ٽمون جو تعارف
ٽمون نرڙ ۾ گهنج وجهندي ۽ هلڪي مرڪ مرڪندي چيو ته مفت جي اخبار پڙهڻ ڏي ۽ توکي خبر آهي ته مفت جي اخبار پڙهڻ ۾ ڪيترو مزو آهي.
اهو ته ٺيڪ آهي ٽمون پر ٻار تنهنجو انتظار ڪندا هوندا.
تون ائين نه مڙندين؟! ٽمون اخبار واري کي اخبار واپس ڪندي تاڪيد ڪيو ته ڀائو اها اخبار ايسيتائين نه کپائجان جيسيتائين مان موٽي اچان، ڇو ته مون اڃا پوري اخبار پڙهي ناهي.
ٽمون اها ته ڏاڍائي چئبي جو اسٽال واري کي اخبار کپائڻ نٿو ڏين يعني هڪ مفت جي ماني ٻيو مکڻ سان مکيل ملي.
تون نٿو ڄاڻين ته هتي مفت کور ئي مکيل مانيون کائيندا آهن، تون اڃا ٻار آهين، وڃ وڃي ڪنهن پرائمري اسڪول ۾ داخلا وٺ ته مفت جي مال جو مزو ماڻين سگهين. ٽمون مون کي سمجهائيندي چيو.
ٺيڪ آ ٽمون مان جلد پرائمري اسڪول ۾ داخلا وٺندس...... پر هاڻي هلي ٿا باغ ۾ ڪچهري ڪيون.
ٽمون ۽ مان ڀر واري باغ جي ڇٻر تي ويهي رهياسين، مون ٽمون کي گھڻن ايلازن منٿن کان پوءِ پنهنجو تعارف ڪرائڻ لاءِ راضي ٿي ويو.
ٽمون صاحب اوهان پنهنجو مڪمل تعارف ڪرايو.
آءُ پنهنجو نالو اوهان کي ٻڌائي چڪو آهيان. مون “چُپ” هاءِ اسڪول مان “ڌپ” تي مئٽرڪ فيل ٿيندي ٿيندي ٻن مارڪن تي پاس ڪئي آهي. ٽمون وڏي فخر سان جواب ڏنو.
ٽمون!! “چُپ” هاءِ اسڪول ۽ “ڌپ” تي مئٽرڪ، اها ڳالھ مون کي سمجھ ۾ اصل نه آئي اٿئي.
ٽمون مشڪندي وراڻيو“ هونءَ به توکي اڄ تائين سواءِ ماني کائڻ جي ٻيو ڪو سمجھ ۾ آيو ڇا آهي؟ ٻڌ جتي جتي گورنمينٽ لفظ اچي، اتي سمجھ “چُپ” آهي، مثال سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪرڻ کان چُپ، سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهائڻ کان چُپ، ڇو ته شام جو ماسترن جو ٽيوشن ۾ چُپ جو روزو کلندو آهي. مطلب ته سرڪار معني چُپ آهي. ان ڪري مون سرڪاري هاءِ اسڪول جو نالو چُپ هاءِ اسڪول رکيو آهي ۽ اها توکي به خبر آهي ته ٽيوشن جي آڙ ۾ تعليم جو فرض ماستر وڏي ايمانداري سان ادا ڪري رهيا آهن، جيئن ته مان غريب آهيان ٽيوشن جي فيس نه ٿي ڀري سگهيس، پر هڪ اٽڪل ڪيم جو پاڻ وارو استاد جنهن جاءِ ۾ شام جو ٻارن کي ٽيوشن پڙهائيندو هيو ان جاءِ جي ڀت پويان بيهي استاد جو ٻين ٻارن کي ڏنل سبق ياد ڪري پاس ٿيو آهيان.
ٽمون اوهان ادب جي ميدان ۾ پير ڪيئن رکيو؟
“ادب جي ميدان ۾ پير نه پر سڄي ساري ڄنگھ رکي ڇڏي آهي، اهو ائين ٿيو جو هڪ ڏينهن ٻه مهينا پراڻي اخبار هٿن ۾ جهلي گهٽيءَ ۾ پڙهندو پئي ويس، ته اوچتو هڪ شخص سان ٽڪر ٿي پيو، ان شخص نه ڪئي هم نه ڪئي تم ڪن کان جهلي ٻه ٽي لپاٽون وهائي ڪڍيون، انڌا هلندي اخبار پڙهبي آهي ڇا؟ هڻي منهنجي ٽيڙو جي سٽ کي ٽيڏو ڪري رکيئي.” ٽمون جواب ڏنو
اڇا ته اهو شخص شاعر هيو؟
ٽمون: ها! هو پاڻ به ڪو بندي هٿ ۾ جهلي شعر لکندو پئي آيو؟
پوءِ ڇا ٿيو ٽمون؟
“ لپاٽ لڳڻ کان پوءِ اهو حشر ٿيو جو اکين اڳيان اوندھ اچي وئي، ڪنن تي تاڙيون لڳي ويون، نڪ جي سڌائي تي وٺي ڊوڙيم، هوش جو آيو ته ڏسان ته ادب جي ميدان ۾ بيٺو آهيان، پنهنجو پاڻ کي سمجهايم ته ٽمون ادب جي ميدان ۾ سڄي جو سڄو بيهڻ بيوقوفي آهي ان لاءِ ادب جي ميدان ۾ صرف ڄنگھ رکي باقي جان بچائي ورتي اٿم”.
ٽمون صاحب توهان اهو ٻڌائڻ گهرندا ته اوهان کي ڪهڙا اديب پسند ناهن؟
“ اهي اديب جيڪي ٻارن لاءِ ناهن لکندا، ڇو ته اهي وڏا اديب هوندا آهن ۽ جيڪي وڏا هوندا آهن انهن جي ڪلهن تي وڏا بار هوندا آهن ۽ جن تي وڏا بار هوندا آهن، اهي جلد پوڙها ٿي ويندا آهن ۽ جيڪي جلد پوڙها ٿي ويندا آهن اهي چيڙاڪ ٿي پوندا آهن ۽ جيڪي چيڙاڪ ٿي پوندا آهن، اهي گاريون ڏيندا آهن ۽ جيڪي گاريون ڏيندا آهن، تن سان ٻار شرارتون ڪندا آهن ۽ جن سان ٻار شرارتون ڪندا آهن اهي اديب ٻارن لاءِ ناهن لکندا.
ٽمون پوءِ به توکي ڪهڙا شاعر ۽ اديب وڻندا آهن؟
“ زور ڀرين ٿو ته ٻڌ. مون کي شاعري ۾ سوَڙِ جهڙو سهڻو شاعر ولو وات پٽيو وڻندو آهي، ادب ۾ رليءَ ۾ گھڙي ليٿڙيون پائيندڙ دوسو داداگير ۽ ڊرامن جي لکندڙن ۾ ٻٻر جي ڇوڏي جهڙو بدشڪلو بدن بيوفا وڻندا آهن.
ٽمون اوهان جو بُرج ڪهڙو آهي؟
“ريل جي انجڻ.” ٽمون تڪڙ ۾ چئي ڇڏيو.
ريل جي انجڻ !!؟ مون اهو بُرج مون اڄ ٻڌو آهي ! ٽمون کان سوال ڪيو.
ها! اهو تيرنهون برج آهي ۽ اها ڳالھ توکي سمجھ ۾ نه ايندي ڇو ته تون اڃا ٻارن لاءِ لکين ٿو ۽ جيڪي ٻارن لاءِ لکندا آهن اهي تيرنهين برج کان اڻ واقف هوندا آهن”.
ٽمون اوهان کي ڪهڙو کاڌو پسند آهي؟
“ جيڪو پرائي گهر مان اچي، اهو پسند آهي، پوءِ اهو کڻي ڪيڏو به پاروٿو ڇو نه هجي”.
اوهان جو مشغلو ڪهڙو آهي؟
“ پراوا دهل ڦاڙي، انهن کي ٻولي سيکارڻ! ڏاڏي جي چانھ ۾ لوڻ وجهي ڀڄي وڃڻ، ٻارن کي سائيڪل سيکارڻ جي بهاني سڄو ڏينهن پاڻ سائيڪل وهائڻ ۽ مامي جي ڪڪڙين جا آنا کڻي کائڻ.”
مطلب ته سڄو ڏينهن شرارتون ڪرڻ تنهنجو مشغلو آهي؟
“ ڪمال آ! وري به شرارت جو لفظ ڪتب آڻي، تو منهنجي جذبن کي جاڳائي ڇڏيو آهي. توکي خبر به آهي ته مان شرارت جي “ش” کان به واقف ناهيان...... بس هاڻ هتي هڪ گھڙي به نه ويهندس.”
پيارا ٻارو! ائين چئي ٽمون اٿي هليو ويو، اوهان فڪر نه ڪريو ٽمون وري ايندو اوهان سان شرارتون کڻي اچي ملندو. بس هو هينئر مفت جي اخبار پڙهڻ ويو آهي.
خميس 20 مارچ 1997ع