ٽمونءَ جي همت
ادا هي گوڙ ڇا جو آهي؟ ۽ ڇو اوهان ٽمون کي گھٽ وڌ ڳالهائي رهيا آهيو؟. مون امير طبقي جي هڪ شاگرد کان پڇيو.
امير ٻار پنهنجي نفرت ظاهر ڪندي چيو ته اهو ٽمون جنهن جو ڪم آهي ئي شرارت ڪرڻ، سو پنهنجي انهي موروثي اصليت تي لهي آيو ۽ شرارت ڪري اڄوڪو پرچو ختم ڪرائي ويٺو ٿو هيڊ ماستر جي آفيس ۾ اوڳرايون ڏئي........ سو به کٽيون اوڳرايون......؟
ٽمونءَ کي بدهاضمي جي بيماري ٿي پئي آهي....... نڀاڳو ڪنهن جاءِ جو.
جڏهن مان صوبيدار ٿيس ته ٽمون کي 13 ڊي ۾ چالان ڪرائي جيل ۾ بند ڪرائي ڇڏيندس. ٻئي امير ٻار ٽمون تي پنهنجا ڇوھ ڇنڊيندي پنهنجي زندگي جي مقصد کي ظاهر ڪندي چيو.
آخر مسئلو ڪهڙو آهي؟ ٽمون پرچو ڇو ختم ڪرايو........ جو کيس 13 ڊي ۾ چالان ڪرڻ جا منصوبا پيا ٺهن؟
اهو ٽمون شرارتي کان وڃي پُڇُ..... جنهن اسڪول جي عمارت مٿي تي کنئي آهي. امير ٻار ائين چئي اڳتي وڌي ويو.
آءُ امتحاني سينٽر اندر داخل ٿيس. ڏٺم ته هيڊ ماستر جي آفيس ۾ ڪافي ماڻهو گڏ ٿيل آهن. مون ڏٺو ته ٽمون هڪ بهادر سپاهي وانگي امتحاني سينٽر ۾ چڪاس ڪندڙ ٽيم سان جنگ لايون ويٺو آهي. “اها حرڪت گھٽ ۾ گھٽ هن سينٽر ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، ڇو ته اها غريب ٻارن جي خلاف سازش آهي ۽ انهن سان ظلم آهي” ٽمون فاتحانه نظرن سان مون کي ڏٺو.
ٽمون خير ته آهي؟ ڇو اسڪول مٿي تي کنيو اٿئي!؟
ٽمون منهنجي سوال ڪرڻ تي جلدي اٿيو..... آفيس کان ٻاهر نڪرندي چيائين ته ڳالهائڻ سکي اچ.... اسڪول مٿي تي ناهي کڻبو... ڇولن جو ٿالھ، گاھ جي ڀري، اٽي جو ٻاچڪو اسان جهڙا غريب کڻندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن امير ماڻهو بوٽن جو جوڙو مٿي تي کنيو وتندا آهن. جيسيتائين اسڪول جو مٿي تي کڻڻ جو تعلق آهي ته اسڪول مٿي تي ناهي کڻبو، پر سمورو اسڪول کائي ڇڏبو آهي. ٽمون تيز ۽ جذباتي انداز ۾ چيو.
خير ٽمون مڪمل احوال ڏي ته ڇا ٿيو؟ ٻار چون ٿا ته ٽمون شرارت ڪئي آهي.
ٽمون ڳالهائڻ لڳو. ٻڌ..... ٻارن کي ڪهڙي خبر ته مان شرارت جي ”ش“ کان به واقف ناهيان.... باقي اڄ مان جيئن ئي صبح سويل اسڪول پهتس ته ڪاپي روڪ ٽيم به اسڪول ۾ موجود هئي، دل ۾ چيم ته ٽمون اڄ ته اهڙن شاگردن جا ٻوٿ پاروٿي واڱڻ جهڙا ٿي ويندا جيڪي ڪاپي جي آسري تي امتحان ڏيڻ ايندا. دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيس ته هاڻي مان امتحان ڏئي نمبر ضرور حاصل ڪندس. پر خبر اٿئي مون وارا سڀ خواب رڪشي ۾ چڙهي ڪنهن اڻ ڏٺل منزل طرف هليا ويا.
اهو ڪيئن ٽمون؟
اهو پاڻ وارو استادن جو ليڊر ناهي!؟ استاد صداقت جيڪو سدائين اسڪول بند ڪرائي بدليون روڪرائيندو آهي.
ها ها استاد صداقت کي سڃاڻان، جنهن ڪڏهن به ڪلاس ۾ ٻارن کي نه پڙهايو آهي.
ها اهو استاد ليڊر، ڏٺم ته بورڊ کان جيڪا ڪاپي روڪ ٽيم آئي هئي، انهن مان هڪ ڄڻي استاد صداقت سان ڪجھ ڳالهايو. هڪ اهڙي ڪلاس ۾ ويا جنهن ڪلاس جي بئنچن تي بي ترتيب نمبر لکيل هئا. مون دل ۾ چيو ته ٽمون دال ۾ ڪارو ضرور آهي يا دال سڄي ڪاري آهي، ٿي سگهي ٿو ته ڪاري دال ۾ اڇو هوندو يا مورڳو دال ئي نه هجي. پوءِ بس ٽمون جي اعليٰ دماغ ۾ هڪ اٽڪل ڊوڙون پائڻ لڳي. لڪندو لڪندو ڪلاس روم ۾ گھڙي ويس.... ابا پيرن هيٺان زمين ئي نڪري وئي، جو کڻي هوش سنڀالي ڏسان ته زمين ساڳي جاءِ تي بيٺي آهي، رڳو منهنجي عقل جا پير زمين تان ترڪي ويا آهن ۽ ٻيو ڀيرو منهنجا خواب ڪنهن ٽرڪ هيٺان اچي چڻا ڦڻا ٿي ويا، مطلب ته مري ويا.
ٽمون آخر تو ڪهڙي ڳالھ ڏٺي ۽ ٻڌي جو پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي؟
بابا ان ليڊر استاد، ان آفيسر کي چيو ته هن بلاڪ ۾ سب اميرن جا ٻار امتحان ڏيندا، جن کي ڪالھ شام جو ئي پيپر ڏنو ويو آهي. بس هتي رڳو هو ماڻهن کي ڏيکارڻ واسطي اچي ويهندا. هن بلاڪ ۾ ٽوٽل 50 ٻار آهن ۽ في ٻار کان هزارين رپيا ورتا آهن.... اهي اسان جا چئن پيپرن جا ٻڌا گراهڪ آهن.
اڇا!!!؟ ٽمون، واقعي منهنجي پيرن هيٺان به زمين کسڪندي پئي وڃي.
تون چپل پائي ناهي آهيو ڇا؟ ميان پيرين اگهاڙو گهمندين ته زمين پيرن هيٺان نڪري ويندئي، چپل پائي گهمندو ڪر. ٽمون مون کي چيو.
خير ٽمون ٻڌاءِ ته پوءِ ڇا ٿيو؟
ڇا وري ڇا ٿيندو؟ بس اندر ۾ ويٺل ٽمون کي هڪل ڪري چيم ٽمون اڄ جنگ جي ميدان ۾ ڪڏي ڪاهي پئُه ۽ ڏسندي ڏسندي هي سمورو راز فاش ڪري آفيسرن جي نڪ ۾ دم ڪري، پنهنجو دم پٽيم.
واھ ٽمون واھ تو ته جرئت ڀريو ڪم ڪيو آهي.
پوءِ.....؟ اچي آفيسر مون منجهان ڦاٿا.....نيٺ سينٽر مان ڀڄي جان ڇڏائي اٿن ۽ هي سمورو منظر تو اڳيان آهي جو اهو پرچو ختم ڪيو ويو آهي ۽ پيپر آئوٽ ڪرڻ وارن خلاف ڪيس داخل ٿيندو.
ٽمون اهڙا همت ڀريا ٻار واقعي هن سنسار جي سونهن آهن..... جيڪي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف وڙهن ٿا.
منهنجي ائين چوڻ تي ٽمون مشڪيو ۽ مون کان موڪلائي اسڪول کان ٻاهر هليو ويو، جتي سندس غريب ٻارن شاندار استقبال ڪيو. ڏٺم ته ٽمون غريب ٻارن جي ٽولي ۾ کلندو ڪڏندو منهنجي نظرن کان اوجهل ٿي ويو.
خميس 10اپريل 1997ع