رستماڻي جا هُرلا، ڪاڻو ڍڳو ۽ مڱڻهار هاري
ساراهيان سچو ڌڻي سائين رب ستار
هلي ڏس هرلن جي ڪسي تي به قطار
هئا هُرلا مهڙ ۾ جو آهي خان به خبردار
پر مَنههَ تنهن مڙد جو هو جوڙو وڏي جنسار
هاري بيهاريائين حرس ڪري هوا ڪُوپا سڀ ڪنڌار هئا
پر جَوڳون تنهن جوان جون هيون پڙ ۾ پلٿي دار
پر ڪاڻون منجهن هو هڪڙو ڏاند به ڏانڊيدار
پر بچو نالي بانڪو هو هو مڙد به مڱڻهار
تنهن جي هئي ڪاوڙ ڪاڻين تي جنهن هو ڀڳو اڳوڻو اتبار
هاڻي سورهه ڪر سنڀار تون مار نه مون محتاج کي
چيئين ادا ڇو ماريان تو محتاج کي پر تنهنجي وهڻ ۾ ويچار
تون هلين پيو هرلي ۾ ڄڻ گهمين پيو بازار
نڪو آهي پاڻي پاڙڇي ۾ نڪي لوٽي جي للڪار
تون کائڻ مهل خوش پيو ٿين ڪرائين اٿڻ مهل آڌار
هل اٿي هرلي ۾ تون ڌيان پنهنجو ڌار
جي نه ته مُٺا ڏيئي مارائو سٽيندو سين سونٽن سان
چيئين ادا سٽيندين سونٽن سان ته آئون به وهڻ سان ڪندس وس
آئون اڳيئي آهيان اڀرو ٻيو بٺن ڪيو آهي بس
کارائي آڻي خوشيءَ مان ڪو ڀري ڏاري جو تس
جي نه ته لوٽا کولي ڇڏ لس ته آئون هلي ڏيکاريان هرلي ۾
چيئين هلي تنهن هرلي ۾ ڪر وهڻ تي وارو
نه ته آئون ٿو ڪريان سڏ سهراب کي جو آهي سورهيه سوڀارو
سو ماري ڇڏيندئي مُڪن سان جيئن سٽجي ساندارو
پوءِ وڃي اٿاريندو علي مراد کي هو آهي ڪو فتي ڪرارو
رهزن آهي رستماڻي جوان به جلبي وارو
سو گڏي ڇڏيندئي گلامي سان هو ڪندئي ويساهن جو وارو
نه ته ڇڏي کٽل کاپارو تون هل اٿي هرلي ۾
چيئين ادا هلان ٿو هرلي ۾ تون سورهه ڪر سماءَ
بچو ڇڏ بهش کي تون وَڙان ڪين وڃاءِ
هلي مڙد ويهه مَنجي تي تون داناءَ ڪر دلجاءِ
آئون هلان ٿو هرلي ۾ پوءِ ڏس پاڻي جا پلٽا
پر بک مونسان آهن بيديون ڪيون ٻيو اندر نه آهن آنڊا
جيڪڏهين وٺا منيهن هن ملڪ تي ۽ سانوڻ ڪي سجهندا
جوڙا مڙئي جروار چئي وڃي چانگا اتي چرندا
پوڃاڙي جو هنن پڙن تي ڪي اَرڏا ٿي ايندا
پوءِ منهن پوندين منڱتا ته آئون به دَسيندوسين در تي
چيئين جي دسيندين در تي آئون به آهيان بچو بي پرواهه
ڪاڻان منهنجي ڪاوڙ جي توکي ڪل نه آهي ڪا
آئون سٽيندو سين سونٽن سان ڏيندوسئين باهه بانٺن جي
ڏيئي باهه بانٺن جي چُٽائيندوسين چٽا
پوءِ موڳا تون مُٺا ديوال تي ڪنداسون ڪاتين جا ڪٺا
پوءِ ڪاڻا تون ڪُٺا ڪرين پيو بهش بانڪن سان
چيئين ادا ڇو نه ڪريان بهش بانڪن سان ايندس ڪوڏ منجهان ڪاهي
مِهڻو توکي منڱتا اهيو اک جو آهي ايندي پاڻهي آهُري تي کڻي ڪُتر ڪڏائي
تنهن مهل ڏيئي سڱ سيني کان آئون ڇڏيندو سين ابتو اٿلائي
داناءَ انهي ديوال ۾ بيٺو پاڏو پڏائي
آئون مڙندس ڪين ڪي مجيري کان ۽ چوندس ٻروچ کي ٻولائي
پر مونکي مرض هي وڏو ڪو اڀرائي جو آهي
جي نه ته ڇڏيئين ها ڄٽ به ڄمائي آئون پهرين انهن پڙن تي
چيئين پهرين انهن پڙن تي تو ڄٽ به ڄمائي
اسين مڙد اڳي ماٺيڻا تون وڃين ٿو مڙني کي مڃايو
ماري تن مکين وٽ توکي اتي ڇڏيو پرهياڙن پنائي
هاڻي سيٽ نه ڪر سهراب سان ڏيندئي سونٽو به سجايو
پيو هوندين پڙ تي تون اکيون اُپٽائي
اسين مڙئي چونداسون مجيري کي ته کڻي ڪاڻو ڪهايو
چڙهي هن جي چم مان کڻي ٺاهوڪي ٺهرايو
انهي جنگ ۾ جروار چئي عرس مٿان آيو
مڙد مٿان آيو وٺي وقوف سان تو سوداگر ڪر سايو
ناڻون تنهن نر تي هو ٻروچن ٻڌايو
وجهي واڳ وقوف سان تنهن قرب منجهان ڪاهيو
داناءَ اندو در تي تنهن مهل هو تازي تاڻايو
وڃئي ٿو رهزن رکايو ڪو جنگ انهيءَ جاءِ تي.
***