مختلف موضوع

پکا ۽ پنهوار

نئون ڪتاب ”پکا ۽ پنھوار“ اوهان اڳيان پيش آهي. مسڻ وڏي بابت تحقيق تي مشتمل ھن ڪتاب جو سھيڙيندڙ فھيم فدا شورو آھي. مسڻ وڏي جي نئين ٽهي وارن پنهنجي ڳوٺ، راڄ ۾ رهندڙ ماڻهن جي هنرن، ڌنڌن ۽ هتي جنم وٺندڙ علمي، ادبي، سياسي، سماجي شخصيتن بابت مواد گڏ ڪرڻ ۽ ان کي ڇپايو آھي هنن نوجوانن ھڪ سماج سڌارڪ تنظيم به جوڙي هڪ ٻئي جي ساٿ ۽ تعاون سان تحريري مواد گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ ترتيب ڏنو آهي. سچ پچ ته، ھي هڪ تمام سهڻو، قابل تعريف ۽ يادگار تاريخي قدم آهي.
Title Cover of book پکا ۽ پنهوار

مخدوم ميون صابر ولهاري رحمت الله عليه

مخدوم ميون صابر ولهاري رحمت الله عليه
عظيم عالم، بزرگ ۽ مدرس. ولهار جي درسگاهه جو پايو وجهندڙ
عاصي عبدالواحد هڪڙو


اڳين سمي نصرپور سرڪار جي ستن پرڳڻن مان هڪ پرڳڻي جو نالو ولهار هو، جيڪو ٽنڊو الهيار تعلقي جي موجوده پنجن تپن هر هڪ، بلغاءَ، ڍالو، سنجرچانگ، پاڪ سنگهار ۽ چمبڙ جي ايراضي تي مشتمل هو.
هن درهي زمين کي بهاري توڙي بياباني ۾ ڏسي ڪيترن شاعرن کيس مختلف نمونن سان ياد ڪيو آهي. ميون شاهه عنايت رضوي (متوفيٰ 1160 هه) ”ولهار“ جي وڻن جي ڇانو ۽ بهاريءَ جو ذڪر ڪندي فرمايو آهي ته:
”ٿڌا وڻ ولهار جا، جت صدر سونهارو،
اکڙين آرو، اوڏانهين عنايت چئي.“
جتي ولهار جو ذڪر ميين شاهه عنايت رضوي ڪيو آهي، اتي سندس اولاد مان قطب شاهه پڻ ولهار جو ذڪر ڪرڻ کان سواءِ رهي ڪين سگهيو آهي. قطب شاهه مينهن پوڻ کان پوءِ وارو نقشو چٽيو آهي، جنهن ۾ سانگين کي سکيو ڏسي فرمائي ٿو ته:
”وڄون وسڻ آئيون، چمڪي چوڌار،
ڊليري ڊينگاڻ، ڏونهه وٺا سب ”ولهار“
لاٿو ڏک ڏاتار، ٿيو قرار قطب چئي.“
پير اشرف شاهه ڪاماري شريف وارو (متوفي 1277 هه) ولهار جي وڻن جي خستي حالت ڏسي مينهن پوڻ جي دعا گهرندي اجهو هيئن ٿو فرمائي.
”وايو جهلي وار، وڄون سنڌ ولات تي،
ڪرڪي ڪڪر مينهن جا اٻون کڻي آڏار،
ڪنڍريون ڪنڍرن پٽ ۾ ڪرهن جيئن قطار،
مولا مينهن وسائين ”ونگي“ ۽ ”ولهار“.
پير جان محمد شاهه جيلاني پير وسيهن وارو (متوفي 1978ع) ولهار تي مينهن پوڻ لاءِ خدا کان دعا گهري ٿو ته:
”واحد وسايو ”ولهار“ تي ڪو مهر جو مينهن،
پرتئو لهن ”پيرل“ چوي، ڏاڍا ڏکيا ڏينهن،
الله ڪر ائين، جو سانگي سڀ سکيا ٿين.“
ٻئي هنڌ فرمائي ٿو ته:
”برسي ساري ڀونءِ مٿي ڪا واحد ڪريو وسڪار،
ڪڪر موڪل ڪرم جو ڪو والي مٿي ”ولهار“.
مٿين شعرن مان واضع ٿي چڪو آهي ته، ”ولهار“ جو خطو ڪيتري حد تائين مشهور ۽ مقبول هو. هن پرڳڻي ۾ قديم دور ۾ جن باڪمال بزرگن، عارفن ۽ عالمن دين اسلام جي فروغ ۽ ترقي لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪاوش ۽ ڪوشش ڪري، ان کي پکيڙڻ جو ڪم پنهنجي سر تي کنيو ۽ پنهنجي زندگي قال الله ۽ قال الرسول صلي الله عليه وسلم جي تبليغ ۾ گذراي ڇڏي، تن مان هن پرڳڻي جو عظيم مفڪر، عالم ۽ مدرس ميون صابر ولهاري به هڪ هو، جنهن صاحب کي ڪن عالمن ذات جو ”پرند“ ڪري لکيو آهي ته ڪن وري سندس ذات ”ٻرند“ ٻڌائي آهي. جنهن لاءِ روايت آهي ته ”ميون صابر هميشه منهن تي نقاب ڏيئي هلندو هو. سندس منهن ۾ ايتري قدر ته جلالت ۽ نورانيت هئي، جو اهو نقاب جلد سڙي خاڪ ٿي ويندو هو. ان ڪري کين چوندا ئي ”ٻرند“ هئا. يعني ”باهه وارو“ يا ”ٻرندڙ“.
جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي راءِ موجب، ميين صابر ولهاري جا وڏا سمن جي ٻرند قبيلي سان تعلق رکندڙ هئا. ۽ کين ”ٻرند سما“ ڪوٺيو ويندو هو، جيڪي ابتدا ۾ ٺٽي طرف رهندا هئا ۽ وڏا عالم ۽ برگزيدا بزرگ ليکجڻ ۾ ايندا هئا، جيڪي ڪن لکتن ۽ روايتن موجب 1513ع _ 1521ع ڌاري ٺٽي کان لڏي ملاڪاتيارن طرف اچي ساڪن ٿيا.
ملاڪاتيارن ۾ سڪونت بعد سندن درس و تدريس جو سلسلو شروع ٿيو ۽ ڪيتري خلق الله کي ديني تعليم ڏيئي صحيح راهه تي آندائون. بعد ۾ اهي بزرگ تقريبن يارهين صدي هجريءَ جي آخر يا ٻارهين صديءَ جي شروعات ڌاري ولهار جي پرڳڻي ۾ اچي سڪونت پذير ٿيا ۽ درس و تدريس جو سلسلو جاري ڪيائون.
ولهار جي پٽ ۾ درس و تدريس جو سلسلو ميين صابر کان شروع ٿيو، جيڪو ايڏي ته عروج کي پهتو جو ولهار توڙي ميين صابر جو نالو ملڪان ملڪ مشهور ٿي ويو ۽ ميون صابر ٻرند جي بدران ولهاري سڏجڻ لڳو. هي بزرگ ڪلهوڙا دور جي باڪمال بزرگن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو ۽ سندس همعصرن مان صوفي شاهه عنايت جهوڪ وارو (متوفي 1130 هه) ۽ درويش اويڙ فقير پلي شادي پليءَ وارو قابل ذڪر آهي. تحفته الڪرام جو مصنف مير علي شير قانع لکي ٿو ته، ”ميون صابر ولهاري ڏينهن جو روزو رکندو هو ۽ رات جو عبادت الاهي ۾ گذاريندو هو. خلق الله کي قرآني ۽ ديني درس ڏيندو هو. هي بزرگ حد کان وڌيڪ بزرگيءَ ۽ پرهيزگاريءَ جو صاحب هو“.
ولهار جي ايراضي ۾ ميين صابر جي محنت ۽ مشقت سان جنهن ديني درسگاهه جو پايو پيو، اهو مدرسو سندس نگرانيءَ ۾ وڏي اوج کي پهتو ۽ سنڌ جي اعليٰ ۽ عظيم تعليمي درسگاهن ۾ شمار ٿيڻ لڳو، جنهن ۾ ڪيترا شاگرد پري کان پنڌ ڪري اچي علم حاصل ڪندا هئا. هن وقت مٿين درسگاهه ۽ مسجد جا فقط ڪجهه نشان وڃي بچيا آهن، جيڪي سم ۽ ڪلر جو شڪار بنبا پيا وڃن، جن کي ڏسي ماضيءَ جي سونهري تاريخ اکين آڏو اچي وڃي ٿي.
ميون صابر ولهاري سنڌ جي وڏن عالمن ۽ مشائخن مان هڪ آهي. سندس ديني شوق جو اهو عالم هو، جو پاڻ نار جي جهلڻ تي ويهي سڄو قرآن مجيد پنهنجي هٿن سان لکيو هئائين، جيڪو ڪافي عرصو اڳ سندس پوين وٽ موجود هو، ليڪن هينئر خبر نه آهي ته اهو وٽن آهي يا ڪنهن سبب ضايع ٿي ويو آهي.
ميين صابر ولهاري جي عادت هوندي هئي ته پاڻ هميشه پنهنجي وقت جي بزرگن ۽ درويشن سان قرب ونڊڻ ۽ ڪچهريون ڪرڻ لاءِ ڪهي وڃي سندن ماڳن تي ملاقات لاءِ مقيم ٿيندو هو. هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته، پاڻ درويش اويڙ فقير پليءَ سان ملڻ جي خيال سان ٿرپارڪر جي طرف اسهيو. جڏهن درويش فقير پليءَ جي ڳوٺ پهتو ته پتو پين ته اويڙ فقير ڳوٺ جي ٻاهران ٻاجهريءَ جي کري تي ويٺو آهي. پاڻ جڏهن اتي پهتا ته کري جي ٻاهران بيهي هڪ سواليه بيت ڏنائون ته:
”اويڙ الله جا اٿئي ڪو پرو،
پيو آهي پٽ ۾ ڪي کڻي ويا کرو،
ڪو آهي دڳ درو، وڃڻ جو وڻڪار ڏي.“

ميين صابر جو اهو بيت ٻڌي اويڙ فقير اڳتي وڌي آيو ۽ جواب ۾ چيائين ته،
”ميان کڻج پاڻ سان بسم اللة ڀرو،
پنج منارا پلي چئي تنهن ڏانهن وهلا ٿي ورو،
سرس جي سڀن ۾ تن ڏينهن کان نه ٽرو،
آهي اهو دڳ درو، وڃڻ جو وڻڪار ڏي.“
ان بعد ٻنهي بزرگن هڪ ٻئي سان ملي روح رهاڻ ڪئي. مطلب ته ميون صابر فقيري توڙي علمي ٻنهي حيثيتن سان مشهور هو. تاريخ جي ورق گرداني ڪندي جتي سنڌ جي اوائلي مدرسن، جهڙوڪ: ٺٽو، بکر، سکر، نصرپور، اگهم ڪوٽ، سيوهڻ، عادلپور، کيجڙياري، وهري ۽ چوٽيارين جا نالا اچن ٿا، اتي ولهار جي درسگاهه جو نالو پڻ موجود آهي، جنهن مان ميين صابر جي عظمت ۽ علمي خدمت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.
ميين صاحب سان گڏ ولهار جي انهيءَ درسگاهه ۾ ٻيا جيڪي بزرگ مدرس هئا، تن ۾ ميون پير محمد بن حبيب الله ولهاري ۽ ميون عبدالسميع بن حامد ولهاري وڏي پايي جا عالم هئا. ميين صابر جي بعد اهو ڏيئو سندس پوين مان ميين معروف ڏانهن منتقل ٿي ويو. جيڪو پيءُ جي علمي مسند تي ويهي ديني درس ڏيڻ لڳو ۽ ولهار جي ديني درسگاهه جو انتظام پنهنجي هٿ هيٺ رکي درس تدريس ۾ مشغول رهيو. ميون معروف به ولهار جي پهرين استادن ۾ شامل هو، جن ميين صابر سان گڏ درس تدريس جو سلسلو جاري رکي، مدرسي کي اوج تي پهچايو.
ميين معروف جي وفات بعد سندس پٽ ميون مقبول گادي نشين ٿيو، جيڪو بزرگ، تحفته الڪرام جي لکجڻ واري دؤر يعني سن 1184هه ۾ حيات هو ۽ خدا وارن وٽ قبوليت جي زندگي سر ڪندو هو ۽ درس تدريس جي سلسلي کي جاري رکندو آيو، راوي روايتون ٿا ڪن ته، مٿين بزرگن جي بزرگي ۽ ڪرامتون ڏسي ولهار جي ڳوٺ کان اولهه طرف رهندڙ شادي نالي هڪ اوٺي زميندار پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ ميين بزرگن مان ڪنهن کي ڏنو، جيئن ته شادي اوٺي کي ٻيو اولاد ڪونه هو، ان ڪري سندس وفات بعد ميان صاحب لڏي اچي شاديءَ جي ڳوٺ ساڪن ٿيا، (جيڪو ڳوٺ هن وقت ”شاديون“ نالي سڏجي ٿو.) ڪجهه عرصو اتي پڻ ساڳي طرح تعليم جو سلسلو جاري رهيو.
اها ميين صابر جي علمي تبليغ هئي، جنهن ڪيترن برباد بستين ۾ علم جي لاٽ اوچي ڪري انهن کي روحاني روشنائيءَ سان روشن ڪيو. ٽالپور دؤر جي شروع ۾ اهو ديني مدرسو ولهار جي پٽ مان منتقل ٿي ڍوري ناري لڳ ”کنڀرو“ جي ڳوٺ ۾ قائم ٿيو. جتان ڪيترا طالب العلم ديني تعليم حاصل ڪري وڏا عالم، اڪابر بنجي نڪتا. اهو مدرسو انگريز دؤر جي آخر تائين قائم رهيو.

وفات:
روايت مان ثابت ٿئي ٿو ته، ميين صابر ولهاري جي شاهه عنايت صوفي جهوڪ واري سان گهري دوستي ۽ ايتري قدر عقيدت هوندي هئي جو شاهه عنايت صوفي جي اسرار تي پاڻ ”سهروردي“ طريقي جا پيروڪار بنيا. اها خبر نه پئجي سگهي آهي ته پاڻ سهروردي طريقي اختيار ڪرڻ لاءِ ڪهڙي بزرگ جي هٿ تي بيعت ڪيائون. اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته ميين عنايت شاهه صوفي جي وفات سنه 1130 هجريءَ تائين ميون صابر زنده هو. ان مان واضع ٿئي ٿو ته ميين صابر جو لاڏاڻو سنه 1130 هجريءَ بعد ٿيو هوندو. سندس مقبرو ٽنڊي الهيار کان ڏهه ميل ڏکڻ اوڀر طرف ويسٽ جمڙائو جي ڪپ تي آهي، جتي سندس فرزند ميين معروف جو مقبرو پڻ آهي. اهو قبرستان ”ميين معروف جا قبا“ جي نالي سان مشهور آهي.