تصوف جي رنگ ۾ لکيل فڪر انگيز تحرير دل ۽ نفس
الحمد لله و ڪفيٰ وسلام عليٰ عباده الذين اصطفيٰ اما بعد: فاعوذ بالله من الشيطان الرجيم. بسم الله. “ونفس و ما سواها وقال النبي صلي الله عليه وسلم. ان في الجسد لمضغة اذا صلحت صلح الجسد ڪله واذا فسدت فسد الجسد ڪله الا وهي القلب” صدق الله العظيم. و صدق رسوله الڪريم. اللهم صل عليٰ سيدنا محمدن النبي الامي و عليٰ آله و بارڪ وسلم تسليما ڪثيرا.
انسان جي تخليق الله تبارڪ وتعاليٰ ٻن شين سان ڪئي آهي. هڪ جسم ۽ ٻيو روح. جسم هڪ ڍانچو آهي جيڪو اسين پنهنجي ظاهري اکين سان ڏسي سگهون ٿا ۽ روح هڪ لطيف ۽ نازڪ شئي آهي جنهن کي ظاهري اک نٿي ڏسي سگهي بلڪه ان کي صرف ۽ صرف احساس جي اک ڏسي. ان جو ادراڪ ڪري سگهي ٿي. عام طرح هي سمجهي سگهجي ٿو ته دل جڏهن به ڪجهه ڪندي آهي ته پنهنجي ساٿين جي زور تي ڪندي آهي. دل کي هر ڪم لاءِ هڪ معاون ۽ مددگار کپي پوءِ اها اک هجي يا ڪن هجي. يا پير وغيره. بهرحال جڏهن دل پنهنجي ساٿين سان ملي ڪري برائي يا بڇڙائي جي ايجنڊا تي عمل ڪندي آهي ته ان ايجنڊا کي حديث نفس چئبو آهي. ۽ دل پنهنجي ساٿين سان نفس جي زمري ۾ اچي ٿي. قرآن شريف ۾ الله سائين فرمائي ٿو ته، “ونفس و ما سواها” ترجمو: ۽ قسم آهي اسان کي نفس جو ۽ ان کي سڌي ڪرڻ واري جو.
نفس جي ذريعي انسان ڪجهه نه ڪجهه ڪريو وجهي. نفس جا ٽي درجا آهن.
1). نفس امارھ: هي نفس انسان کي هر وقت برائي ۽ غلط ڪم ڪرائي ٿو. هن ۾ گناهه ئي گناهه جو تصور هوندو آهي. هن کي نفس اماره چئبو آهي قرآن ۾ اچي ٿو ته “ان النفس لامارة بالسوءِ الا ما رحم ربي ان ربي لغفور رحيم.” ترجمو: نفس ته هميشه برائي جو ئي حڪم ڪري ٿو مگر جنهن تي منهنجي رب مهربائي ڪئي بيشڪ منهنجو رب معاف ڪرڻ وارو ۽ مهربان آهي.
2). نفس لوامه: هي نفس جي ٻي حالت آهي. هي ماڻهن کان گناهه ڪرائي ٿو وجهي پر پوءِ وري پڇتائي ٿو. پشيمان ٿئي ٿو. توبه ڪري الله پاڪ ڏي رجوع ڪري ٿو ۽ وري نيڪ ڪمن جي ذڪر سان الله کي راضي ڪري ٿو. اهو عام طرح نيڪ ۽ صالح ماڻهن جو نفس هوندو آهي. هن نفس تي به الله جي رحمت هوندي آهي. ان لاءِ قرآن مجيد ۾ آهي. “ولا اقسم بالنفس اللوامه.” ترجمو: قسم آهي مون کي نفس ملامت ڪرڻ واري جو.
3). نفس مطمئنه: هي نفس جي ٽين حالت آهي. هن کي قرآن مجيد نفس مطمئنه چيو آهي. براهه راست جنت جي بشارت ڏني وئي آهي. اهڙي نفس واري کي الله سائين پنهنجي خاص ٻانهي هجڻ جو شرف بخشيو آهي. نفس مطمئنه وارا الله جي ٻانهپ ڪرڻ جا صحيح حقدار آهن. جنهن کي ڪامل ولي چئبو آهي.گهڻو ڪري هي نفس نبين ۽ رسولن جو هوندو آهي. بس نبين ۽ ولين ۾ ايترو فرق رهندو آهي جو نبين جي اها حالت نفس مطمئنه واري مستقل ۽ هميشه رهندي آهي ۽ ولين جي اها حالت مستقل ۽ هميشه نه رهندي آهي بلڪ هيٺ مٿي ٿيندي رهندي آهي. جيئن ته حديث شريف ۾ آهي ته، مومن جي ايماني حالت نيڪين جي حوالي سان ڪڏهن هيٺ ۽ ڪڏهن مٿي ٿيندي رهندي آهي.
ٻه عجيب ساٿي
نفس ۽ دل پنهنجي حقيقت ۽ تخليق جي اعتبار سان ٻه جدا جدا وجود آهن. هڪڙي (يعني دل) جو تعلق عالم امر سان آهي ۽ ٻئي (يعني نفس) جو تعلق عالم خلق سان آهي. دل شريف الطبع، مسڪين ۽ پاڪباز آهي، جڏهن ته نفس شرير الطبع، چالاڪ ۽ دوکيباز آهي. دل نيڪين سان تربيت وٺي ٿي. روشنين کي پکيڙي ٿي. جڏهن ته نفس پنهنجي فطرت ۽ خباثت ۾ ازلي آهي. ان ۾ برائي ۽ بڇڙائي ڦري ٿي. هي گناهن جي ماحول سان ٿلهي ٿي وڃي ٿي. برائي جي ڪري ٻنهي جهانن ۾ شهرت رکي ٿي.
هم طالب شهرت هين، همين ننگ سي ڪيا ڪام
بدنام اگر هونگين تو ڪيا نام نه هوگا.
جهڙي طرح پاڙي ۾ هر قسم جا ماڻهو رهن ٿا جنهن ۾ مختلف زبان ۽ مزاج رکندڙ موجود آهن. مجبورن انهن سان گڏ رهڻو پوي ٿو. هي ڳالهه طئي شده آهي ته انسان پاڻ ڪيڏو به چڱو هجي، سندس فطرت نيڪ هجي پر ان تي خبيث جي صحبت جو هڪ نه هڪ ڏينهن اثر ضرور ٿيندو. جهڙي صحبت تهڙو رنگ حاصل ڪندو. بهرحال دل نفس جي خباثتن جي چڪرن ۾ ضرور ڦاسي پوي ٿي. اها الڳ ڳالهه آهي ته نفس جي خباثت دل جي اندر داخل نٿي ٿي سگهي. پر کيس ڪارو ضرور ڪري ڇڏي ٿي.
اصلاح جا ٻه طريقا
مختصراً هي چيو ويندو آهي ته نفس ۽ دل روح جي ٻن ڪيفيتن جو نالو آهي. مقصد روح جي بيمارين جي اصلاح ڪرڻ آهي.
1). تزڪيو نفس: نفس جي اصلاح ڪرڻ کي تزڪيه نفس چئبو آهي. تزڪيو ان لاءِ چوندا آهن جو نفس جون بيماريون ان جي اندر داخل ٿيل هونديون آهن. جيئن مير ڪپڙن جي اندر هوندي آهي. ان مير کي ڪڍڻ لاءِ وڌي جاکوڙ ڪرڻي ٿي پوي. پاڻي، صرف، سوٽا وغيره لڳڻ کان پوءِ اهو ڪپڙو صاف سٿرو ٿئي ٿو. اهڙي طرح نفس کان مختلف قسم جون رياضتون ۽ محنتون مجاهدا ڪرائي، گناهن وارو گند ۽ روڳ ڪڍيو ٿو وڃي. اهو عمل تزڪيه نفس سڏرائي ٿو. قرآن مجيد ۾ ارشاد ٿيل آهي ته “قد افلح من زڪاها و قد خاب من دساها” ترجمو: جنهن پنهنجي نفس جو تزڪيو ڪيو اهو ڪامياب ٿي ويو. جنهن خراب ڪيو اهو ناڪام ٿي ويو ۽ رُلي ويو.
2). تصفيو قلب: دل جي صفائي، ان کي چمڪائڻ واري عمل کي تصفيه قلب سڏبو آهي. تصفيه ان لاءِ چون ٿا جو دل تي برائي توڙي جو اندر داخل نٿي ٿئي پر ان تي پنهنجا اثر ڇڏي ٿي. جيئن شيشو هجي ان تي مٽي جي مير، مرُ وغيره چڙهي وڃي ته ان کي فقط صفائي جي ضرورت هوندي آهي. هلڪي ڪپڙي سان شيشو صاف ٿي ويندو. اهڙي طرح دل به اهڙي عمل سان صاف ٿي ويندي.
روح جي بيمارين جا سبب
روح ڪڏهن ٻاهرئين اثر جي ڪري بيمار ٿي پوندو آهي ته ڪڏهن اندرئين اثر جي ڪري. ٻاهرئين اثرات جي متعلق قرآن مجيد فرمائي ٿو ته،“ڪلا بل رانَ عليٰ قلوبهم ما ڪانوا يڪسبون.” هن ۾ هي ٻڌايو ويو آهي ته توهان جي دلين تي زنگ لڳي ويو. جنهن جي ڪري توهان غفلت واري بيماري جا شڪار ٿي پيا. جئين گهڻي ڳالهائڻ سان، بدنظري ڪرڻ سان، گلا وغيره ٻڌڻ سان دل تي گندا اثرات پون ٿا. دل سخت ۽ پٿر ٿي وڃي ٿي. جيئن ته حضور ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو آهي ته، “ ان العبد اذا خطا خطيئة، نڪت في قلبه نڪتة.” ترجمو: جڏهن ٻانهو گناهه ٿو ڪري ته دل تي هڪ ڪارو نشان ٿيو پوي. اهڙي طرح هڪ اندر جا اثرات روح کي ڪمزور ڪرڻ وارا آهن. جيئن قرآن پاڪ هي دليل ٿو ڏئي. “في قلوبهم مرضٌ.” بيماري انهن جي دلين ۾ آهي. حديث شريف هن حقيقت کي وڌيڪ واضع ڪري ٿي. “ان في الجسد لمضغة اذا صلحت صلح الجسد ڪله واذا فسدت فسد الجسد ڪله الا وهي القلب.” هن حديث مان معلوم ٿيو ته سڀني بيمارين جي جڙ، بنياد دل جو خراب ٿيڻ آهي. دل ٺيڪ آهي ته سڀ عضوا ٺيڪ آهن ۽ جيڪڏهن دل خراب آهي ته سڀ عضوا خراب آهن. دل جي اندرئين خرابي جي ڪري ٻاهر به خرابي ظاهر ٿيڻ لڳندي آهي، انهي جو عڪس پوڻ جي ڪري هي ڳالهه به واضع ٿي ته انسان کي رڳو ماحول گناهه ڪونه ڪرائيندو آهي بلڪ اندر جي ظلمت ۽ اونداهي به گناهه ڪرائڻ ۾ حصيدار هوندي آهي. حضرت يوسف عليه السلام جو زليخا جي مڪر ۽ فريب مان بچڻ، گناهه ۾ مبتلا نه ٿيڻ اصل ۾ الله پاڪ جو فضل ۽ خاص ڪرم هو جو يوسف عليه السلام کي گناهه وارو ماحول ته مليو پر اندر ۾ ظلمت ۽ اونداهي نه هئڻ ڪري گناهه کان بچي ويو. شال الله سائين اسان کي اندر کان محنت جي توفيق عطا فرمائي. پنهنجي دل جي اصلاح ڪرڻ لاءِ، نفس جي تزڪيه ۽ دل جي تصفيي لاءِ مشائخ، علماءَ ۽ صوفيت جي صحبت نصيب فرمائي.