سي لاهوتي لڏي ويا
حضرت مولانا عبدالرحمان شورو رح
مولانا عبدالرحمان شورو ولد فقير محمد عمر شورو ڳوٺ بقا شورو ديهه سميجاڻي جاگير تعلقه ميرپورساڪرو ضلع ٺٽو ۾ سن 1924ع ڌاري پيدا ٿيو. سندس مائٽاڻو نالو روض الدين هو. پاڻ قرآن مجيد پنهنجي علائقي جي ملا مڪتب ۾ ميانجي طالب شوري وٽ، سنڌي چار درجا ۽ ڪريما فارسي تائين ميانجي قادر بخش شوري وٽ پڙهيائين. سندس استاد ميانجي قادربخش شورو تنهن وقت جي فائنل پاس هو. بعد ۾ پاڻ پنهنجي وڏي ڀاءُ محمد الياس شوري جي معرفت نصرپور ويجهو فاضلاڻي سيدن وٽ مزدوري ڪرڻ آيو. فاضلاڻي سيدن وٽ سندس مائٽ اڪثر و بيشتر مزدوري ڪرڻ جي خيال سان ايندا رهندا هئا. پاڻ فاضلاڻي سيدن جي گهوڙن جو گاهه ڏهه روپين جي ماهانه پگهار تي ڪندو هو. هڪ ڀيرو گاهه ڪندي کيس خيال آيو ته پاڻ پنهنجي تعليم کي اڳتي وڌائي. اهو خيال ڪري پاڻ گاهه اتي ئي ڇڏي نصرپور ۾ مولانا عبدالحق رباني جي مدرسي ۾ پڙهڻ جي خيال سان پهتو. نامعلوم ۽ اڻ سڃاتل ماڻهو سمجهي مولانا عبدالحق رباني وٽ کيس داخلا نه ملي سگهي. مسڻ وڏي جي مدرسي جي باري ۾ ڄاڻ ملڻ تي پاڻ نصرپور کان مسڻ وڏي پيدل سفر ڪيائين. آخرڪار کيس مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي ۾ داخلا ملي وئي. اهو 1941ع وارو سال هو، انهي سال ئي مولانا عبدالڪريم لغاريؓ دارالعلوم ديوبند مان فارغ التحصيل ٿي مدرسه دارالهديٰ ۾ مدرس جي مسند تي ويٺا. پاڻ مولانا محمد اسماعيل لغاري ۽ مولانا عبدالڪريم لغاري وٽ موقوف عليه تائين ڪتاب پڙهيائين. مدرسه دارالهديٰ کان علاوه مولانا عبدالرحمان شوروؓ چؤنره مدرسه ميرواهه گورچاڻي ۾ مولانا محمد ابراهيم خاصخيلي ۽ مولانا رسول بخش چانڊيو (مولانا رسول بخش چانڊيوؓ مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جو استاد هو.) وٽ پڙهيو. ۽ سنڌ جي قديم تعليمي درسگاهه مدرسه مظهر العلوم کڏو ڪراچي ۾ به ٽن مهينن تائين پڙهيو. پر ڪراچي جي آبهوا سندس طبيعت جي موافق نه هئڻ ڪري واپس مسڻ جي مدرسي ۾ آيو. پاڻ زياده تر مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي ۾ پڙهيو. موقوف عليه پڙهڻ بعد سن 1947ع ڌاري برصغير جي ورهاڱي، هندستان ۽ پاڪستان جي ٿيڻ، واڻين جي لڏ پلاڻ ۽ پناهگيرن جي آمد جي ڪري جيئن ته پورو ملڪ افراتفري جو شڪار ٿي ويو انهي ڪري سندس پڙهائي رولڙي جو شڪار ٿي وئي جنهن ڪري پاڻ دوره حديث نه پڙهي سگهيو. مولانا عبدالرحمان شورو مولانا محمد اسماعيل ۽ مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جي اوائلي شاگردن ۾ هو. پاڻ مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ جي غير موجودگي ۾ وقت بوقت جامع مسجد مسڻ وڏي ۾ خطابت ۽ امامت جا فرائض به سرانجام ڏيندو هو. مولانا عبدالرحمان شوروؓ نهايت ئي ڪفايت شعار، ٿوري تي صبر شڪر ڪندڙ هڪ اعليٰ انسان هو. سندس استادن سان کيس ايتري ته محبت هئي جو پاڻ پنهنجو مائٽاڻو وطن ڇڏي هميشه هميشه لاءِ مسڻ وڏي کي پنهنجو مسڪن بنايائين. مولانا عبدالرحمان شورو وقت بوقت پنهنجي مائٽن جي غلط عقيدن ۽ غيرشرعي رسمن جي اصلاح ڪرڻ واسطي ميرپورساڪرو ضلع ٺٽو ۾ وڃي انهن کي وعظ نصيحت ۽ دين اسلام جي تبليغ ڪندو هو. پاڻ اتي ڳوٺ بقا شوري ۾ هڪ عيدگاهه جو بنياد وڌائين جتي پاڻ 18 سال آخر دم تائين باقاعدگي سان عيدون پڙهائيندو رهيو. 1944ع ۾ پڪي قلعي حيدرآباد ۾ جمعيت علماءِ هند طرفان ملڪي سطح تي جيڪا سه روزه اهم ڪانفرنس ڪوٺائي وئي هئي تنهن ۾ مولانا عبدالرحمان شورو رضاڪار ٿي ڪم ڪيائين. ياد رهي ته انهي تاريخي ڪانفرنس ۾ آيل مهمانن جي ميزباني مير علي احمد ٽالپر ڪئي هئي. پاڻ امام انقلاب علامه عبيدالله سنڌيؓ جي زير نگراني قائم ڪيل جمعيت طلباءِ سنڌ جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري رهيو. ان کان علاوه پاڻ هند و پاڪ جي چوٽي جي ليڊرن جهڙوڪ امام انقلاب علامه عبيدالله سنڌيؓ، قاري محمد طيب قاسميؓ، مولانا محمد صادق ميمڻؓ کڏو ڪراچي، شيخ السند مولانا عبدالحق ربانيؓ نصرپوري، مير علي احمد خان ٽالپر، مير رسول بخش خان ٽالپر، جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، حفيظ قريشي وڪيل، مولانا عطاءُ الله پٺاڻؓ، مولانا عبدالحئي نوحاڻيؓ، مولانا محمد هاشمؓ رڪن وارو (سکر) ۽ ٻين سان ملاقاتون به ڪيائين. مولانا عبدالرحمان شوريؓ بتاريخ 30 مئي سن 1997ع بروز جمع بوقت فجر نماز سجده جي حالت ۾ اجل کي لبيڪ چيو. کيس مسڻ وڏي جي مقامي قبرستان ”عبدالله فقير“ ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. مولانا عبدالرحمان شوري شادي به ڪئي. کيس 8 پٽن هر هڪ مولانا محمد يامين شورو (موجوده ناظم و خطيب جامع مسجد مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي)، استاد عبيدالله شورو، غلام مصطفيٰ شورو، غلام مرتضيٰ شورو، ثناءُ الله شورو، امان الله شورو، ضياءُ الله شورو، سيف الله شورو ۽ چار نياڻين جو اولاد ٿيو. سندس خاندان علمي ميدان ۾ پوري علائقي ۾ اڄ به مشهور آهي.