مختلف موضوع

پکا ۽ پنهوار

نئون ڪتاب ”پکا ۽ پنھوار“ اوهان اڳيان پيش آهي. مسڻ وڏي بابت تحقيق تي مشتمل ھن ڪتاب جو سھيڙيندڙ فھيم فدا شورو آھي. مسڻ وڏي جي نئين ٽهي وارن پنهنجي ڳوٺ، راڄ ۾ رهندڙ ماڻهن جي هنرن، ڌنڌن ۽ هتي جنم وٺندڙ علمي، ادبي، سياسي، سماجي شخصيتن بابت مواد گڏ ڪرڻ ۽ ان کي ڇپايو آھي هنن نوجوانن ھڪ سماج سڌارڪ تنظيم به جوڙي هڪ ٻئي جي ساٿ ۽ تعاون سان تحريري مواد گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ ترتيب ڏنو آهي. سچ پچ ته، ھي هڪ تمام سهڻو، قابل تعريف ۽ يادگار تاريخي قدم آهي.
Title Cover of book پکا ۽ پنهوار

ميان خليل الرحمان لغاري (ايڊووڪيٽ)

ميان خليل الرحمان لغاري (ايڊووڪيٽ)
ماهر تعليم استاد، بهترين مقرر، اديب، شاعر، وڪيل ۽ سياستدان

ميان خليل الرحمان لغاري ايڊووڪيٽ جو پورو نالو خليل الرحمان ولد حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ هو. پاڻ 20 مئي 1944ع ڌاري ديهه ڳاڙهي صدر ۾ جنم ورتائين. سندس تعليم ناظره قرآن مجيد کان علاوه فارسي ۽ عربي جون ابتدائي ٻه ٽي جماعتون ۽ بي اي، ايل ايل بي (سند يافته وڪيل) هئي.
تعليم تربيت: سندس ابتدائي تعليم ۽ تربيت سندس والد مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ جي زير نگراني ٿي جڏهن ته، سندس چاچي مولانا عبدالڪريم لغاري به مٿس خاص توجهه ڏنو، جنهن ڪري ٻالڪپڻ کان سندس ذهانت ۾ سون تي سهاڳي جو اثر ٿيو.
ننڍي هوندي پنهنجي چاچي مولانا عبدالڪريم لغاري سان گڏ ڳوٺ سڌار تحريڪ جي گڏجاڻين ۽ ڪچهرين ۾ شريڪ ٿي تقريرون ڪرڻ سان سندس صلاحيت اجاگر ٿيڻ لڳي. سندن والد مولانا محمد اسماعيل لغاري هڪ مجاهد عالم، مجتهد، فقيهه، اعليٰ پايه جو ذهين، بيباڪ بهادر، حق گو ۽ حق پرست، هر ظالم ۽ جابر سان مهاڏو اٽڪائيندڙ، مظلوم جو ساٿي، سماج سڌارڪ، ۽ جهاد جو جذبو رکندڙ جيد عالم دين هو. جيئن ته ميان خليل الرحمان جي ذهني نشو نما ۽ فڪري تربيت اهڙي گهر ۾ ٿي تنهنڪري منجهس اهي سڀ خوبيون قدرت واري سمائي ڇڏيون جو پاڻ هڪ ئي وقت بهترين اديب ۽ شاعر به هو ته بهترين سياسي ليڊر ۽ سماجي رهنما به هو. هر موضوع تي مدلل گفتگو ڪندڙ مقرر به هو ته پنهنجي قوم جو سچو هڏ ڏوکي، مظلوم جو بنا فيس وڪيل به هو.
عملي زندگي جو آغاز: ملڪي سياست توڙي عالمي سياست جهڙن موضوعن تي لکڻ سان صحافتي ادب ذريعي سندس سرگرمين جي ابتدا ٿي. ملڪي سياست خاص ڪري ون يونٽ وارو مسئلو سندس تحريرن ۽ تقريرن جو موضوع رهيو. اهڙي طرح ون يونٽ خلاف هلايل تحريڪ ۾ خوب بهرو ورتائين. عالمي سياست ۾ مصر جي صدر جمال ناصر جي دور ۾ نهر سوئيز جي هلندڙ مسئلي تي لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ پوءِ اقوام متحده جي عالمي مسئلن کي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي بابت لکڻيون به تحرير ڪرڻ کان علاوه پاڻ ڪيترن علمي ادبي سماجي شخصيتن جا سوانحي خاڪا به تحريرڪيائين.
شاعري: صدر ايوب جي دور ۾ بنيادي جمهوريتن واري اليڪشن بابت نظم لکي ابتدا ڪيائين. ۽ پوءِ سندس شاعري ۾ معاشري ۾ ٿيندڙ ڏاڍايون، زميندار جا هاري تي ظلم، سيٺ جا مزدور تي ظلم، مٿئين طبقي جا هيٺئين طبقي تي ٿيندڙ ظلم خاص موضوع رهيا. پاڻ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊوالهيار جو ميمبر به رهيو. اهو اهو زمانو هو جو حيدرآباد وارو مشهور وڪيل جناب امام علي ميمڻ سنڌي ادبي سنگت جو چيئرمين هو.ڪجهه وقت کان پوءِ سندس ڳوٺ مسڻ وڏي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ قائم ڪيائين جنهن جو پاڻ چيئرمين رهيو 67_1966ع دوران روزانه نواءِ سنڌ ۾ پهرين ٽرانسليٽر ۽ پوءِ سب نيوز ايڊيٽر رهيو. ان وقت اخبار جو ايڊيٽر مولانا عبدالغفور سيتائي هو.
انهن ڏينهن اردو بورڊ حيدرآباد ۾ نيازهمايوني وٽ سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون ٿينديون هيون جن ۾ شيخ اياز سميت سنڌ جا ممتاز اديب ۽ شاعر شريڪ ٿيندا هئا انهن گڏجاڻين ۾ ٻن سالن تائين خليل الرحمان به لڳاتار شريڪ ٿيندو رهيو.
سماجي خدمتون: اڪثرڪري ڳوٺ مسڻ وڏي ۽ آسپاس جي مسڪين طبقي جي هرڏکي ويل واهر ۽ مدد ڪرڻ، ڪيسن، ڦڏن ۽ زور آورن جي ظلم جي شڪار ٿيل مسڪين ۽ بيڏوهي قسم جي پنهنجي توڙي پرائي جي بنا معاوضه ڪورٽن تائين قانوني، اخلاقي ۽ مالي مدد ڪرڻ. علاوه ازين پاڻ 1970ع کان 1972ع تائين انجمن اشاعت العلوم جو ٻه سال ان وقت کان جنرل سيڪريٽري رهيو جنهن وقت مولانا عبدالڪريم لغاري سيڪريٽريشپ تان رٽائر ڪيو. جڏهن ته انجمن اشاعت العلوم جي زير نگراني ان وقت مسلم سنڌي پرائمري اسڪول، اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏي هلندڙ هئا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ 1972ع ڌاري اهي ٻئي اسڪول سرڪاري قومي تحويل ۾ ورتا ويا ته انجمن خودبخود ڪالعدم ٿي وئي.
سياسي سرگرميون: 1968ع ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان پيپلز پارٽي قائم ڪئي ته پاڻ پنهنجي والد صاحب مولانا محمد اسماعيل لغاري، شيخ السند مولانا عبدالحق رباني نصرپوري ۽ مير رسول بخش خان ٽالپر حيدرآباد جي مشوري سان 1968ع ۾ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو ۽ تعلقي ٽنڊي الهيار جو صدر منتخب ٿيو. صدر ايوب خلاف پيپلز پارٽي جي تحريڪ دوران 1968ع ۾ گرفتار ٿي جيل حوالي ٿيو ۽ 1970ع ۾ آزاد ٿيڻ بعد وري به تعلقي ٽنڊي الهيار جو صدر رهيو. 1976ع ۾ پيپلز پارٽي جي پاليسين سان اختلاف سبب پي پي تان دستبردار ٿي سياست کان ڪناره ڪش ٿي ويو. ميان خليل الرحمان لغاري عملي طرح سياست تان دستبردار ٿي پنهنجي ڳوٺ جي اڀرن مسڪينن جي خدمت ڪندي ۽ پنهنجي اباڻي معمولي زمينداري تي گذر بسر ڪندي زندگي جا ڏينهن پورا ڪيا.
ادبي خدمتون: پاڻ وقت بوقت سياسي، سماجي، ادبي ۽ مشهور اهل علم شخصيتن بابت مضمون ۽ نظم لکندو رهيو جيڪي روزانه نواءِ سنڌ، عبرت، آفتاب ۽ مهراڻ کان علاوه ماهوار رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا. ان کان علاوه سندس شاعري جو مجموعو "بياض خليل" جي نالي سان پونئيرن وٽ موجود آهي.
علمي خدمتون: پاڻ هاءِ اسڪول مسڻ وڏي (جڏهن اهو خانگي طرح هلندڙ هو) ۾ ڪافي عرصو بلامعاوضه استاد ٿي رهيو ۽ پنهنجي قوم جي ٻارن کي علم جي زيور سان نوازيندورهيو.
اولاد: ميان خليل الرحمان لغاري کي هڪ پٽ زاهد جو اولاد ٿيو جيڪو ننڍي هوندي گذاري ويو.
وفات: ميان خليل الرحمان لغاري 5 شعبان 1422هه مطابق 24 آڪٽوبر 2001ع تي وفات ڪئي.