ٽمون ۽ اليڪشن
“ اوهان هر دور ۾ پنهنجو ووٽ ائين وڃايو آهي، جيئن محبوب عرف بونب ڪنڀر پنهنجو دلو ربوءَ واري کڏ مان پاڻي ڀريندي وڃايو هيو. جي بونب ڪنڀر ان وقت عقل مان ڪم وٺي ها ته دلو نه وڃائي ها، اصل ۾ بونب ڪنڀر ڪچو دلو ڀرڻ لاءِ ڪلهي تي کڻي آيو هيو. ائين اوهان به بونب ڪنڀر وانگيان ڪچا خيال کڻي هميشه ووٽ ڏنو آهي، جنهن جو نتيجو هي نڪتو آهي جو، روڊ رستا ائين تباھ ، اکڙيل ۽ ڦاٽل آهن جيئن موالي منو ڊکڻ جو ڪوٽ ڦاٽل ۽ ٿڳڙيون ٿيل آهي. سنڌ جون اسپتالون شفا گهر بجاءِ، موت گهر بڻيل آهن. جتي زندگي بچائڻ واريون دوائون، ميڊيڪل اسٽورن تي وڪرو ڪري، ويچارا مسڪين، مجبور، لاچار، ۽ پاڻ ذهني طور بيمار ڊاڪٽر حضرات پنهنجي بيماري دور ڪرڻ جي گورخ ڌنڌي ۾ ڏينهن رات بي چين آهن. تعليم جو حشر هي آهي جو وڃي ٿيا ڪل يارهن خير! ڪٿي ٻار آهن ته عمارتون ڪونهن، ڪٿي عمارتون آهن ته اتي وري ٻار ڪونهن ۽ مون جهڙا گگدام جانور ٻڌل آهن ۽ جتي مون جهڙا گگدام ٻڌل ناهن انهن عمارتن تي وري انهن گگدامن جو قبضو آهي، جيڪي اوهان کان هر اليڪشن ۾ ووٽ وٺي، ائين گم ٿي ويندا آهن، جيئن گڏھ جي مٿي تان سڱ! بک جو اهو عالم آهي جو ڪتا پلاسٽڪ جون ٿيلهيون به کائي ٿا وڃن ۽ شينهن حضرات بک کان پلال به کائي ٿا وڃن! بيروزگاري جو هي عالم آهي جو هوشيار پڙهيل لکيل نوجوان روزگار نه ملڻ ڪري خودڪشيون ڪري رهيا آهن ۽ سفارشي، نا اهل ۽ اڻ پڙهيل ماڻهو وري مڪاني ادارن ۾ ڀنگي طور ڀرتي ٿيل آهن، جيڪي ڊيوٽي تان غير حاضر ۽ پگهار واري ڏينهن، مڇن کي تيل هنيو ائين بيٺا آهن، ڄڻ ڪنهن ڳوٺ جا ڀوتار هجن! اهڙن ڀرتي ٿيل ڀنگين مان وري ڪي ابتي سبتي اخبار جا نمائندا بڻجي، پنهنجي ڊيوٽي ڏيڻ کان لنوائن ٿا ۽ بليڪ ميلنگ ڪندي وري مڪاني ادارن جي جڳهن تي قبضا ڪري، پنهنجون پريس ڪلبون ٺاهيون ويٺا آهن. جيڪي پاڻ کي سينئر، بهادر ۽ بيباڪ چوائيندي شرم ۾ ٻڏي به نٿا مرن! ۽ اوهان آهيو جو! قرض لاهڻ لاءِ قطار ۾ بيهي، پنهنجي تقدير خراب ڪندڙ ماڻهن کي ووٽ ڏئي، طاقت بخشي، پنهنجي تقدير تباھ ڪري رهيا آهيو. ياد رکو اُهي وياجي ۽ قراني اوهان کان ووٽ واري قرض ۾ وياج مٿان وياج وٺي اوهان جا سڀ ٽپڙ وڪڻي چڪا آهن ۽ اوهان اڃا قرض لاهڻ جي چڪر ۾ ڦاٿل آهيو!
مان ٽمون اوهان جي ڏکن ۽ سورن جا سُورَ کڻي هن چونڪ تي آيو آهيان..... منهنجي انهيءَ درد جي ضمانت ايستائين اٿوَ! جيستائين چونڊجي نٿو اچان. چونڊجڻ کان پوءِ هيءَ زبان چم جي ۽ ميڊ ان چائنا آهي سو تِرڪي به سگهي ٿي ۽ خراب به ٿي سگهي ٿي، هيءَ ڳالھ ياد رکو ۽ ڪن کولي ٻڌي ڇڏيو ته اليڪشن واري ڏينهن تائين، توهان جو هي بي باڪ، بي داغ، بي ڊپو، بهادر، عوام جو هڏ ڏوکي، نه وڪامندڙ نه جهڪندڙ ٽمون، ياد رکو ڪنهن به طاقت اڳيان وڪرو نه ٿيندو. ......... سو مان هن وقت اليڪشن ۾ بيهڻ لاءِ فارم وٺڻ وڃان ٿو. مهرباني ڪري اوهان مونسان گڏ هلو ۽ هي نعرو هڻندا هلو ته “ دشمن جي دل تي ٽانڊو..... ٽمون ٽانڊو ٽمون ٽانڊو”
ٽمون! واقعي فارم ڀرائڻ وڃين ٿو يا ڪرين ٿو شرارت؟
تون به بيٺو آهين ڇا؟ پر ٻڌ! تو کي گهڻا دفعا سمجهايو اٿم ته مان شرارت جي “ش” کان به واقف ناهيان. پر تون سمجهين نٿو هاڻي توتي ڏنڊ اهو اٿئي ته منهنجي هن ٽه پيري سائيڪل تي پويان ويھ ته هلي فارم وٺي اچون، ڇو ته فارم جا خانا تون ئي ڀري ڏيندين.
ٺيڪ آهي! پر هن ٽه پيري ٻاراڻي سائيڪل تي توسان هلان!؟
ڇو! سائيڪل تي وڃڻ ڏوھ آهي ڇا؟ يا ٻاراڻي سائيڪل تي ويهي چونڊ وڙهڻ لاءِ فارم نٿو وٺي سگهجي، ماڻهو ته گڏھ گاڏي تي چڙهي به فارم وٺڻ ايندا آهن.
ها ٽمون ! اهو ٺيڪ آهي..... پر اليڪشن ۾ بيهڻ کان اڳ وڏا مرحلا پار ڪرڻا اٿئي، انهن مرحلن تي سوچيو اٿئي؟
ڪيئي نه ٻاراڻي ڳالھ! سوچيان ها ته اليڪشن ۾ بيهان ها!؟ .....خير پوءِ سوچينداسون، ويھ سائيڪل تي ته هلي فارم وٺي اچون..... پر هي ببلو بيپرواھ ڪيڏانهن گم ٿي ويو؟ گلن جا هار وٺڻ ويو هيو!؟
ٽمون مان هار وٺي آيو آهيان ۽ هيڏانهن تنهنجي پويان بيٺو آهيان.
واقعي ببلو بيپرواھ آهين، اهي گلن جا هار اچي مونکي پاراءِ ته هلون .
ٽمون! ٻڌ اهي سمورا گلن جا هار اوڌر تي وٺي آيو آهيان، شام جو پيسا ڏجانءِ ته گلن واري کي ڏيندس نه ته گلن وارو ايندي ويندي منهنجي بيعزتي خراب ڪندو. ببلو بيپرواھ، ٽمون کي هار پارائيندي چيو.
اڙي ببلو بيپرواھ! اوڌر جي ماءُ اڃا مُئي ناهي، چونڊون کٽي پوءِ سڀ اوڌرون لاهينداسون. ٿي سگهي ٿو ته مان يعني ٽمون ايندڙ وقت جو ايم پي اي ٿي، ڪنهن کاتي جو وزير ٿي وڃان! ۽ انهيءَ گلن واري کي زراعت کاتي جو سيڪريٽري بڻائي ڇڏيان........ خير اوهان سڀ هڻو نعرا “ دشمن جي دل تي ٽانڊو....... ٽمون ٽانڊو ٽمون ٽانڊو”
اهڙن بي سُرن ۽ بيڪار نعرن جي ٻوڪڙن ۾، ٽمون اليڪشن ۾ بيهڻ لاءِ فارم وٺڻ واسطي اڳتي وڌيو ۽ مون موقعي جو فائدو وٺي پوئتي، اچي پنهنجي اوطاق ۾ ساھ پٽيو. ٻن ڪلاڪن بعد ٽمون اوطاق ۾ گهڙيو نه عليڪ نه سليڪ، فارم منهنجي اڳيان اڇليندي ڪاوڙ وچان چيو.
واھ جو دوست آهين! تو جهڙا دوست هجن ته دشمن ئي نه ڌارجن.......... خير هاڻي هن فارم کي ڀري ڏي.
ٽمون! سڀ کان اول مونکي اهو ٻڌاءِ ته اليڪشن ۾ بيهڻ جو ڏس توکي ڪهڙي سڄڻ ڏنو آهي؟
اهو فارم ۾ ڀلا ڇو ٿا پڇن؟
ٽمون فارم ۾ ناهي لکيل، پر مان تو کان پڇان ٿو.
جي اها ڳالھ آهي ته ٻڌ! جنهن کي ڏس ته پاڻ واري تڪ جو اميدوار..... فارم هٿ ۾ ... نعرن جو زيپٽ..... سو مونکي به اندر واري آر او فارم ڀرڻ جي صلاح ڏني آهي.
ٺيڪ ٽمون! مون سمجهيو ته توکي، ضمير آواز ڏنو آهي.
نه نه انهيءَ ضمير جو نالو نه وٺ، اڳ ۾ به ميدان تي لاهي پاڻ ڀڄي ويو هو، اهو ابا! وڏو لٻاڙي آهي، هاڻي اليڪشن ويجهو آهي ته هٿ ۾ ڦيٿ کنيو وتي ٿو شهر جون گهٽيون ماپيندو ته اهي هاڻي مان ٺهرائيندس. پاڳل ڪنهن جاءِ جو!
ٽمون! تو غلط سمجهيو، مون ان ضمير لاءِ تو کي ٿورئي چيو، جيڪو هر وقت پاڻ کي پُوز خان سڏائڻ لاءِ اجايو سجايو پَوزَ هڻندو آهي. مون اندر ۾ ويٺل ضمير جي ڳالھ ڪئي.
يار صفا ڪو درويش آهين! انهيءَ اندر واري ضمير جي اڄڪلھ ڪير ٿو ٻڌي !؟
ها ٽمون چوين سچ ٿو. پر سوچيو اٿئي ته اليڪشن ۾ خرچ گهڻو ايندءِ ۽ اهو خرچ آڻيندين ڪٿان؟
ڪهڙو خرچ ايندو؟ وڌ ۾ وڌ پنج ڇھ هزار! اهي به تون ڏيندين، پرواھ نه ڪر اليڪشن ۾ چونڊجي ضرور ويندس ۽ پوءِ توکي خزاني جو وزير بڻائيندس.
ها صفا سورنهن آنا سچ ٿو چوين ٽمون! تو کٽيو مان وزير ٿيس، اڙي مت جا موڙهيل مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ به لکين روپيا خرچ جي ويڙھ آهي، هتي ته بابا ڪروڙين روپيا خرچ ايندءِ ...... پنهنجي پياري وطن ۾ اليڪشن وڙهڻ مذاق نه سمجھ!
وڃ واڄٽ وڄائي ڇڏيئي! چون ٿا ته هن ملڪ ۾ هر شهري اليڪشن وڙهي سگهي ٿو.
ها ! صرف چوڻ جي حد تائين اهو درست آهي، پر هتي جيڪو اليڪشن وڙهڻ جو طور ۽ طريقو آهي ۽ جيڪا تڪن جي حد بندي ٿيل آهي، تنهن کي ڏسي اهوئي چئي سگهجي ٿو ته جنهن وٽ حرام جو ميڙيل مال جام هجي ، سو ئي اليڪشن وڙهي سگهي ٿو.
سو ڪيئن؟ ٿورو سمجهاءِ. ٽمون حيرت وچان پڇيو.
ڏس ٽمون! فارم جو هڪ سؤ روپيا، فارم جمع ڪرائڻ وقت ويھ هزار روپيا.... فارم بحال ٿيو ته پينافليڪس ۽ اشتهار بازيءَ جو خرچ لکن ۾، ڪئمپن جو خرچ لکين روپيا... اسان جهڙن نعري باز ڪارڪنن جو خرچ به لکين روپيا!
وڃ!!! ايڏو وڏو خرچ؟ ٽمون جو وات ڦاٽي ويو.
اڃا اڳتي ٻڌ ٽمون! باقي فلم ته ووٽ وجهڻ واري ڏينهن جي رهيل آهي. جنهن هڪڙي ڏينهن جو خرچ هڪ ڪروڙ کان به مٿي آهي.
هڪ ڪروڙ!!؟ صرف هڪ ڏينهن جو؟ يار اهڙيون ڳالهيون ڪري ، دل جي ڌَڪِ ڌَڪِ نه بيهار!
ٽمون ووٽ وجهڻ واري هڪڙي ڏينهن جو حساب ڪر! پاڻ واري صوبائي تڪ تي ، جنهن تڪ تي تون بيهڻ چاهين ٿو، ان ۾ ڪل 250 پولنگ اسٽيشنون آهن.... هڪ پولنگ تي ڪنجوسائپ سان خرچ ڪجي ته ٽيھ هزار روپيا ٿيندو، اُن حساب سان هڪ ڏينهن جو ڪل خرچ پنجهتر لک روپيا چَٽ..... سڀني تڪن تي اليڪشن واري ڏينهن گاڏين جي تيل ڀاڙي جو خرچ في پولنگ اسٽيشن صرف پندرهن هزار روپيا ، سي ٿيا ستٽيھ لک پنجهاھ هزار روپيا ڪل ملائي خرچ ٿيو هڪ ڪروڙ ٻارهن لک پنجاھ هزار روپيا. هاڻي جيڪڏهن هڪ ڏينهن جو خرچ هڪ ڪروڙ روپيا اٿئي ته پوءِ بسم الله.... ڀريان فارم کي؟
ڏٺم ته ٽمون جو وات اڃا به ڀڳل ٻاٽي وانگر ڦاٽو پيو هو، اکيون حيرت ۽ عبرت وچان ٻاهر نڪري آيس.
ٽمون ڏي خبر؟ ڪهڙي جهان ۾ گم ٿي ويو آهين ۽ هي وات مبارڪ پهريون ڀيرو ايڏو وڏو ڦاٽل ڏسانءِ ٿو!
يار تنهنجون ڳالهيون ٻڌي نه صرف وات ڦاٽي ويو آهي پر ڏسان ٿو ته ٻيو الائي ڇا ڇا ڦاٽي ويو آهي! مون سمجهيو هو ته اليڪشن وڙهڻ ڪو سولو ڪم آهي..... پر نه ابا !!! هي ته جبل جهاڳڻ کان به ڏکيو ڪم آهي.... اسان جهڙي ماڻهوءَ جي هتي دال نه ڳرندي.... هن ملڪ جي اليڪشن ۾ بيهڻ لاءِ منهنجي توبهن زاري.
ٽمون پنهنجي نڪ تي هٿ ڦيريندي چيو ته “ مان ٽمون پنهنجي ڀينڊي جهڙي نڪ تي هٿ ڦيريندي، زمين تي گيسيون ڏيندي ۽ ڪن پڪڙيندي، اليڪشن ۾ بيهڻ کي، تمام وڏي غلطي مڃيندي، پنهنجي مخالف اميدوار جي حق ۾ فارم جمع ڪرائڻ کان اڳ ئي هٿ کڻڻ جو اعلان ڪريان ٿو.
ائين چئي ٽمون اٿيو“ مان وڃان ٿو”
ٽمون! ڪاڏي وڃين ٿو؟
“يار هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪرڻ وڃان پيو ۽ سوچيان ٿو ته ڪا اهڙي تحريڪ هلائجي، جو هن ملڪ جي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ واري قانون کي، جيڪو هڪ حرام جي مال ميڙيندڙ کي اليڪشن ۾ بيهڻ جو حق ڏيئي ٿو، تنهن قانون کي تبديل ڪري، ڪو نئون قانون آڻجي، جنهن ۾ هڪ سچو ۽ عوام جو حقيقي هڏ ڏوکي غريب انسان به حصو وٺي سگهي.”
ائين چئي ٽمون فارم کي ڇڏي اوطاق مان نڪري ويو ۽ مون محسوس ڪري ورتو ته اڄ ٽمون واقعي هڪ نئين راھ جو راهي بڻجي ضرور ڪامياب ٿي موٽندو.
نصيرآباد 10 جون 2018