ٽمون امتحان هال ۾
چيائين مان نقل ڪريان ڪونه، نه ئي هال ۾ ڪتاب کولي لکون، ذهن وسيع اٿم، نقل ڪرڻ جو ڪهڙو ضرور، اُن جي لاءِ عقل کپي جيڪو مون وٽ ڪونه آهي.
ٽمون! چئبو محنت ڪري رات جو پڙهيو اٿئي؟
پڙهڻ ۽ محنت ڪرڻ اسان جو وڙُ نه آهي، ذهن ڪم ڪري ٿو.
چڱو ٽمون جواب به لکندين يا رُڳو مون سان ڳالهائيندين.
اکين اڳيان ٽر ته ڪجھ لکان!!
ڪجھ وقت کان پوءِ ٽمون امتحان واري ڪمري مان ٻاهر نڪتو، چيائين ٽي ڪلاڪ پيپر ڏيڻ جو ٽائيم وڏو آهي، بس هڪ ڪلاڪ وقت رکن ته سٺو ٿئي.
ٽمون تون ته ڏئين ٿو اٺين درجي جو امتحان، اڳتي خبر پوندئي ته ٽي ڪلاڪ وقت ٿورو آهي يا گھڻو، اسان چئون ٿا ته چار ڪلاڪ ٽائيم ڏين ته بهتر.
امتحان هال ۾ کٽون واڻيندؤ ڇا؟ جو ايڏو وقت.
چڱو سوالن وارو پنو ڏي ته ڪهڙا سوال ڪيا اٿئي ٽمون؟
سڀ ڪيا اٿم.
ٽمون! هتي ته صرف پنج سوال ڪرڻا آهن ۽ تو ست ئي سوال ڪري ڇڏيا؟
پنج ته ان مهل ڪري ڇڏيا هئم، جنهن مهل تون آيو هئين، ڪتابن تي ڏسي لکڻ ۾ دير ٿيندي آهي، ذهن کي ڏسڻو پوندو آهي، سمجهي وئين؟
سوال پهريون آهي ته:
پاڻي پٽ جي لڙائي ڪڏهن لڳي ۽ ڪنهن جي وچ ۾ لڳي؟ ٽمون جواب ڪهڙو لکيو اٿئي؟
سولو سوال آهي جواب لکيو اٿم ته ٽيون ڏينهن اسان جي ڳوٺ ۾پاڻيءَ جي واري تان دينو ۽ فيضوءَ جي پُٽَ ۾ لڙائي لڳي، جنهن ۾ فيضوءُ جي پٽ ڪهاڙي هڻي دينو کي ماري فتح حاصل ڪئي، اها پاڻي تي پٽن جي لڙائي هئي.
ٽمون زبردست سوال جو جواب لکيو اٿئي. امتحاني هال ۾ ٻئي ڪنهن به ڪونه جواب اهڙو لکيو هوندو!
سوال نمبر ٻئي جو ڪهڙو جواب لکي آيو آهين؟
سوال ڪهڙو آهي پڙھ ته جواب جو ٺونشو وهائي ڪڍانءِ.
ٽمون سوال آهي ته هنن پهاڪن جي وضاحت ڪريو.
1. سوڙ آهر پير ڊگهيرڻ
2. نانگ به مري ۽ لٺ به نه ڀڄي
3. اکين اڳيان اوندھ اَچڻ
ڪو مسئلو ناهي اهو به ڪو ڏکيو سوال آهي ڇا!؟ ٽمون اعتماد سان وراڻيو. پهرين پهاڪي جي وضاحت هن طرح ڪري آيو آهيان ته “ سيارو پنهنجا وڻ وڄائي ويو آهي سو سوڙ جي هاڻي ضرورت نه آهي ۽ هن قسم جو سوال سيارو گذرڻ بعد مدي خارج سوال ٿي وڃي ٿو”، هن وقت اونهارو آهي سو سياري جو سوال پڇڻ ٺيڪ نه آهي.
ٻئي سوال جو جواب لکيم ته “ لازمي ناهي ته نانگ به مري ۽ لٺ به بچي، ٻنهي مان هڪ جو نقصان ٿيندو، جي نانگ مرندو ته لٺ ضرور ڀڄندي ۽ جي لٺ بچائڻي آهي ته نانگ نه مرندو.”
۽ ٽين سوال جي وضاحت آهي تمام سولي، اکين جي اڳيان اوندھ اچڻ معنا ته نتيجو ظاهر ٿيڻ .
سچو آهين ٽمون واقعي تنهنجي اکين اڳيان اوندھ ضرور ايندي.
ڇو ڇو ڇو، سو ڇو؟
تو سوالن جا جواب ئي اهڙا لکيا آهن. ڪيتري وقت ۾ سڀ سوال پورا ڪيا اٿئي.
صرف ٽيهن منٽن ۾ ! ٽمون اعتماد سان وراڻيو.
صرف اڌ ڪلاڪ ۾! پوءِ ايترو وقت ويٺي ڇا پئي ڪيُئي؟
سائين! اهو پنهنجو گوسڙو ماستر ! جيڪو منهنجي مٿان بيٺو هو اُن کي پيو ڏسان ته گوسڙو ماستر سڄو سال گسايو آهي پوءِ اڄ امتحان جي ڏينهن ڪيئن آيوآهي! عقل ڊوڙايم ۽ پوءِ ڳوٽَ ڀڄي پئي، گوسڙو ماستر اسڪول ٻاهران ڌنڌو کوليون ويٺو آهي اڄ هتي امتحان واري هال ۾ به ڌنڌو ڪرڻ ۽ ڏوڪڙ ڪمائڻ جي لاءِ آيو.
ان گوسڙو ماستر ڪلاس ۾ ڇا پئي ڪيو ٽمون؟
ابا يونين جي عهدي جوناجائز فائدو وٺي، ڪلاس روم ۾ ڊيوٽي لڳرائي اٿائين ۽ ويٺو ٿو پيسن تي ڪاپي ڪرائي.
واقعي ٽمون!؟
مون ڪو ڪوڙ ڳالهايو آهي ڇا، يقين نٿو اچئي ته پاڻ وڃي جانچ ڪري اچ.
ٽمون بلڪل هوندو! مونکي تو تي يقين آهي، پوءِ ڇا ٿيو؟
مون ان گوسڙو سائينءَ کي ڪاپي ڪونه ڏني. پوءِ خيالن ئي خيالن ۾، ڇوڪري کي ڪتڪتايون پئي ڪڍيون، جڏهن سائين ڪاپي هٿن مان ڦري تڏهن جاڳي پيس ڏسان ته پاسي وارو ڇوڪرو منهنجي ڪاپي تان نقل پيو ڪري. استاد ڪاپي ڦريندي چيو ته “ٻين جو وقت ڇو ٿو وڃائين، نڪر هال مان.”
ٽمون! چئبو امتحاني هال ۾ به شرارت کان ڪونه مڙين؟
وري شرارت، آءُ اڻ واقف آهيان ان جي ”ش“ کان.
ٽمون تنهنجي سوالن جي جوابن کي ڏسي پهريون نمبر توکي ضرور ڏيندا.
ٻيو!! ڪا مذاق ٿورئي آهي؟ ٽمون هروڀرو ٻوڙ ٿورئي هاريندو آهي.
ائين فرمائي ٽمون پهريون نمبر جي خوشي ۾ ٺينگ ٽپا ڏيندو، اکين اڳيان اوجهل ٿي ويو.
خميس 3 اپريل 1997ع