تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مختصر تاريخ ”تپو کوکر“ [ڀاڱو پهريون]

ڪتاب ”مختصر تاريخ ”تپو کوکر““ اوهان اڳيان پيش آهي. هن تحقيقي ڪتاب جو ليکڪ محمد ياسين جروار آهي. هن ڪتاب ۾ تپو کوکر جي تاريخ، ڪجه سفرناما، ديھن بابت معلومات ۽ لوڪ بيت شامل ڪيا ويا آھن. ڪتاب مان جن شين حيران ڪيو تن ۾ شجرا ۽ نقشا آهن، شجرا ٻن صدين کان به مٿي جا ڏنا ويا آهن، هن ڪتاب ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن جا شجرا شامل آهن، جن جي نالن سان ڳوٺ ٻڌا ويا، انهن جي 11/10 پيڙهن جا نالا ڏنا ويا آهن، ان مان خبر پئي ٿي ته هن وقت خاندان ۾ ڪير آهن ۽ ڳوٺ جا اصل پڳدار ڪير آهن.

ڪتاب ۾ کوڙ شجرا بہ ڏنل آھن، جيڪي پي ڊي ايف ڪاپيءَ ۾ ڏسي سگھجن ٿا.
Title Cover of book مختصر تاريخ ”تپو کوکر“ [ڀاڱو پهريون]

ڪوئي ۽ هارين جي جنگ

بيت بابت وضاحت: ماما علي محمد “علڻ” جروار ميهاڻي رهندڙ ڳوٺ صاحب خان جروار ديهه سهڻا بڪيرا تپو کوکر تعلقو ٽنڊوالهيار ضلع حيدرآباد، جيڪو پنهنجي وقت جو ڏاڍو مڙس هوندو هو پوءِ مڙئي دنيا جي شڪايتن ڪري مذڪوره زميندار حاجي محمد پريل خان جروار جو سئوٽ پڻ هو ۽ سنڍو به، تنهن مڙئي ڪوشش ڪري کيس مصروف رکڻ لاءِ پنهنجي زمينداري ۾ ڪمدار ڪري رکيس، انهي لاءِ ته روزي کي به لڳو پيو هوندو ۽ مصروفيت سبب ٻاهر گهمڻ به سندس گهٽجي ويندو ۽ شڪايتون به ڪين ملنديون، سمجهو ته ٻائي جو ٻائو تيوڻ جو لڳ ڀڳ 57-1950ع ۾ ملڪ کي پارٽيشن ٿئي ڪجهه سال گذري چڪا هئا ۽ آدم شماري سبب ملڪ ۾ اناج جي قلت محسوس ڪري حڪومت گهڻو اناج اپايو مهم شروع ڪئي، جنهن تحت برانچ مان ماڊولن کي چراند ڪونه ڪندا هئا، ليڪن آب ڪلياني جي موسم دوران برانچ مان الڳ خلاسا پائپ ۽ گنديون وڏن زميندارن کي منظور ڪري ڏيندا هئا، جيئن موسم جي مناسبت سان اناج پوک ٻاجهر جي آبادي ڪري ۽ ملڪ کي اناج جي سلسلي ۾ خود ڪفيل بنائي سگهجي.
انهي سلسلي سان حاجي محمد پريل خان جروار جي به ان وقت وڏي زمينداري ديهه بڪيراڻي ۾ هوندي هئي، سندس درخواست تي ايريگيشن کاتي جي انجنيئر صاحب کيس چاڪر واهه مان پائپ نل لڳائڻ جي اجازت اختياري ڏني، جنهن تي نل لڳائي چاڪر واهه مان پاڻي حاصل ڪري ۽ وڏي ايراضي تي ٻاجهر جو فصل اناج پوک ڪئيو ويئي، الله جي مهرباني سان پوک تمام سٺي ٿي، ڪافي اناج پڻ حاصل ٿيو ۽ ان سان گڏ ٻاجهر جو گاهه ڪانا به الاهي ٿيا، هارين جا مال سڄو سال گاهه لاءِ پريشاني کان ڇٽا، آب ڪلياني موسم پوري ٿيڻ تي نل کي ڪڍي بند ڪيو ويو، حياتي جا رنگ سال ڦري وري ساڳي موسم آب ڪليائي جي آئي ته زميندار حاجي محمد پريل خان جروار ڪمدار ۽ هارين سان صلاح ڪئي ته هن سال به چاڪر واهه مان نل جي منظوري وٺي ۽ وري به ٻاجهر جي پوک ڪجي، همراهن کي اڳئي سال به سٺو فائدو ٿيو هو، تن خوشي سان هائوڪار ڪئي، تنهن تي ڪمدار علڻ کي چيائين ته آئون نل جي منظوري وٺي ٿو اچان ۽ توهان گڏجي پاڻ ۾ صلاح ڪري پاڻي ۽ ٻاجهرر جي پوک لاءِ تياريون ڪريو، حاجي محمد پريل جروار زميندار درخواست ڏني ۽ انجنيئر صاحب اختياري ڏني ته نل لڳائي سيزن وهايو، پوءِ ته ميڙا مچي ويا، همراهه اچي ويا ۽ گذريل سال واري ساڳي جڳهه تان پروگرام مطابق نل لڳايو ويو ۽ ساڳي واٽر مان پاڻي وهائي ۽ زمين جي ورهاست هارين ۾ ڪئي ويئي، سال جو ڇڏيل واٽر جيئن ئي پاڻي ۾ آيو ته ڦوڙون ۽ سيما ٿي پيا، هنڌان هنڌا پاڻي لڙهڻ لڳو، جنهن ۾ ڪوئن جا به الاهي ڏر هئا ۽ پاڻي واهڻ تي همراهن کي ڏاڍي تڪليف ٿي پوءِ ته جيترا همراهه اوتريون ڳالهيون، ڪو چوي ته انهي ٻني کان بس، ڪو چوي ته واٽر ٻيو ڪڍون، ڪو چوي ته آئون ٻني ڇڏي ٿو ڏيان، مطلب ته جيترا همراه، اوتريون ڳالهيون، خير سڄي واٽر تي پاڻي جو گارو ۽ ترڪڻ لڳي پئي هئي ۽ همراهه به پنهنجي پنهنجي حصي تي مختلف اوزارن سان هوشياري ڪيو بيٺا ۽ ڪمدار علڻ به سڀني همراهن جي مٿان پي ڦريو، هڪ همراهه ٿڪل ٻيو وري ڪم، امرجنسي جهڙو، اوچتو هڪ ڪوئو ٻر مان نڪتو ته بچو جروار ماڻڪاڻي جي مهاڳي مان ته بچو ڌڪ هنيس ليڪن ڪوئو ڌڪ مان بچي اڳتي امام بخش جروار ميهاڻي جي مهاڳي ڏانهن وڌيو ته هن به مڙس تڪڙ ۾ ڪوئي جي پٺيان ڊوڙ وڌي ته گپ سبب امام بخش جروار به وڃي ڪِريو، ته ڪوئو وري اڳيان رانجهاڻي جروار عبدالله جي مهاڳي ڏانهن ڀڳو عبدالله جروار رانجهاڻي به ڌُڪي سميت ڪوئي جي پٺيان ڀڳو پر ڪوئو ان جي به مهاڳي مان ڀڄي بچي نڪتو ته همراهن ۾ گوڙ مچي ويو ته ڪوئو ڀڄيو ٿو وڃي، وٺو ته ماريونس پوءِ سڀني جي ڌڪن کان ڪوئو بچندو ويو.
پوءِ جن جن همراهن کان ڪوئو بچي نڪتو، سڀني جا نالا واري واري سان علڻ جروار ميهاڻي مزاحيه بيت ۾ نمبر وار ڪندو ويو تان جو آخر ۾ علي محمد نالي لغاري ويٺل ڳوٺ اميد علي بوزدار ديهه سهڻا بڪيرا جي ور چڙهيو ان وٽ هٿ ۾ وٽوهڙ ڀترن کي ڀڃڻ وار هو، ان کي وارو آيو ۽ ڪوئي کي هڻي ماري وڌائيس ۽ ان طرح علي محمد ولغاري جي سوڀ ٿي ۽ علي محمد علڻ جروار ميهاڻي ان تي مزاحيه بيت لکيو، جيڪو پنهنجي وقت جو هڪ سٺو مزاحيه بيت هو ۽ رات جو اوطاق تي ڪچهري وقت علي محمد علڻ جروار ميهاڻي کان همراهه فرمائش ڪري ٻڌندا هئا، هن بيت ۾ جيڪي ماڻهو ناليوارا آهن، اهي جن ڏٺا هوندا، نه ته انهن ۾ اهي سڀ وصفون هيون، جيڪي علڻ بيت ۾ چيون آهن، خير تاريخ جو حصو آهن ۽ تفريح خاطر لکيو، جيڪو هن ريت آهي.

سارهيان سچو ڌڻي عالم جو آري
ٻني ڪئي سون ٻاجهر جي پوک پريت واري
نل ورتوسون نويڪلو چاڪر مان چاري
زميندارن زور لاتو پوءِ ڏني انجنيئر اختياري
ڪوٺايئون ڪمدار کي جنهن جي سائت سوڀاري
آڻ ونگار واٽر تي ڪر پاڻي جي پوئي واري
هڪل ڪيائين همراهن کي آيا هرس مجهان سڀ هاري
سورهن ويهي صلاح ڪئي مڙني موچاري
وڍي هن واٽر کي اوهين ڪٽيو ڪاپاري
هن ۾ قيام آهي ڪوئن جي ٻيا آهن چُرٽا چوڌاري
ماري هنن منڪرن کي اوهين سرس ڪريو ساري
پوءِ ڪري مصلحت موچاري
پاڻ واهي هلون هن واٽر کي
واٽر جي واهڻ جي صلاح ڪيائون ساري
ڪاهي آيا ڪو پا ڪم تي گوڌاگرناري
ته ٻه جوڙيون هنيون جروارن جون جي هئا ڪوپا ڪنڌاري
ميربحر اڳيئي مٿير هئا جن جي هاڪ پوي ٿي هيڪاري
ٻيو ته برفت اچي بگڙي بيٺا ڪئي نرن نرواري
پر لغاري اڳئي لوهه هئا اٿي ٻروچن ٻڌي ٻاري
ته ڪڙڪا ڪرائيون ڪوڏرن جا جن وڃي اهيا آفت اٿاري
اتي ڪوئي اچي ڪنڌ ڪڍيو ڪيئين هڪل هشمت واري
ڌڌ ڪا ٻڌي هن ديهه جا هٽي ويا سڀ هاري
پر ماڻڪاڻي مڙيو ڪونه ڪو ڪئي بچو بهاري
هي ڪٽ مست وڃي ڪوئي سان پيو هٿين هيڪاري
هن سونٽا هنيس سيگهه مان پر هُن به چمبا هنيس چارئي
پوءِ ڏنئيس پڇنڊ پڇ جي جنهن تي هيڻو ٿي پيو هاري
هو جروار جهونجهاري
پر ڀڄي آيو پنهنجي ڀائرن ڏي هِن کان کدو پڇي خبرچار
ته جوان انهي جنگ جا اسانکي پورا ڏي ڀي پار
اهيو ڪهڙي ذات زناور آهي جنهن جي هڪل هشمتدار
بچيو چيو ادا هي بلا آهي بڇڙي جنهن جا چمبا آهن چار
هي وس ڪري ٿي وڙهڻ سان ٻيو ڌڪ هڻي ٿي ڌار
اهيا ڳالهه امام بخش ٻڌي اٿيو کائي ڏاڍا کار
مُڇ ڦڙڪي ميهاڻي جي ترت ٿيو تيار
جروار پنهنجي جان سان کڻي ٻڌا هيڪر سڀ هٿيار
هي ڪاهي آيو ڪوئي تي اچي نر ٿيو نروار
هڪل ڪيائين هشمت مان آءُ ته ڪريون جنگ جو جوهار
ڪوئو به مڙيو ڪونه ڪو هليو آيو هيڪار
هي اچي اٽڪيا پاڻ ۾ ڪيهر ٻئي ڪنڌار
ڌڪ مڪ جو ڌوڙيو ٿي ويو چڪ مڪ لڳي وئي چوڌار
ليٽ پيٽ لڳي پئي ٿي پيو واٽر تي ويچار
هيءَ خان وڃي ڪريا کامي ۾ جتي ڌٻڻ هئي ڌار
هي گڏجي تنهن گاري ۾ لٿڙي ٿيا لاچار
ٻروچ ڀانيو ته ٻاهر ڪري وڃي لهانس سڪي تي ڀي سار
پر ڪوئو گهريو وڃيس گاري ڏي جتي هئس مقان جو مقدار
کنيو وڃيس کڏن ڏي جتي هئي اوندهه انڌوڪار
اتي سورهه کي اچي سهڪي لڳي ۽ وڏو ٿيس ويچار
هيءَ به جيئن تيئن جند ڇڏائي جروار ڀڄي آيو پنهنجي ڀائرن ڏي
ڀڄي آيو ڀائرن ڏي پر هيڻو ڪري حال
چيئين ادا هي بلا آهي بڇڙي ٻي هن جي چڱي ناهي چال
هي وس ڪري ٿي وڙهڻ سان ٻيو ڏي ٿي ڌڪن جي به ڌمال
ڪير وڙهندو هن واڳون سان سڄو بيهي سال
پاڻ ورائي هلون هن واٽر کي ۽ ڦيرائي في الحال
پوئي اهيو امام بخش احوال
اچي سڄو ڪيو سنگت سان
ٻڌي احوال امام بخش جو اتي سنگت ڪيو سايو
ته پاڻ موٽي هلون ماني تي اٿئون روح اندر رايو
هلي ڪڍون بک بدن مان جنهن آهي تڏو تپايو
مولا آهي مهرباني ڪري انهي بلا کان بچايو
اتي رانجهاڻي رمز سهي ڪري هو عقل اُٿلايو
ادا وير ويهو هن واٽر تي متان ڀاڙي تي ڀڳا آهيو
آئون ماريان ٿو انهي آفت کي ڪنهن ڦيري منجهه ڦاسايو
سونٽو تنهن سيگهه مان کڻي وير به وڍايو
هي ڪٽ مست رکي ڪلهي تي عبدالله اٿي آيو
جتي هئي وار دات ويڙهه جي هن هو ڪئي ڪمذايو
آئي ڌپ آفت کي انسان جي تنهن به ڪشت منجهان ڪاهيو
هڪل ڪيئين حڪم مان ته تو آهي هي مهنڄر مچايو
پر هي به مڙد مڙيو ڪونه ڪو تنهن به پير اڳتي پايو
سونٽو تنهن کي صفائي سان اچي وير به وهايو
آئي ڪاوڙ ڪوئي کي تنهن به ڏندن کي ڏڪايو
وجهي ٻک ٻروچ کي تنهن اڻي ڀاڪر پڇايو
جند ڇڏائڻ لاءِ جوان ڪئي پر هن ترين ساڻ تپايو
هن جو گوڏو کتو گپ ۾ پر هن ڇڙڪي سان ڇڏايو
هيءَ جوان اڳئي جلد هو اتي ٻروچ ٻک ڪڍايو
پوءِ ستت ڪري سايو هي به ڀڄي آيو پنهنجي ڀائرن ڏي
چي ادا ڀڄي آيو ڀائرن ڏي هي ڀي جنگ هارائي جوان
چيئين ادا موٽي هلو ماني تي هلي ترت کائو طعام
هي بلا آهي بڇڙي ٻيو هشمت وارو حيوان
اهيا ڳالهه ٻڌي الهه بخش اٿيو ڪاوڙجي سو ڪپتان
تنهن وري سونٽا ڏنڊا سڀ کنيا ۽ سروٽن جو سامان
جهولي وڃي ڀريائين ڀترن جي ۽ ججها ڏسي جام
هي ڪاهي آيو ڪوئي تي سڀ کڻي سامان
اچي برفت چڙهيو بند تي جتي هو مرون جو ميدان
هڪل ڪيئين حڪم مان تون هلي آ حيوان
ڪوئو به مڙيو ڪونه ڪو اچي بيٺو مرڪي منجهه ميدان
چيئين ڀلي ائين ڀاءُ تون آهين جبل جو جوان
آئون ماريندوسين مڪن سان پوءِ ٿيندءِ اندر ۾ ارمان
جي ڏيندوسين لت لڪي تي ته ڪنو ڪندين سڀ ڪُستان
جي نه ته جند ڇڏائي جوان تون به ڀڄي وڃ پنهنجي ڀائرن ڏي
ڪين ڀڄندس ڀائرن ڏي تنهنجا ٺلها ٻڌي ٺڪا
مون به اوزار آندا آهن الاهي آهن ترتئو سڀ تکا
آئون مڙئي هڻندوسين مٿي ۾ هي ساري سروٽا
اسين ڪين لڄائينداسون ڪستان کي آهيون جبلي سڀ ججها
اسين ويٺا آهيون وقوف سان ڪل جهليءَ ڪنڌا
آئون هڪل ڪندس همراهن کي تنهن مهل پنجو جهڙا اچي پوندا
مڙد مڙندا ڪين ڪي تنهن مهل وِنگو وارا سڀ وڙهندا
پر بچو بيهندو ڪو نه ڪو تنهن مهل لونگاڻي سڀ لڙندا
فيضو ڦرندو ڪونه ڪو تنهن مهل گونگاڻي ڪونه گسندا
اسين ماري توکي مَڃ ڪنداسون تون آرس ڇڏ انڌا
اهي سڀ لاهوتي اچي لهندا ڪوئا تنهنجي ڪنڌ تي
ڪوئي جي ڪنڌ تي اچي جوانن ڪيو جوڙ
لاهوتين لٺيون کنيون ٻيا کينئون کڙن جا ڀي کوڙ
پر آئي ڪاوڙ ڪوئي کي تنهن به چڱي ڏنين چهوڙ
پوءِ ڦيرائين پڇ کي مڙد ڏيئي موڙ
سو اچي لڳو الهه بخش کي نراڙ ۾ ڀي نوڙ
هي برفت ڪريو بند تي جتي هو گاري جو بي گوڙ
تريون کوڙي تڪڙو اٿيو اتي رهزن ڏيئي روڙ
پوءِ سورهيه ڏسي سوڙهه هي به ڀڄي آيو پنهنجي ڀائرن ڏي
ڀڄي آيو ڀائرن ڏي ۽ برفت ڪري بس
چيئين وري ڪين ايندس انهي واٽر تي توڙي وڏو ڪريو وس
اسان ٻني ڪئي هئي ٻاجهر جي ڪيڏي کائي ڪس
هاڻي ٻج ڀري ڏينداسين ٻروچن کي اتي رهجي ايندو رس
شودي ڇڏيو شيطان کي کڻي لڏو ٻڌائين لس
هاڻي ڪاوڙ جي هليو ڪپ سان گوهر وٺي گس
اهيو رنگ ڏسي ايوب اٿيو هجي جوان کي ڀي جس
آڻي ويهارينئس واٽر تي تون پوک ته پنهنجي پس
اسين وڙهون ٿا انهي ويري سان لٺيون کڻي لس
پر جوان انهيءَ جوءُ جو تون اسان کي ڏوران ڏي ڀي ڏس
چيئين ادا ويٺو آهي انهيءَ واٽر ۾ اڳيان گانڊو جهليو گس
وڙهي هو ٿو واٽوهڙن سان هو کوٽو ڪري ٿو کس
پر رهڙيو رت ڪڍي ٿو رانمڀوٽن سان ٻيو ڪري ٿو ويرن سان وس
پوئي هي به ڏاهو پڇي ڏس ۽ ڪاهي آيو ڪوئي تي
ڪاهي آيو ڪوئي تي ۽ شودو وجهي شور
هڪل ڪيئين حڪم مان تون نڪري آڀي نور
تون ويٺو آهين واٽر ۾ ۽ انڌا ڪريو اجهور
کڏون کڻين ٿو کامن ۾ ٻيا پٽيو ويٺو آهين پور
پاڻي ٿو لوڙهين پڌري تي تون آهين ذاتي زيان خور
آئون ماريندوسين مڪن سان ۽ ڀڃي ڪندوسئين ڀور
اتي آئي ڪاوڙ ڪوئي کي سوڀي جهڙو سور
هي اچي اٽڪيا پاڻ ۾ شينهن ٻئي شهزور
وڙهندي هنن کي وقت لڳي ويو پر اچي ڪوئي به ورتس ڪور
نيٺ ته هڻي بند برفت کي کڻي لوهه ڪيو لغور
جند ڇڏائڻ لاءِ جوان ڪيو پر ظاهر نه هليس زور
پوءِ جوان لاهي جوتي سان ۽ مٿو ڪٽيائينس موڙ
ڪڍايائين چڪ چرٽي جو پوءِ کڻي شودي ڇڏيو شور
هي ڀي رهزن ڏيئي روڙ ۽ ڀڄي آيو پنهنجي ڀائرن ڏي
چيئن ڀڄي آيو ڀائرن ڏي ۽ شودو پلي شڪ
هڪل ڪيائين همراهن کي ۽ ٻي پوري ڏنائين پڪ
اهيا ڳالهه ٻڌي عوثو اٿيو تنهن جوڙو ڏي ڪئي جڪ
هاڻي سونٽا ڏنڊا سڀ کنيائين ٻي هن وٽ ڪهاڙي هئي ڪالوت
هي مير بحر هو ماڃر جو جنهن سٺي ڪئي سنمبت
هي ڪاهي آيو ڪوئي تي هيڪر رکي هشمت
هڪل ڪيائينس حڪم مان ته تو ۾ ڪهڙي آهي قدرت
تون مڙد آءُ ميدان تي ته پاڻ ڪريون ڪا ڪسرت
تون هيسين پيو همراهن کي ڪريو ڄٽ ڄمت
هاڻي موڳا تنهنجي مت آئون ڪٽي وڃائيندس ڪهاڙين سان
ڪٽي وڃائيندس ڪهاڙين سان تو ۾ ڪهڙي آهي طاقت
تون ميو هئين اوڏاهين ماڃر ۾ کائي ڀائرن جا ڀت
تون سانڍيل آهين سارين جو ٻي رتڙين جي رغبت
کاڌا اٿئي ڊينڊ ڊهن جا تو ۾ ڪرڙين سارو قدرت
مٿو نه هڻ ميربحر وڃي ڪر ڄرڪن تي به ڄمت
متان مڇي مارڻ وڃئي وسري اهيا اڳوڻي عادت
آئون لنڊ ڪڍندوسين لتن سان ۽ تغاري جي تڪ
پوءِ ڪانچ کڄند ئي ڪين ڪي پيو پڇائيندين پورهيت
جي کڻي ويندين کٽي ڏي ته کلائيندين خلقت
مٿو نه هڻ تون ميربحر اهيا اٿئي مائيٽائي مت
هاڻي سگهي ڪر سمبت تون به لڏي وڃ لاڙ ڏي
چئي ادا ڪين لڏيا ها لاڙ ڏي پر ڇورا ويم ڇڏي
هاڻي ٻني ٿو ڏيان ٻروچن کي ويندس لهه ڏسي لڏي
اتي ٿئي ها مقابلو مڙدن جو پروڌي آهي گانڊن ڳالهه گڏي
اسان جي آهي جوءُ ابڙال ڏي اتي اڄ ساريان پئي سڏي
پر مڇي اسان جي ملڪ ۾ ٿي ڪرڙي به اڄ ڪڏي
اهيا ڳالهه ٻڌي علي محمد اٿيو ٿو لغاري ڪين لڏي
چئين ادا مونکي ڏيکار ميندا مرون جو ترتون ان تڏي
اڄ سورهيه ٿو به سڏي انهي مرون کي ميدان تي
مرون نڪتو ميدان تي هڏي ڏيئي هيڪار
چيئين ڪير آهين ڪاڏي وڃين مونسان ڪرين تڪرار
آيا اڳيئي گهڻا هئا جوانڪي جروار
پر اهي خان پي ويا کيڙي مان ڪل ڪري قطار
ٻيو ته برفت ڊوڙايم بند تي سي ڀي ڪل هئا قندار
هو ڀڳا ويا پي ڀترن مان جيئن ڌڻ ڊوڙاڻي ڌراڙ
تون به مڪ نه جهلدين منهنجي ٻي لپاٽ به لاچار
هاڻي لاهي مڙد ميار تون به ڀڄي وڃ پنهنجي ڀائرن ڏي
ڪين ڀڄندس ڀائرن ڏي آئون جوڙي ڪندس جنگ
هاڻي مڙد آيا آهن ميدان ۾ منهنجا لغاري سڀ للنگ
هتي گازي گڙندو ڪين مڙندو ايندو پهرين سو پتنگ
ٻيو ته ماڻڪ مڙندو ڪين ڪي سو ته اڳيئي آهي اڙٻنگ
پر ايندئي حاجي ڪوٽو ڏسندئي فوٽو سو بي تنهن مهل ڪندئي تنگ
هو مڙد مڙندئي ڪونه ڪو سو واري هڻندئي ونگ
سٽيندئي ڀي سونٽن سان جيئن ڪٽجن سيڪڙ وارا سنگ
مارين داسون مرون توکي ڇڏائينداسون دڙيون اهي دنگ
اچي راڄ به ڏسندا رنگ مرون انهي ميدان تي
چيئين مرون نڪتو ميدان تي هي گوڙ ڪري گج
پر مڙد ڏٺا هيئن ميدان تي هئا بيٺا کڻيو بج
اتي گازي گڙيو ڪونه مڙيو جو هو ٻارو چاڻو ٻج
پر ماڻڪ مڙيو ڪونه ڪو تنهن کي واهه جو ميلو وجهه
حاجي ڪوٽو آيو تنهن ڀي ڪيو سايو هيڪر ورتس هنجهه
پر ڪوئو په مڙيو ڪونه ڪو تنهن ميڙي هين منجهه
اتي ڌڪ لڳو ڌوڙويو ٿيو تنهن مهل ڪوٽو ڪئي هئي ڪنجهه
پر علي محمد هو اوڏوڙو جنهن وٽ وٽوهڙ هو ونجهه
تنهن ٻئي هٿ وجهي ٺاهي مٿي کڻي ساهي اڻي
هنيو ڪوئي جي ڀي مغز منجهه
ماري وڌئين مرون کي گازي کٽيو گنج
ڪوئو مئو سڀني سو لٿو راڄن تان ڀي رنج
هاڻي ٿي نرسنگ اهي مڙد بيٺا اٿئي ميدان تي
چيئين ادا مڙد بيٺا ميدان ۾ اڄ پيا خوشيون ڪن خان
بيٺا وٽون ورهائين پاڻ ۾ جن سان آگي ڪيا احسان
مرون جنين ماري ڇڏيو تن کي ڏاتر ڏنا ڏان
ٿيندو ڏينهن قيامت جو ايندو احمد، ڄام امام
تو راڙو جتي توريندا بيهندو وچ سو وريام
انهي مهل “علڻ” چئي کڻندا عاشق ڀي انعام
هاڻي چئو ڪلمي جو ڪلام ته ٿئي واٽ وڃڻ جي.

***