ٻاراڻو ادب

ٽمون شرارتي

جبار آزاد منگيءَ جي ٻارن لاءِ لکيل ھن ڪالم ڪھاڻين جي ڪتاب ۾ نھايت سبق آموز مواد شامل آھي، جيڪو يقينن سنڌ جي ٻارن لاءِ ھڪ ڪارائتو ڪتاب ثابت ٿيندو ۽ سنڌ جي ٻارن ۾ ڪتاب پڙھڻ جو چاھ پيدا ٿيندو.
ٽمون شرارتي ٻارن جي لاءِ لکيل ڪالم ڪھاڻين جي ھڪ ھڪ اھڙي سيريز آھي جنھن جي ضرورت ھن دور ۾ بہ آھي جنھن دور ۾ ٻارن لاءِ ادب لکڻ ڄڻ ھڪ خواب بڻجي ويو آھي.
Title Cover of book ٽمون شرارتي

  ٽمون حاضر آهي

پيارا ٻارو! اوهان جي صفحي “جاڳو ٻارڙا” جي انچارج اوهان لاءِ ٽمون شرارتي جو سلسلو شروع ڪرڻ جو حڪم ڪيو ته، ڄڻ مون کي هڪ نئين امتحان ۾ وجهي ڇڏيو. ڇو ته ٽمون کي ڳولهڻ ايڏو ڏکيو ڪم آهي جو ڳالھ ئي نه پڇو. اوهان پيارن ٻارن جي ڪري صفحي جي انچارج کي انڪار نه ڪري سگهيس...... بس ٽمون کي ڳولهڻ لاءِ شهر جي گھٽي گھٽي ماپيم، پر ٽمون ڪٿي به نظر نه آيو. مختلف پاڙن جي مسجدن مان لائوڊن وسيلي اعلان ڪرايم، پر ٽمون ائين گم، جيئن گڏھ جا سڱ، ڏاڍو ٿڪجي پيم، پر ٽمون جي ڪا خبر نه چار.............. اوچتو منهنجي نظر دهل وڄائي شهر ۾ پڙهو ڏيندڙ بودي مڱڻهار تي پئي. تڪڙو وڃي بودي کي چيم ته مون کي ٽمون ڳولي ڏي. منهنجو ايترو چوڻ ۽ بودي جو مڇرجي پوڻ. هڪ ساهيءَ ۾ چئي ويو ته “ٽمون! جي مون کي هٿ اچي به وڃي ته ان جا ڪنَ ڳاڙها ڪري الف انب، بي بدڪ وساري الف آ بي با جا ٽئي سُرَ سيکاري ڇڏيانس...... ميان ظلم ته ڏس ٻه ڀيرا منهنجو دهل ڦاڙي ويو آهي.
اڇا !؟ ته چئبو ٽمون تنهنجو دهل ڦاڙي ويو آهي؟!
“سائين رڳو دهل ڦاڙي وڃي هان ته مڙئي خير هو، پر ٽمون منهنجي دهل کي ٻولي ئي ٻي سيکاري ويو آهي.
اهو ڪيئن چاچا بودا؟
“سائين خبر ناهي ته ٽمون دهل کي الائي جي ڪهڙيون ٻوليون سيکاري ويو ، خوشي جي ڌن هجي، ڏک جي اعلان واري ڌن !، جنهن لاءِ ٿو وڄايانس، ته هڪ پاسو ٿو چئي “مرض وڌايو” ٻيو ورندي ٿو ڏيس ته ”خلق کُٽايو“. هي دهل! دهل نه ٿيو، ڄڻ پنهنجي ملڪ جي ٽي وي هجي !! جنهن جي ڳچيءَ ۾ ان جو نعرو! ست ڏينهن اڳ دهل هڻي مارايو هيو.
اهو ڪيئن!؟
هفتو اڳ گم ٿي ويل ٻَڪريءَ جو اعلان ڪرڻ لاءِ جنهن روڊ تي تمام گھڻا ڊاڪٽر آهن، پڙهي ڏيڻ لاءِ دهل وڄائڻ لڳس ته بس منٽ ئي ٽي گذريا، سڀ ڊاڪٽر پنهنجي اوزارن سميت مون مٿان اچي ڪڙڪيا، ڪنهن دهل ڳچيءَ مان ڪڍي ورتو، ڪنهن ٻانهن ۾ هڪڙي ڦوڪڻ واري مشين چنبڙائي، مشين کي ڦوڪڻ شروع ڪيو. هڪ ڊاڪٽر ته مورڳو منهنجو ڪاڪڙو ٿي ڪڍيو! نه ڪيائين هم نه تم، بخار چيڪ ڪرڻ وارو ٿرماميٽر سڄو وات ۾ وجهي، کڻي ٽڪڻ تي مُڪ وهائي ڪڍيائين.......... منهنجو وات بند........ هڪ ڊاڪٽر جو ايترو آواز ٻڌم ته ”تون ڊاڪٽرن جي دهل وسيلي ڦشري ٿو ڪرين“....... پوءِ ماڻهو چون ٿا ته توکي به ڊاڪٽرن سيون هڻي سمهاري ڇڏيو......... ماڻهو!اها به ماڻهو ڳالھ ڪن پيا ته اڄ انهيءَ واقعي کي ستون ڏينهن آهي ۽ تون اڄ ئي ننڊ مان اٿيو آهين!....... بس جيئن ئي اٿيو آهيان، مان پاڻ ٽمونءَ کي ڳولڻ لڳو آهيان. جنهن منهنجي دهل جي ٻولي مٽائي ڇڏي آهي. مون کان اڳ جي توکي ملي وڃي ته هٿيڪو ڪجانس، هڙ ڪسرون ڪڍندومانس.”
ائين چئي بودو مڱڻهار دهل ڳچيءَ ۾ لڙڪائيندو اڳتي وڌي ويو. آءُ سوچ ۾ پئجي ويس ته آخر ٽمونءَ کي ڪيئن هٿ ڪجي؟ اوچتو منهنجي پويان ڪنهن ٻلي وانگر آواز ڪڍيو.....جان کڻي ڏسان ته ٽمون!! منهنجي خوشيءَ جي انتها نه رهي.... ٽمون ڀلي آئين، پر منهنجي ڀرسان بيهي ميائون ميائون ڇو ٿي ڪيئي؟
توهان جهڙن کي سوچن مان ڪڍڻ لاءِ اسان جهڙن کي ميائون ميائون ڪرڻي پوندي آهي. ڪر خبر اعلان ڇو پئي ڪرايئي.......
ٽمون توکي ٻارڙا ڏاڍو ياد ڪري رهيا آهن.
ڇڏ ٻارڙن کي، ٻار سدائين ياد ڪندا رهندا، پر اهو ته ٻڌاءِ چاچو بودو مڱڻهار ته نه مليو اٿئي.
ها ٽمون هو هتان هاڻي هاڻي ويو آهي...... پر تون هُن غريب جي دهل کي ڪهڙي ٻولي سيکاري آهي؟
اڃا ڳالھ ڪٿي آ، مزو ته حج واري عيد تي ٿيندو.
اهو ڪيئن ٽمون؟
چاچو بودو جيڪو عيد واري ڏينهن عيدگاھ جي در جي ٻاهران دهل وڃائيندو آهي نه!؟ ان جو هڪ پاسو چوندو آهي “ڏئي وڃ بابا” ٻيو ورندي ڏيندو آهي ”پنج رپيا بابا“ خبر اٿئي ان دهل کي ڇا سيکاري آيو آهيان؟
نه، مون کي ناهي خبر، تون ئي ٻڌاءِ.
عيد جي ڏينهن چاچو بودو جڏهن دهل ڳچيءَ ۾ وجهي عيدگاھ جي در اڳيان وڄائيندو ته هڪڙُ پاسو چوندو “اسان تي جاڻان” ٻيو چوندو “بلو دي گهر”
ٽمون! چئبو تون اڃا شرارتون ڪرڻ کان نٿو مڙين؟
تون چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو ته مان شرارت جي “ش” کان به واقف ناهيان، اهو مون تي سراسر الزام آهي.
اهو ته صاف ظاهر آهي.............. ٽمون تون ٻڌاءِ ته هيترا سال ڪاڏي گم ٿي ويو هئين.
پاڏي جي پٺيءَ تي چڙهي دنيا جو سير ڪرڻ ويو هيس، ملڪ ڇڏي سمنڊ ۾ ڪڇون ٿي رهڻ لڳو هيس؟ هن ئي شهر ۾ هيس ڀائو..... ڪم پئي ته ٽمون حاضر، ٽمون کي ڳولھ ڳولهان، ڪم لٿو ته ٽمون نظر ئي نه اچي.... واھ ادا واھ...... حڪم ڪريو ٽمون حاضر آهي.
ٽمون ٻارن کي پهريون پنهنجو تعارف ڪراءِ.
نالو ٽمون اٿم، رهندو اخبار ۾ آهيان، عمر پڇيو ئي نه ڇو ته مان ڪالھ به ٽمون هيس ۽ اڄ به ٽمون آهيان، باقي جيڪو منهنجون ڳالهيون لکي اوهان تائين پهچائي ٿو، اهو اڄ ٻار ناهي، پر ڊزن کن ٻارن جو پيءُ بڻجي ويو آهي. منهنجي تعليم............. تعليم...... تعليم.
پيارا ٻارو ٽمون گهاري پيل رڪارڊ وانگر تعليم تي بيهي رهيو ۽ هن جو اکيون روڊ ۾ ڄمي ويون ......... ٽمون تڪڙ ڪندي چيو ته مان رکانءِ ٿو پيرن تي زور، چاچو بودو مڱڻهار اچي پيو.
ٽمون ٻارن کي ڪجھ ٻڌايون ته وڃ.
“ماڻهو ٿيءُ! ماچيس جي تيلي نه ٿيءُ. ڏسين نٿو ته سامهون چاچو بودو پيو اچي” ائين چئي ٽمون پيرن تي زور رکيو.
پيارا ٻارو! ٽمون ائين چئي غليل مان نڪتل غليلي وانگر هوا ۾ اڏامندو ويو ۽ پويان چاچو بودو دهل وڄائي لڙڪندو ڀڄندو ويو۽ ٽمون ٽپن مٿان ٽپا ڏيندو اکين اڳيان گم ٿي ويو.


خميس 13 مارچ 1997ع