مُهاڳ: ٽمُون، ٽِمڪِي، ٽاٽِرو
ٻئي طرف ٻارن جي ليکڪن طور اسان کي اُهي ناميارا شاعر ۽ اديب ئي نظر اچن ٿا، جن جي اڪثريت ادبي دُنيا ۾ پير پائڻ کان پوءِ پنهنجو پهريون مجمُوعو ٻارن لاءِ لکڻ کان پوءِ اُن صنف طرف مُڙِي ڏسڻ کي به گُناهه سمجهي ٿِي. نصاب ۾ اڄ به هڪ هڪ صدي پُراڻا نظم ۽ گيت شامل آهن، جن جي جاءِ نئين دؤر ۾ لکجندڙ ٻارن جا نظم ناهن وٺي سگهيا. “ٻارن بابت لکجندڙ ادب” ۽ “ٻارن لاءِ لکجندڙ ادب” پڻ ٻه ڌار ڌار وَٿُون آهن، جن کي سمجهڻ، ٻارن لاءِ لکڻ کان اڳ بيحد ضرُورِي آهي. ان ڏس ۾ مُنهنجو ڪتاب “ٻارن لاءِ ڪيئن لکجي!” قلمڪارِيءَ جي بين القوامي معيارن جي اُپٽار آهي، جيڪو اُميد آهي ته جلد پڙهندڙن جي هٿن ۾ هُوندو. ٻارن لاءِ تخليق ڪيل ادب (جنهن کي کوڙ دوستَ “ٻاراڻو ادب” چوندا آهن، جنهن اصطلاح جي مان سخت خلاف آهيان ۽ ڪوشش ۾ آهيان ته هاڻي اهو اصطلاح ان انداز ۾ استعمال ٿيڻ بند ٿئي) جي اڻاٺ واري اهڙي دؤر ۾، مُنهنجي پُراڻي دوستَ، جبّار آزاد منگيءَ جي “ڪالم ـ ڪهاڻيُن” جو هي مجمُوعو “ٽِمُون شرارتِي” هڪ اُميد سان ڀريلَ لاٽ آهي، جنهن گهٽ ۾ گهٽ مُون کي انتهائي پُراميد ڪري ڇڏيو آهي. اوهان سان هڪ الميو ونڊيندي ڏُک به ٿئي پيو ته ، جنهن سال مُنهنجو ٻارن جي ادب جي حوالي سان ڪوبه ڪتاب منظرِ عام تي ناهي ايندو، اُن سال مُون کي سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن پاران ان صنف ۾ ڇپجندڙ ڪتابن تي ايوارڊ ڏيڻ جي حوالي سان جج مُقرر ڪيو ويندو آهي. اهڙي سال ۾ مُون وٽ پهتل ٻارن جي ادب جي ڪتابن کي ڏسي ايڏو ڏُک ٿيندو آهي، جنهن جو بيان لفظن ۾ ڪرڻ مُشڪل آهي، ڇاڪاڻ ته مُقابلي ۾ اهڙا ڪتاب به شامل هُوندا آهن، جن کي “ٻارن لاءِ ادب” چوڻ ته پرَي جي ڳالهه آهي، “ادب” چوڻ به غلط ٿيندو. ڇاڪاڻ ته ٻارن لاءِ ادب سرجڻ هڪ اسپيشلائيزيشن جو ڪم آهي ۽ اُهو هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪانهي. ٻارن لاءِ ادب سرجڻ واري لاءِ ٻارن جي نفسيات جو ڄاڻُو هُجڻ بيحد ضرُورِي آهي ۽ اُن لاءِ اهو ڄاڻڻ به ضرُوري آهي، ته هُو جڏهن لکي رهيو آهي، ته هُن جو حدف (ٻارن جي چئن ڪيٽيگريز جي درجه بندِيءَ منجهان) ڪهڙي ڪيٽيگرِيءَ جو ٻارُ آهي، ڇاڪاڻ ته اوهان پنهنجو “ٽارگيٽيڊ پڙهندڙ” ڄاڻڻ کان سواءِ جيڪڏهن ڪُجهه به لکندئو، ته اُهو “هوائي فائرنگ” کان سواءِ ڪُجهه به نه هوندو. ان حوالي سان “ٽِمُون شرارتي” پڙهِي مُون کي اندازو ٿيو، ته ڪتاب جي ليکڪ کي پنهنجي “ٽارگيٽيڊ پَڙهندڙ” جو ڀَليءَ ڀَت اندازو آهي، ۽ هُو 8 سالن (ٽئين ڪلاس) کان 16 سالن (مئٽرڪ يا يارهين ڪلاس) جي ٻار تائين پنهنجو قلم جو نشانو ٺاهي، لکَي ٿو، جنهن کي اُن کان وڏيءَ عُمر وارا ٻار ۽ بالغَ به آسانيءَ سان پڙهِي ۽ سمجهي سگهن ٿا.
جبّار ”آزاد“ منگِي، نصيرآباد جي زرخير مٽِيءَ مان ڄمِي، قلم جي خدمت لاءِ چُونڊيو ويو، ۽ اسان مان هر ڪو ڄاڻي ٿو ته سنڌُو ـ تهذيب جي هنجَ “مُهين جي دڙي” ۽ اُن جي پسگردائيءَ جي تهذيبي توڙي ثقافتي شاهُوڪارِيءَ جا ڪلما، رُڳو اسان نه، پر دُنيا پڙهي ٿِي. اها ئي اُها حسين ۽ هُڳاءَ ڀرِي مٽي آهي، جنهن جسٽس ڀڳوان داس جهڙو عظيم انسان پيدا ڪيو. جبّار سان مُنهنجي نيازمندِي 1997ع ڌاري ٿي، جڏهن هُن ريڊيي پاڪستان لاڙڪاڻي جو سٿُ ڪمپئر طور جُوائن ڪيو، جتي اسان اڳ ئي (1995ع کان) دُونهِين دُکايو ويٺا هُئاسين. 1995ع کان 2000ع جي 5 سالن واري منهنجي براڊڪاسٽنگ جي اُن ابتدائي دؤر ۾ مُون کي ريڊئي پاڪستان لاڙڪاڻي، جن حسين ۽ مُلهائتن ماڻهن سان ملايو، تن ۾ هدايت منگي، ضمير علي بدايُوني، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر صاحب (جيتوڻيڪ ساڻن، مُنهنجي والد صاحب جي ڪري نياز مندِي ريڊئي لاڙڪاڻي کان اڳ جي هُئي)، عنايت ميمڻ ۽ هي يار، جبّار شامل آهن، جن جي ادبي وابستگيءَ سبب سندن اسڪرپٽ ڀرپُور ۽ هر گُفتو تَڪيل توريل، ماپيل ۽ مهلائتو هُجڻ فطري هو. انهن شخصيتن سان ادبي وابستگيءَ سبب جيڪا مُحبّت جي واٽ قائم ٿي، سا اڄ به قائم ۽ دائم آهي، بلڪه انهن مان جيڪي حيات آهن، انهن مان ڪنهن سان ورهن کان پوءِ به جي ملبو آهي، ته اُهو سڪائتو ساءُ سدائين اڳ کان به وڌيڪ محسُوس ڪبو آهي. مُون کي ياد آهي ته ريڊيي لاڙڪاڻي جو ڊسڪ جاڪي پروگرام “رُوح رهاڻ” (جيڪو شايد اڄ به نشر ٿيندو هُجي) جنهن جي ميزباني مان پنهنجَي انداز ۾ ڪندو هُئس ۽ جبّار پنهنجي انداز ۾ ڪندو هو ۽ جبّار جي اُن نرالي انداز ۾ هڪ يڪتا ڳالهه، پروگرام جي شرُوعات ۾ ڀٽائي سرڪار جو اهو بيت پڙهڻ هُوندو هو، ته:
پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم رُوحَ رهاڻ
نه ڪو ڏُونگرُ ڏيهَه ۾، نه ڪا ڪيچيُن ڪاڻ
پنهُون ٿِيَس پاڻَ، سسُئي تان سُورَ هُئا
مُون کي اڄ به اهو بيت، جبّارَ جي آواز ۽ سندس مخصُوص ماٺيڻي انداز ۾ ذهن تي چٽيل آهي. اُهو جبّار، جنهن جي تحريرُن جو مان هميشه مُعترف رهيو آهيان، اُن جو ٻارن لاءِ نثري مجمُوعو “ٽِمُون شرارتي” ڏسي ۽ پڙهي، اُن جي منظرِعام تي اچڻ جي جيترِي مُون کي خوشي ٿي هُوندي، اُن جي ڪٿَ شايد جبّار پاڻ به نه ٿو ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته مان نه فقط پاڻ ٻارن جو ڪَچو ڦِڪو لکندڙ آهيان، پر هر سينيئر توڙي جُونيئر اديب کي ٻارن لاءِ لکڻ جي مُستقل تبليغ ڪندڙ، ٻارن جي ادب جو هڪ ادنيٰ خادم آهيان، جيڪو هر قلمڪار کي آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي ته هُو ٻارن لاءِ لکن. ان جو سبب اهو آهي، ته اهو ٻارن لاءِ لکيل ادب ئي آهي، جنهن مُنهنجيءَ شخصيت جي تعمير ڪئي آهي، تنهن ڪري مان ان ڳالهه کي فرض ٿو سمجهان، ته جيئن مُنهنجي دؤر جي اديبن، اُستادبُخارِيءَ، مقصُودگُلَ، ادل سُومري، اياز گُلَ، نصيرمرزا، اقبال شينَي، ذوالفقار سيالَ، اختردرگاهِيءَ، مختيار مَلڪ ۽ ٻين ٻارن لاءِ لکيو ۽ انور هالائيءَ توڙي اڪبر جسڪاڻيءَ اسان ٻارن لاءِ رسالا ڪڍي، اسان ۾ ڪتابن سان چاهه جاڳايو، تيئن اسان به پنهنجي دؤر جي ٻارن لاءِ لکي، انهن ۾ ڪتاب سان دوستي پيدا ڪريُون ۽ کين صحتمند انداز ۾ سوچڻ جو سامان فراهم ڪريُون.
ٽمُون 70ع ۽ 80ع واري ڏهاڪي جو اسان جي ليکڪن جو مرغُوب ڪردار رهيو، ڇوته ان ڪردارَ جو نالو پڙهندڙن (خاص طور ٻالڪ ـ پڙهندڙن) ۾ مقبُول هو ۽ مان سمجهان ٿو ته اُن دؤر ۾ مختلف سنڌي اخبارن جي نڪرندڙ ٻارن جي صفحن جا انچارجَ، مختلف ليکڪن کي ان ڪردار جي حوالي سان ئي ڪالم ـ ڪهاڻيُون لکڻ تي همٿائيندا هُوندا. ان ڏس ۾ امرجليل کان مقصُود گُل تائين متعدد ليکڪن “ٽمُونءَ” جي ڪردار کي استعمال ڪري اُن کان مختلف شرارتُون ڪرايُون. مقصُود صاحب جي ڪالمن جي سلسلي جو نالو به “ٽِمُون شرارتي” ئي هو، جنهن لاءِ ٽمُونءَ جو اسڪيچ به هُو پاڻ ڊزائن ڪندا هُئا، جيڪو اُن ڪالم سان گڏ ڇپبو هو. ٽمُونءَ جو ڪردار عام هجڻ جي باوجُود، ان ڳالهه ۾ ڪوئي شڪُ ناهي، ته اُن ڪردار کي جنهن جنهن ليکڪ لکيو هُوندو، اُن پنهنجي پنهنجي انداز ۾ اُن جي اُڻت ڪئِي هُوندي، جيئن “والٽ ڊزنيءَ” (Walt Disney) کان وٺي، “ايلن يَنگ” (Alan Young)، “جِيمز ڪَمِنگز” (James Cummings)، “وليم فرينڪ رِيان” عُرف “وِل رِيان” (William Frank Ryan) ۽ “پنٽُو وينس ڊِي بار ڪولوِنگ” (Vance DeBar Colvig) تائين نه ڄاڻ ڪيترن ليکڪن هن وقت تئين “مِڪِي مائُوس” جي ڪردار (ڪارٽُون سيريز) جُون ڪهاڻيُون لکيُون آهن، پر “مِڪِي مائُوس” اهو ساڳيو ئي آهي، ۽ ان سيريز جو هر ليکڪ اُن ڪردار جي بنيادي عادتن ۽ جبلّتن کي ذهن ۾ رکندي، اُن جي حوالي سان مُختلف ڪهاڻيُون لکندو رهي ٿو ۽ اهو ڪردار 1901ع کان وٺي اڄ تائين اوترو ئي مقبُول آهي، جيتوڻيڪ اُن کي ڏسندڙ لڳ ڀڳ پنج نسل مرِي چُڪا ۽ هينئر ڇهون يا ستون نسل اُن کي ڏسي پيو.
مُون کي خبر ناهي، ته جنهن وقت روزاني ”جاڳو“ جي ٻارن لاءِ ڇپجندڙ صفحي ”جاڳو ٻالڪ“ ۾ جبّارَ هي ڪالم لکيا، اُن وقت اُن جو انچارج ڪير هو، جنهن کيس ٽِمُونءَ جي سيريز جا اهي ڪالم لکڻ لاءِ همٿايو، پر جنهن زماني ۾ مان پاڻ ٻالڪ ـ ليکڪ جي حيثيت سان “جاڳو ٻالڪ” ۾ نثر توڙي نظم جا مختلف ليک لکندو هُئس (لڳ ڀڳ 1990ع کان 1995ع تائين)، ان زماني جو ڳچ حصّو، همسفر گاڏهِي “جاڳو ٻالڪ” صفحي جو ايڊيٽر هُوندو هو. ان ئي دؤر ۾ روزاني “عوامي آواز” ڪراچيءَ جي ٻارن لاءِ نڪرندڙ صفحي “جوت” جو انچارج اڳ ۾ مرحُوم عبدالرحمٰن “نقاش” هُوندو هو، جيڪو “چاچا عواميءَ” جي نالي سان اهو صفحو ايڊٽ ڪندو هو (۽ اسان کي به بعد ۾، عملي طور صحافت جي دُنيا ۾ پير پائڻ کان پوءِ سُڌ پئي ته اهو “چاچو عوامِي”، نقاش مرحُوم هو). ان ئي دؤر ۾ روزاني “هلالِ پاڪستان” جو ٻارڙن لاءِ شايع ٿيندڙ صفحو، مرحُوم حسام سُومرو ايڊٽ ڪندو هو، جنهن 1988ع ۾ مُنهنجي زندگيءَ جو پهريون نظم ڇپيو هو، جڏهن مان پنجين ڪلاس جو شاگرد هُئس. مُون سائين حسام سُومرَي مرحُوم کي پنهنجو پهريون ڪتاب “ٻيڙِيءَ ۾ چنڊ” ارپيو هو، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به ليکڪ لاءِ اُهو ايڊيٽر سڄي زندگي ناقابلِ فراموش رهندو آهي، جنهن سندس زندگيءَ جي پهرين تحرير ڇاپِي هُوندي آهي.
جبّار آزاد منگِي هڪ سُٺو ۽ ڪامياب ڪهاڻيڪار آهي. ٻهراڙيءَ جو عوامي پس منظر هُجڻ ڪري سندس ٻولي نهايت شاهُوڪار آهي، جنهن ۾ سنڌيءَ جي نج لفظن، اصطلاحن توڙي پهاڪن جو ڀنڊار ڀَريو پيو آهي. عام ماڻهن سان گڏُ اُٿڻ ويهڻ سبب، کيس عام زندگيءَ ۾ عام ماڻهُوءَ سان پيش ايندڙ واقعن جو مُشاهدو روز ٿئي ٿو. تنهنڪري ٽِمُونءَ کي هلندي ڦرندي ڪهڙين ڪهڙين خوشگوار توڙي مايُوس ڪندڙ صُورتِ حال سان مُنهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، اهو ليکڪ لاءِ تصوّر ڪرڻ ڏُکيو ناهي، ڇاڪاڻ ته هُو ڪئين ڀيرا پاڻ ٽِمُون بڻجي وڃي ٿو ۽ پاڻ سان ٿيل وَيڌن ۽ جُٺيُن جو بيان ٽمُونءَ جي زباني ڪرائي ٿو، پر اڪثر هُو ٽِمُونءَ جي مُستقل “پارٽنر” طور نظر اچي ٿو، جيڪو سدائين ٽِمُونءَ کي چَڱن ڪمن لاءِ همٿائيندي ۽ بُرين عادتن کان روڪيندَي نظر اچي ٿو. ٽِمُون هِن سان حُجَائتو به ڏاڍو آ. ڪڏهن کيس ڪُلهي ۾ مُڪَ ٿو ٺڪاءُ ڪرائي، ته ڪڏهن ساڻس ڪاوڙ ڪندي ٿو نظر اچي. ٽمُونءَ جي ڪردار جي اُڻت، جبّار جنهن نمُوني ڪئي آهي، اُهو هڪ عام ڪردار آهي، جيڪو اوهان اسان وانگُر ٻه ڇانگي چؤنپل (جُتِي) پائي گهٽيُون ڪَڇيندو نظر اچي ٿو... ٻار کيس پسند ڪن ٿا، جنهن جو اندازو کيس به آهي... ۽ شرارت سندس خاص گُڻ آهي، جنهن ڪري هُو “ٽِمُون شرارتي” چورائي ٿو. تنهن ڪري هر ڪالم ـ ڪهاڻيءَ ۾ جبّارَ، سندس شرارت جي عنصر کي خاص طرح “هاءِ لائيٽ” ڪيو آهي، پر اُن جو اظهار هُن اهڙِيءَ ڪاريگريءَ سان ڪيو آهي، جو اُها “شرارت”، ٽمُونءَ جو ڪو “هِيرو وارو عمل” نه ٿِي سمجهجَي، ته متان ٻار (پڙهندڙ) اُن کي پنهنجو ڪن ۽ وڏن يا جيڏن کي تنگ ڪندا وَتن، بلڪه جبّارَ سندس ان شرارت کي صرف تفريح لاءِ بيان ڪندي، اُن کان بچڻ جو اشارو به ڏنو آهي. خود “ٽِمُون ۽ تقرير” نالي ڪالم ـ ڪهاڻيءَ ۾ هُو نڪمَي، نِٺر، گوسڙُوءَ، شرارتي ۽ محنت کان ڀڄندڙَ، ٽِمُونءَ جي محنت سان تقريري مُقابلي ۾ کٽيل انعام جو ذڪر ڪندي، ٻارن کي اها ترغيب ٿو ڏئي ته ڪابه بُرِي عادت مُستقل ناهي هُوندي ۽ اُن کي ختم ڪرڻ سان ڪاميابي يقيني بڻجي ويندي آهي. ان قسم جُون ڪهاڻيُون، اُنهن ٻارن لاءِ اُتساهه جو باعث آهن، جيڪي محنت سان چاهه نه هئڻ سبب پنهنجي اُستادن جا لاڏلا ناهن بڻجي سگهيا.
جبّارَ جي مزاح ۾ اهو ڪمال به آهي، ته هُن ٽِمُونءَ کان مزاح يا شرارت جي نالي ۾ ٻئي ڪنهن ڪردار جي بي عزتي يا ان جي وقار کي گهٽ ڪونهي ڪرايو، بلڪه کانئس اهڙيُون شرارتُون ڪرايُون آهن، جن مان سِڌيءَ يا اڻ سڌِيءَ طرح، پڙهندڙ سان گڏ ڪهاڻِيءَ ۾ موجُود ٻيا ڪردار به لُطف اندوز ٿين ٿا.
ٽمُونءَ جو تعارف، هُو ٽمُونءَ جي زباني ئي اوهان لاءِ ڪهڙي سُهڻي نمُوني ٿو ڪرائي:
“نالو ٽمون اٿم، رهندو اخبار ۾ آهيان، عمر پڇو ئي نه!!! ڇو ته مان ڪالھ به ٽمون هيس ۽ اڄ به ٽمون آهيان، باقي جيڪو منهنجون ڳالهيون لکِي اوهان تائين پهچائي ٿو، اهو اڄ ٻار ناهي، پر ڊزن کن ٻارن جو پيءُ بڻجي ويو آهي.”
جيتوڻيڪ جبّار ۽ مُنهنجيءَ عُمر ۾ الاهي فرق آهي، پر اسان جي بي تڪلفيءَ، ورهن کان وٺي، هڪٻئي جي ويجهو رکيو آهي. جبّار هڪ محبتي، ملنسار ۽ گھڻن جو گهڻگُهرو ته آهي ئي، پر پنهنجيءَ طبيعت ۾حليم هجڻ سان گڏوگڏ هلڪو ڦُلڪو ۽ نه رُڳو پنهنجي مُک تي هر وقت مُرڪ سينگاري رکندڙ آهي، پر ان سان گڏوگڏ سندس گُفتگُو ٻين جي تفريحِ طبع جو سامان به بڻيل رهندي آهي. ان کان اڳ، جو مان “ٽمُون شرارتيءَ” جي ڪالمن جي هن مجمُوعي ۾ سندس لفظن رستي ٻارن کي ڪڍيلَ ڪتڪتائين جو ذڪر ڪريان، اوهان کي هڪ سچو واقعو ٻُڌايان، جنهن مان اوهان مان اُنهن کي جبّار جي خوش طبعيءَ جو اندازو ٿي ويندو، جيڪي ساڻس مليل ناهن.
سال ياد ناهي... مان ڀانيان ٿو 1998ع يا 1999ع ڌاري جي ڳالهه هُوندِي... مان ۽ جبّار لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان چؤڪ جي ڀرسان، جاڙل شاهه جي درگاهه مان بندر روڊ طرف نڪرندڙ سنهي گهٽيءَ ۾ واقع اليڪٽرانڪ جي دُڪانن تان رنگين ٽيليويزن خريد ڪرڻ لاءِ مُختلف ماڊل ڏسي رهيا هُئاسين. ٽي وِي سيٽ جبّار کي وٺڻو هو، مان صرف ساڻس صلاح ثواب ۽ ڪمپنيءَ لاءِ گڏ هُئم. هڪ دڪاندارَ پنهنجو ٽِي وي سيٽ وڪڻڻ لاءِ اُن جِي ڪُوڙِي سچي واکاڻ ڪندي چيو ته: ”استاد! پڪچر ڪُوالٽي ڏسو... جهڙوڪر ماڻهُو سامهُون پيا چُرَن ڦِرَن...“ (اُن وقت ٽي وِيءَ تي ڪو فُٽ بال جو ميچ هلي رهيو هو) جبّار، بجاءِ ان جي، جو ٽي ويءَ جي دوڪاندار پاران ٽي وي سيٽ جي ڪيل ڪُوڙِيءَ سچيءَ ساراهه تي هامي ڀرَي، يا اُن کي هضم ڪرَي... کيس ٺهه پهه چيائين: “هائو اُستاد! سنڀالجان... اجهو کلاڙي ٽي ويءَ مان ٻاهر نڪري اچي تُنهنجي دُڪان ۾ ٽَپيا... يا گهٽ ۾ گهٽ اُنهن جي لتَ سان اجهو اهو فُوٽ بالُ نه تُنهنجي دُڪان ۾ اچي ڪري!”
سندس اهو ئي بي ساختگيءَ وارو طرزِ تڪلُّم جبّار جي تحريرن ۾ به آهي... تحرير ڇا! پڙهِي ڏسو... جهڙو ڪر اوهان سان سامهُون ڳالهائي ويٺو...
لکي ٿو:
“اوچتو منهنجي نظر دهل وڄائَي شهر ۾ پڙهو ڏيندڙ بودي مڱڻهار تي پئي. تڪڙو وڃي بودي کي چيم ته مون کي ٽمون ڳولهي ڏي. منهنجو ايترو چوڻ ۽ بودَي جو مڇرجي پوڻ... هڪ ساهيءَ ۾ چئي ويو ته “ٽمون جي مون کي هٿ اچي به وڃي ته ڪنَ ڳاڙها ڪري الف انب، بي بدڪ وساري الف آ بي با سيکاري ڇڏيانس...... ميان ظلم ته ڏس ٻه ڀيرا منهنجو دُهل ڦاڙَي ويو آهي.
اڇا !؟ ته چئبو ٽمون تنهنجو دهل ڦاڙي ويو آهي؟!
“سائين رڳو دُهل ڦاڙي وڃي هان ته مڙئي خير هو، پر ٽمُون منهنجي دُهلَ کي ٻولي ئي ٻي سيکاري ويو آهي.”
مُون کي ته هي مٿيون ٽڪرو لکيل مواد نه ٿو لڳي. جهڙوڪر هُو پاڻ اوهان سان آمهُون سامهُون ويٺو ڳالهائي. ٻوليءَ جي رواني، اُن جو عوامي هُجڻ ۽ بي ساختگي سندس هر ڪالم ـ ڪهاڻيءَ جو امتيازِي گُڻ آهي.
هي پڙهو:
“ٽمون ڪڻڪ جو اٽو مِلي ٿو ڇا؟ مون دوڏا ڦوٽاريندي ٽمون کان پڇيو. ها ڪڻڪ جو اٽو خيالن ۾ ملي ٿو... ٻُڌ! خيالي مِل تان خيالِي ڪڻڪ جو اٽو خيال ۾ وٺي... خيال ۾ پچائَي... خيال ۾ کائي ڇڏ.... انشاءالله هڪ ڏينهن خيال ئي خيال ۾، خيال ٿي زمين ۾ بنا ڪفن جي دفن ٿي ويندين... ڇو ته ڏُڪر کي گوڏ ٻَڌلَ نه هوندي... پر ڏُڪر اڄ ڪلهه شريف شهرِي بڻجي سُوٽ بُوٽ ۽ ڪوٽ پائي اچي ٿو... سمجهيئي وائڙن جي مسجد جا پيش امامَ!!!”
يا ورِي ٻئي ڪالم ـ ڪهاڻيءَ جو هِي ٽڪرو پڙهي ڏسو:
“چاچا مشاعري مان جو تُون ٽمُون کي گِـهِلَي وٺِي ويو هُئين، ان جو ڪو کڙ تيل نڪتو يا نه؟
کڙ تيل ته مون ٽمونءَ جي رڳ رڳ مان ڪڍيو آهي باقي اڳيان به ٽمون هيو واھ ڙي ٽمون واھ تنهنجي نڪ جي پڪائي! واقعي پڻهين تو مٿان ٽمون نالو رکي دنيا جي نقشي کي چوڪنڊو بڻائي سائنسدانن کي حيرت ۾ آڻي ڇڏيو آهي.”
جيتوڻيڪ هي ڪالم ـ ڪهاڻيُون ٻارن لاءِ آهن، پر ان ۾ ٻاراڻي زبان ۾ ڪٿي ڪٿي، ليکڪ معاشري تي اهڙي ته لطيف اندازَ ۾ طنز ڪيو آهي، جو ٻار اُن گهرائيءَ کي ڀلِي نه سمجهَي، پر بالغ پڙهندڙ اُن طنز جِي گهرائيءَ ۽ گِيرائيءَ کي سمجهي لُطف اندوز ٿئي ٿو. “ٽِمُون، تاريخَ لکڻ جي چڪرَ ۾” سري سان ڪالم ـ ڪهاڻيءَ ۾ ٽمُونءَ، جُڙتُو تاريخ نويسن کي اهڙي ئي ڳُوڙهِي چُهنڊِي هنئي آهي:
“ٽمون جئين ئي منهنجي ويجهو آيو ته مون کيس ٻانهن کان پڪڙي پڇيومانس ته ٽمون خير ته آهي؟
اسان جو موڊ خراب آهي. ٽمون ٻانهن ڇڏائيندي نماڻائي سان چيو. اڄ اسان پاڻيءَ ۾ ناهيون، مون سان ڊيگھه نه ڪر.
ٽمون صاحب تنهنجي موڊ کي ڇا ٿيو؟ اهو ته مان به ڏسان پيو ته تنهنجو منهن مبارڪ ايراني ڪولر جهڙو لڳو پيو آهي.
ڪولر هوندين تون. ٽمون چڙي پيو. نرڙ ۾ گھنج وجهندي چوڻ لڳو ته ياد رک مان جڏهن تنهنجي تاريخ لکندس، جيئن هر وڏي ماڻهو جي تاريخ لکڻ ان جو شجرو ڪنهن نه ڪنهن عرب سڳوري سان ڳنڍيو ويندو آهي، تيئن مان به تنهنجو شجرو حضرت ڪولر سان ڳنڍي ڇڏيندس.
ٽمون اها ڳالھه مون کي سمجھ ۾ نه آئي ته منهنجو شجرو تون ڪيئن حضرت ڪولر سان ڳنڍيندين، جڏهن ته مان بنيادي سنڌي آهيان.
بيوقوف! مان تنهنجي شجري سان اهو حشر ڪندس جو دنيا دنگ رهجي ويندي، مان تنهنجي حسب نسب کان واقف هجان يا نه! پر تنهنجو شجرو ضرور لکندس.
تُنهنجو نالو ڇا آهي؟
“ٽِمُون! منهنجو نالو ڦودنو خان آهي. مسٽر ڦودنو خان!”
“ها صحيح!” ٽمون چوڻ لڳو: “مثال طور: ڦُودنو پٽ زيتون جو، زيتون پٽ انب جو، انب پٽ ٽماٽي جو، ٽماٽو پٽ مرچ جو، مرچ پٽ واڱڻ جو، واڱڻ پٽ ميهي جو ۽ ميهو پٽ مٽڪي جو، مٽڪو پٽ واٽر جو ۽ واٽر پٽ حضرت ڪولر جو.”
اهو ٽِمُون، رُڳو شرارتي ڪونهي، پر اُن جي نظر مذاق مذاق ۾ هن معاشرَي جي اڻ برابريُن طرف به وڃي ٿي، ته عام ماڻهن سان ٿيندڙ زيادتيُن طرف به... هُو بنا ٽڪيٽ سفر ڪندي ٽڪيٽ چيڪرن ۽ ريلوي پُوليس پاران ٽڪيٽ نه وٺندڙ مُسافرن کان رشوت وٺڻ جي به نشاندهي به ڪري ٿو، ته ڪينجهر جي غريب مُهاڻن جي بدحاليءَ تي به ارمان ڪري ٿو. ڪٿي ٽِمُونءَ کي اليڪشن ۾ بيهارَي اسان وٽ رائج چُونڊَ ڌانڌليُن تي ٺٺول ڪندي سماج کي آئينو ڏيکارَيو ويو آهي، ته ڪٿي غير معياري قُلفيءَ مان ٻارن جي صحت کي پهچندڙ هاڃَي جي ساڃاهه ڏئي، نه رُڳو ان ڪُڌي ڪم کي نندَيو ويو آهي، بلڪه ٻارن کي پنهنجيءَ صحت جي حوالي سان مُحتاط رهڻ ۽ پنهنجيءَ کاڌ خوراڪَ جي شيُن جي چُونڊَ جي حوالي سان به هوشيار ڪيو ويو آهي. مُختصر لفظن ۾ اهو چئجي ته هي ڪالم ـ ڪهاڻيُون نه رُڳو پنهنجي دلچسپ ۽ عام فهم ٻوليءَ ۽ مسئلن جي عواميت سبب ٻارن لاءِ تفريحَ جو باعث آهن، بلڪه چڱي ۽ لَڱي جي ساڃاهه ڏيندڙ، سنهنجن لفظن ۾، دوستاڻي اندازَ ۾ سبق ڏيندڙ (جيڪو نصيحت نه ٿو لڳي) ۽ سوجهرو ارپيندڙ ادب جو حصّو آهي، جنهن جو ٻارن جي مُثبت ذهني اوسر ۾ هڪ انتهائي ڪارائتو ڪردار نظر ايندو، جيڪو ٻارن کي چڱي ڪم لاءِ اُتساهيندو ۽ بُرائيءَ کي پري ٿيڻ جو شعُور ڏيندو. جبّار کي ٻارن لاءِ ٻارن جي ڏانءَ جو ههڙو سڪارتو ڪتاب ڏئي، سنڌيءَ ۾ ٻارن جي ادب ۾ قدر لائق واڌاري تي واڌايُون هُجن.
مُون کي ان ڳالهه جو افسوس آهي ته جبّارَ هنن ڪالم ـ ڪهاڻين کي هيترا سالَ پنهنجن پڙهندڙن کان پري ڇو رکيو، پر اُن جي باوجُود ٽِمُونءَ جي هن دير سان آمد جي آجيان ڪندَي، منجهانئس اميد رکان ٿو ته ان سلسلي جا ٻيا ڪالم به لکَي ۽ ٻارن لاءِ تخليق ٿيندڙ ادب جي اڻاٺ جي هن دؤر ۾، ان حقيقت کي مدِنظر رکندَي، ته ڪارٽُون ۽ ڪهاڻين جا ڪردار ڪڏهن به نه پوڙها ٿيندا آهن، نه مرندا آهن، تنهن ڪري ٽِمُونءَ کان اهي شرارتُون ڪرائيندو رهي ۽ جيئن هن مجمُوعي ۾ موجُود سندس مختلف ڪالم ـ ڪهاڻيُن جا عُنوانَ ڌارَ ڌارَ آهن، تيئن ڌار ڌار موضُوعن سان، هر سال ـ ٻن سالن جي وٿِيءَ سان ڪتاب آڻيندو رهي. مان سمجهان ٿو ته سندس مُنفرد تحرير جو مُنفرد انداز هن سِيريز کي ٻارڙن جي پسنديده سيريز بڻائي سگهي ٿو، جنهن جي هڪ ڪتاب اچڻ کان پوءِ ٻالڪ توڙي بالغ پڙهندڙن کي ان سلسلي جي ايندڙ ڪڙِيءَ جو انتظار رهي، بلڪه جبّار “آزاد”، ٽِمُونءَ تي ٻارن لاءِ هڪ ڪامياب ناول به لکي سگهي ٿو، جنهن لاءِ کيس ڪوشش ضرُور ڪرڻ گهرجي.
ٽمُونءَ لاءِ دُعا، ته: “الله ڪري زورِ شرارت اور زياده!”
ٽمُونءَ جي ليکڪ لاءِ دُعا، ته: “الله ڪري زورِ قلم اور زياده!” (آمين!)
ياسرقاضِي
”منزلِ مقصُود“
مورڙَي جو شهر ـ ڪراچي
22هين ڊسمبر 2018ع
8 ماگهه 2075 سنبت
جمادي الاوّل 1440 هجرِيءَ جي چنڊ جي 15هين رات
سُومر ۽ اڱاري جي وچ وارِي رات