع جي اليڪشن ٿي ته وري به پ پ کڻيو اڪثريت سان ۽ 9 ستارن ڀٽو صاحب لاءِ سول نافرماني تحريڪ هلائي، پ پ ساٿ جي ڪري عمري شريف جو پروگرام ڇڏي حڪومت جو ساٿ نڀايائين، پوءِ مسلسل پاڪستاني سياسي حالات ۾ پ پ سان همدردي خاطر سفر نه ڪري سگهيو، 13 سال مسلسل پ پ جي تحريڪن اجلاسن جلوسن ۾ جدوجهد ۾ گذاريائين.
1977ع جي جنرل جو اقتدار ۾ اچڻ ڪري پاڻ سياسي طرح پ پ سان ساٿ نڀائيندو رهيو، جنوري 4 تاريخ جي اخبارن ۾ بيان ڏنائين ته پاڻ 5 جنوري 1978ع تي جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي سالگره جو ڪيڪ حيدرآباد توڙي ٽنڊوالهيار ۾ تقريبون منعقد ڪرائي ملهائيندو ۽ ملهايائين.
انهي ڏينهن 5 جنوري 1978ع تي حيدرآباد توڙي ٽنڊوالهيار ۾ سالگره جا پروگرام ڪرايائين، جنهن ڏوهه ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو، ايس ڊي ايم جي عدالت ۾ پيش ڪيائون، جتي ايس ڊي ايم صاحب کيس چيو ته اخباري بيان جي ترديد ڪر ته توکي ڇڏي ڏيان، پاڻ پنهنجي بيان تان نه هٽيو ۽ کيس 90 ڏينهن لاءِ نارا جيل حيدرآباد جي هوا کائڻي پئي، پر پنهنجي عزم ۾ پختو رهيو، ساڻس گڏ سندس ڀائيٽيو سوٽاڻي سئوٽ جو محمد صديق جروار، حاجي محمد بخش انڙ ٽنڊوالهيار ۽ ڊاڪٽر خورشيد ٻانهن ڪٽيل ٽنڊوالهيار اهي به جيل ويا، سالگره جي ڀٽي صاحب جي ڏوهه ۾ محمد صديق جروار جا امتحان جا پيپر هئا، بابا سائين جيل ۾ لکپڙهه ڪرائي جيل ۾ ئي کيس پيپر ڏياريا ۽ محمد صديق جروار پاس ٿيو، مون تي اڄ ڏينهن تائين مهربان آهي ۽ شفقت ڪري ٿو، اڳين سال يوم پاڪستان 23 مارچ 1978ع جي ڏينهن جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي ڪوڙي ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ بدنيتي تي سزا ئي موت ٻڌائي.
مون ڳوٺ الهه بخش جروار کان ڪوڙي ڪيس بدديانتي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف احتجاجي جلوس ڪڍائي قيادت ڪئي، ان وقت جي ڪائونسل ۽ تپو کوکر جي ڳوٺن ۾ جلوس ۽ آخر جلوس کي بڪيرا شريف ۾ ختم ڪيو، پرامن جلوس ۾ ڊڪٽيٽر جنرل جي اتحادين هڪ پرائيوٽ بس جا شيشا ٽوڙيا ۽ ڏوهه ۾ مون تي، ليمون شيدي ۽ هوت برفت کي چمبڙ پوليس گرفتار ڪري سمري ملٽري ڪورٽ 5 ۾، جيڪا ان وقت ڊسٽرڪٽ ڪائونسل حيدرآباد جي ميٽنگ حال ۾ هلندي هئي، سزا ڏيئي 9 مهينا ۽ ٽي هزار جرمانو ڪيو، اسان کي جيل موڪليو، پهرين نارا جيل بعد ۾ سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ 6 مهينا ڪٽي پوءِ ٻين عيدين معافي به ملي ۽ مليل سزا ڪٽي آزاد ٿياسين، پهرين ڏيڍ مهينو مختلف ٿاڻن ۽ حيدرآباد ڇانوڻي ۾ ڌڪ ڌوڻ به ڪيائين، ليڪن اسان جي سڄي ڪيس جي سربراهي بابا سائين ڪئي.
جناب ذوالفقار علي ڀٽو کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسي جي سزا آئي، بابا سائين سزا جي اعلان واري ئي ڏينهن لاڙڪاڻو ڳڙهي خدا بخش ويو، ڳوٺ سانول جروار ۾ ڏهي تائين رهي ۽ پوءِ واپس آيو، ان وقت ڀٽي صاحب جي قبر تي فوج جي چوڪي بيٺل هئي، انهي زماني ۾ ريلوي اسٽيشن ۽ اسٽاپن تي پ پ جي ڪارڪنن لاءِ تمام سختي هئي، کين گرفتار ڪري جيلن ۾ بند ڪيو ويندو هو، بابا ڳوٺ سانول جروار ۾ محمد بچل ولد محمد صفر خان جروار وٽ رهيو.
1979ع ۾ بابا سائين سنڌ آبادگار بورڊ جو ميمبر ٿيو، علي مير شاهه ۽ ڊاڪٽر پروفيسر شاهنواز شاهه جو پورو ساٿ نڀايائين، ان زماني حيدرآباد ۾ بورڊ آفيس جو صدر حاجي فريد الدين نالي هو، ماهوار گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندو هو، اتفاق سندس غير حاضري ۾ مون کي به موڪليو، ساليانو چندو به سنڌ آبادگار بورڊ حيدرآباد جو ڏيندو هو، ڪمند جون ملون ريٽ، مارڪيٽ سهولتون، پاڻي جا مسئلا ۽ ٻيا انيڪ زرعي مسئلا اتي حل ٿيندا هئا.
1981ع ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي ورسي تي مون کي محمد يوسف کي 4 اپريل تي ڀٽي جي ورسي ۾ موڪليائين، 4 اپريل 1981ع تي مون کي ۽ محمد يوسف کي نئون ديرو پوليس ٻين ڪارڪنن سان گڏ بند ڪيو، شاهنواز ڀٽو لائبريري لاڙڪاڻو ۾ فوجي ڪورٽ پهرين ڏينهن اسان کي 90 ڏينهن ٽن مهينن لاءِ بند ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ پورا ڪري پوءِ آزاد ٿياسين، بابا سائين، محمد پناهه خان ۽ وڪيل ايڊووڪيٽ غلام حيدر خان جروار مسلسل رابطي ۾ هئا.
1981ع ۾ به پ پ پارلياماني بورڊ کي پي ايس ٽڪيٽ لاءِ اپلائي ڪيائين، پوءِ چونڊون ملتوي ٿيون هيون، پرائمري جا ٻه ڪمرا بلڊنگ منظور ڪري ۽ ٺهرائي ان زماني ۾ ميٽرل سرون به ڳوٺ اسڪول جي سائڊ تي پهچائڻ وڏو مسئلو هو، رستا ڪونه هئا، زميندارن جون بائونڊريون هيون، واٽرن تي مورين جي سهولت پڻ ڪانه هئي، وڏي مشڪل سان سامان سائڊ تي پهتو، جنهن ۾ ٺيڪيدار سان سڀ سهولتون مزوري سميت ڪيو ويون، لوڪل خرچو بابا پاڻ ڀريو.
1982ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جو ننڍو پٽ شهيد شاهنواز خان ڀٽو جي ميت هوائي جهاز ۾ موهن جو دڙو ايئرپورٽ پهتي ته بابا موهن جو دڙو ايئرپورٽ پهتو ۽ ميت ۾ لاڙڪاڻي ۽ ڳڙهي خدا بخش شڙڪت ڪئي، غلام علي ڀٽو ٽنڊوالهيار وارو، ڌڻي بخش شيدي درزي به گڏ هئس.
وري ٻيو دفعو جڏهن پارٽي بنياد تي اليڪشن ٿي ته پاڻ پي ايس تڪ لاءِ پ پ پارلياماني بورڊ کي ٽڪيٽ لاءِ في ڏيئي درخواست اپلائي ڪئي، اتفاق محترم صاحب کي ڪيل واعدو وسري ويو ۽ ٽڪيٽ عبدالطيف مڱريو کي ملي، بابا عبدالطيف مڱريو جي اليڪشن خرچ ڀري ڏيڻ لاءِ چيو، زمين وڪڻي به پ پ ڪارڪن جي ورڪ تي خرچ ڪندس.
1983ع پورو وقت پ پ سان ساٿ نڀائيندي 28 آگسٽ 1983ع تي ايم آر ڊي تحريڪ ۾ گرفتار ٿيو، بڪيرا شريف درگاهه کان کيس گرفتار ڪيو ويو، جلوس مان جلوس ۾ يونين ڪائونسل تپو کوکر جي سڀني ذاتين جا هر ديهه مان ماڻهو گڏ هئا، بابا گرفتاري پيش ڪئي، بڪيرا شريف شهر ۾ درگاهه اسٽاپ تان 18 جولائي تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو پٽ شاهنواز خان ڀٽو فرانس ۾ شهيد ڪيو ويو، پاڻ لاڙڪاڻي وڃي شاهنواز ڀٽو جي ميت ۾ شريڪ ٿيو.
1984ع ۾ بابا سائين ۽ سندس ڏوهٽو لالا واحد بخش جراور عبدالستار بچاڻي جي پيٽرول پمپ وٽان جلسي مان گرفتار ٿي سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليا ويا، اهيا به ايم آر ڊي تحريڪ جڏهن فل اوج تي هئي تڏهن جي گرفتاري هئي.
جنهن غير سياسي بنيادن تي اليڪشن جو اعلان ڪيو ته جنرل ڪوڙو ڍونگ رچائي اليڪشن جو محترمه بينظير ڀٽو صاحبه، اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو ته بابا سائين مڪمل ساٿ نڀايو، ڳوٺ بيگن جروار، مبارڪ جروار، مٺو جروار، حاجي علڻ خان لغاري، حاجي بهادر دائيداڻو، ڪئوڙو دائيداڻو، ڳوٺ بچل سومرو ماڇي، مٺو خاصخيلي، محمد عرس درس، محمد علي پرهياڙ، مسوبوزدار، ديهه ٺل ۾ سعيد خان لغاري، غلام حسين لُنڊ، داد جروار، مير خان ٺوڙهو، الهه بخش جروار، علي بخش جروار، ديهه وساڻڪي حاجي ڪريمداد وساڻ، اميد علي بوزدار، بختاور پتافي، يار محمد ميربحر، دين محمد شاهه، خادم حسين شاهه، ديهه ٻائل جمعون ڪاتيار، اسماعيل مهراڻي، واڳوڏر مطلب ته ٽنڊوالهيار جي سڄي ڏکڻ تڪ ۾ بائيڪاٽ مهم ڪٿي پنڌ ڪٿي گهوري تي ته ڪٿي ڪا ٽيڪسي جيپ کڻي عام پبلڪ کي بائيڪاٽ اليڪشن لاءِ سجاڳ ڪيائين.
1985ع مين روڊ ٽنڊوالهيار شيخ ڀرڪيو مان لنڪ روڊ بڪيرا ريگيوليٽر کان عالم کوکر، مقبول ميمڻ، لونگ دل، محمد عرس ٻانهيپوٽو درس کان پنهنجي ڳوٺ الهه بخش جروار تائين، مير عنايت علي خان ٽالپر ٽنڊو محمد خان وارو مقبول احمد ميمڻ جي معرفت تعمير ڪرائي ۽ ان جو افتتاح پڻ ڪرايائين، اهيا جنرل جي حڪومت هئي، افتتاح جي ڏينهن پاڻ بڪيرا ريگيوليٽر تي موجود رهيو، ڳوٺ لاڙڪاڻي جا عزيز ڏاڏا منان خان جروار، رسول بخش گمبو جروار ترسيل هئا، مير اعجاز علي خان ٽالپر ٽنڊو محمد خان وارو به مير عنايت سان گڏ هئا، مير عنايت انو وقت وزير هو، جناب مير محمد خان کوکر حاجي علي محمد عرف علڻ خان لغاري، وڏيرو غلام محمد ٿيٻو، مولاد وارو به گڏ هئا، مون شڪريو ادا ڪيو، تقرير ڪئي بڪيراڻي ريگيوليٽر موري تي.
1988ع تي جنرل ڊڪٽيٽر جهاز 130 سي ڪريش ٿيو ۽ پارٽي بنيادن تي اليڪشن جو اعلان ٿيو، پاڻ پ پ پارلياماني بورڊ کي ٽڪيٽ جي اپلائي ڪيائين. بس لوڪل قوتن کيس ٽڪيٽ کان محروم رکيو.
وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو ڪراچي ۾ مزار قائد تي عظيم جلسو ڪيو جنهن جي ٽنڊوالهيار مان ڪارڪنن جي شرڪت کي يقيني بنائڻ لاءِ منسٽر مسٽر حاجي عبدالستار بچاڻي ٽنڊوالهيار ۾ ايريگيشن بنگلو تي پ پ ڪارڪنن جو هڪ وڏو جلسو ڪيو، جنهن ۾ حاجي محمد پريل خان جروار پنهنجي طرفان ڪارڪنن جي سهوليت لاءِ ڪراچي لاءِ پهچائڻ جو انتظام ڪيو، ٻن بسن جو جيڪي جلسي واري ڏينهن بڪيرا شريف ۽ سڄي يونين ڪائونسل جا پ پ ڪارڪن هليا، ساڳئي ڏينهن جلسي ۾ خادم حسين شاهه صدر پ پ سرڪل کوکر ڪجهه اختلاف به ڪيو، تپيدار جي نوڪرين تان جيڪي بچاڻي صاحب محترمه بينظير ڀٽو طرفان ڪارڪنن ۾ تقسيم ڪيون، بچاڻي صاحب، حاجي صاحب اعتراض ڪيو ته ڪجهه آڊر من پسند ماڻهن کي ڏنا اٿئي، جيڪي اصل ڪارڪن نه آهن، خير ڪراچي جو جلسو ڪامياب ويو، حاجي صاحب کي به ڪارڪن ڪوٽائي هڪ آڊر مليو، جيڪو سندس پوٽي محمد خان ولد محمد صالح کي ڏنائين، پوءِ انٽرويو ۽ ٻي ڪاغذي ڪاروائي تي جي لکبو ته الڳ ڪتاب ٺهي پوندو.
1990ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه وزير اعظم ٿي ته بابا سائين پورو ساٿ ڏنو.
پيپلز ورڪ پروگرام چالو ٿيو ته عبداللطيف انصاري صاحب کي پيپلز ورڪ پروگرام جو ائڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو، بينظير ڀٽو صاحبه، بابا سائين انصاري صاحب کي يونين ڪائونسل جي ترقياتي ڪمن لاءِ دعوت ڏيئي گهرايو، بڪيرا شريف ۾ سندس وڏو جلسو منعقد ڪرايو، جيڪو جلسو ڪامياب ويو، جنهن ۾ آجياڻي کي خطاب دوران بابا سائين کائنس بڪيرا شريف روڊ جي ٽٽل حالت جو ۽ ريڪنسٽريشن جو نه صرف مطالبو ڪيو پر جلسي ۾ کائنس بيڪرا شريف روڊ جي ٻيهر رپيئر ڪرائڻ جو به اعلان ڪرايو، ان تي عمل به ڪرايائين، ساڳيو ڏينهن يونين ڪائونسل جي مختلف ڳوٺن جو دورو ڪرائي ڪجهه پرائمري اسڪولن جو ٻن ٻن ڪمرن جون بلڊنگون به ورتائين پيپلز ورڪ پروگرام جي ايڊمنسٽريٽر جناب عبدالطيف انصاري کان ۽ انهن تي عمل به ٿيو، جن مان ٻه ڪمرا پرائمري اسڪول ڳوٺ الهه بخش جروار ۾ ٺهيا، اڀرندي طرف وارا منجهند جي ماني جو بندوبست بابا سائين پنهنجي ڳوٺ الهه بخش جروار ۾ ڪيو هو، هڪ ڊش برياني ٺهرائي هئي، حاجي خير محمد کوکر، مسٽر عبداللطيف انصاري سميت يونين ڪائونسل جي سڀني معززين ۽ عوام دعوت ۾ شرڪت ڪئي هئي، بڪيرا شريف جلسي جو سڄو انتظام بابا سائين جي هٿ ۾ هو ۽ ڪامياب ويو.
1991ع تي عبداللطيف غلام محمد جروار ٽنڊوالهيار کي سروس جي سلسلي ۾ اسلام آباد گڏ وٺي ويو، مون به گڏ سفر ڪيو هو.
1991ع ۾ ئي غلام اسحاق خان اسميبلي ٽوڙي محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت برطرف ڪئي.
6 جنوري 1992ع صبح فجر آذان تي 10 ڏينهن علالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد ۾ اندازن 80 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين.
ڪل 10 ڏينهن عليل رهيو، 3 ڏينهن گهر ۽ 7 ڏينهن اسپتال، پروفيسر سرجن ڊاڪٽر شاهنواز شاهه هر وقت اسپتال اچي بابا کي ڏسي ڊاڪٽرن کي پارت ڪندو هو، چئي هن ماڻهو پئسو گڏ نه ڪيو، نه ته اڄ حيدرآباد سول اسپتال نه بلڪه لنڊن جي ڪنهن ۾ اسپتال ۾ زير علاج هجي ها.
حاجي محمد پريل خان جروار جي سنگت برادر جو هڪ وڏو حلقو آهي، جيڪو اميد ته ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ تفصيل سان لکبو، ياداشت خاطر ڪجهه هتي به نالا ڏجن ٿا، ملڪ محمد هاشم سومرو ڳوٺ عجائب سومرو لڳ روڊ موري چوهڙ جمالي، ڳوٺ آمري جتوئي جو مولوي خان محمد جتوئي، حاجي محمد ۽ حاجي ستار سومرو، مبارڪ سومرو، ملڪ محمد حنيف سومرو، چاچو جوڳي خاصخيلي طاهراڻي ڳوٺ وارو، نور محمد شاهه، مقيم شاهه، خير محمد شاهه، عبدالستار شاهه وارساڻي، سيد ميون عثمان شاهه جا قبا پير حيدر شاهه، احمد شاهه، اميد علي شاهه، شوڪت علي شاهه، مراد علي شاهه راشدي ٽنڊوالهيار وارا.
حيدر خان ميهاڻي جروار جو پٽ عمر خان مڙئي خدا جو ماڻهو روپئي جو پڪو کيس رڳو 4 نياڻيون ٿيون، 1 فاطمه حاجي حيدر ولد مينهون جيڪو ڀائٽيو هوس، ان جي گهر ۾ هئي، هڪ پٽ ٿيو ۽ ماءُ مري وري، ٻي نياڻي حاجاڻي سهتي حاجي مير محمد جي نڪاح ۾ هئي، نبي بخش ۽ هڪ نياڻي ٿيس، ٽي نياڻي بختاور حاجي جان محمد جي نڪاح ۾ هئي، چار نمبر نياڻي منهنجي پيءُ حاجي محمد پريل خان جي ڏٺل هئي ۽ فوت ٿي ويئي .
1993ع سال آگسٽ مهيني جي ڳالهه آهي، آئون پاڪستان پيپلزاپارٽي سرڪل بڪيرا شريف جو صدر هئس، محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پاڪستان جي وزير اعظم هئي، 14 آگسٽ تي آزادي پاڪستان ملهائڻ لاءِ سڄي ملڪ جي پ پ عهديدارن کي اسلام آباد گهرايو ويو، پروگرام کي تشڪيل ڏيڻ لاءِ پ پ تعلقه ٽنڊوالهيار جي هنگامي گڏجاڻي گهرائي وئي، اسلام آباد ۾ 14 آگسٽ ملهائڻ لاءِ بچاڻي هائوس تي ڪارڪنن جي نالن کي حتمي شڪل ڏني وئي، اتفاق سان ان هنگامي گڏجاڻي ۾ آئون هئس، ڪن ڪمن جي مصروفيتن ۾ نه پهچي سگهيو هئس، منهنجي نالو لسٽ ۾ نه آيو، بڪيرا شريف سرڪل جو جنرل سيڪريٽري جان محمد شاهه بخاري پاڻ ۽ ٻيا هڪ يا ٻه پنهنجي مرضي جا ڪارڪن لسٽ ۾ لکرائي ڇڏيا، آئون پهتس پهرين ته جنرل سيڪريٽري جان محمد شاهه مونکي اعتماد ۾ آندو ته اوهان رهجي ويو، پوءِ مون تعلقه ۾ عبدالطيف مڱريو، اميد علي ناگور سان رابطو ڪيو ته منهنجو نالو لکو ۽ مونکي سيٽ ڏيو، انهن به مونکي جواب ڏنو، اصل ۾ گروپ ۾ مونکي گڏ وٺي هلڻ جو ارادو ڪونه هئن، ان وقت ٽنڊوالهيار تعقلو ۽ اسان جو ضلع حيدرآباد هو، جيئن ته منهنجي ضلعي تائين پهچ هئي، همراهن مونکي جواب ڏئي ڇڏيو، پوءِ مون ضلع سيڪريٽري حاجي محمد عرس سوهو هو، ان سان ڊائريڪٽ مليس جيڪو حاجي امين لاکو صدر سميت مون کي ذاتي طور سڃاڻندا هئا، مون ساڻن رابطو ڪري ۽ منهنجي سيٽ لاءِ ڪنفرم ڪري ڇڏي، جنهن جي ڄاڻ مون تعلقي جي همراهن کي نه ڏني، 11 تاريخ شام رات جو مونکي ڪراچي ڪبير جوکيو پٽ جي شادي جي دعوت هئي، مانجهي جوکيو جي ان ۾ شريڪ ٿيس، 12 تاريخ مون ڪراچي کان واپسي ڪئي ۽ اچي پنهنجي گهر حيدرآباد ٽيون نمبر تلاءَ ٽنڊو طيب گهر نمبر 72/1647 ۾ رهيس، شوڪت علي به گهر هو، پروگرام مطابق شوڪت علي کي گهر حيدرآباد ڇڏي ۽ مون رات ۾ ڪل تياري اسلام آباد جي ڪئي، سيٽ نمبر بوگي ريل گاڏي جو مونکي ملي چڪو هو، خصوصي ٽرين ڪراچي کان پ پ جي عهديدارن لاءِ چارٽر ٿيل هئي، صبح سوير جيسين ٽنڊوالهيار جا ڪارڪن عهديدار پهچن، آئون 6 بجي گهران ٿيلي شاپر ۾ ڪپڙن جو جوڙو کڻي ريلوي اسٽيشن حيدرآباد پهتس، ريل به پهچي چڪي هئي، ڪراچي جهمپير ضلع، بدين ضلع، ميرپورخاص ضلع جا عهديدار ڪارڪن سوار ٿيڻ لاءِ پهتا، مان به پنهنجي نمبر واري بوگي ۽ سيٽ پهرين پهچي ۽ ويهي رهيس، ٽنڊوالهيار جا ڪارڪن ڪو 7 بجي بعد پهچڻ شروع ٿيا، بس پليٽ فارم ۾ ملياسين، مونکي مايوس انداز ۾ چيائون ته بروقت تون ڪونه هئين، نه ته توکي سيٽ ڏيون ها، آئون سامان ٿيلي شاپر سيٽ تي رکي ۽ حيدرآباد جي ڪارڪنن کي پارت ڪري ڇڏي هئي ۽ بي اونو پليٽ فارم ۾ پئي ڦريس.
سڀ سڃاڻون هڪ حيدرآباد ٻيو ٽنڊو محمد خان ۽ هالا تعلقو سڀئي هڪ ٻئي کي سڃاڻون، پهرين سڀني نمبروار سيٽون سنڀاليون، پوءِ هڪڙا سيٽ ۽ سامان وٽ ٻيا پليٽ فارم ۾ پيا ڦرون، 8 وڳي ريل هلڻ لاءِ سيٽي هنئي سڀ ڊوڙي پنهنجي پنهنجي بوگين ۽ نمبر وارين سيٽن تي پهتا ۽ ريل چالو ٿي، جيئن ته منهنجو نمبر ٽنڊوالهيار تعلقي جي بوگي ۾ هو ۽ ريل چالو ٿي اتفاق سان منهنجي نمبر سان گڏ يونين بڪيرا شريف جان محمد شاهه ۽ ٻه سندس دل گهريا به اچي ويٺا، منهنجي سيٽ دري سان لڳ هڪ ماڻهو واري هئي ۽ ٻيا دوست به پنهنجي پنهنجي نمبر ۾ هئا.
سو همراهه ششدر پئي ٿيا ته هن جي بڪنگ اسان ته ڪانه لکائي هئي، ڪيئن اچي ويو، مون تي خاص مهرباني حاجي محمد عرس سوهو ۽ حاجي امين لاکو ڪئي، بس پوءِ اکيون پيون چار ٿين، لڄ پئي ٿئي، خير جو سفر شروع هو، دل ئي دل ۾ ڪجهه همراهه لڄي پئي ٿيا، ٽنڊو آدم اسٽيشن تان ۽ نواب شاهه اسٽيشن تان به عهديدار ويٺا، روهڙي کان به ۽ بعد ۾ ڏينهن به وچين تي پهتو، سفر وڏو هو، کل ڀوڳ لڳو پيو هو، گانا ڪلام پئي ٿيا، حاجي مريد علي مستوئي غزل ٻڌايا ۽ مون گانو ٻڌايو، “ديک تيري سنسار ڪي حالت، ڪيا هو گي ڀڳوان ڪتنا بدل گيا انسان” ٻڌايو، ماٺ لڳي وئي، جنهن همراهه کي آئون سفر ۾ سٺو ڪونه لڳي رهيو هوس، ڏٺم ته ڏاڍو متاثر ٿيو آهي، نالو ڪونه ٿو لکان، جو هلڪائي آهي، منهنجي ويجهن ۽ پيارن مان آهي، مونکي دري جي پاسي واري سيٽ جيڪا نمبر ۾ منهنجي هئي، کيس تمنا ٿي ته آئون اتي ويهان، پاڻ سندس سيٽ نمبر مطابق ٻن ڄڻن جي وچ ۾ ڏکيو ٿيو هو، سو مونکان دري واري سيٽ جيڪا اڪيلي ماڻهو جي هئي طلب ڪيائين، مون به دل ڪوسي سبب نه ڏني، مٿان جو ڪوي پرديپ جو گانو ڳايم ته ڇهئي پيسا ڇڻي پيا، صادق آباد سج لٿو، سڄي رات ڪجهه آرام، ڪجهه کائڻ پيئڻ ۽ ڪچهري ۾ سفر جاري هو، 14 آگسٽ جو صبح 7 وڳي اسان جي ريل گاڏي گوجرانوالا اسٽيشن ۽ بعد ۾ ٻيون اسٽيشنون هلندي 3 وڳي راولپنڊي پهتي، بس يار ڇا ٻڌايان، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه زنده هئي، ڌڻڪا هاسين، راولپنڊي اسٽيشن جي ٻاهران اسان جا ايم اين اي صاحب بسون بيهاريو بيٺا هئا، هر هڪ پنهنجي ڪارڪنن کي عزت آبرو سان ملي ۽ بسن ۾ ويهاريو، اسان ٽنڊوالهيار وارا 5 وڳي اسلام آباد شهر ۾ شايد پيرن سرهندين ڪمرن ۾ ورڇجي وياسين، بي اتفاق منهنجي نمبر جنهن ڪمري ۾ هو آئون ته پنهنجي نمبر تي شاپر ڪپڙن جي رکي قبضو ڪري ويٺس ۽ جن همراهن کي منهنجي حاضري ناپسند هئي، اهي به ان ڪمري ۾ آيا، بس گڏ رهڻو پئجي ويو ۽ ماني ملي، هدايتون مليون، رات فنڪشن ۾ وڃڻ جون، ماني کائي اڃان ڪلاڪ سج هو، ٻهران جائزو ورتوسون، جلسي گاهه ڏي وڃڻ ۽ واپس پنهنجي بنگلي پهچڻ جا رستا ڏسي آياسون، رات جي ماني بنگلي تان کائي ۽ جلسي لاءِ وياسين، جلسو وڏو هو، وزير اعظم صاحبه جي خطاب جو پروگرام هو، کلئي آسمان هيٺ قومي اسميبلي بلڊنگ جي اڳيان ڪيئن مزا هئا، شازيه خشڪ اچي ڳايو ۽ ٻين فنڪارن به پئي واري واري سان ڳايو، شازيه جي ڳائڻ مهل تيز برسات شروع ٿي وئي، جلسو ختم ٿي ويو، برسات سبب سڀ ڪو پنهنجي پنهنجي رهائش ڏانهن ويو، آرامي ٿياسين، پوئين رات سڀ ڪو ننڊ ۾ ٻاهر برسات، تيز هوا ۽ کنوڻ گوڙ جا ٺڪاءَ هجن، اوچتو تيز هوا ۽ گوڙ جو وڏو ٺڪاءَ ۽ ان سان گڏ اسان واري ڪمري جي دري جو تاڪ هوا جي زور تي ڌڙام ڪئي، ٺڪاءَ وڏو ٿيو، سڀ ننڊ هواسين، ڇرڪ ۾ ٽي چار همراهه وٺي ڀڳا، ڪمري جو در هڪ طرف ته همراهه ڀڳا دري ڏي، ڪجهه همراهه هڪ ٻئي کي لتاڙي بيهي رهيا، الله پاڪ جي مهرباني سان آئون پنهنجي بستري تي سڪون سان ويٺو رهيس پوءِ ته ڏاڍي کل پئجي وئي.
صبح 15 آگسٽ اسلام آباد ۾ گذارڻو هو، آئون اڳئي بابا سائين حاجي محمد پريل خان سان گڏ گهميل هئس، مون وٽ پئسا به ٿورا گڏ هئا، ان ڪري مون گهمڻ جي پروگرام ۾ دلچسپي ڪانه ورتي، ليڪن مون وارا همراهه پهريون دفعو آيا هئا، انهن کي شوق گهمڻ جو وڌيڪ هو ۽ مون کي صلاح هنيائون ته پئسن گهٽ ڪري مون انڪار ڪيو، پوءِ سڀني گڏجي منهنجو خرچ ڀريو ۽ مونکي وٺي ويا، آئون واقف هئس ۽ سڀني کي پهرين فيصل مسجد، شڪر پڙيان، پنڊي پئنٽ گهمائي وين ۾ بعد ڪوهه مري لاءِ وياسين، رستي ۾ فرمائش ٿي ته ساڳيو گانو ريل گاڏي وارو ٻڌائي، ٻڌايم ۽ ڪوهه مري گهمي مغرب تي پنهنجي جاءِ جي تياري پڻ ڪرڻي هئي، سو فجر نماز مسجد ۾ پڙهي جو ٻاهر نڪران ته ڪجهه همراهه اسلام آباد رستن ۾ ڦرندي ڏٺم، اڃا پورو ڏينهن ڪونه ٿيو هو، اوندهه اڇي ڏينهن واري هئي، غور ڪيم ته همراهه ڀنگ جا ٻوڙا پٽي وڏيون وڏيون شاپرون پيا ڀرين، ڀنگ جا شوقين هئا، مفت جي ڏٺئون، ريل گاڏي چارٽر هئي، چيڪنگ جو ڊپ ڪونه هو، سو مفت جي ڀنگ پٽي کنيائون.
بنگلي تان بسون 11 وڳي کڻي راول پنڊي ريلوي اسٽيشن پهتيون، نواب يوسف خان ٽالپر جي خاص ڊوٽي هئي، ڪارڪنن کي روانو ڪرڻ لاءِ اسٽيشن تي هو، 1 لڳي 30 منٽن ڌاري گاڏي هلي واپسي لاءِ، ڪارڪنن نواب يوسف خان ٽالپر کي چئي ۽ لاهور گهمڻ لاءِ ريل بيهارڻ جو حڪم ڏنو ته ڪارڪن گهمن، اندازن 3 وڳي لاهور آياسين ريلي بيٺي مگر اعلان ٿيو ته پنهنجي ريل جي حفاظت پاڻ ڪريو، متان ڪو ريل گاڏي ۾ بم نه رکي وڃي، بس ساهه سڪي ويا، ڊپ ۾ مون جهڙا ته گاڏي مان به نه لٿا، پر ڪجهه دوست هڪ ٻئي کي پارت ۽ زمينوار سنڀالڻ جو چئي گهمڻ ويا، هاڻي اسان جون پنهنجون ڪاوڙون ڳوٺ واريون ختم ٿي چڪيون هيون، سو پاڻ ۾ سڀ کير کنڊ جهڙا مٺا هئاسون، هڪ ٻئي تي ساهه پئي ڇڏيوسين، ڪي پري تاءِ ڪي ويجهي تائين گهمي آيا، اميد علي ناگور ۽ مان جڏهن سڀ واپس آيا ته ان کان پوءِ اسين شهر طرف وڃي پنهنجي پنهنجي حال آهر خريداري ڪري آياسين، مون ڪپڙن جا ٻه وڳا خريد ڪيا، مغرب تي ريل گاڏي سفر شروع ڪيو، بس ساهه سڪو پيو هو ته ڪٿي بم نه هجي، سڄي رات سفر ڪري 17 آگسٽ صبح روهڙي پهچي ۽ اڳتي روانا ٿياسين، ائين نواب شاهه ۽ ٽنڊو آدم پهتاسين، ڀنگ وارا ٽنڊوالهيار جا ٽنڊو آدم ۾ لٿا ۽ ٻيا حيدرآباد ريل کي سنگل ڪونه مليو ۽ چئنل واهه وٽ گاڏي بيٺي، ڀنگ وارا رهيل همراهه به گاڏي مان لهي ويا، سنگل مليو، گاڏي هلي، حيدرآباد اسٽيشن پهتي ۽ لهي پنهنجي گهر حيدرآباد آيس ۽ اسان وارا عهديدار به کير کنڊ سڀڪو پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿيو، باقي ريل گاڏي دادو، ڪوٽڙي، ٺٽو، جهمپير ۽ ڪراچي جي ڪارڪن کڻي رواني ٿي.
احوال حيدر خان ميهاڻي جو ٽيون نمبر پٽ حاجي احمد جو، حاجي احمد کي ڳوٺ علي بخش جرورا مان ٻيڙو خان جروار جي نياڻي نالي سياڻي سان شادي ٿي، کيس هيٺيون اولاد آهي، ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي، حاجي جان محمد، حاجي يار محمد، خان محمد ۽ هڪ نياڻي ڀنڀو جيڪا منهنجي چاچي عثمان جي نڪاح ۾ هئي، راقم جي ڏاڏي حاجي محمد پنهنجي نياڻي نالي خديجه خان محمد عرف خانو کي نڪاح ۾ ڏني، مينهون دوئم جي گهرن کي باهه لڳي ۽ وڪوڙي ويئي، حاجي امام بخش مينهون جو پٽ ننڍڙو ٿڃ تي هو ۽ اندر گهر ۾ ديندر جنهن کي منهن رکي به چوندا آهن، ان ۾ ستل هو، ماين دانهون ڪيون ۽ خان محمد عرف خانو رلي پاڻي سان پسائي مٿان وجهي، ٻرندڙ باهه جنهن ۾ ڇت جا ڪاٺ باهه ۾ ٻري ۽ هيٺ پئي ڪريا، هر شي کي باهه وڪوڙي وئي هئي، خانو يڪي همت ڪئي، ديندر منهن رکي کي اڇل ڏيئي، امام بخش کي پاڻي پسيل رلي ۾ جلدي مٿان وجهي ويڙهي ٻاهر سلامت کڻي آيو، ليڪن کيس باهه جي وڏي چوٽ اچي ويئي، مڙس جا مٿي وار وڏا هئا، اهي به سڙي ويا، پاڻ انهي باهه وگهي مهينو کن گذاري راهه رباني هليو ۽ کيس هڪ پٽ ماءُ جي تڃ تي هو اهو به پٺيان جلدي گذاري ويو ۽ صدمي ۾ گهرواري خديجه به گذاري وئي، سڀني کي آباڻي قربستان شاهه عنايت ۾ دفن ڪيو ويو.
حاجي جان محمد حاجي احمد جو پٽ پنهنجي رزق ۽ مال مويشي سنڀاليدو هو، سندس نڪاح ۾ سڳي چاچي عمر خان جي نياڻي نالي بختاور هئي ۽ کيس چار پٽ ۽ ٻه نياڻيون ٿيون، هڪ نياڻي ملن ۾ ۽ هڪ خميسو ولد گلڻ کي نڪاح ۾ ڏنائين، نمبر وار پٽ سانوڻ پاڻ حاجي هاشم جي نياڻي پرڻيو ۽ کيس صديق، الهجڙيو، خانو ۽ حاجنين پٽ آهن، صديق ٽيوب ويل بجلي ۾ ايڪسيڊنٽ ٿي گذاري ويو ۽ وري ٻيو پٽ ڄائو، جنهن جو نالو صديق رکيو اٿس، پاڻ حاجي بچو صاحبخان جي ڳوٺ وارو سان رفيق پيدل حج جي سفر تي ويو، رستي ۾ ٿڪي پيو ۽ واپس آيو، حاجي بچو حج پڙهي پوءِ آيو.
ٻيو نمبر پٽ حاجي جانو جو پير بخش ملن مان حاجي عزيز ملون جي نياڻي سان شادي ڪئي، جنهن مان اولاد رسولو ۽ سائين بخش آهن، پاڻ استاد محمد عثمان ڀٽي کان پڙهي فائنل امتحان ڏيئي ماستري جي نوڪري بدين جي ويجهو ڪيائين، لنئواري وارن جو اثر هوس، محنتي استاد به اهڙو جو آخري وقت ڳوٺ الهه بخش جروار ۾ بدلي ٿي آيو ٻيا ته رهيا پر پنهنجي پٽ رسولو به نه پڙهائي سگهيو ۽ بدلي ڪرائي نئون اسڪول بڪيراڻي ديهه جي 32 بلاڪ جهنگ ۾ اسڪول منظور ڪرائي، چاچي حاجي جان محمد جي گهر جا ٻار وٺي يعني سندس فيملي جا ٻار وٺي ويو، حال اهيو جو سڳو پٽ ٻيو سائين بخش به نه پڙهائي سگهيو ۽ سڄو طور 10 سالن جي ٻارن جو کاري ڇڏيائين، يعني اڻ پڙهيل رهيا، کيس رڳو پگهار سان پيار هو، جيڪو کڻندو رهيو ۽ وڃي رٽائر ڪيائين، پينشن جو حقدار ٿيو جيڪا اڄ ڏينهن تائين ملي پئي، هڪ جيپ وٺي ڊرائيوري سکي ۽ بعد ۾ ڊاٽسن پڪ اپ وٺي ڪرايو ڪمائڻ لاءِ سازگار ماحول مليو اٿس، ڏيٿا اسٽيشن حيدرآباد روڊ اسٽاپ تي ايڪسيڊنٽ ڪري ناريجاڻي جي پاسي جو الهجڙيو جت ايڪسيڊنٽ ڪيائين، جيڪو سول اسپتال حيدرآباد ۾ گذاري ويو، پير بخش ٽنڊو ڄام لاڪپ ۾ پوليس وٽ بند بروقت رسولو ۽ گل محمد چاچو ڀائيٽيو منهنجي بابا سائين وٽ حيدرآباد جڳهه تي پهتا ۽ احوال ڪيائون ته مڙس جي ملاقات به بند آهي، بابا انهي وقت رئيس عبدالرزاق خان نظاماڻي ۽ چاچا حاجي محمد خان نظاماڻي کي ٽنڊو قيصر نياپو ڪيو ۽ انهن پير بخش کي شخصي ضمانت تي لاڪپ مان آزاد ڪرايو ۽ الهجڙيو جت اسپتال ۾ گذاري ويو، پروفيسر سرجن سيد اظهر حسين جو ڪمدار هو، سرٽيفڪيٽ نڪتو ته وري پيربخش لاڪپ، بابا کي حيدرآباد اچي ٻڌايو، گلو ۽ رسولو سان بابا ارجنٽ ٽنڊو قيصر نظاماڻين موڪليو ۽ ناريجاڻي مان چاچا ڪيوڙو خان، عبدالمجيد جو پيءُ گهرائي چاچي حاجي محمد نظاماڻي کي گڏ کڻي ڳوٺ ناريجاڻي پهچي الهجڙيو جت جي فاتح ڪري ۽ خون بخشائي پوليس جو ڪيس هلڪو ڪرائي ۽ ڪورٽ مان ضمانت ڪرائي، آخر بخشش آڌار ٿي، ڪيس ڪورٽ ۾ ختم ٿيو، گل محمد عرف گلو گڏ هو، رسولو کي سڄي خبر آهي، ننڍڙو ڪونهي، الاهي ڪم آيا آهيون، همراهن قدر سڃاتو آهي، وڏا لائق ۽ سچار آهن، دنيا فاني آهي، پيربخش راهه رباني هليو، کيس آباڻي قبرستان شاهه عنايت ۾ دفن ڪيو ويو.
احوال چاچي حاجي جان محمد احمد جو، پاڻ ۽ سندس ڀائٽيو رسولو ڪاوڙيا، عبدالباقي صاحب انجنيئر مٿس وڏو مهربان هو، ان ٻني تي وڃڻ لاءِ چاڪر واهه تي هڪ موري تعمير ڪرائي، جنهن جو سبب ٻني تي وڃڻ جو رستو رسولي سندس ڀائٽي بند ڪري ڇڏيو هو ۽ عبدالباقي صاحب سئوٽ احمد تي مهربان هو، ٻيا به ڪيترائي ڪم احمد جا ڪيائين، جائز گهٽ ناجائز الاهي، سئوٽ احمد کي به اولاد آهي، خوش هجن.
رسول بخش عرف رسولو ولد ماستر پير بخش ميهاڻي جروار سڱ ۾ منهنجو ڀائيٽيو ٿئي، مختصرن ته 1992ع ۾ منهنجي ڀاءُ حاجي شير محمد جي زمين ديهه ستياري 151 ۾ جي سي او ڊي ڪمپني تيل گئس لاءِ ڪم ڪيو، پوءِ واسطيدار هر هڪ کاتيدار کي پنهنجي پنهنجي حصي جو اڻ ميو پئسو ڏنو ۽ جنهن جو جهڙو ضمير هو ان پنهنجو حق ڪمپني کان جائز ناجائز طريقي ورتو، منهنجي سئوٽ احمد ولد حاجي جان محمد ۽ احمد جا ڀائيٽيا انهن جي به مهاڳي مان رستو ڪمپني ڪڍيو ۽ ماپ مطابق کين به ورڇ ملي، پئسا واسطيدار کاتيدار لالچي بس حدون اُڪري ويا، بس پئسو بس پئسو ڪمپني مان ڪڍڻو آهي ۽ خدا پاڪ سڀني کي پنهنجي قدرتي طاقت ڏيکاري جو اڌ ڇڏي سڄي لاءِ پي ڊوڙيا، ڪمپني جو ويل فيل ٿيو، هوندي سوندي هن کان پهرين به ساڳئي ديهه ۾ چار پنج نمبر پنڌ جا 6 فرلانگ تي ڪمپني جو 9 مهينا پهرين هڪ ويل رنگ فيل ٿي هئي، لوڪل عوام کي سڄي خبر آهي.
سروي ۽ 2016 يا 217 ديهه ستياري ڳوٺ محمد درس سان لڳ هڪ ويل رنگ ڪمپني جي فيل ٿي چڪي هئي، ساڳي ڪمپني جي ٻي رنگ ويل ساڳي ديهه ۾ فيل ٿي، انچارج آفيسر مسٽر نور محمد مون کي گهرايو، آئون ويس، مليو، سندس ڪاروان ۾ وٺي ويو، ريفريشمينٽ ٿي، لوڪل همراهه به مونکي ڏسي بنا دعوت شامل ٿي ويو، جنهن تي مسٽر نور محمد صاحب مائينڊ ڪيو، روبرو ڪجهه چئي نه سگهيو، مگر چيائين جروار صاحب اوهان جا پاڙيسري سٺا نه آهن، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته منهنجي رنگ ويل فيل ٿي ويو آهي ۽ هتي منهنجي هر شئي چوري ٿي آهي، بجلي، پائپ، سيمينٽ، مزدورن جا چمپل، راند ڪرڻ جي پلاٽ گرائونڊ ۾ والي بال جي نيٽ لڳل به چوري ٿي پيو، ڇا ڇا ٻڌايا ايف آئي آر ڪٽائي سگهيم پي، ليڪن ان ۾ اوهان کي شاهدي ڏيڻي پوي ها ۽ اوهان عزت وارا ماڻهو بي سبب شنوائي جو چڪر ڀريو ها، ان ڪري ڪيس نه ڪيم، سور پي ويس، منهنجي ڪمپني فيل ٿي واپس وڃي رهي آهي، هي سامان اوهان جو آهي، پنهنجو سنڀاليو، اوهان پري آهيو، مال چوري ٿي ويندو، منهنجي پاڙيسري ۽ اسان ٻه ڀاءُ ياسين (مان) ۽ شير محمد گڏجي حيدرآباد گهر وياسين، اسان مصلحت کان ڪم وٺي 75 سيڪڙو مال ۽ خرچ پنهنجي زمي ڪيو ۽ 25 سيڪڙو مال ۽ خرچ پاڙيسرين جي زمي ڪيو، اهيا ٻي ڳالهه آهي ته ان تي عمل نه ٿيو، ڪنهن غلط ڪيو، ڪنهن صحيح ڪيو، انهي جا ڪيئي سبب هئا، اهيو الڳ مضمون آهي.
اصل مقصد لالا مال خلاص، رستو اچ وڃ جو جنرل ڪم پيو ڏيندو هو، زمين سئوٽ احمد جي بعد رسولو جي، جيڪا الهندي سڌو اچي موجوده موري پُل واري جيڪا واهه جي موري تي آهي، اتي دنگ روڊ سان ملندو هو، ڪمپني جو رسول اڻبڻت سبب رستو بند ڪيو، ٻي واهه ڪانه هئي ۽ مسجد شريف مهاڳو سندن ليڪن زمين بڪيراڻي مائنر جي سرڪاري، بس استادن جي چوڻ تي راتو رات مسجد شريف جو بنياد ۽ تعميرات ٿي وئي.
1995ع ٻه سال اڳتي هلي سئوٽ احمد جو رستو سندس ڀائٽي رسولو بند ڪيو، ان الڳ کان هڪ پُل اندازن ٻه هزار خن فٽن تي ايريگيشن مان منظور ڪرائي، سئوٽ احمد کي تعمير ڪرائي ڏني، ڇو جو احمد کي بند ٿيل رستي کان سواءِ ٻي ڪا به واهه نه هئي، ائين سئوٽ احمد جي 4 ايڪڙ 7 گهنٽا زمين رستو ٿي ويو، سئوٽ احمد مهاڳي واري سرڪاري زمين جيڪا بڪيراڻي شاخ سندس مهاڳو ۽ حق هو، سو حاجي محمد يوسف عرف حاجي محرم درس کي وڪرو ڪري ڏيئي ۽ پئسا وٺي ڇڏيا، سئوٽ احمد رضا الاهي سان وفات ڪئي، 18 سالن بعد ٻڌو اٿم ته سندس پٽن زمين رسول کي وڪرو ڪري ڇڏي آهي، پاڻت ۾ سئوٽ آهن، جنهن هينئر 2017ع جنوري ۾ عوام عام کي ڪم ايندڙ رستو مشن کان ڀڃائي ختم ڪري ڇڏيو، مونکي ذهني صدمو ٿيو ۽ هي تاريخ ڳالهه ڪتاب ۾ لکي ڇڏيم، هر هڪ کي پنهنجي زمين ملڪيت مٺي آهي، پر ڪجهه پاڙي جو ننگ به ڏسبو آهي، موري وارن جروارن مٿين واقعن کان بعد 2003ع ۾ ڳوٺ ٻڌو آهي، آباد ڪيو آهي، پهرين ڳوٺ الهه بخش جروار ۾ ويٺل هئا.
هاڻي احوال چاچي حاجي جان محمد جي پٽ گل محمد عرف گلو جو، پاڻ به ٽي درجا سنڌي پڙهيل آهي ۽ پنج ئي آڱريون برابر نه آهن، ڪجهه برداشت وارو آهي، کيس به اولاد آهي، صالح آهي ۽ نيت ٺيڪ اٿن، حاجي نبي بخش جا سئوٽ سان گڏ ماسات پڻ هئا ۽ سدائين گهر ۾ وڏو گوڙ ڪندا هئا، پوءِ حاجي نبي بخش کين ڇلگري سڏيندو هو ۽ مشهور ٿي ويا، ته ڇلگرين جو پاڙو آهن.
چاچي حاجي جان محمد جو ڀاءُ ۽ حاجي احمد جو پٽ چاچو حاجي يار محمد، سندس شادي ميان جي حاجي پروز جي گهران ٿي، کيس ٻه پٽ حاجي علي محمد، حاجي ابراهيم ۽ ٻه نياڻيون هڪ منهنجي سئوٽ محمد صالح جي نڪاح ۾ هئي ۽ هڪ احمد خان، حاجي وسايو جي نڪاح ۾ شاديون ڪري ڏنائين، ٻانهيپوٽن ۽ سمن واري بيت ۾ سندس نالو آيو آهي، “يڪي سان يار محمد کي آهي قندار کي ڪرڙائي” اتان پرکيو وڃي ته ڪنهن سان ڪونه ٺهندو هو، سئوٽن ۽ ڀائٽن سان هرگز ڪانه پوندي هئي، سدائين ڪو نه ڪو بهانو ۽ جهيڙو هوندو هوس، نيٺ سڀني بيزاري کي کائنس سڏ سلوڪ کان پري ٿي ويا، پوءِ ڀاءُ حاجي جان محمد سان بهانا ڪريو جيهڙو مچائيندو هو، انهي به بائيڪاٽ ڪيو، پوءِ ڳوٺ مان لڏي وڃي پنهنجي ٻني جيڪا ڳوٺ کان الهندي ميل فاصلي تي پراڻه کيسانه واهه جي ڪپ سالن اتر طرف جايون ٺهرائي رهيو پيو هوندو هو، چار ٻار پنجين اهليه ڇهون پاڻ، يڪي سفر ۾ حج ڪيائون، پاڻي جي جهاز ۾ چئن مهينن جو سفر هوندو هو، وري آيو ۽ جيپ خريد ڪيائين، آخري سالن ۾ وري وڪڻي ڇڏيائين، وڏي پٽ حاجي علي محمد کي 3 شاديون ڪرايائين ۽ جدا ڪري ڇڏيو هيائين، الڳ کائڻ پيئڻ رهڻ، ٻن پوين شادي مان اولاد به آهيس، سندس ٻيو نمبر پٽ حاجي ابراهيم گڏ رهندو هئس ٻني تي گهر اوطاق سڀ ڪجهه اتي هوندو هو.
خميسو گلڻ جو پٽ انگريز حڪومت آخر ۾ جمعدار پوليس بي سبب جهليو، هڪ لغاري وچ ۾ ضامن وجهي جعمدار کي رشوت ڏئي خميسو کي ڇڏائي ۽ بعد ۾ جمعدار تي ڪيس رشوت وٺڻ جو ڪري ڪيس کٽيائين، ڪنهن تيڪو احسان ڪندو هو ته پوءِ اهو ڦاٿو، جهيڙو هروڀرو اشرافن سان ڏاڍن کان پري رهندو هو، پاڻ پيري ۾ آخري وقت شادي ڳوٺ مصري جروار مان ڪيائين ۽ ٻه نياڻيون ٿيون، هڪ رسولو کي ڏنائين هڪ واپس ساهوريجن پنهون جي پٽ شفيع کي ڏنائين، اولاد اٿن، گڙدي جي سور ۾ رات جو وفات ڪيائين، صبح اطلاع تي وياسين ۽ اباڻي قبرستان سيد شاهه عنايت ۾ دفن ٿيو ۽ سندس ٻيو نمبر پٽ حاجي ابراهيم ٻني واري اوطاق ۽ گهر ڇڏي اچي ڳوٺ ۾ رهيو آهي، کيس نياڻيون ۽ ٻه پٽ جاويد ۽ مجاهد آهن، پاڻ حاجي ابراهيم پيءَ وانگي موقوف جو سخت آهي.
بڪيرا شريف ۾ قلندر قائم الدين قريشي اسدي هاشمي جو موجوده سجاده نشين، حضرت پير صديق محمد شاهه آهن، موجوده درگاهه شريف جو اڳ ۾ درگاهه اتر پاسي واري مسجد شريف به پاڻ پوري رنگ جا ڳاڙها قدبت مرادڻون مناسب ڪچهري جو خان، ڳالهائڻ جو لهجو سندن شايانه شان کل واري ڪا ڳالهه ٿي ته وڏا ٽهڪ ڏيئي کلندو آهي، هڪ دفعو ايوب خان دور ۾ پاڻ يونين ڪائونسل ان وقت کوکر جو چيئرمين جي اليڪشن ۽ ضياءَ جي دور ۾ غير سياسي بنيادن تي پي ايس جي سيٽ الڪيشن ڪئي، ٻئي اليڪشنون کٽي نه سگهيو، منهنجي والد ۽ منهنجي عزت ڪندو آهي، هڪ دفعو بابا وٽ ڪچهري تي ڳوٺ اچي اوطاق تي ڪچهري ڪئي، رات جي دير ٿي خليفن کي بڪيرا موڪلي ڇڏيائين، جيڪي وري صبح 9 وڳي پهتا، پاڻ ڪچهري ڪري بابا وٽ اوطاق تي ٿڪي سمهي آرام ڪيو، 10 بجي اٿي ڪپڙا بدلائي ناشتو ڪري دير تائين ڪچهري ڪري 12 وڳي منجهند بڪيرا شريف ويو، منهنجي پٽ شوڪت علي جي وفات تي 2010ع ۾ مون وٽ دعا فاتح لاءِ شام 5 وڳي عيسيٰ خاصخيلي واڍي سان گڏجي آيو، ڏک ۾ شريڪ ٿي واپس ويو.
سائين بقادار شاهه جا پوٽا، بقادار شاهه عرف پير بقن شاهه پير نبي بخش شاهه ۽ محمد اياز شاهه سڀني پيرن کان سندن پرورش تمام خانداني ٿيل آهي ۽ هر ماڻهو کي هر سکي توڙي ڏکي وقت ۾ ڪم اچن ڪيترن مختلف ماڻهن کي نوازي نوڪريون وٺي ڏنائون، ليڪن پاڻ پنهنجي خانداني قائم رکندا اچن، مون سان سندن انتهائي عقيدت ۽ پيار آهي، آئون به کين پنهنجو سمجهان، پير اياز ۽ نبي بخش شاهه اسان ٺٽه محمد صالح سومري جي دعوت کان واپسي تي ڪار نبي بخش ۽ ڀائرن جي هئي، نئين ٻارڻ ۽ ڪلري بگهاڙ فيڊر عرف ڪراچي واهه جو سائيفن ڏسڻ وياسين، خوف ناڪ جاءِ هئي، واپسي ۾ سائين اياز شاهه کي چيم سائين ڊپ ٿيو يا نه، سائين اياز شاهه چيو چاچا حاجي اوهان گڏ هئا ۽ مونکي ڊپ نه ٿيو، اتي فوٽو به ڪڍياسين، موبائيل تي ۽ منهنجي آئي ڊي تي اپ لوڊ ٿيل آهن، منهنجي وڏي عزت ڪندا آهن ۽ آئون به کين وڏو سمجهندو آهيان، عمر مطابق الاهي ننڊا آهن، الله کين خوش رکي آمين.
پير تاج محمد شاهه کي ٻه پٽ هئا، هڪ پٽ پير مقبول شاهه هڪ دفعو يونين ڪائونسل کوکر جو چيئرمين چونڊايو، رئيس دوست علي خان کوکر بڪيرا شريف شهر کي ورسايائين، ٻيو پٽ پير محمد اشرف شاهه قدبت جو هلڪو سهڻو مڙس آهي، شاهد علي ۽ شاهزيب شاهه اسان کين عزت ڪندا آهيون ۽ پاڻ به ڀائين ٿا.
ڳوٺ پانڌي خان جروار ۾ ميهاڻين واري پاڙي مان جن سان منهنجي ويجهڙائپ رهي، انهن ۾ محمد پناهه خان جروار تمام معتبر نالي وارو باهمت هو، سندس هڪ وڏي تاريخ آهي، پاڻ پٺيان پٽ محمدصالح، محمد اڪبر، محمد اصغر، احمد نواز ۽ ربنواز ڇڏيا آهن. سڀ پنهنجي ليکي خانداني ٻار آهن، محمد اڪبر خان پيءَ وانگي راڄن ۾ اٿي ويٺي ۽ عزت جو مقام رکي ٿو، سندس وڏي تاريخ آهي، کيس ٻه پٽ سجاد ۽ محمد پناهه نالي آهن، الله سائين خوش رکين، الهورايو خان عرف ڏاڏا منان خان ڪير سڏائي، وڏو راڄوڻي سڏ سلوڪ وارو هو، گهوڙن جو شوقين، سدائين پنهنجو ٽانگو جنهن کي اتي ٻگهي سڏين، پنهنجي چڙهي لاءِ رکندو هو، ڪچهري جو سدا ملوڪ، محمد پناهه خان جي اوطاق تي رهندا هئاسين، سڄو ڳوٺ ڪچهري تي ايندو هو، ملان رئوف، ماما لائق، ممتاز، رسول بخش گمبو، نور محمد، نيڪ محمد، نصير خان، حاڪم علي، چاچي جان محمد جا پٽ محمد بخش، عرض محمد، حاجي محمد علي، مينهون خان، حاجن، ديدار علي، مختيار . محمد علي، حاجن ۽ انور جيڪي قرب مديني شريف ڪيا، وسارڻ جا نه آهن، وڏيون سوکڙيون ڏنائون، جڏهن 1980ع ۾ انور محمد ياسين ۽ محمد يوسف ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ٻڌجي پياسون ته محمد اڪبر خان ۽ عبدالمجيد جي خصوصي ڊوٽي محمد پناهه خان لڳائي، اسان جي ماني ۽ ڪپڙا ڊيلي پهچائڻ 90 ڏينهن مسلسل ماما لائق خان ڪچهري جو سدا ملوڪ گهميل هو، امداد علي به ايندو هو، چاچو غلام رسول جروار کيس سرائي سڏيندا آهن، وڏو همت وارو هو، سندس پٽ ممتاز، معشوق ۽ سڪندر هر وقت ڪچهري ۾ حاضر هوندا هئا، ڪڏهين ته محمد بچل خان جروار نئون ديرو کان ڪچهري لاءِ ايندو هو ۽ سندس ڳوٺ جهان خان جروار عرف سانول ته سمجهو سڄو ٽنڊوالهيار جو تر وٽس بڪ هوندو هو، محمد آچر خان جروار رتو ديرو جو وڏو پيار ڪرڻ وارون مان آهي، سردار علي خان جروار، محمد علي خان ڀوتار ۽ شوڪت علي وساريو بيان بي وزن ٿيندو، سڀني جي الڳ الڳ تاريخ آهي، حياتي تندرستي ساٿ ڏنو الله مهربان ٿيو ته انشاءَ الله ٻئي ڀاڱي ۾ پورا پورا تفصيل ڏبا، اسان وٽ ٻچن سميت اچن ۽ اسان به ٻارن ٻچن سميت خوشي غمي ۾ شريڪ ٿيون ٿا.

اتران اُٺي آئيو وساڻڪي تي وري
ڀڄائي بڪيرن کي ڊاڳ مٿي ڌري
پڌري ۽ پلر مان سڀ ڀري
اڇلي آب سري سدا ستياري تي

***

بڪيراڻي ڀون کي ڏنو آب اولياءَ
جمال واهه زور وهي کيساني کنڊڪيا
سَري ۽ سون واهه پلٽي ٻئي پيا
ڌڌڪي جيئن درياءَ سدا ۽ سرفراز ٿو

(هي بيت شفيع محمد يا نور محمد مينهون جا چيل آهن، ڪتاب اذ ڪار قلندري جي 335 تان کنيل)