امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي جي فڪر انگيز تحرير
جديد دور ۾ اڪثر سيڪيولر دانشورن ۽ سياستدانن جي اها سوچيل سمجهيل راءِ رهي آهي ته مذهب انساني ذهن جي ارتقائي مرحلي جي هڪ ڪڙي آهي. يعني مذهب خالص زميني اقتصادي، سياسي، سماجي ۽ ٻين حالتن جي پيداوار آهي.
اهو نظريو نه صرف مذهب جي آسماني هجڻ جي دعويٰ جو انڪار ڪري ٿو، بلڪه گهرائي سان جائزو وٺجي ته اهو نظريو الله جي انڪار تائين وٺي وڃي ٿو ۽ ان نظريي مطابق مقدس ڪتاب آسمان مان نازل ٿيل مڃڻ بجاءِ پيغمبرن جا هٿرادو لکيل قرار ڏيڻا پون ٿا. اهو هڪ سنجيده بحث آهي ۽ ان وقت اڃا به وڌيڪ اهميت اختيار ڪري وڃي ٿو، جڏهن اهڙا ماڻهو انساني حقوق جي جدوجهد ڪرڻ تي زور ڏيندا هجن ۽ انهن جي مقابلي ۾ هڪ اهڙو مذهبي طبقو سماج ۾ موجود هجي جيڪو مذهب جي نالي تي خدا جي مخلوق کي لٽڻ ڦرڻ ۾ مشغول هجي ۽ استحصالي قوتن جو ساٿاري هجي.
امام ولي الله دهلويءَ جي سياسي ۽ اقتصادي فڪر ۽ فلسفي جا وارث عالم ان مسئلي بابت هڪ مدبرانه ۽ مفڪرانه راءِ رکن ٿا، جيڪا هڪ طرف عقل ۽ سائنس جي ڪسوٽي تي به پرکي سگهجي ٿي ته ٻئي طرف مقدس ڪتابن جي آسماني معيار تي به پوري لهي ٿي.
هن مضمون ۾ مٿي ذڪر ڪيل موضوع تي امام عبيدالله سنڌيءَ جي تفسير مان ٽڪرو ڏنو ويو آهي جيڪو تفسير پاڻ جلاوطني دوران مڪي شريف ۾ دنيا جي وڏن عالمن کي درس جي صورت ۾ ست سالن تائين پڙهائيندا رهيا. اهو تفسير مدرسه مظهرالعلوم جي سابق مدرس مولانا محمد مدني سنڌي کي سنڌي زبان ۾ لکيو آهي.
امام عبيدالله سنڌي نهايت جامع ۽ مختصر عبارت ۾ هن مسئلي تي روشني وڌي آهي. ان سان ان مسئلي جي حقيقت کي سمجهڻ جو مضبوط بنياد ملي وڃي ٿو، جنهن تي جديد سائنسي انداز سان تحقيق ۽ ريسرچ جي ذريعي ڪارائتن نتيجن جي هڪ شاندار عمارت اڏي سگهجي ٿي.
سنڌ ۾ سنڌي قوم کي پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جن شديد محرومين مان گذرڻو پيو آهي انهن جي سبب قومپرست ۽ ترقي پسند دانشورن ۽ سياستدانن جو هڪ وڏو طبقو سيڪيولر ازم جي مٿين تشريح جو قائل رهيو آهي. هن مختصر مضمون جي ذريعي اسين سنڌ جي دانشورن کي هڪ علمي بحث ۽ تحقيق جي ميدان ۾ پنهنجون صلاحيتون ڪتب آڻڻ جي گذارش ڪريون ٿا.
اسان جي نظر ۾ امام شاه ولي الله جا اقتصادي، سياسي ۽ فلسفي نظريا، يورپي مفڪرن جي نظرين کان گهڻو وڌيڪ طاقتور آهن. جن کي امام عبيدالله سنڌي همعصر نظرين سان ڀيٽ ڏيئي واضح ڪيو آهي، اهي اصول سندن ڪتابن ۾ هر هنڌ ڦهليل آهن. ضرورت آهي ته انهن کي ترتيب ڏيئي هڪ جاءِ تي جمع ڪري انهن مان گهڻو لاڀ پرائي سگهجي ٿو.
مدرسه مظهرالعلوم ۾ امام عبيدالله سنڌيؓ پاران قائم ڪيل مرڪز بيت الحڪمة کي ٻيهر سرگرم ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ امام عبيدالله سنڌيؓ جي پوئلڳ سنڌي عالمن کي خاص ڪري نوجوان عالمن کي تحقيقي ڪم ۾ سهڪار جي دعوت آهي
هڪڙي متفڪرين جي جماعت آهي جنهن جو هي خيال آهي ته،
”انسان جي دنياوي زندگي کي دين کان خالي ڪري سگهجي ٿو.“ انهن جو هي خيال آهي ته ”دنياوي زندگيءَ جي تڪميل واسطي دين ايجاد ٿيا آهن. هڪ زمانو انسانيت تي اهڙو گذري چڪو آهي جو جيستائين انهن کي ديني خيال نه ڏجي ها ته هو دنياوي زندگيءَ کي مڪمل ڪري نه سگهن ها. هاڻي انسانيت ايتري ترقي ڪري چڪي آهي جو پنهنجي مادي زندگيءَ کي پنهنجن ذاتي فيصلن سان مڪمل ڪري سگهي ٿي. دين ۾ لازمي شيءِ هي آهي جو هڪ وڏو شخص دين جو امام مڃجي جنهن جي راءِ کان ٻاهر نه نڪرجي. شروع ۾ بيشڪ ان پابنديءَ جي ضرورت هئي مگر هاڻي جن ملڪن ۾ لازمي تعليم جبري طور تي جاري ڪئي ويئي آهي ۽ هر انسان کي سوچڻ سمجهڻ جو مادو پيدا ڪرڻ آسان ٿي ويو آهي ته هو گڏجي فيصلا ڪري سگهن ٿا ته هيترن ڪمن ۾ ڪنهن کي شخصي اختيار ڏجن ۽ هنن کان مٿي جماعت جي فيصلي جي پابندي ڪرڻ گهرجي. ڪنهن پراڻي بزرگ جي فيصلن جي پابندي ڪرڻ هاڻي ضروري نه آهي. دين اجتماعي ارتقافات جو هڪ ڀاڱو آهي پر ارتفاقات جي ترقيءَ جي وقت ۾ پراڻن فيصلن جي پابندي. انسان لاءِ تمام بار آهي.“
ان طرز سان هنن متفڪرين جو خيال گهڻن تفصيلن سان بيان ڪري سگهجي ٿو. مگر مطلب سڀ ڪنهن جاءِ تي هي قائم رهندو ته
”انسان جي هن زندگيءَ جي قائم رکڻ واسطي ۽ ترقي ڏيڻ واسطي انسان پاڻ قاعدا ٺاهي سگهي ٿو ۽ انهن ۾ ترميم ۽ تنسيخ ڪندو رهندو. ان ترقيءَ جي واسطي انسان غير متبدل قانون ۽ تجويز ڪري ڇڏيا آهن، جن کي دين چئجي ٿو. ان سان عقلي ترقي جڏهن زياده ٿي چڪي آهي ته هن کي ڪنهن غير متبدل قانون جو پابند بنائڻ ضروري نه رهندو.
غير متبدل قانون جي مالڪ جو نالو الله آهي. ان جو جيڪو قانون غير متبدل آهي، ان کي دين سمجهيو ويندو آهي. ديني ماڻهو سمجهن ٿا ته ان ۾ تبديل ڪرڻ جو حق فقط هڪ الله کي آهي ٻئي کي نه آهي انهن جو خيال اهڙي قسم جو آهي ته چونڪه انسان لاءِ متبدل قانون جي ضرورت محسوس ٿي ته ان غير متبدل قانون واسطي هڪ مالڪ جي ضرورت به محسوس ٿي، ان سبب سان الله جي مڃڻ جي ضرورت انسانيت ۾ متحقق ٿي.“
هي متفڪر جڏهن غير متبدل قانون جي ضرورت محسوس نٿا ڪن ته انهن کي الله جي ضرورت به نه رهندي. هي فڪر ڇا لاءِ پيدا ٿيو؟ ]ان جو جواب آهي ته[ انساني زندگيءَ کي مادي زندگيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيو اٿن. هنن وٽ انسان جي حقيقت هي آهي ته ”مادي قوتن جي جمع ٿيڻ سان انسان پيدا ٿيو ۽ انهن قوتن جي انتشار سان ختم ٿي ويندو.“ موت کان ڪا ٻي حياتي هجي جنهن ۾ انسان قائم رهي، سا انهن کي سمجهه ۾ نٿي اچي.
ماديات ۾ ڪي زياده ماهر عالم اهڙا آهن، جي دعويٰ سان چئي سگهن ٿا ته اڳتي زندگي ناممڪن آهي. اڄ ڪالهه سياست ۾ ان فڪر جي تمام وڏي قيمت آهي. اول درجي جو ڪوبه سياسي ماڻهو نه هوندو جو هن فڪر سان موافقت نه رکندو. هن سياست جو نتيجو، تمام مذهبي زندگي کي ختم ڪرڻ آهي. هي سياسي جماعت بادشاهن کان گهڻو ظلم ڏسي چڪي آهي ۽ بادشاهه ڪنهن نه ڪنهن مذهب جا پابند هوندا آهن. بادشاهن ۾ مذهبي پابندي براءِ نام هوندي آهي. ان جي نالي سان رعيت ۾ پنهنجو حڪم آساني سان جاري ڪري سگهن ٿا. چونڪه ظالم بادشاهن کان انهن کي از حد نفرت آهي، ان ڪري به انهن کي مذهب سان دشمني پيدا ٿي ويئي آهي.
هي سڄي حقيقت ڪانه لکائي اٿئون بلڪ اشارو ڏنو اٿئون. اهڙيءَ طرح هاڻي به سڄي حقيقت نٿا لکايون بلڪ اشارو ڏيون ٿا ته اسين انهن سان متفق اصولن کان ڳالهه شروع ڪريون ٿا.
اسين يعني انسان هڪ مادي هستي آهيون، انساني وجود ۾ ڪي مادا ڪثيف آهن ۽ ڪي مادا لطيف آهن اسين لطيف مادن کي روح سڏيون ٿا. يعني تمام هستي پنهنجي مادي مڃيون ٿا. هن طرح سان هو اسان جي ڳالهه کي تمام خوشيءَ سان ٻڌندا آهن.
هي جو انسان آهي، ٻاهر جي مادي جو هڪ ٽڪر آهي. زمين هڪ مادو آهي. هوا ٻيو مادو آهي، مٿي آسمان جا ستارا، سي ٻي قسم جون مادي شيون آهن، جيتري ڪوشش ٿي سگهي آهي هن مادي جي انتها معلوم نٿي ٿئي. اڄ هڪ حد مقرر ڪريون ٿا، ٿورن ڏينهن کان پوءِ ٻيو انڪشاف ٿئي ٿو جنهن سان معلوم ٿئي ٿو ته ان کان مٿي به مادو آهي. يعني ته مادو هڪ بحر جي صورت ۾ آهي جنهن جي ڪا حد ۽ انتها نه آهي. هن مسئلي ۾ اسان انهن مادي متفڪرن سان اتفاق ڪندا ٿا وڃون.
مادي جي متعلق هڪ تحقيق ڪري هڪ اصول اسان سمجهيو آهي ته مادو شڪليون مٽائي ٿو پر فنا نٿو ٿئي. هن ۾ اڄ ڪلهه جا حڪيم سڀ تحقيق ڪري انتها تائين پهچي ويا آهن پر ان جي خلاف هڪ ذرو به ثابت نٿو ٿئي. اسين هن مسئلي ۾ به اتفاق ڪريون ٿا.
هي مادي حڪماء اڳي ٻن قسمن جا هئا. مادي سان هڪ غير مادي شيءِ به مڃيندا هئا، جنهن جو نالو انهن وٽ قوت هو. پوءِ ان جون مختلف صورتون ظاهر ٿين ٿيون جيئن ”برق“ آهي. ڪيترا حڪماء هن کي غير مادي شيءِ مڃين ٿا. مگر پويان مادي حڪماء ايترو ”غلو“ (وڌاء) ان مسئلي ۾ ڪن ٿا جو برق ياقوت يا ڪو ٻيو نالو کڻي رکجي ته ان کي به مادي مڃين ٿا. اسين هن مسئلي ۾ به انهن سان اتفاق ڪريون ٿا.
نالن جي اختلاف ۾ حڪمت نه مٽبي آهي جنهن کي هي حڪيم مادو چون ٿا اسين ان کي وجود چئون ٿا. اسان وٽ وجود هڪ بي انتها شيءِ آهي. ان جا مختلف طبقا آهن. هڪڙا ڪثيف ٻيا لطيف. پر سڀ وجود آهن. ان جو هڪ ذرو به ضائع نٿو ٿئي. فقط صورتون مٽائي ٿو. اسان جي خيال ۾ آهي ته جا هو تحقيق ڪن ٿا، سڀ اسين مڃيون ٿا، نالن جي اختلاف کي هو به ڪا اهميت نه ڏيندا. هاڻي اسين هنن مادي طاقتن ۾ ڏسون ٿا ته هڪ شيءِ مؤثر آهي ۽ ٻي شيءِ متاثر آهي. سج روشني ڏئي ٿو ۽ زمين روشني وٺي ٿي. باه گرمي ڏئي ٿي ۽ پاڻي گرمي وٺي ٿو. ان مسئلي جو انسان جي زندگيءَ سان گهڻو تعلق آهي. ڪن شين ۾ انسان پنهنجو اثر وجهي ٿو يعني ڪن کي ڀڃي ٿو ۽ ڪن کي ڊاهي ٿو. انسان جڏهن ”انا“ يعني ”آءٌ“ چوندو آهي ته ان ۾ جيتري ٻئي ۾ تاثير ڪرڻ جي قوت موجود آهي، ان کي گڏ ڪري پوءِ ”انا“ چوندو آهي ته تاثر (متاثر ٿيڻ) وارين قوتن کي دل مان بالڪل وساري ڇڏيندو آهي. غرض (مطلب ته) متاثر ۽ مؤثر جو فرق انسان جي زندگيءَ لاءِ لازمي شيءِ آهي.
اسين هاڻي حقيقي وجود ان کي سمجهون ٿا جنهن ۾ تاثير جي قوت آهي. اسان جي طبعيت ته تاثر کي ڪمال مڃي ئي نٿي. هاڻي تاثير ڪرڻ وارو جيترو وجود آهي. سارو مجموعو ان کي اسين هڪ شيءِ مڃيون ٿا. ان جو نالو الله آهي.
هن مؤثر وجود سان متاثر وجود جو ڪهڙو تعلق آهي؟ هي تمام ڊگهي ۽ تفصيلي حڪمت آهي. ان کي فلسفه وحدة الوجود چئجي ٿو. هي هڪ حقيقت آهي جنهن تي انسان پهتو آهي.
فلسفه وحدت الوجود جي تاريخ تمام ڊگهي آهي. ڪو حڪيم ڪامل نه ٿيو آهي جيستائين هن فلسفي کي نه سمجهيو آهي. انسان جي اجتماعي زندگي تي بحث ڪرڻ وارا عالم يا مادي متفڪر جيڪڏهن هن عقلي فلسفي کي نه سمجهي سگهيا آهن ته انهن جو قصور آهي. انهن کي پڙهڻ گهرجي. اسين مذهب جي ايتري حقيقت مڃيون ٿا، جيتري قدر فلسفه وحدة الوجود مان پيدا ٿئي ٿي. هي هڪ فلسفي حقيقت آهي. انساني اجتماع جي ضرورت واسطي هڪ ارتفاق نه آهي. بادشاهن جي ظلم قائم رکڻ واسطي هي پير برهمڻ ۽ پادرين ۽ مولوين جو تجويز ڪيل نظام نه آهي. فلسفي وحدة الوجود جي عالم کي الــٰهيات جو عالم چئجي ٿو. هتي لفظي بحثون بيڪار آهن. هي حقائق آهن جن کي انسان سمجهي پوءِ ترقي ڪندو. مشاهدي ۽ تجربي سان ان جي تحقيق ڪبي.
جڏهن اسين يورپ ۾ وياسون ۽ هن نئين رنگ سان مذهب جو انڪار ٻڌوسون، ته چند روز اسان کي تڪليف ۽ تحير رهيو. ان جو علاج اسان کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو. مگر اسين فلسفي پڙهڻ جي ابتداء کان وٺي فلسفه وحدة الوجود ۾ يقين رکندا هئاسون. عقل سان فقط هڪ رستو صحيح مڃيندا هئاسون.
مير زاهد امور عامه، مير زاهد ملا جلال جا حواشي بحرالعلوم جا جڏهن پڙهبا ته وحدة الوجود کي عقلي طور تي انسان اهڙيءَ طرح مڃڻ لاءِ مجبور ٿيندو جيئن هڪ ۽ هڪ کي ٻه مڃي ٿو. هن فلسفي جي طالب العلميءَ کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ شريعت جي تعليم جي طرف متوجه ٿياسون. هتي جي به اسان جا وڏا استاذ هئا سڀ وحدة الوجود جا قائل هئا. مولانا محمد قاسم، مولانا اسماعيل شهيد، شاه ولي الله وغيره، مگر انهن شرعي عالمن ۾ ان فلسفي جي هڪ جماعت منڪِر هئي. انهن جو وڏو شيخ سرهندي امام رباني هو ۽ هن انڪاري جماعت جو اسان جي شرعي تعليمات ۾ وڏو اثر آهي. اگرچه شاه ولي الله هي ڳالهه نٿا قبول ڪن ته امام رباني ان فلسفي جو انڪاري هو مگر انهن جي طريقي جا وڏا بزرگ سڀ چون ٿا ته هو ان جو انڪاري هو.
هندستان جي اسلامي سياسيات ۾ امام رباني جو وڏو دخل آهي. هندستان ۾ اڪبر وڏو بادشاه گذريو آهي. ان ملڪ جي سياست مان اسلام کي خارج ڪري ڇڏيو هو. هن جي حڪومت اڄ جي زماني جي اصطلاح مطابق صحيح طرح سان هندستاني نيشنل حڪومت هئي. امام رباني ان جي مخالفت تي اٿيو ۽ ملڪي هندستاني حڪومت جي جاءِ تي اسلامي حڪومت جو پنهنجو پروپيگنڊا (پرچار) مقصد بنايائين. آهسته آهسته ان جو اثر سلطنت ۾ غالب ٿيندو ويو. اڪبر جي پٽ سليم جهانگير ٻيهر اسلاميت کي سياست ۾ داخل ڪيو. ان جي پٽ شاه جهان پنهنجي پيءُ کان ٻه وکون اڳتي وڌايون. ان جي پٽ اورنگزيب عالمگير انتها ڪري ڇڏي. ساري هندوستاني حڪومت جو نظام اسلامي ڪري ڇڏيائين. هي ترقي ساري امام رباني جي پروگرامن جو نتيجو آهي. اسان جهڙا اسلامي مدرسن ۾ مستغرق رهڻ وارا، انهن وٽ عالمگير ۽ امام رباني جهڙو ماڻهو ڪونه ٿيو. هي ٻه شخص اهڙا آهن جن تي ساري دنيا ۾ فخر ڪري سگهون ٿا. تن جهڙا نه عالم ۽ نه بادشاه ساري دنيا ۾ گذريا آهن. امام رباني جو اسلامي سياست ۾ ايترو مؤثر هئڻ، اسان جي دماغ کي اهڙي درجي تي پهچائڻ وارو ٿيو جو اسين ان جي مخالف ڪابه ڳالهه (نٿي ٻڌي سگهياسون.) ان جو نتيجو هي نڪتو جو وحدة الوجود جي فلسفي تي جوبه يقين هو سو دٻجي ويو. يعني غائب نه ٿيو بلڪه ڄڻ ته ان جي مٿان هڪ ڇپ اچي ويئي. جنهن وقت اسين يورپ ۾ پهتاسون ۽ حيران ٿياسون ته هي حيراني اسان کي فقط امام رباني جي اسڪول جي پابندي سان ٿي. اسان ٿورا ڪن ڇنڊي پراڻي وحدة الوجود جي فلسفي تي نظر ڪئي ته اسان کي ڪوبه اعتراض ڏسڻ ۾ نه آيو. هاڻي اسان کي هي تڪليف آهي جو اسان جا مخالف ڪجهه به فلسفو نٿا ڄاڻن. هاڻ انهن کي اسان ڇا چئون؟
اتفاق سان اسان کي ڪجهه فلاسفر ملي ويا. هنن جي روبرو جڏهن ڳالهه ڪئي سون ته هو سمجهي ويا ۽ چوڻ لڳا ته ”اوهين اسان کي اهڙو بيوقوف سمجهو ٿا ڇا؟“
اسان جي طبعيت تان بار لهي ويو. انهن جو سياسي پروپيگنڊا (پرچار) جو لادينيت تي مبني آهي، اسين ان جي مقابلي ۾ هندستاني پروپيگنڊا (پرچار) جنهن ۾ مذهب به هوندو، تيار ڪري سگهون ٿا. سياسي ڳالهيون ته پنهنجي جاءِ تي رهنديون ۽ روز مٽ سٽ پيئي ٿيندي. مذهب جو تعلق هن مٽ سٽ جي درجي سان نٿا مڃيون.
اسان وٽ مذهب جو تعلق انسان جي اعليٰ فلسفي دماغ سان رهي ٿو. انساني فطرت کي اسين چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا. تمام قومن مان اعليٰ فلاسفر هڪ جاءِ تي گڏ ڪريو. سڀ جي هڪ راءِ هوندي. صحيح مذهب اهو آهي جو هن فلاسافيءَ سان تعلق رکي ٿو ۽ اهو تمام انسانيت لاءِ برابر طرح سان واجب القبول هوندو.
مولانا اسماعيل شهيد فلسفي وحدة الوجود جا محقق هئا ۽ ان جا مرشد سيد احمد شهيد، امام رباني جي فلسفي جا معتقد هئا. شاهه ولي الله جي دعويٰ آهي ته امام رباني ۾ جو فلسفه وحدة الشهود جو امام آهي- ۽ شيخ اڪبر ۾- جو وحدة الوجود جي فلسفي جو امام آهي. نزاع لفظي آهي. يعني فلسفه وحدة الوجود کي هو به رد نٿو ڪري. ان ۾ شاه ولي الله جو هڪ رسالو مڪتوب مدني جي نالي سان آهي. ان ڪري شاهه اسماعيل شهيد به زور ڏيندا آهن ته امام رباني فلسفه وحدت الوجود جو مخالف نه آهي. شاه اسماعيل فلسفه وحدة الوجود جا قائل آهن. اسين امام رباني جا زياده قائل هئاسون، جو ان هندستاني سياست ۾ اسلاميت کي داخل ڪيو هو. هن مسئلي ۾ اسلامي سياست کي دنيا جي عالمگير سياست ۾ ڪيئن ملائجي؟! امام رباني اسان کي هڪ حرف به نٿو ڏسي سگهي. هو نهايت سخت درجي جو حنفي فقيه آهي ۽ ڪابلي مزاج جو سياستدان آهي. ان ڪري جمهور اسلام جي سياست ۾ هن جي رهبري بالڪل ڪم نه ڏيندي. بخلاف هن جي ته شاه ولي الله اسلاميت جو ايڏو عالم آهي ۽ عالميگير سياست سان ان کي ايترو ربط ڏيئي سگهي ٿو جنهن جي نظير چوٿين صدي هجري کان پوءِ هڪ آدمي به نظر نٿو اچي. ان ڪري امام رباني جو درجو اسان جي دماغ ۾ شاه ولي الله وٺي ويو. هاڻي شاه ولي الله جي طريقي تي قائم رهون ته سياست به اسان جي ساري صاف ۽ مذهب به اعليٰ فلسفي سان پورو موافق.
يورپ ۾ وڃڻ کان پوءِ اسان ۾ هي تبديلي آئي آهي. هندستان ۾ اسين امام رباني کي پهرين درجو ڏيندا هئاسون ۽ شاه ولي الله کي ان جماعت جو ٻيو ماڻهو ٻئي درجي جو سمجهندا هئاسون. يورپ ۾ وڃڻ کان پوءِ شاه ولي الله کي پهرين درجي تي رکون ٿا ۽ شيخ اڪبر ۽ امام رباني کي ٻئي درجي تي رکون ٿا.
شيخ اڪبر فلسفه وحدة الوجود ۾ استاذ آهي. ليڪن اسلامي سياست ۾ هو رهبري نٿو ڪري سگهي. شاه ولي الله چونڪه ٻنهي فنن ۾ اسان لاءِ امام آهن، ان ڪري شيخ اڪبر کي به ٻئي درجي تي رکيوسون.
فلسفه وحدة الوجود هڪ مشڪل شيءِ آهي ۽ ان کي شريعت سان تطبيق ڏيڻ ان کان به زياده مشڪل آهي. گهڻا وڏا عالم اهڙا آهن جي ان کي سمجهي نٿا سگهن ۽ ان کي تمام مذاهب جو مخالف سمجهن ٿا ۽ اسلام جو ان کي خصوصي طرح سان مخالف سمجهن ٿا. ان جماعت ۾ سوين عالم آهن جي شيخ اڪبر کي ڪافر چون ٿا ۽ انهن مان ابن تيميه اول نمبر آهي اسان جي هندستان ۾ به هن عقيدي جا ماڻهو اهل حديث جي جماعت ۾ موجود آهن مگر محقق اهل حديث اڪثر شاه ولي الله سان تعلق رکن ٿا. اهي هن مسئلي ۾ ابن تيميه جي تقليد نه ڪندا. اهل حديث جو مشهور عالم نذير احمد دهلوي، شيخ اڪبر جو اهڙو قائل هو، جهڙا اسين قائل آهيون. اهل حديث جي ٻين عالمن ڪوشش ڪئي ته هو به شيخ اڪبر جي تڪفير جو قائل ٿئي پر ان قبول نه ڪيو. ان جي سوانح عمري ”الحياة بعد الممات“ جي نالي سان سندس شاگرد ڇاپي آهي. ان ۾ هي مسئلو تفصيل سان لکيل آهي.
هندستاني اهل حديث جو ٻيو هڪ عالم آهي جنهن جو نالو نواب صديق حسن خان آهي، ان پنهنجي پهرين ڪتابن ۾ ابن تيميه ۽ ٻين مُڪفر (ڪافر قرار ڏيڻ وارن) عالمن جي تائيد ڪئي ۽ تڪفير سان ڪتاب ڀري ڇڏيائين. مگر پڇاڙيءَ ۾ ان کان رجوع ڪيائين. غالباً ان جو سببب هي ٿيو هوندو جو هي شوڪانيءَ جو تمام معتقد هو. شوڪاني شروع ۾ شيخ اڪبر جي تڪفير ڪئي آهي مگر هڪ رسالي ۾ پنهنجن ڳالهين تي پاڻ رد ڪري ان کان رجوع ڪيو اٿس. غالباً هي رسالو نواب صديق حسين خان کي پڇاڙيءَ ۾ مليو آهي. ان ڪري ان به پڇاڙيءَ ۾ رجوع ڪيو. هي سڄو قصو ان ”التاج المڪلل“ ۾ تفصيل سان لکيو آهي. آءُ هن مسئلي کي چونڪه عقلي طرح سان سمجهي چڪو آهيان ان ڪري مڪفرين کي معذور سمجهان ٿو، جو هو ان مسئلي کي سمجهي نه سگهيا آهن. مون ڪڏهن به ان جي موافقت جو خيال نه ڪيو آهي. امام رباني، شيخ اڪبر جي فلسفي جي ترديد ڪري ٿو مگر ان جي ذات کي مقبول عالمن مان سمجهي ٿو. ڪنهن کي ان جي ذات تي اعتراض ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي. ان ڪري اسان کي به مڪفِّرن (ابن عربيءَ کي ڪافر قرار ڏيڻ وارن) سان موافقت جو ڪڏهن به خيال نه آيو. والسلام.
(هي مواد جمعيت علماءِ سنڌ جي ويب سائيٽ تان کنيو ويو. ادارو)