ٽمون ريل ۾
ڀائو خيال ڪر، وات سان ڳالهائين ٿو يا ٽنگن سان.
مان هيڏي هوڏي نهارڻ لڳس ته هي آواز ڪٿان ٿو اچي انهيءَ سوچ ۾ هيس ته هي آواز سيٽ هيٺان ٿو اچي يا ڪنهن ٻئي طرف کان!.
ستا پيا آهيون ننڊ ڇو ٿا ڦٽايو. سيٽ هيٺان آواز آيو.
گھڻا ڄڻا ستل آهيو؟ مون جواب ڏنو.
مان هڪ ڄڻو ئي ته آهيان. سيٽ هيٺان جواب جي جواب ۾ آواز ڪنن تائين پهتو.آواز ته ٽمون جو پئي لڳو، نوِڙي ڏٺم ته واقعي ٽمون هيو. مون کي ڏسندي تڪڙ م نڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين ته مٿي ۾ سيٽ جي لوهي ڏنڊي جو ڌڪ لڳس، گھڙ کن ماٺ ۾ رهيو پوءِ دم پٽي چيائين ته ٿورو سرڪي جاءِ ڏيم ته ويهان، مون چيومانس ته هت ته اڳي ئي پنج ڄڻا ويٺا آهيون.
مان به ماپي ويندس ڪهڙو باڊي بلڊر آهيان جهڙو تون سنگل پاسيري تهڙو مان.
ٽمون ٽڪيٽ ورتي اٿئي؟
ٽڪيٽ! عجيب ڳالھ آهي. ٽهڪ ڏيندي ٽمون چيو.
ٽمون ان ۾ عجب کائڻ جي ڪهڙي ڳالھ آهي؟
عجب نه کانوان ڪڏهين ورتي ڪونه اٿم ته اڄ ڇو وٺان.
ٽڪيٽ چيڪر منهن ڪونه پيو اٿئي نه ته ڪنن کان وٺي اُڀو ڪري ڇڏيندءِ ٽمون.
ڪهڙن ۽ ڪيترن کي ڪنن کان جهلي اُڀو ڪندو.
ڇا مطلب ٽمون.
مطلب صاف ظاهر آهي ته سڄي ريل ۾ اڪيلو مان بنا ٽڪيٽ آهيان؟ باقي جيڪي ماڻهو ريل جي مٿان، ريل گاڏي ۾ سٿيا پيا آهن، تن سڀني وٽ ٽڪيٽ آهي؟
پر جي اتفاق سان ٽڪيٽ چيڪر آيو ته پوءِ ٽمون ڇا ٿيندو؟
هڪ ڀيرو آيو ٻيهر ڪونه ايندو. ٽمون وڏي اطمينان سان جواب ڏنو.
توکي ڪهڙي پڪ آهي ته ٻيهر ڪونه ايندو ٽمون؟
هيڏي رش ۾ هَر هَر ٿورئي ايندو، هونءَ به اڄ ڍوءُ ٿيل هوندس. خوب ڪمايو هوندائين ڇت تي ويٺلن، گاڏن ۾ سٿل ماڻهن جا کيسا ڪتري هليو ويو هوندو.
اهو ڪيئن؟
جن وٽ ٽڪيٽ نه هوندي آهي ته انهن کان پئسا وٺندا آهن، جي اسان پارو پڙهيل هوندو ته اُن کي رسيد ڏيندا جي نه ته مڙئي خير.
تون ڪيڏانهن ويو هئين؟ ٽمون کان سوال پڇيو.
دادو ڪم سان ويو هيس.استاد بخاريءَ جو شعر ٻڌڻ.....
اهو وري ڪيئن؟
دادو ۾ آهي جادو ٽمون.
ڪمال آهي! استاد بخاري مونتي به شعر لکيو آهي؟
ٽمون توتي شعر ڪونه لکيو اٿائين، مون توکي پهاڪو ٻڌايو ته “ دادوءَ ۾ آهي جادو”
جادو وري دادوءَ ۾!!؟ مونکي جادو ته نظر ڪونه آيو.
باقي ڇا ڏسين آئين دادوءَ ۾ٽمون؟
دادو شهر ۾ داخل ٿيس، شهر، گھٽيون، روڊ رستا خراب . پينو فقيربه جام نظر آيا. استاد بخاري جي شهر کي ڏسي ڏاڍو افسوس ٿيو.
ٽمون جي ڳالهين ۾ خبر ئي نه پئي ته چار اسٽيشنون ٽپي آياسين، پنجين اسٽيشن تي اسان جي منزل هئي سو اسين ٻئي باڊھ اسٽيشن تي لٿاسين. ٽيڪٽ چيڪر واقعي ئي نه آيو، ٽمون سچ چيو.
اسٽيشن تي لهي ٽمون کي چيم هاڻ هتان ڪيئن نڪرندين؟
ورندي ڏنائين: ويٺو ڏس.
اسٽيشن جي گيٽ تي بيٺل چيڪر ٽمون کان ٽڪيٽ گُهري، ٽمون چيس ته ريل هلڻ واري هئي تڪڙ ۾ سپاهين جي گاڏي ۾ چڙهي پيس، هو ڏس ٿلهو سانَ جهڙو سپاهي بيٺو آهي ان مون کان ٽڪيٽ جا پيسا ورتا آهن. ائين چئي ٽمون ٻاهر نڪري ويو. مون ٽمون کان پڇيو توکان واقعي سپاهي پئسا ورتا آهن؟
چيائين ”نه“.
ته تو ان مسڪين سپاهي لاءِ ڇو ائين چيو؟
چيائين ته مون نه ڀريا ته ڇا ٿي پيو؟ ٻيا غريب ۽ اٻوجھ ته ڀريندا آهن؟ هي تو وارا غريب سپاهي ويچارا ايڏا ڀلا آهن ڇا؟ جو ڪنهن کي مفت جا مزا وٺرائين! اهي تو وارا اٻوجھ سپاهي به گهٽ ظالم ڪونهن ! ريل کاتو وڃي ٿو ڏينهون ڏينهن پوئتي ٿيندو ۽ هي تو وارا ويچارا سپاهي، وڃن ٿا ڏينهنون ڏينهن ٿلها متارا ٿيندا!!! اهي ٽڪيٽ چيڪر ۽ تو وارا ويچارا پوليس وارا سدائين موجن ۾ آهن، تن جي ڳڻتي تو کي نه ٿيڻ گهرجي.
ٽمون سيٽ هيٺان ڇو ستو پيو هئين؟
بندري قد وارن لاءِ سيٽ جي هيٺان جاءِ هوندي آهي، اُتي سمهڻ ۾ مزو آهي، گاڏي ۾ بچيل به جڳھ اهائي هئي، سيٽ هيٺان گھڙي لت ڏئي سمهي پيس، ڏاڍو آرام ۾ آيس..... پر هڪ ڳالھ سمجهاءِ ماڻهو ريل جي ڇت تي ڪيئن ويهن ٿا، سمجھ ۾ نٿو اچي.
ٽمون! مان ريل جي ڇت ڪڏهن به ويٺونه آهيان، جو توکي ٻڌايان ته ڪيئن ڇت تي ويهي ريل جوسفرڪبو آهي.
تون هڪ ڀيرو ريل جي ڇت تي چڙهي تجربو ڪري ڏس.
ٽمون مون کي سِرُ پيارو آهي، اهڙو تجربو توکي ڪرڻ گُهرجي.
ٻيا ڄڻ منڍيون ترين تي کنيون گھمندا وتن ٿا. انهن کي به سرُ پيارو آهي جيڪي ڇتين تي ويهن ٿا....
ٽمون! گھر به هلندين يا رڳو پيو ڳالهيون ڪندين. مون ٽمون جو جملو ڪٽيندي چيو.
توکي ڪنهن جهليو آهي؟ هونءَ به تون پنهنجي گهرويندين ۽ مان پنهنجي گهر.
يار مان وڃانءِ ٿو. ٽمون رڙ ڪندي چيو:
ڪيڏانهن ٿو وڃين ٽمون!؟ هن باڊھ شهر ۾ نه تنهنجو گهر نه منهنجو گهر!
هو ڏس آسمان تان لغڙ ڪرڻ وارو آهي، ان کي پڪڙيندس. ٽمون ڊڪندي چيو.
ڏٺم ته ڌاڳي مان ٽٽل لغڙ آسمان تان بولاٽيون کائيندو، زمين تي ڪرڻ جي ڪري رهيو هو ۽ ٽمون به ان لغڙ کي پڪڙڻ لاءِ ٻين ٻارن جي پويان ڊوڙندو ويو.
خميس 19 مارچ 1982ع