سونهاري سنڌ جي ڌرتي جي زمين مان انيڪ انسانن جنم ورتو، ڪيئن وارو وڄائي وڃي مادر وطن جي گود ۾ آرامي ٿيا، پر ڪي ڪي ماڻهو عجيب به ٿين ٿا ۽ غريب به ٿين ٿا، پر سچائي، خلوص، نيڪ نيتي، مخلصي، اٽل ايرادو، خدا جو خوف، حقوق الله سان گڏ حقوق العباد کي وڌيڪ ترجيح ڏيڻ، وس کان وڌيڪ ڪس کائڻ، توڪل جو سندرو ٻڌڻ، پنهنجو ڪم ڇڏي ٻي جي ڪم کي اوليت ڏيڻ، واٽ ويندي اڻ سڃاڻو جو ضامن پوڻ، سڃائي ۾ به الله مالڪ چئي اڳتي وڌڻ، جهڙو اندر تهڙو ٻاهر، پنهنجي ٻڏي تي ٻڏڻ ڏينس پر ٻي جي تري، انهن لفظن کي پوتا ميل ڪبو ته جواب ايندو، حاجي محمد پريل خان جروار پهرين عالمي جنگ کان ٻه سال اڳ ۾ يعني 1912ع ۾ حاجي محمد خان جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس ڳوٺ الهه بخش جروار لڳ بڪيرا شريف ضلعو ٽنڊوالهيار آهي، سندس ڳوٺ جي ويجهو حمزو ٽالپر جي پرائمري اسڪول ۾ ٽي درجا سنڌي جا پڙهيو، مائٽاڻو ٻني جو ٻارو هوندي به حاجي پريل خان جو ڌيان ڪاروبار ڏانهن مائل هو، 1943ع ۾ ٽنڊي الهيار شهر ۾ ميرواهه گورچاڻي روڊ جي مُنڍ ٿورو اتر، ڪنهن ديوان کان اٽي جي چڪي خريد ڪيائين، ايمانداري ۽ ديانتداري سان ڌنڌو ڪرڻ لڳو، ٽنڊوالهيار شهر ته ٺهيو پر پسگردائي جا ڳوٺاڻا به سندس چڪي تان ان پيهائڻ ايندا هئا، چڪي چالو ٿيئي چار سال مس ٿيا جو خيرن جو پاڪستان وجود ۾ اچي ويو، سڄي سنڌ سان گڏ ٽنڊي الهيار جو لوهار محلو، کتري پاڙو، پريم نگر، گانڌي چوڪ وارو علائقو واڻيا ڇڏي هندستان هليا ويا، هُتان کان آيل مهاجرين واڻين جي ڇڏيل جاين ۾ اچي آباد ٿيا، نوان همراهه تن جا اڌ مائٽ هوڏانهن رهجي ويا، نئين پاڪستاني حڪومت جو جيستائين سيٽپ ٿئي تيستائين ٽنڊي الهيار ۾ آيل مهاجرن جي جيڪا خط وڪتابت پنهنجي برادري سان ٿيندي هئي، ان ۾ ٻئي ايڊريس سان گڏ هي به لکندا هئا. “معرفت حاجي محمد پريل ڪي چڪي” سندس مائٽ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص يا ٻئي هنڌان ايندا هئا، ريلوي اسٽيشن لهي، ٽانگي واري کي چوندا هئا ته “ڀائي همين پريل ڪي چڪي پر اُتار دو.” حاجي پريل جي چڪي واري جاءِ ۾ هينئر سندس مائٽ محمد خان، محمود خان، اعجاز ۽ شهزاد جروار وارا رهن ٿا، اُن وچ ۾ حاجي صاحب حيدرآباد ۾ ٽنڊو محمود جي ويجهو ٽئين نمبر تلاءَ وٽ پنهنجي جاءِ خريد ڪئي، اهو ايوبي مارشلا جو دور هو، ذوالفقار علي ڀٽو عوامي ماڻهو ٿي اڀريو هو، حاجي پريل کي مارشلا مهميز ٿي لڳي، ان دوران مير رسول بخش ٽالپر جي بنگلي تي 1968ع ۾ ڀٽي مرحوم پ پ پ جي بنياد رکيو، ان ميٽنگ ۾ حاجي پريل پيش پيش هو، اتان ميمبر شپ وارا بڪ کڻي ٽنڊوالهيار آيو ۽ ميمبر شپ ڪيائين، ڪن ماڻهن جي دل ۾ هڪ ڳالهه هوندي آهي ته زبان تي ٻي، پر الله سائين حاجي پريل خان جي زبان ۽ دل هڪ ئي خاني ۾ رکيون، چوندا آهن ته جي چُلهه تي سي دل تي، هتي اها ساڳئي ڳالهه، جيڪي زبان تي سو دل تي، 1974ع ۾ حيدرآباد پ پ پ ڪنويشن هجي، ڀٽي مرحوم سان گڏ ان وقت جو وزير اعليٰ مرحوم غلام مصطفيٰ به اسٽيج تي ويٺل هو، ان دوران پارٽي جون خاميون ۽ خاصيتون پڻ بيان ڪيون ويون، ڀريل پنڊال ۾ حاجي پريل خان ڪُرا ڪُري ٽوپي پاتل اٿي بيهي ڀُٽي صاحب سان مخاطب ٿيندي چيو ته “ڀُٽا صاحب، جتوئي صاحب ڪارڪنن جي ٻُڌي ئي ڪونه ٿو، ڪارڪن ويچارا دربدر آهن” حاجي صاحب جي طاقتور، معنيٰ خيز مگر مختصر لفظ ٻڌي، ڀُٽي صاحب چيو ته جتوئي صاحب آئون هي ڇا پيو ٻڌان، اتي جتوئي صاحب جواب ڏيڻ بجاءِ روئڻ شروع ٿي ويو، ڀٽي صاحب چيو ته روئي جند نه ڇڏاءِ هتي مان کي جواب کپي، زندگي جي سهولتن ۾ سڀ کان وڏي سهولتي روڊ آئي، ان ڳالهه کي مدنظر رکندي 1975ع ۾ ٽنڊوالهيار ٽو بڪيرا شريف پڪي سڙڪ جو بنياد پيو، ڪيترا ڏينهن روڊ ليبر جي ننگر پاڻي جو انتظام حاجي پريل پنهنجي هڙان وڙان ڪيو، سچ چوڻ يا کري ڳالهه چوڻ کان ڪين ڪيٻائيندو هو، 1977ع اليڪشن ۾ ورڪ دوران مرحوم اميد علي شاهه رضوي عرف ڏنل شاهه بڪيرا شريف ۾ ماڻهن جي وڏي انبوه کي خطاب ڪري رهيو هو، گڏوگڏ ترقياتي ڪمن جا تفصيل ٻڌائي رهيو هو، گذريل حڪومت ۾ اسان هي هي ڪم ڪرايا، اتي حاجي پريل خان پنهنجي خصوصي گودڙي يعني ڪپڙي جي ٿيلهي مان بڪيرا جي روڊ جي واڌاري لاءِ نڪتل ٽينڊر اخباري ڪٽنگون ڪڍي وڏي واڪي چيو ته قبلا سائين هي پروف ڏسو، هڪڙو ٻيو ٽيون روڊ ڇو ڪونه ٺهيو، اتي شاهه صاحب مس مس جان ڇڏائي، جڏهن جنرل ضياءَ ڀٽي حڪومت کي راتاهو هنيو، مرحوم ڀٽو جيل ۾ ويو، عام ماڻهن خصوصن پ پ پ تي زبردست سختي شروع ٿي وئي، حاجي پريل ان آمريت واري دور ۾ جنگ اخبار ۾ بيان ڏنو ته ڀٽي صاحب جي سالگرهه ڪنهن به حالت ۾ ملهائي ويندي، بيان ڇا هو، آمريت کي ڏنڀ لڳي ويا، ٽنڊي الهيار جي ان وقت جي ايس ڊي ايم قاسم شاهه حاجي صاحب کي گهرائي چيو ته توهان ڀُٽي صاحب جي سالگرهه جي باري ۾ ڏنل بيان تان هٿ کڻو، حاجي پريل پنهنجي ڳالهه تي قائم رهيو، نتيجي ۾ 4 مهينا شيخن پويان گذاريا، 1980ع ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ حيدرآباد واري ٽنڊي محمود واري علائقي ۾ مير حيدر جي سامهون ووٽن ۾ بيهه رهيو، ايم آر ڊي تحريڪ دوران سڄي سنڌ جيان، ٽنڊي الهيار مان به پيپلا گرفتار ٿيا، جنهن ۾ عبدالستار بچاڻي، عبداللطيف مڱريو، حاجي پريل خان جروار ۽ ٻيا ڪيترائي ڪارڪن جيل حوالي ٿي ويا، ٻين جيالن سان گڏ حاجي پريل کي به ڪنهن بهاني سان جيل مان اسپتال منتقل ڪيو ويو، عبداللطيف مڱريو ۽ حاجي پريل جو اسپتال بيڊ گڏ هو، اسپتال ۾ به حاجي صاحب جي آمريت خلاف الفاظي فائرنگ شروع ٿي وئي، ايجنسيون پڻ حرڪت ۾ هونديون هيون، سول ڪپڙن ۾ پيون چڪر لڳائينديون هيون، اتي حاجي صاحب کي ماٺ ڪرائڻ به وڏو مسئلو هو، لطيف صاحب حاجي پريل کي چيو ته حاجي ايجنسيون ڦرن پيون، آئون توهان کي جڏهن چوان اڇو ماڻهو ته توهان ماٺ ڪري وڃجو، ٿوري دير کان پوءِ حاجي وري به آمريت تي اڇلون ڏيڻ لڳو ته مڱريي صاحب چيس حاجي “اڇو ماڻهو” حاجي صاحب خاموشي اختيار ڪري ويندو هو، اڇو ماڻهو ايجنسي جو فرضي نالو هو پر حقيقت ۾ “اڇو ماڻهو” حاجي پريل خان جروار ئي هو، جنهن جو مختصر احوال توهان پڙهي آيا آهيو، جيئن ڪمال کي زوال آهي، فلڪ ڦيرو کاڌو آمر ضياءَ جو سي ون ٿرٽي ۾ ساهه نڪري ويو، 1988ع اليڪشن ٿي، پ پ پ کٽي وئي، محترمه بينظير ڀٽو وزير اعظم ٿي، ٽنڊي الهيار مان چونڊيل صوبائي جو پ پ پ ميمبر حاجي عبدالستار بچاڻي روينيو منسٽر ٿيو، ان سان به حاجي پريل جون تکيون مٺيون ٿينديون رهنديون هيون، ڇو ته حاجي صاحب هو ئي اندر ٻاهر اڇو، 1988ع ۾ سنڌ جو وزير اعليٰ جناب قائم علي شاهه هو، سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ تُغلق هائوس ۾ خاص ميٽنگ هئي، ان ۾ وزير اعليٰ صاحب هو، رش تمام گهڻي هئي، حاجي پريل به پنهنجي فرزند حاجي ياسين جروار (اڳوڻو صدر پ پ پ تعلقه ٽنڊوالهيار) سان گڏ اتي پهچي ويو، پاس کانسواءِ اندر نٿي ڇڏيائون، پر حاجي زور ٿي پاس نه ڪو ڪجهه هليو ويو، فرسٽ فلور تي ميٽنگ هجي، لفٽ سڳوري تي به پيهو پيهه هجي، ڪافي دير گذري وئي، هنن همراهن کي لفٽ جا جيستائين ٻئي طاق پاڻ ۾ ٽچ نه ٿيندا اوستائين لفٽ هيٺ يا مٿي نه ويندي مٿان کان لفٽ هيٺ لٿي، ٻيا همراهه چڙهيا اڃا لفٽ جا طاق پاڻ ۾ ٽچ ٿين ئي ٿين، حاجي صاحب پنهنجي بانس واري لٺ دروازن جي وچان ڏيئي ڇڏي، لفٽ کي بريڪ اچي وئي، لفٽ ڊرائيور چيو ته بُڙها ڪيا ڪر رهي هو.” اتي اڇي ماڻهو لٺ کي مضبوطي سان جهليندي چيو ته “حڪومت اسان جي آهي، اسين ان جا ورڪر آهيون” قائم علي شاهه کي وزير اعليٰ اسان ٺاهيو آهي، اسان مٿي وينداسين.” آخر ڪار لفٽ واري ٻه همرا لاٿا، پيءَ پٽ پوءِ لفٽ تي سوار ٿي مٿي پهتا، وزير اعليٰ نڪري چڪو هو، آفتاب شعبان ميراڻي کان پنهنجي اسڪول جي منظوري وٺي آيو، هن ڀلوڙ ماڻهو جو تعلق به سنڌ ۾ وڏو هو، سندس حجت ۽ سنگت جو حلقو پڻ وسيع هو، سندس دوستي جي دائري ۾ سندس پارٽي کان علاوه ٻيا به ماڻهو هئا، جن مان چند نالا هيٺ ڏجن ٿا، مير علي محمد ۽ مير رسول بخش خان ٽالپر، سيد ڀورل شاهه رضوي، حاجي عبدالستار بچاڻي، الهه بخش قائمخاني، مخدوم طالب الموليٰ، ملڪ لال خان، حسين شاهه بخاري، مولا بخش چانڊيو، عبداللطيف لغاري، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، عبداللطيف مڱريو، مرزا عاشق حسين بيگ، ممتاز پنهور ۽ جمعو شورو هي ٻئي غريب ڪارڪن هئا، انهن جو خرچ به حاجي صاحب ڀريندو هو، علڻ خان لغاري (ٽنڊوالهيار)، عبدالستار سريوال، نجم الدين سريوال، صديق ساند، مير محمد جمالي، پيارو لنڊ، محمد هاشم سومرو ڳوٺ جاني سومرو، چوهڙ جمالي، پير غلام حيدر شاهه (ميين عثمان جا قٻا ڇڇ جهان خان)، محمد صالح خاصخيلي (طاهراڻي پٽيل)، ڊاڪٽر شاهنواز شاهه، علي محمد سمون (ٺٽو)، محمد پناهه جروار (لاڙڪاڻو)، سردار غلام مصطفيٰ جروار (ڪنڌ ڪوٽ)، حاجي يوسف جروار (امن آباد)، حاجي جمال الدين ارباب (ٽنڊو غلام حيدر)، حاجي محمد خان نظاماڻي (ٽنڊو قيصر)، عارب خان جروار (نائون ميل ٽنڊو محمد خان)، مقبول ميمڻ (صادق فائونڊيشن)، پير صديق محمد شاهه (بڪيرا شريف)، دوست علي خان کوکر، حاجي غلام حسين کوکر، پير حاجن شاهه (مڪان شريف)، حاجي نوح جکريجو (مٽياري)، محمد هاشم ٿيٻو (مولان)، خادم حسين شاهه کوکرن وارو پير غلام رسول شاهه جيلاني، اسماعيل شاهه عرف عطر شاهه، عاشق لغاري (وڪيل)، حاجي چٽل بچاڻي، حاجي يعقوب بچاڻي، خليل الرحمان لغاري (مسڻ)، لطيف سنڌي (وڪيل)، عبدالقادر هاليپوٽو (اڳوڻو گورنر سنڌ)، الهڏنو شاهه (وڍ وارو)، ماستر غلام حسين بڪيرو، لکاڏنو دائيداڻو (بهادر دائيداڻو ٽنڊوالهيار) ۽ ٻيا ڪيترائي دوست احباب سندس قرب جي ڪڙي ڪڙيل هئا، حاجي صاحب تي پڇاڙي ۾ فالج جو حملو ٿي پيو، سندس پٽ (حاجي ياسين) کي چيائين ته حبيب بئنڪ برانچ حيدرآباد ۾ باقي پنج هزار روپيا پيل آهن، اهي کڻي آ ته ڪنهن غريب جي مدد لاءِ ڪم اچي سگهن ٿا، آخرڪار 6 جنوري 1992ع تي حاجي محمد پريل خان جروار زندگي جي جنگ هارائي وڃي پنهنجي مالڪ حقيقي سان مليو، کيس اباڻي قبرستان عنايت شاهه گهوٽ، لڳ سندس ڳوٺ ۾ دفن ڪيو ويو، سندس پٽن مان حاجي محمد ياسين جروار، غلام قادر خان، فقير شير محمد شاهه جروار ۽ الهه بخش جروار آهن.