مختلف موضوع

پکا ۽ پنهوار

نئون ڪتاب ”پکا ۽ پنھوار“ اوهان اڳيان پيش آهي. مسڻ وڏي بابت تحقيق تي مشتمل ھن ڪتاب جو سھيڙيندڙ فھيم فدا شورو آھي. مسڻ وڏي جي نئين ٽهي وارن پنهنجي ڳوٺ، راڄ ۾ رهندڙ ماڻهن جي هنرن، ڌنڌن ۽ هتي جنم وٺندڙ علمي، ادبي، سياسي، سماجي شخصيتن بابت مواد گڏ ڪرڻ ۽ ان کي ڇپايو آھي هنن نوجوانن ھڪ سماج سڌارڪ تنظيم به جوڙي هڪ ٻئي جي ساٿ ۽ تعاون سان تحريري مواد گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ ترتيب ڏنو آهي. سچ پچ ته، ھي هڪ تمام سهڻو، قابل تعريف ۽ يادگار تاريخي قدم آهي.
Title Cover of book پکا ۽ پنهوار

مسڻ وڏي جو تاريخي پس منظر

مسڻ وڏي جو تاريخي پس منظر

مسڻ وڏي موجوده ضلع ٽنڊو الهيار جي تعلقه جهنڊو مري جي اهم شهرن مان شمار ٿئي ٿو. هن جي قدامت بابت تاريخي حوالا ٻڌائين ٿا ته، جڏهن 1783ع ڌاري ٽالپرن ڪلهوڙن کي هالاڻي جي جنگ ۾ شڪست ڏيئي سنڌ فتح ڪئي هئي. انهي دور کي ويجهو يعني ته ڪلهوڙن جي آخري دؤر يا ميرن جي شروعاتي دؤر ۾ مسڻ وڏي ڳوٺ جو بنياد پيو آهي. يعني ته اڄ کان اڍائي يا ٽي سئو سال اڳ هي ڳوٺ قائم ٿيو. لغاري بلوچ هن ڳوٺ جي ”باني قوم“ آهي. ڇوته، اهي ئي سڀ کان پهرين هي ڳوٺ اڏي اچي آباد ٿيا هئا. ان وقت هي ڳوٺ رستم خان لغاري جي نالي سان سڏبو هو. پر پوءِ جڏهن انگريزن 1901ع ڌاري سنڌ جي ڳوٺن، ديهن جي سروي ڪري انهن تي مقامي نالا رکي نقشا تيار پئي ڪيا ته هن ڳوٺ تي مسڻ وڏي نالو رکيو ويو. جنهن جو سبب هي آهي ته ٽنڊي الهيار جي هڪ تپي ايڊيشنل بلغاءَ جي ديهه ڪامارو جي سروي نمبر 135 ۾ هڪ قديم قبر ”مسڻ فقير“ جي نالي سان موجود آهي. جيڪا پير اشرف شاهه عليه الرحمة ڪاماري واري (1799ع _ 1860ع) کان به اڳ جي آهي.
انگريزن جي دؤر ۾ ساڱري جي پراڻن ڦاٽن مان هڪ ڦاٽ يا شاخ (ڍورو) وهندو هو. جنهن کي هڪ ٻن هنڌان کوٽي زمين جي سيرابي لاءِ موزون بنايو ويو ته ان ڍوري يا ڪڙئي جو نالو ”مسڻ فقير“ جي نالي پويان ”ڪڙيو مسڻ“ رکيو ويو. جيئن ته ان ڪڙئي جي ڪپ سان ٻه بستيون آباد هيون هڪ ننڍي بستي ۽ ٻي وڏي بستي (جنهن جو شروعاتي نالو ڳوٺ رستم خان لغاري هو. جيئن مٿي بيان ٿي چڪو.) مسڻ فقير جي نالي پويان وڏي بستي جو نالو مسڻ وڏي ۽ ننڍي بستي جو نالو مسڻ ننڍي پئجي ويو، جيڪي نالا اڃا تائين هلندا پيا اچن. مسڻ وڏي جي ڀروارن ڳوٺن ۾ مسڻ ننڍي، مبارڪ جروار، بيگن جروار، مٺو جروار به هڪ اندازي مطابق مسڻ وڏي جا همعصر ۽ هم سن آهن جن ۾ قائم ٿيڻ جي لحاظ کان ڪو خاص فرق نه آهي.
مسڻ وڏي ڳوٺ جن مکيه چئن انقلابي دؤرن مان گذريو آهي، اهي هي آهن.
1) ٽالپر حڪومت جو زوال ۽ سنڌ تي انگريزن جو قبضو.
2) 1931ع ۾ چرخي پوک جي پڄاڻي ۽ سکر بئراج جي واهن جو وهي اچڻ.
3) 1947ع ۾ انگريزن جو زوال ۽ هندستان ۽ پاڪستان جو وجود ۾ اچڻ. سنڌ جي پراڻي واڻيا قوم جي لڏپلاڻ ۽ پناهگيرن جي آمد.
4) 1958ع ۾ سنڌ جي جاگيرن خاص ڪري مسڻ جاگير جو خاتمو.
پراڻي جاگرافي لحاظ کان مسڻ وڏي جو علائقو ولهار جي خطي ۾ اچي ٿو. موجوده ولهار ۾ ٽنڊو الهيار جا پنج تپا جهڙوڪ تپو بُلغاءَ، تپو ڍالو، تپو پاڪ سنگهار، تپو سنجر چانگ، تپو چمبڙ اچي وڃن ٿا.
مسڻ وڏي کي مقامي آڳاٽن شاعرن مان سڀ کان پهرين پير اشرف شاهه ڪاماري واري (1799ع _ 1860ع) پنهنجي رسالي جي ”سر سارنگ“ ۾ دعا ڪندي ياد فرمايو آهي ته،
”مسڻ، پلهه پلٽيائين، شاهو ڇن سنڀار،
کاراهي تي خير جا ڪي اوهيرا اڀيار،
عاصي هن”اشرف“ ڏي، ڪي نبي لڳ نهار،
آگا مڃيج آر، ڪر ڪلام قبول مون.“
پير اشرف شاهه کان علاوه مسڻ کي ميين شاهه عنايت رضوي (متوفيٰ 1160 هجري / 1747ع) پنهنجي رسالي جي سر سارنگ ۾ به دعا ڪئي آهي.
مسڻ وڏي جي قائم ٿيڻ وقت آسپاس قديم قومن ۾ ڏگا قوم سڀ کان قديم قوم آهي. اهڙيطرح ابو طالب جو دڙو، ڇٽو پاتڻي عرف ڇٽو ولي جو پراڻو پڊ ۽ ڪجهه پرڀرو ڀٽيءَ جو ڦٽل ڪوٽ عرف ڀوريءَ جو دڙو آڳاٽا آهن. جڏهن ته هتي جو مقامي قبرستان ”عبدالله فقير“ مسڻ وڏي جي بنياد پوڻ کان به اڳ جو آهي. (نوٽ عبدالله فقير جي باري ۾ معلومات هن ڪتابچي ۾ شامل آهي.)
مسڻ وڏي ۾ آثار قديمه مان ڪابه عمارت يا ڪا ٻيءَ تاريخي شئي نه آهي جيڪا هن جي قدامت جو اهڃاڻ هجي. البت هڪ انجنيئري بنگلو ڳوٺ مسڻ وڏي لڳ ڏکڻ اولهه طرف (موجوده گرلس پرائمري اسڪول مسڻ وڏي جي بلڪل ڀر ۾) موجود هو، جنهن تي 1918ع جو سن تعمير لکيل هو. اهو بنگلو سکر بئراج کان به گهڻو اڳ ايريگيشن کاتي طرفان ٺهرايو ويو هو. هن وقت اهو بنگلو ختم ٿي ويو آهي. موجوده بنگلي جون سرون، ٽيئر، گارڊر به تين وال ٿي ويا. 1896ع ڌاري حرن جي هلچل دوران انگريزن هتي مسڻ وڏي ۾ پوليس چوڪي به قائم ڪئي هئي جنهن ۾ حرن کي ٻاهران آڻي لوڙهي ۾ بند ڪيو ويو هو. ان وقت اها پوليس چوڪي موجوده گورنمينٽ مسلم مين سنڌي پرائمري اسڪول واري جاءِ ۾ هئي.
مسڻ وڏي مير ٻڍي خان ٽالپر کي انگريزن طرفان مليل جاگير ۾ واقع هئي، جتي ڪوبه تعليمي ادارو، ڪابه سماج سڌارڪ تنظيم ڪونه هئي. بس هاري ناري، مالوند مارو پيٽ گذر ڪري پيا وقت گذر ڪندا هئا. پر برصغير جي ورهاڱي (پاڪستان ۽ هندستان ٿيڻ) کان تيرهن سال پهرين هن علائقي تي قدرت واري نظر ڪرم ڪري حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاري رحمت الله عليه کي توفيق ۽ سعادت بخشي جو هن هڪ ديني مدرسه دارالهديٰ جو 1934ع ڌاري بنياد وڌو. جنهن هن علائقي جي ماڻهن ۾ ديني شعور سان گڏ انقلابي جذبو پيدا ڪيو جنهن ڪري هتي جو ماڻهو تعليم جهڙي زيور سان آراسته ٿي پيو. منجهن علم شعور اچڻ ڪري زندگي جي طور طريقي ۾ ترقي آئي ۽ مذهبي، تجارتي، معاشي، اقتصادي، سياسي ۽ سماجي لحاظ کان هن ڳوٺ ترقي ڪري هڪ شهر جو روپ اختيار ڪري ورتو آهي. جنهن ۾ هر قسم جا دڪان، بازارون ۽ زندگي جي جمله ضروريات جو سامان مهيا آهي.
انهي ڳالهه کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته مسڻ وڏي ۾ جيڪا به ترقي، سڌارو ۽ واڌارو آيو آهي سو در حقيقت هتي قائم ٿيل تعليمي ادارن ديني مدرسه دارالهديٰ، پرائمري اسڪول، هاءِ اسڪول مان پڙهي نڪرندڙ باشعور نوجوان طبقي جي ڪري آهي. ڇوته ڪابه قوم جيستائين جهالت جي انڌيرن ۾ هوندي ته اها قوم ترقي نه ڪري سگهندي. جهالت جي اهڙن انڌيرن مان نڪرڻ لاءِ تعليم ئي هڪ اهڙي روشني آهي جيڪا ماڻهن کي رهڻ ڪهڻ، اٿڻ ويهڻ، کائڻ پيئڻ، ڪاروهنوار کان علاوه پنهنجي مالڪ کي سڃاڻڻ جي باري ۾ سڌي دڳ لڳائي ٿي. تعليمي ميدان ۾ اها عظيم خدمت حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ ۽ سندس ماسات حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جي گڏيل محنتن، ڪوششن، جدوجهد ۽ بي لوث عوامي خدمت جي طفيل آهي. انهي تعليمي شعور سبب هتي جو هر باشندو آزاد، خود مختيار ۽ پنهنجي مرضي جو پاڻ مالڪ بنيل آهي. نه ته اڪثر طور ڳوٺن ۾ هر ماڻهو تر جي وڏيري، سرمائيدار، جاگيردار جي ظلم جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندو آهي. اهڙن ڳوٺن ۽ علائقن جو وڏيرو ۽ ڀوتار ”ڪاري ۽ اڇي“ جو مالڪ بڻيل هوندو آهي.
مسڻ وڏي جي پکيڙ جي حوالي سان عرض ڪندا هلون ته حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ جي وڏي ڀاءُ مرحوم حاجي محمد صالح لغاري زمين جي سروي ڪرڻ ۾ وڏي مهارت رکندو هو. تنهن 1980ع ڌاري مسڻ وڏي جي سروي ڪري شهر مسڻ وڏي جي ايراضي 48 ايڪڙ ٻڌائي. جيڪڏهن اڄڪلهه مسڻ وڏي جي چوڌاري رنگ روڊ هجي ته اهو ڏيڍ ميل کن ٿيندو.