مختلف موضوع

پکا ۽ پنهوار

نئون ڪتاب ”پکا ۽ پنھوار“ اوهان اڳيان پيش آهي. مسڻ وڏي بابت تحقيق تي مشتمل ھن ڪتاب جو سھيڙيندڙ فھيم فدا شورو آھي. مسڻ وڏي جي نئين ٽهي وارن پنهنجي ڳوٺ، راڄ ۾ رهندڙ ماڻهن جي هنرن، ڌنڌن ۽ هتي جنم وٺندڙ علمي، ادبي، سياسي، سماجي شخصيتن بابت مواد گڏ ڪرڻ ۽ ان کي ڇپايو آھي هنن نوجوانن ھڪ سماج سڌارڪ تنظيم به جوڙي هڪ ٻئي جي ساٿ ۽ تعاون سان تحريري مواد گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ ترتيب ڏنو آهي. سچ پچ ته، ھي هڪ تمام سهڻو، قابل تعريف ۽ يادگار تاريخي قدم آهي.
Title Cover of book پکا ۽ پنهوار

حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري رح

حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري رح
مولانا عبدالڪريم لغاري جو پورو نالو مولانا حاجي عبدالڪريم ولد حاجي علي محمد لغاري هو. پاڻ ڳوٺ الهه کاهي جي ڪسي، ديهه ڳاڙهو صدر تپو ڍالو تعلقو ٽنڊو الهيار حيدرآباد ۾ بتاريخ 25 ربيع الثاني 1333ﻫ مطابق 12 مارچ 1915ع بروز خميس بوقت صبح صادق پيدا ٿيا.
ابتدائي تعليم: مولانا عبدالڪريم لغاري جي تعليم جي ابتدا مدرسه مولانا يعقوب پنهور (فاضل مدرسه قراني) وٽ 1340هه مطابق 1922ع ڌاري ٿي. پاڻ جن مدرسن ۾ تعليم ورتائين انهي ۾ هيٺيان مدرسا شامل آهن
1. مدرسه مولانا محمد يعقوب پنهور ڳوٺ پير بخش لغاري
2. مدرسه مولانا محمد نوح خاصخيلي (فاضل مدرسه قراني) ڳوٺ حاجي وريام خاصخيلي لڳ ميرواهه گورچاڻي
3. مدرسه مولانا حاجي ابراهيم خاصخيلي ڳوٺ حاجي مبين خاصخيلي لڳ ميرواهه گورچاڻي
4. مدرسه مولانا علي محمد درس (فاضل ديوبند) ڳوٺ ٽوها درس لڳ ماتلي.
5. مدرسه قراني مولانا محمد عثمان قراني ڳوٺ عمر ڀنڀرو لڳ شادي پلي.
6. مدرسه مولانا محمد صالح ميمڻ نصرپوري ڳوٺ دولت لغاري تعلقه ميرپور خاص.
7. مدرسه مظهرالحق نصرپور (شيخ السند مولانا عبدالحق رباني نصر پور)
8. مدرسه دارالعلوم ديوبند سهانپور انڊيا
فراغت ۽ دستار بندي:
1359 هجري ڌاري غالبن 1941_1940ع دارالعلوم ديوبند ۾ علم جي تحصيل کان فراغت حاصل ڪري دستار بندي ڪيائين.
درس و تدريس:
مولانا عبدالڪريم جن پنهنجي ڇپايل ڪتاب ”مرد قلندر“ جي صفحي 21 تي لکن ٿا ته، ”دارالعلوم ديوبند مان فارغ ٿي واپس وطن اچڻ بعد پختو ارادو ڪيم ته، ديني تعليم تي نه پگهار وٺڻو آهي ۽ نه ئي مدرسي جي نالي ڪنهن مغرور، متڪبر وڏيري جي اڳيان سر جهڪائي بيک ڇڏائڻي آهي. جنهن کي اڄوڪي اصطلاح ۾ ”چندو“ چوندا آهن اهي ٻئي معمول بحمدالله اڄ تائين پختگي سان هلندا اچن.
وڌيڪ ساڳئي ڪتاب ۾ لکن ٿا ته،
”منهنجي پهچڻ کان (ست سال) اڳ هتي (مسڻ وڏيءَ ۾) معزز مهربان، رفيق شفيق، عزيز محترم مولانا محمد اسماعيل لغاري هڪ ديني اداري مدرسه دارالهديٰ مسڻ جو بنياد 2 ذوالقعده 1352 هه مطابق 1934ع ۾ اڳي ئي رکي چڪا هئا“
ساڳئي احوال کي وڌيڪ تفصيل سان سندس آتم ڪٿا بنام ”نقوش زندگي“ صفحي 17 تي لکن ٿا ته ڌڻي تعاليٰ جي لطف و ڪرم جو بيڪ جان نه بصد جان ممنون و مشڪور آهيان جو دارالعلوم ديوبند کان فراغت بعد مهربان، معزز، مشفق عزيزي مولانا محمد اسماعيل لغاري صاحب جي رفاقت نصيب ٿي. جنهن جي اعليٰ ارادن عزم مصمم، خودداري، بلند خيالي، جفا ڪشي، جدوجهد جو بنده تي به ڪجهه نه ڪجهه اثر پيو.
”وگر نه من هُمان خاڪم ڪ هستم “
انهي نعمت عظمي لاءِ سر بسجود آهيان. رب پاڪ منهنجي رڳو مهربان نه، بلڪ مربي (تربيت ڪندڙ مولانا محمد اسماعيل لغاري) کي جنت ۾ جايون ڏئي. اسان پوين کي سندس نقش تي هلڻ جي توفيق عطا ڪري. آمين.
پهرين هي ته اسان ٻنهي رفيقن عهد ڪيو هو ته، پنهنجي ساري زندگي پنهنجي ڏتڙيل قوم جي خدمت ۾ صرف ڪرڻي آهي، ڪهڙيون به حالتون سر تي اچن بقول شاهه ته،
”ڇڏج نه پير پرينءَ جو توڙي لُڪون لڳن لک“
انهي غريب جماعت سان رهڻوآهي. ڌڻيءَ جي دهليز تي آخري پساهه ڏيڻو آهي. ٻيو ته پنهنجي لاءِ يا قومي ادارن لاءِ ڪنهن به سرمائيدار جي اڳيان هرگز هٿ ڊگهيرڻو ڪونهي توڙي جو ضرورتون حد کان وڌي وڃن.“ساڳي آتم ڪٿا ”نقوش زندگي “ ۾ اڳتي صفحي نمبر 19 تي لکن ٿا ته،
”مون کي ياد آهي ته، 1359 هه ۾ ديوبند کان فارغ ٿي پنهنجي ڳوٺ پهتو هئس ته ڪامارو شريف جي سجاده نشين مرحوم مغفور پير حاجي خان محمد قريشي پيغام موڪليو ته، مون کي پنهنجي نور چشم اسماعيل صادق کي ديني تعليم ڏيارڻي آهي انهيڪري اوهان اچي ڪامارو شريف ۾ پڙهايو. جواب ۾ مون پير صاحب کي گذارش ڪيم ته مون پڪو پهه ڪيو آهي ته برادرم عزيز مولوي محمد اسماعيل صاحب لغاري جي کوليل ديني اداري (مدرسه دارالهديٰ) ۾ تعليم ڏيڻي آهي. اوهان جي فرزند کي ديني تعليم جي ضرورت آهي ته هتي موڪلي ڏيوس مون کي ياد آهي ته، اسماعيل صادق ڪامارو مان هر روز سواري تي مدرسي پهچندو هو“
مولانا عبد الڪريم لغاري لڳاتار 46 سالن تائين مولانا محمد اسماعيل لغاري جي قائم ڪيل اداري مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي ۾ درس و تدريس جا فرائض سر انجام ڏنا. انهي سان گڏ مدرسه جي اندروني نظام کي سنڀالڻ، استادن ۽ شاگردن جي نگهداشت، جڏهن ته مدرسي سان واسطو رکندڙ ٻاهريان ڪم ڪار، مدرسه جي موافقت يا مخالفت ۾ ٿيندڙ معاملن، واقعن کي منهن ڏيڻ ۽ اهڙي قسم جي دفاع ۽ برتاءُ جي اهم جوابداري مدرسه جي باني ۽ مهتمم اول مولانا محمد اسماعيل لغاري جي حوالي هئي .
مدرسي ۾ درس و تدريس کان علاوه مولانا عبدالڪريم لغاري مدرسه دارالهديٰ جا 48 سالن تائين ناظم اعليٰ به رهيا. 1989ع ۾ مدرسه جي باني ۽ مهتمم اول مولانا محمد اسماعيل لغاري جي وفات بعد مدرسه جا 15 سالن تائين مهتمم به رهيا.
اسڪولي تعليم لاءِ جدو جهد
مولانا محمد اسماعيل لغاري ۽ مولانا عبد الڪريم لغاري جي گڏيل ڪوششن ۽ سندن جماعت جي تعاون سان 1954 کان اسڪولي تعليم جي شروعات ملا مڪتب سان ڪئي وئي جيڪو اڳتي هلي مسلم سنڌي پرائمري اسڪول جي نالي خانگي طرح هلندو رهيو جنهن جو 29 سالن تائين مولانا عبد الڪريم لغاري هيڊ معلم رهيو. 1953ع ۾ انگلش ڪلاس به شروع ڪيو ويو جيڪو اڳتي هلي مڊل اسڪول پوءِ اسلاميه هاءِ اسڪول جي سطح تائين پهچايو ويو. ٻنهي اسڪولن ۾ ٻاهر جي مسافر شاگردن لاءِ هاسٽل جو به معقول انتظام ڪيوويو. اهاسموري جدوجهد انهن ٻنهي بزرگن مولانا محمد اسماعيل لغاري ۽ مولانا عبد الڪريم لغاري جي گڏيل ڪوششن ۽ سندس هم خيال دوستن ۽ جماعت جي تعاون سان جاري رهي. آخرڪار 1972ع ۾ اهي اسڪول قومي تحويل ۾ ورتا ويا.
سماجي ۽ فلاحي خدمتون
1953ع ڌاري سنڌ ۾ ٻهراڙين جي ڳوٺن جي لاءِ ڳوٺ سڌار تحريڪ شروع ٿي. 1954ع ۾ پاڻ پنهنجي دوستن، شاگردن سميت ڳوٺ سڌار تحريڪ ۾ خالص سماجي خدمتن جي حوالي سان عملي طرح حصو ورتائون.
مذهبي پرچار، وعظ ۽ تقرير
اڪثر ڪري پاڻ جمعي جي ڏينهن جامع مسجد مدرسه دارالهديٰ ۾ تقرير ۽ وعظ فرمائيندا هئا. انداز بيان نج سنڌي، سليس ٻولي ۾ اصلاحي نقطه نظر سان شريعت جا خالص احڪام سمجهائڻ، ماڻهن جي اخلاق سڌارڻ تي پيار ڀرين ٻاجهارن لفظن سان مخاطب ٿيندا هئا. سندس وعظ جو مرڪزي نقطو رجوع الي الله هوندو هو.
تصنيف و تاليف
ڇپيل تصنيفون:
1). مرد قلندر: سندس ننڍپڻ جي دوست سائين صاحبخان لغاري دولتاڻي جي علمي، ادبي خدمتن بابت لکيل آهي. جيڪو پاڻ مارچ 1979ع ۾ شايع ڪيائون.
2). سڪ جو سفر: دارالعلوم ديوبند جي صد ساله جشن 1980ع جو اکين ڏٺو احوال ۽ انهي سلسلي ۾ ڪيل سفر جي روئداد، ديوبند جي تاريخ تي لکيل آهي، جيڪو پاڻ جنوري 1982ع ۾ ڇپرايائون.
3). ٿڌا وڻ ولهار جا: هي ڪتاب مسڻ جي قديم ۽ جديد تاريخ بابت لکيل آهي جيڪو پاڻ 1984ع ۾ ڇپرايائون.
4). قصيدھ بردھ شريف جو سنڌي ترجمو: هي سندن سڀ کان آخري تصنيف آهي. مذڪوره ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ شرح سندس خاص شاگرد ۽ مدرسه دارالهديٰ جي موجوده ناظم اعليٰ مولانا محمد يامين شوري لکي الهديٰ پبليڪيشن مسڻ وڏي طرفان 2006ع ۾ شايع ڪرايو آهي.
اڻ ڇپيل تصنيفون:
1). نقوش زندگي: هي سندن هٿ اکر لکيل آتم ڪٿا آهي. جيڪا فل اسڪيپ سائز جي 19 صفحن تي مشتمل آهي. مذڪوره آتم ڪٿا ماهوار شريعت سکر ۾ مضمون جي صورت ۾ شايع ٿي هئي.
2). ڊائري: 1978ع کان 1997ع تائين ۽ ڪجهه 1998ع جا مهينا، روزانه جا احوال، واقعا، ملڪ ۽ قوم جي سياسي، سماجي احوال بابت هڪ يادگيري آهي. اهي ڊائريون مدرسه دارالهديٰ جي اشاعت العلوم لائبريري ۾ موجود آهن.
بيماري ۽ وفات
1998ع ۾ کين بلڊ پريشر جو عارضو ٿي پيو، جنهن کان بعد وقت بوقت پيريءَ جي ڪمزوري سان گڏ ڪجهه طبعي شڪايتون وڌڻ لڳيون. تان جو هلڻ چلڻ کان بس ٿي بستري داخل ٿي ويو. تقريبن 8 سالن تائين هڪ ئي کٽ تي گذاريائون. جيتوڻيڪ هوش و حواس، عقل و فهم ۾ ڪوبه فرق ڪونه آيو. انهي دوران سندس علاج معالجه لاءِ دوائون ٽيسٽون ڊاڪٽر غلام محمد ٻگهيو ۽ ڊاڪٽر محمد هاشم پنهور ميرپور خاص وارن جي ذاتي خرچ سان ۽ سندن زير نگراني هلنديون رهيون. ٻئي ڊاڪٽر صاحبان تقريبن هر جمعي تي سائين جن جي زيارت ڪرڻ به ايندا هئا ته، چيڪ اپ به ڪري ويندا هئا. جن شاگردن ۽ متعلقين سائين جي بيماري دوران خدمت ڪئي تن ۾ عبدالله ڪنڀار، اياز علي ڪنڀار، مدثر شيخ، نجم الدين لغاري، قيمت سوٽهڙ ۽ زاهد ڪنڀار شامل آهن. البته ٻاهران دوائون آڻڻ ۽ وقت تي کارائڻ، ماني ٽڪي، ڦل فروٽ آڻڻ، ڌوتي پوتي، صفائي پاڪائي جي ذميداري عبدالله ڪنڀار خوب نڀائي. الله تعاليٰ انهن سڀني کي سندن خدمت جو بهتر صلو عطا فرمائي (آمين). پر ڪمزوري حد کان وڌي وئي. آخر 2004ع جي 27 نومبر تي ڇنڇر رات 2 وڳي ڌاري 14 شوال 1425هجري ۾ سندس روح قفس عنصري مان پرواز ڪري ويو. سندس وصيت مطابق سندس خاص شاگرد مولانا محمد يامين شوري ۽ سندس ڀائيٽي حاجي محمد ايوب لغاري کيس آخري غسل ڏنو ۽ سندس آخري آرامگاهه مولانا محمد اسماعيل لغاري جي قبر جي پيراندي کان آهي.