ٻاراڻو ادب

ٽمون شرارتي

جبار آزاد منگيءَ جي ٻارن لاءِ لکيل ھن ڪالم ڪھاڻين جي ڪتاب ۾ نھايت سبق آموز مواد شامل آھي، جيڪو يقينن سنڌ جي ٻارن لاءِ ھڪ ڪارائتو ڪتاب ثابت ٿيندو ۽ سنڌ جي ٻارن ۾ ڪتاب پڙھڻ جو چاھ پيدا ٿيندو.
ٽمون شرارتي ٻارن جي لاءِ لکيل ڪالم ڪھاڻين جي ھڪ ھڪ اھڙي سيريز آھي جنھن جي ضرورت ھن دور ۾ بہ آھي جنھن دور ۾ ٻارن لاءِ ادب لکڻ ڄڻ ھڪ خواب بڻجي ويو آھي.
Title Cover of book ٽمون شرارتي

ٽمون گھٽي ۾

پيارا ٻارؤ! ٽمون گھٽي ۾ مليو، چيلھ تي هٿ، آهستي آهستي پيو اچي، ويجهو آيو، چيومانس ٽمون خير ته آهي جو ڪٻڙو ٿي پيو هلين؟
يار خير وري ڪٿان، پاڻ سدائين سوريءَ تي سوار.
سوريءَ تي سوار! مون ڪونه سمجهيو ٽمون.
تون نه سمجهيو ته ڇا ٿيو، هانءُ ڪري ڪونه پوندو، مڙئي خير آهي.
آخر ڳالھ ڇا آهي؟ ٽمون.
ڳالهيون اصل پڇ ئي نه!
ڇو؟ ٽمون
چيلھ چٻي ٿيل آهي، ڪهڙيون ڳالهيون ڪندس.
چئبو هاڻي تون چيلھ سان ڳالهائيندو آهين.
تون آهين سمجهڻ جو مور، ڏسين ٿو ته وات سان ڳالهايان ٿو يا چيلھ سان؟
پوءِ ڇا ٿيو اٿئي ٽمون؟
ڀائو لٺ لڳي آهي، صفا سڌي چيلھ ۾.
ڪيئن؟ وري ڪا شرارت ڪئي هوندءِ؟
ان ڪري ته توکي ڏسي گھٽي مٽائي ويندو آهيان، سڀ ڪو شرارتي چوي، ٻڌاءِ......... ٻڌاءِ مان شرارت جي ”ش“ کان واقف آهيان؟
ٽمون مون غلطي ڪئي، هاڻي تون اهو ٻڌاءِ ته تنهنجي چيلھ چٻي ڪيئن ٿي؟
يار! ڇو ٿو ڇٽل ڦٽ کولين.
هاڻي ڳالھ ٻڌائيندين به يا رڳو.............
تڪڙ اهڙي ٿو ڪرين، ڄڻ ابي جي شادي تي آيو هجين، توهان ٻارن جو قرضي آهيان ڇا؟ جو قرض ۾ ڳالهيون ٻڌو ٿا, ان لاءِ نڪا چانھ نڪو پاڻي! مفت ۾ عجب ڪهاڻي!
ٽمون چئبو هاڻي تو به رشوت وٺين ٿو؟
ٻيا وٺن ٿا، مون ڪنهن جو اُٺ گهوڙو چورايو آهي ڇا؟ جو چانھ پاڻي به نه گهران.
بابا تنهنجي چانھ ٿي مون ڏي، هاڻي ڳالھ ٻڌاءِ ته بغير ماستر جي ڪڪڙ ڪيئن بڻيو آهين؟
مان ڪڪڙ آهيان! ڪڏهن مون ٻانگ ڏني آهي ڇا؟
ٽمون ڳالھ نٽائڻ جو استاد آهين.
ڳالھ نٽايان ڪونه ٿو، اصل ڳالھ هيئن آهي ته مون وارو چاچو، اهو بابي وارو ڀاءُ جنهن کي سدائين حُقو هٿ ۾ هوندو آهي.
ان کي ڇا ٿيو؟ انتقال ڪري ويو ڇا؟
اڃا جيئرو آهي، حقي پيئڻ جو اهڙو آهي، جو منهنجي توبهن. وٺي جو سوٽو هڻي ته سائين حقي جي ٽوپي مان باھ اُلا ٿي نڪري، کڻي تئو رکي ماني پچاءِ. اسان کي سُڃو ته ان جي تماڪ ڪيو آهي. هن مهيني دڪاندار کي بابو هيڏا سارا سؤ رپيا ڏئي آيو آهي، تماڪ جي اوڌر جا.
سؤ جو تماڪ مهيني ۾ ٽمون!
باقي ٻڌئي واڱڻ ڇا؟ چاچي ٽوپيءَ ۾ ٽانڊو وجهڻ جو چيو، مون کي ڳالھ ياد اچي وئي ته چوندا آهن ته مرچ ٽوپيءَ ۾ وجهبا آهن ته کنگھ وٺندي آهي، سو کڻي مرچن جي چپٽي وِڌيمانس، پوءِ ته ڦوڪ سان کؤن کؤن کؤن ، چاچو ڄڻ وڏو گوبو هجي، واھ جا پلٽا ٿي هنيائين. قسم سان ريڊيو ٽي وي وارا ٻڌن ها ته ضرور چاچي کي وٺي وڃن ها.
ٽمون اها سٺي ڳالھ ناهي، وڏڙا آهن، اهڙي حرڪت وڏن سان ڪين ڪبي آهي، آهين مار............
مار ته ملي، اڃا تون به ڏيندين ڇا؟
چڱو ٿيو جو توکي مار ملي، اڳتي ته ائين نه ڪندين.
مار ٿوري ملي گھڻي نه، بس بابي ٻه ٽي چماٽون هنيون.
پوءِ هي چيلھ چٻي ڇو ٿي اٿئي ٽمون.
بابي جو مار ڪڍي، مون کي به ڪاوڙ آئي، امان ماني کنيون بيٺي آهي، چئي پٽ ماني کاءُ، مون چيو نه کائيندس. امان چوي ماني کاءُ. مان چوان نه کائيندس. بابي کي به آئي ڪاوڙ سو امان کي چيائين، ڇورو کائي نه کائي بُک پاڻ مرندو ماني رکي ڇڏ. امان ماني رکي ڇڏي، اڌ رات جو اچي پيٽ ۾ ڪئا پيا، ائين ڊوڙن ڄڻ گوءِ هجين. بُک ۾ ننڊ نه ٿي آئي آهستي آهستي سُرڪندو ماني واري ڇٻي ۾ِ گهڙي ماني کائي جنهن مهل ٻاهر نڪتس ته کڙڪو ٿيو. چاچي به نه ڪئي هم نه تم، لٺ چيلھ ۾ هڻندي چيائين ”ڀڄ“ منهنجي رڙ تي امان ۽ بابو اٿيا. چاچي جو ڏٺو ته لٺ مون کي لڳي آهي سو چيائين ته منهنجي خيال ۾ ڪتو ٽوڪري ۾ منهن وجهي ٿو سو لٺ وهائي ڪڍي مانس.
وڃ توسان ته ظلم ٿي ويو ٽمون!؟
ها يار! بس هاڻي چاچي جي لٺ، ٽمون جي چيلھ ، اسپتال جو رستو ۽ سنڌائتا سور وڃن ٿا پٽيندا پاڻ ۾.
ائين فرمائي ٽمون چيلھ کي هٿ ڏيئي اڳتي وڌي ويو ۽ مون محسوس ڪيو ته پيءَ ماءُ سان ڪاوڙ ڪرڻ جو نتيجو سڄو ناهي ملندو.

خميس 3 اپريل 1997ع