ٽمون بڻيو نجومي
شهر جي چونڪ تي اهڙي بينر کي پڙهي آءُ هيڏي هوڏي نهارڻ لڳس. ڏسان ته سامهون نم جي وڻ هيٺان اڇي چادر پٽ تي وڇايون، ٽمون بالم بڻيو ويٺو آهي. سندس ڀر ۾ هڪ عدد لوھ جي ننڍي پيٽي، ٻه عدد سليٽون ان تي اُبتا سُبتا ليڪا نڪتل ۽ ڪجھ ڪتاب رکيل اٿس.
ٽمون ڪڏهن کان قسمت جو حال ٻڌائڻ وارو پروفيسر، ماهر علم نجوم بڻجي ويو آهين؟ مون ٽمون جي ڀرسان ويهندي ٽمون کان پڇيو.
ٻڌ ڪوڙن جا وزيرِ داخلا! توسان ڪوڙ نه ڳالهائبو. ٽمون مون کي چيو.
”ٽمون! تون شرارت ته نه ڪندين؟“. مون ٽمون جي ڳالھ ڪٽيندي چيو.
توکي گھڻا دفعا چيو اٿم ته مان شرارت جي ”ش“ کان به واقف ناهيان. مهرباني ڪري هتان اُٿي وڃ. منهنجي روزي ۾ لت نه هڻ. ٽمون صفا ڪاوڙجي ويو.
ٽمون...... ٽمون مذاق ۾ ٿورئي چڙبو آهي!؟ مون توسان مذاق پئي ڪئي....... ها ٻڌاءِ ته هنن حالن ۾ ڪيئن پهتين!؟
توکي ته خبر آهي نه!؟ ته بابو ڪانٽريڪٽي ماستر آهي. سو هو اڄ بُک هڙتال تي ويٺل آهي، گهر جي گذر سفر لاءِ هي ڌنڌو بهترين سمجهي ڪرڻ لڳو آهيان، بس هر مهيني جي پهرين هفتي ۾ هن نم جي ڇانو هيٺ ويهي ماڻهن کي پنهنجي قسمت جو حال ٻڌائي ٻه رپيا رهڙي وٺندو آهيان. تون ڄاڻين ٿو ته مون کي علم نجوم جو ڪوبه علم ناهي. پر تون صبر ڪري ويهجانءِ. هو ڏِسُ سامهون گراهڪ اچي پيو، جيڪڏهن اهي بي سرا ڏند ڪڍي ٽهڪ ڏنئي يا منهنجي قسمت ٻڌائڻ تي پنهنجي ڪياڙي کنيئي، پوءِ تون پنهنجي قسمت جي مٿي کي ڦاٽل سمجهجان، جنهن کي مان ڪچيون سرون هڻي ڦاڙي وجهندس. ٽمون مون کي سمجهائيندي ۽ تنبيھ ڪندي فرمايو.
جيستائين مان ٽمون کي ڪو جواب ڏيان اهو شخص جنهن سان گڏ هڪ ڇوڪرو به هيو. ٽمون جي اڳيان اچي ويٺو ۽ چوڻ لڳو
نجومي صاحب! هي جيڪو منهنجو ڇوڪرو آهي ڏسڻ ۾ گول، مول ۽ بي ڊول هن جي عمر هن وقت 14 سال آهي. صبح جو جيئن اٿندو آهي ته ڌرتي تي ويهي ڪنهن ڪاٺيءَ سان ليڪا ڪڍندو آهي ۽ مٽي کائيندو آهي ۽ ڪاغذ به چٻاڙيندو آهي، مان هن جي اهڙين عادتن کان تنگ ٿي ويو آهيان، چوان ٿو ته ڪو ماڻهو هن ڇوري کي، مون کان وٺي ته چار پنج سؤ روپين ۾ وڪرو ڪري ڏيانس.
متان وڪرو ڪيو اٿئي، ان انمول چيز کي!! هي جيڪو تنهنجو گول مول بي ڊول يعني ڪڻڪ جي اٽي جي ٻوري جهڙو ننڍڙو ننڍڙو نينگر وڏو خوش نصيب اٿئي. دولت هن جي قدمن ۾ ڊسڪو ڊانس ڪندي رهندي. ٻڌ! ڇو ته جيڪي تنهنجي پٽ جون نشانيون آهن، يعني مٽي کائڻ، ڪاغذ چٻاڙڻ اهي وڏن خوش نصيب ماڻهن جون نشانيون آهن، خبر اٿئي ته هي تنهنجو ٽن منهن وارو پٽ وڏو ٿي ڇا ٿيندو؟.
ڇا ٿيندو؟!. نجومي صاحب توهان ئي ٻڌايو.
هي تنهنجو پٽ وڏو ٿي تپيدار يا صوبيدارٿيندو. ٽمون پنهنجي علم نجوم جا جوهر ڏيکاريندي همراھ کي چيو.
پر نجومي صاحب! هي مون وارو ڇورو ته صرف پنج درجا پاس آهي پوءِ تپيدار يا صوبيدار ڪيئن ٿيندو؟
توکي پڪ هئڻ گهرجي تي هن وقت ٻنهي کاتن ۾ اڻ پڙهيل موجود آهن وڌ ۾ وڌ پٽ جو فارم ڀرائي ميٽرڪ ڪاپي تي پاس ڪرائي ڇڏينس.
ٽمون جي علم نجوم پنهنجو ڪمال ڏيکاريو. پنهنجي پٽ جي آئيندي بابت ٻڌي همراھ جون واڇون ڪنن تائين ٽڙي ويون. هو ٽمون کي خوشي وچان پنجاھ رپيا ڏئي پنهنجي گول مول بي ڊول پٽ کي چميون ڏيندو اڳتي وڌيو ۽ ٽمون پنجاھ رپيا کيسي ۾ وجهندي چيو ته ڏٺئي ڄٽ هڪ ڌڪ ۾ پنجاھ رپيا يعني اڄوڪي ڏهاڙي کري ٿي.
ٽمون مون کي اها ڳالھ سمجهه ۾ نه آئي ته همراھ ايڏو خوش ڇو ٿي ويو جو هن جون واڇون گودو ٿي ويون.
چريا نا سمجھ. هي جيڪي ماڻهو آهن نه! اهي هڪ ڏينهن ۾ امير ٿيڻ جا خواب پيا ڏسن ۽ دولت حاصل ڪرڻ لاءِ ناجائز نموني گھڻو ڪجھ ڪرڻ گهرن ٿا. بس اهڙن ماڻهن کي خيالي گهوڙي تي چاڙهي هوا ۾ سفر ڪرائيندو رھُ. هڪ نه هڪ ڏينهن اهي ماڻهو اهڙو ڪرندا جو انهن جو مڻڪو ڀڄي پوندو.
ها ٽمون واقعي سچ ٿو چئين.
اي ابا ڍاري وارا! مون کي به ته ڪجھ ٻڌاءِ. هڪ پوڙهو لٺ جي سهاري پٽَ تي ويهندي ٽمون کي چيو.
ڏاڏا مان ڍاري وارو ناهيان، مان علمِ نجوم جو ماهر پروفيسر ٽمون آهيان.
اڙي ٻچا ٽمون نجم جو گلم هجين يا مسيت جي فراسي! ٻڌائين ته قسمت جو حال ٿو؟
ها ڏاڏا مان قسمت جو حال ٻڌايان ٿو.
ته پوءِ ڇيڻي جهڙا ڇوڪرا ڍاري وارو ئي ٿئين نه!؟ هاڻ ڏس منهنجو هٿ ۽ مون کي ٻڌاءِ منهنجي قسمت، نه ته لٺ هڻي اهو ڀينڊي جهڙو نڪ ڦيهي ڇڏيندوسانءِ. پوڙهي پنهنجو هٿ ٽمون ڏانهن وڌائيندي چيو.
ٽمون پوڙهي جو هٿ ڏسندي چيو ڏاڏا وڃ وڏن ڀاڳن وارو آهين.
اهو ڪيئن؟
ٽمو وري چيو: تنهنجي گهر کي ڀت آهي، ڇت به آهي ۽ تنهنجو هٿ ٻڌائي ٿو ته تنهنجي گهر ۾ ڀاڄي چاڙهڻ وارا ديڳڙا به آهن.
اڙي ابا ڍاري وارا چوين سچ ٿو.... پر هڪ ڳالھ سچي ناهي.... سا اِها ته منهنجي گهر کي ڀت نه پر لوڙهو ڏنل آهي.
ڏاڏا اسان شهر جا ماڻهو لوڙهي کي ڀت سڏيندا آهيون، لوڙهو ۽ ڀت ڳالھ ساڳئي آهي. ٽمون پنهنجي حرفتي دماغ مان اٽڪل ڪڍي پوڙهي کي وهائي ڪڍي.
چڱو ابا اڳتي ٻڌاءِ.
ها ڏاڏا ٻڌ! تنهنجي هٿ جي لڪيرن ۾ لکيل آهي ته توکي اُڄ لڳندي آهي ته پاڻي پيئندو آهين! بک لڳندي اٿئي ته ماني کائيندو آهين! توکي سياري ۾ سردي ۽ اونهاري ۾ گرمي ٿيندي آهي، تنهنجي کٽ کي چار عدد پاوا آهن، اها کٽ واڻ سان واڻيل آهي ۽ ان کٽ کي واڏڻ به پيل آهي.
اي ابا خانو خراب ٿيئي اها توکي ڪيئن خبر پئي...... ٻڌ ڀلا زال بابت به ته ڪجھ ٻڌاءِ. پوڙهي ٽمون کي خوش ٿيندي چيو.
ڏاڏا! تنهنجي زال توسان پيار ڪندي آهي، هوءَ توکي ماني پچائي کارائيندي آهي، رات جو توکي زور به ڏيندي آهي تنهنجي زال جواني ۾ ڏاڍي سهڻي هئي. هاڻي ڏاڏا ڪڍ ڏھ رپيا.
پوڙهي لٺ سڌي ڪري ٽمون کي وهائي ڪڍي.... ڇا جا ڏھ رپيا نڀاڳا! ڪنهن جاءِ جا...... اڙي شرارتي ڇورا مان سڄي عمر ڪنوارو رهيو آهيان. مان ٿو پڇان ته زال ڪڏهن ملندي ۽ تون وري ڪرين ٿو مونسان ڀوڳ چرچا!. پوڙهي ٽمون کي ٻه ٽي لٺيون وهائي ڪڍيون.
ٽمون پنهنجا ٽپڙ ڇڏي ڀڄڻ لڳو۽ ڀڄندي چيائين ته هيئنر منهنجي قسمت مون سان ساٿ نه ڏئي رهي آهي. هي منهنجا ٽپڙ کنيو اچجان ۽ تون ٻارن کي چئجان ته مان هر مهيني جي آخر ۾ ٻارن کي قسمت جو حال مفت ۾ ٻڌائيندس، ان لاءِ جلدي جلدي هيٺين ائڊريس تي خط لکي پنهنجي قسمت جو حال معلوم ڪيو۽ ها! ٻارن کي هي به چئجان ته منهنجي ائڊريس چڱي طرح ياد ڪن.
خميس 6 مئي 1997ع