مسڻ جا محسن
حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاري رح
سنڌ جو برک عالم دين، بي باڪ بهادر، حق گو مجاهد حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ حاجي خان محمد لغاري جي گهر ۾ 1908ع ڌاري پيدا ٿيو.سندس جنم ڀوميءَ ٽنڊو الهيار جي هڪ ڳوٺ جرار ٿيٻو لڳ ڳوٺ ”سونهري ڪسي“ آهي. سندس تعليمي زندگي جي شروعات 1915ع ۾ حافظ محمد تقي هاليپوٽيؓ وٽ پڙهڻ کان ٿي. جيڪا 1934ع ۾ شادي پلي لڳ ڳوٺ عمر ڀنڀري ۾ فقيهه العصر حضرت مولانا مفتي محمد عثمان قرانيؓ ڀنڀري وٽ دستاربندي سان مڪمل ٿي. ساڳئي فراغت واري سال 1934ع ۾ سندس اباڻي ڳوٺ کي ويجهو مشهور بستي مسڻ وڏي جي رهاڪن جي تقاضا تي دارالهديٰ نالي ديني مدرسي جو بتاريخ 2 ذوالقعده 1352 هجري بمطابق 17 فيبروري 1934ع بروز ڇنڇر تي بنياد وڌائين. مدرسي کي هلندي ستون سال هو ته سندس ماسات مولانا عبدالڪريم لغاريؓ به دارالعلوم ديوبند مان پڙهي سَنَد وٺي آيو ته اهو به ساڻس ديني مدرسي جي ڪم ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو. ٻنهي بزرگن جي علمي هاڪ سبب مدرسي جي شهرت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي وئي. ايتريقدر جو پري پري کان مسافر شاگرد جهڙوڪ ايران، بلوچستان، لس ٻيلو، لاڙ، ٿر ۽ آسپاس جا ڪيترائي شاگرد هن علم جي چشمي مان سيراب ٿيڻ لڳا.
جنهن ڳوٺ مسڻ وڏي ۾ مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ ديني مدرسو قائم ڪيو هو. سو مير ٻڍي خان جي جاگير ۾ واقع هو. جيئن ته جاگيرداري جي پاڇي ۾ پلجندڙ ۽ زميندارن جي زير سايه رهندڙ عوام کي عموماً جاهل، بيحس ۽ غلام بنايو وڃي ٿو. انهيڪري مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ انهي علائقي جي غلام قوم کي آزادي جو شعور ڏنو. ڳوٺن راڄن ۾ تقريرون ڪري ماڻهن کي آزاد زندگي ۽ هڪ پڪي مسلمان ۽ موحد واري زندگي جا طور طريقا سمجهايا. پنهنجا حق حاصل ڪرڻ جي همت ۽ حوصلو ڏنو. خاص ڪري هاري طبقو پوئتي پيل هو. تنهن جي حقن لاءِ جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪئي. اڳتي هلي پاڻ حيدربخش جتوئي ۽ ان جي ٻين ساٿين سان گڏجي هاري تحريڪ جا سرگرم ڪارڪن رهيا. نتيجي ۾ علائقي جا جاگيردار ۽ زميندار مولانا محمد اسماعيلؓ ۽ سندس همخيال ساٿين جا دشمن ٿي پيا ۽ طرحين طرحين ڪيسن، ڦڏن ۾ کيس ڦاسائي پريشان ڪرڻ لڳا. پر هي عزم و همت جو پهاڙ بنجي پنهنجي ساٿين سميت انهن ظالمن سان مقابلو ڪندو رهيو. کيس حق ۽ سچ جي راهه تان هٽائڻ لاءِ ظالم زميندارن ۽ انهن جي ڇاڙتن پاران سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مٿس 82 ڪيس ڪيا ويا. پر انهن سڀني ڪيسن مان سندن باعزت بري ٿيڻ سندس حق گوئي ۽ سچائي جي فتح جو وڏو ثبوت آهي. نيٺ انهن ظالم زميندارن کي شڪست کائڻي پئي. مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ جي عزت ۽ عظمت جو ستارو آسمان تي چمڪڻ لڳو. انهي سموري هلندڙ جدوجهد ۾ مولانا لغاري پنهنجي مدرسي جي تعليم و تدريس به جاري رکي ته مسجد ۾ وعظ و نصيحت جو فرض به نڀائيندو رهيو. ديني مدرسو آب و تاب سان مولانا لغاريؓ جي اهتمام سان هلندو رهيو جيڪو اڄ تائين جاري آهي. البته مولانا لغاريؓ جي وفات بعد هن وقت مدرسي جو مهتمم سندس فرزند ميان رياض احمد لغاري ته ناظم مولانا محمد يامين شورو آهي.
جهالت جي خاتمي لاءِ پاڻ ديني تعليم سان گڏ پنهنجي ماسات مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جي ساٿ سان اسڪولي تعليم به شروع ڪيائين. ان جي انتظام هلائڻ لاءِ سيپٽمبر 1953ع ۾ انجمن اشاعت العلوم رجسٽرڊ ڪرائي وئي. جنهن جو پاڻ سرپرست چيئرمين ته مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جنرل سيڪريٽري ۽ حاجي موسيٰ خان لغاري خزاچي هئا. انجمن جا باقي ميمبر هي هئا.
1. رئيس حاجي محمد اسماعيل لغاري
2. جناب پير محمد اسماعيل صادق قريشي ڪامارو شريف ٽنڊو الهيار
3. حڪيم محمد اسحاق لغاري
4. خان محمد ولد جمع خان لغاري
5. حاجي عبدالله لغاري مسڻ وڏي
6. فتح علي خان لغاري مسڻ وڏي
7. حڪيم عبدالرحمان لغاري مسڻ وڏي
8. حاجي محمد هاشم لغاري مسڻ وڏي
9. مولوي عبدالرحمان شورو مسڻ وڏي
مذڪوره انجمن 29 سالن تائن پرائمري اسڪول، 19 سالن تائين هاءِ اسڪول ۽ هاسٽل تمام خوش اسلوبي سان هلائي. آخر 1972ع ۾ گورنمينٽ جي تقاضا تي ٻئي اسڪول سرڪاري تحويل ۾ ورتا ويا ته هاسٽل کي به بند ڪيو ويو. انهي بعد اها انجمن اشاعت العلوم ڪالعدم ٿي وئي.
مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ علم و عمل، تقويٰ ۽ فتويٰ جو صاحب هو. کيس فتويٰ ۾ ته اجتهاد جو ملڪو حاصل هو. سندس معرڪة الآراءَ فتوائون اڄ به مدرسي جي فتويٰ رجسٽر ۾ موجود آهن.
پاڪستان ٺهڻ کان اڳ آزادي جي تحريڪ ۾ جمعيت علماءِ هند جي پليٽ فارم تان ٿيندڙ جدوجهد ۾ حضرت مولانا محمد صادق ميمڻ کڏو ڪراچي ۽ حضرت مولانا عبدالحق ربانيؓ نصرپوري سان شريڪ رهيو. پاڻ جمعيت علماءِ هند جي صوبه سنڌ جي مجلس عامله جو ميمبر رهيو. 1944ع ۾ پڪي قلعي حيدرآباد ۾ جمعيت علماءِ هند طرفان ملڪي سطح تي جيڪا سه روزه اهم ڪانفرنس ڪوٺائي وئي هئي تنهن جي انتظاميه ڪاميٽي جا پاڻ ميمبر هئا. هند و پاڪ جي چوٽي جي ليڊرن جهڙوڪ مولانا امام الهند ابوالڪلام آزادؓ، مولانا عبيدالله سنڌيؓ، مولانا حسين احمد مدنيؓ، خان عبدالغفار خان، عبدالصمد اچڪزئي سان سندس وقت بوقت ملاقاتون ۽ تبادله خيالات ٿيندا رهيا. علاوه ازين سنڌ جي رهنمائن جهڙوڪ مولانا محمد صادق ميمڻؓ کڏو ڪراچي، شيخ السند مولانا عبدالحق ربانيؓ نصرپوري، مير علي احمد خان ٽالپر، مير رسول بخش خان ٽالپر، جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، حفيظ قريشي وڪيل سان ته گهري دوستي هئي. مولانا لغاريؓ متحده هندستان ۾ جمعيت علماءِ هند جي طرفان ٿيندڙ وڏن وڏن جلسن ۽ ڪانفرنسن ۾ جيڪي ڪراچي، ممبئي، دهلي، ديوبند ۽ لاهور وغيره ۾ ٿينديون رهيون انهن ۾ به شريڪ ٿيندو رهيو. پر پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ پاڪستاني سياست کان ڪناره ڪش رهيو. البته سنڌ ۽ سنڌي قوم سان ٿيندڙ ظلم، زيادتين ۽ ويساهه گهاتين جي تدارڪ لاءِ پنهنجي تقريرن ۾ اقتدار ڌڻين کي آگاهه ڪندو رهيو.
پاڻ بهترين شاعر به هو. سندس شاعري سنڌي ۽ فارسي ۾ آهي جيڪا دفتر جي صورت ۾ محفوظ آهي. کيس ٽي شاديون هيون جن مان ٽي نياڻيون ۽ ٽي فرزند هر هڪ مرحوم ميان خليل الرحمان لغاري ايڊووڪيٽ، ظهير الدين بابر ۽ رياض احمد لغاري آهن.
آخر عمر ۾ پاڻ زندگي جون يادگيريون آتم ڪٿا جي صورت ۾ لکڻ شروع ڪيائين پر زندگي وفا نه ڪئي. اها آتم ڪٿا اڌوري رهجي وئي. البته جيڪي لکيو اٿن سو شاگردي واري زماني کان عالم و فاضل ٿيڻ جي عرصي تائين آهي. پر انهي حصي ۾ به ان وقت جون سياسي سماجي حالتون، ڳوٺن جو ثقافتي ۽ مذهبي پهلو، شهرن توڙي ٻهراڙين جا جائزا، مختلف مندن ۽ موسمن ۾ ٻهراڙي جا قدرتي نظارا ۽ ڪي اهم واقعا دلچسپ نموني لکيا اٿن. سندس وفات 81 سالن جي ڄمار ۾ 28 جون 1989ع ۾ بمطابق 23 ذوالقعده 1409هجري بروز اربع تي ٿي. کيس هزارين آلين اکين سان مسڻ وڏي جي ”عبدالله فقير“ قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. سندن تاريخ وفات واري ڪتبي تي سندن ماسات حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ فارسي جو هي شعر لکرايو.
اغنيا سازند گنبذ از طِلاؤ نقش و زر
بر مزار ما غريبان گنبذ گردون بس است
شاهوڪار سون چاندي سان چٽيل گنبذ ٺاهين ٿا. پر اسان غريبن جي قبر تي آسمان جو گنبذ ڪافي آهي.