ٽمون ريڙهي گاڏي تي
اها ڳالھ ئي نه پُڇُ. بودي مڱڻهار پنهنجي اندر جا سُور اوريندي چيو ته، اهو تو وارو ٽمون شرارتي جي هاڻ مون کي هٿ اچي وڃي ته ڪچو کائي ڇڏيانس هڪ به اوڳرائي نه ڏيان، خدا ڪندو شل زندگي ڀر شرناءِ وانگر رڙيون ڪندو وتندو، خدا ڪندو ڏونڪي تي پير پوندس، هڻي مون مسڪين جو روزگار بند ڪري رکيو اٿائين.
چاچا تون جو مشاعري مان ٽمون کي گهلي وٺي ويو هئين ان جو ڪو کڙ تيل نڪتو يا نه؟
کڙ تيل ته مون ٽمونءَ جي رڳ رڳ مان ڪڍيو آهي باقي اڳيان به ٽمون هيو واھ ڙي ٽمون واھ تنهنجي نڪ جي پڪائي! واقعي پڻهين تو مٿان ٽمون نالو رکي دنيا جي نقشي کي چوڪنڊو بڻائي سائنسدانن کي حيرت ۾ آڻي ڇڏيو آهي. سو پٽ ٽمون دهل جي اصل ٻولي آڻڻ بجاءِ دهل کي ٻولي ئي ٽين سيکاري ويو. اڳي چوندو هيو ته اسين ته جاڻان بلو دي گهر، هاڻي وري چئي ٿو ته “ڏوڪڙ لٽايو، پنا کائو”. ابا هاڻي وڄايان ته ماڻهو ميارون ٿا ڏين ته ٻيلي ڇو اڇي ڏاڙهي ۾ خراب ٿيو آهين جو ماڻهن کي دهل وڄائي صلاحون ٿو ڏين ته “ڏوڪڙ لٽايو پنا کائو”. بس ابا اڄ روزگار نه ڏسي مان دهل نٿو وڄايان. ائين چئي چاچو بودو مڱڻهار عيد گاھ مان هليو ويو. مون کي ٽمون تي سخت ڪاوڙ آئي پر ٽمون عيد واري ڏينهن اصل نه مليو.
عيد جي ٻئي ڏينهن ٽمون ريڙهي تي پاڻ کڻايون پئي ويو، ٽمون ريڙهي تي هڪ عدد ڳوڻ وڇائي وهاڻو مٿن کان رکي ليٽيو پيو هو. ريڙهو سندس ننڍو ڀاءُ هلائي رهيو هيو.
ٽمون خير ته آهي ريڙهي تي ليٽي شهر جا سير پيو ڪرين يا پاڻ کڻايو ٿو وڃين، عيد جي ڏينهن نظر نه آئين؟
ٽمون ريڙهي کي روڪڻ جو اشارو ڪندي آهستي آهستي اٿي ويٺو. ڳالھ ئي نه پڇ...... ٽمون دوڏا ڦيرائيندي چيو.
ٽمون دوڏا ڦري ڇو ويا اٿئي؟
صرف دوڏا!..... منهنجي چيلھ، ڄنگهون، ٻانهون ۽ گوڏا به ڦري ويا آهن اصل سڀ ڪسرون ٽمون جي نفيس عضون مان نڪري ويون آهن، پاڻ کي اسپتال کڻايون ٿو وڃان. هڏ هڏ سور ڪري ٿو، ادا عيد جي ڏينهن بيهوش هيس ته توڏانهن ڪيئن اچان. ٽمون ڏک واري انداز ۾ پنهنجي سموري ڳالھ ٻڌائڻ لاءِ تيار ٿي ويٺو.
ٽمون توسان اهڙو حشر ڪنهن ڪيو؟
چاچي بودي مڱڻهار ۽ ان جي زال هڻي متيون منجهائي رکيون آهن، ادا هڏ هڏ سور ٿو ڪريم، هيڏانهن ٻه ٽي ڪلهي کي زور ته ڏينم..... هاءِ.....وارو ڪر...... مٿو به سور کان ڦاٽي ٿو.... ٻه ٽي ٿڦڙا به مٿي کي هڻج.
ها ٽمون ياد آيو.... ٻيلي ڏاهو ٿي ڪنهن کي بيروزگار ڪرڻ سٺو ڪم ناهي ڏس هن غريب جي ٻچڙن جو پيٽ تڏهن ئي ڀربو جڏهن هو دهل وڄائي ٻه ڏوڪڙ ڪمائي ايندو ۽ جي تون دهل جي ٻولي مٽائي ڇڏيندين ته هن غريب جا ٻار بُک مرندا، احساس دل ۾ ڌار، هروڀرو هن ريڙهي تي ويهڻ جي شوق ۾ غريبن جي وات جو گرھ نه کسِ.
تون به سچ ٿو چوين پر چاچي بودي مڱڻهار کي مون ڪجُھ ناهي ڪيو، سڀڪجھ هُن ۽ سندس زال ڪيو آهي مشاعري مان جيئن ئي گهلي کڻي ويو ته وڃي هڪ ڦاٽل دهل ۾ ويهاري ڇڏيائين، خبر اٿئي ان ڦاٽل دهل ۾ ويهندي مون ڪيترو عذاب سَٺو هو؟ رڙ ڪري چيومانس ته چاچا بودا دهل مان ڪڍي ڀلي مون کي مٽيءَ جي گُندڙي ۾ بند ڪري ڇڏ، مٽي منهنجي ماءُ آهي، ماءُ جي هنجَ ۾ آرام ملندو، باقي هن ڦاٽل دُهل ۾. ٻيلي منهنجو ساھُ ٿو ٻوساٽجي بس ڀائو منهنجو ايترو چوڻ ۽ چاچي بودي جو دهل وڄائڻ! بس ته پوءِ مان به عادت کان مجبور هيس.
ٽمون شرارت واري عادت کان؟ ائين نه؟
ڏس ڏس! مون کي جذباتي نه ڪر مان اڳي ئي چاق ناهيان ۽ تون ڄاڻين ٿو ته مان شرارت جي ”ش“ کان به واقف ناهيان، مون ڪابه شرارت نه ڪئي، بس هڪ صلاح چاچي بودي مڱڻهار کي ڏنم، جنهن خيرجي بدلي ۾ ههڙا حال ٿيا آهن! واھ!! واھ جا زور ٿو ڏين اڳي ڪنهن هوٽل تي مالش ڪندو هئين ڇا؟
ٽمون مان مالش ته واھ جي ڪندو آهيان اها توکي جلد خبر پئجي ويندي پر اهو ٻڌاءِ ته تو ڪهڙي نيڪ صلاح ڏني جو صلاح جو اهو نتيجو مليو اٿئي.
ٻڌ منهنجا سائين. چاچي بودي کي چيم هاڻ دهل جي ٻولي مٽاءِ جلدي وڃ ۽ وڃي گهر ۾ پيل ڳاڙهن ساون ۽ ڪارن مرچن سميت گهر جو سمورو مصالحو کڻي آ، ته تنهنجي دهل جي ٻولي مٽايان اهي لفظ ٻڌي چاچو بودو خوش ٿيو، چاچو بودو جيئن مصالحو کڻي آيو ته اهو گرم مصالحو دهل ۾ وجهڻ لاءِ ٻاهر نڪتس ۽ گرم مصالحو دهل ۾ وجهي ڇڏيو، چيومانس هاڻ وڃ ۽ وڃي ٻه ڪلو ڪڻڪ جو اٽو وٺي آ.
ٽمون ڪڻڪ جو اٽو ملي ٿو ڇا؟ مون دوڏا ڦوٽاريندي ٽمون کان پڇيو. ها ڪڻڪ جو اٽو خيالن ۾ ملي ٿو ٻڌ خيالي مل تان خيالي ڪڻڪ جو اٽو خيال ۾ وٺي خيال ۾ پچائي خيال ۾ کائي ڇڏ. انشاءالله هڪ ڏينهن خيال ئي خيال ۾ خيال ٿي زمين ۾ بنا ڪفن جي دفن ٿي ويندين ڇو ته ڏڪر کي گوڏ ٻڌل نه هوندي پر ڏڪر اڄ ڪلھ شريف شهري بڻجي سوٽ بوٽ ۽ ڪوٽ پائي اچي ٿو سمجهيئي وائڙن جي پريي جا بي باڪ ۽ بهادر پريا مڙس.
ها ٽمون سمجهيم. پوءِ پوءِ ڇا ٿيو؟
چاچي بودي به چيو ته ڪڻڪ جو اٽو نه ٿو ملي هڪل ڪري چيومانس،“پوءِ تنهنجي دهل جي ٻولي تبديل نه ٿيندي”، بس منهنجو ايترو چوڻ ۽ وري چاچي کڻي دهل ۾ وجهي ڇڏيو پوءِ ته ڏونڪن تي جيڪو گرم مصالحو ۽ مرچ اٿيا انهن منهنجو هي حشر ڪيو اٿئي ادا....... ها ائين ٻه ٽي زور ڪلهي کي به ڏيو وڃ ڀائو.
ٽمون پوءِ جان ڪيئن ڇڏائي اٿئي؟
ها يار دل ۾ چيم ته ٽمون ڪر اٽڪل..... سو چاچي بودي کي چيم ته تنهنجي دهل جي ٻولي تڏهن تبديل ٿيندي جڏهن گهر جي چلھ تي چڙهيل ڀاڄي وارو ديڳڙو کڻي ايندين، بس ادا ڏسندي ڏسندي گرم گرم ٻڙڪندڙ ديڳڙو پهچي ويو اهو به کڻي وڌم دهل ۾ ۽ چيم چاچي بودي کي چاچا ٻه سئو چاليھ ڏونڪا دهل کي هڪ پاسي کان ٻه سئو چاليھ ڏونڪا ٻئي پاسي کان هڻ ته دهل پنهنجي اصل ٻولي ڳالهائڻ لڳندو.
واھ ٽمون واھ جي صلاح ڏني پوءِ ڇا ٿيو؟
بس ڀائو منهنجو اها نيڪ صلاح رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيو، چاچي بودي جي گهر واري اچي پڪڙيو پوءِ، ته ڏويون هيون ۽ ٽمون نماڻي جو بدن....... واھ جي پوڙهي ڦاپل تنهنجي ڏوئي وهائڻ.... هڻي منهنجا ته اسپرنگ ئي ڍرا ڪري ڇڏيائين.
“ٽمون تو مار ڇو کاڌي”؟
اڙي ادا ماسي ڦاپل ڀاڄيءَ جي ستياناس ٿيندي ڏسي ڏمرجي پئي ۽ پوءِ ٻيو ته ڪل خير..... توسان مليس ڪابه خوشي نه ٿي، تون خوش هوندين پنهنجي خرچ تي ...... مان ته خوش ناهيان پاڻ اسپتال کڻايون ٿو وڃان.
ٽمون پرواھ نه ڪر، مڙئي خير آهي.
ها ادا مڙئي خير آهي، جو ڌڪ توکي ناهن لڳا.... اڙي ننڍا ڀاءُ گهل ريڙهي کي هلي ملم پٽي ڪرايون ۽ ڪي پها رکرايون، باقي هن جهڙا ماڻهو ته ڦٽن تي لوڻ ٿا ٻُرڪن.
ائين چئي ٽمون ريڙهي تي سمهي پيو ۽ ڀاڻس ريڙهي ڪاهي اسپتال ڏينهن ويندو رهيو.
خميس 3 اپريل 1997ع