ٽمون ۽ ڊُز
“واھ سائين واھ ! شادي ماڻهو کي رڌڻ پچائڻ به سيکاري ٿي نه ته تون ۽ ڀاڄي پاڻ ۾ ٺهن ئي ڪونه”. ڪنڌ ورائِي ڏٺم ته هي ڪهڙو حُجتي آهي، جنهن هڻي ڪلهو چاڙهي وڌو.
اڙي ٽمون تون؟! مون کان رڙ نڪري وئي. هيترا سال ڪٿي هئين؟ تنهنجي لاءِ ٻار ڏاڍا پريشان آهن.
اڙي يار ڪهڙيون ٿو خبرون پڇين؟ هتان لڏي ڇا ويس ڄڻ ته وڻ تي چڙهي ويس.
وڻ تي؟ اهو ڪيئن ٽمون.
يار اصل نه پڇ. ڀلا چانھ جي صلاح ڪندين يا رڳو احوال پيو مفت ۾ وٺندين؟
ٽمون کوڙ چانھ. مان ٽمون کي هوٽل ۾ وٺي ويس. هوٽل ۾ ويهندي ٽمون چيو ته ”يار بابي ڪرائي شادي، شادي کانپوءِ ته اصل ڄڻ ٽيئر ۽ گارڊر سڀ اڏي ويا، ڇت ٺڪاءُ اچي هيٺ ڪيو.
اهو ڪيئن ٽمون؟
پراڻي عادت نه ڇڏيئي؟ هروڀرو وچ ۾ ڳالهائڻ جي گھُت ضرور هڻين. مزو ايندو اٿئي ڇا؟ اها خراب عادت آهي سمجهئي. ٽمون اکيون ڦوٽاريندي چيو.
ها ٽمون واقعي منهنجي غلطي آهي. خير اهو ٻڌاءِ ته وڻ تي ڪيئن چڙهي وئين؟
اصل ڳالھ ئي نه پڇُ. هتان جو ڳوٺ ويس، ڌو بابي شادي ڪرائي ڇڏي.
شادي!! مون حيرت وچان ٽمون کي چيو. يار ننڍي هوندي شادي ڪرڻ سراسر غلط آهي.
ادا وڏن کي ڪير سمجهائي؟ گھڻو ئي انڪار ڪيم ته ٻيلي مون کي پڙهڻ ڏيو. ڪنهن روزگار سان لڳان، پوءِ شادي ڪندس. پر اصل نه مڃيائون ٽنگو ٽالي ڪري کڻي ٻڌائون موڙ تڪڙ ۾ ميندي بدران، هٿن پيرن کي ڇيڻو هنيائون. اڃا جو سنگهان ته مار! هي ڳئون جو ڇيڻو لڳل آهي. رڙيون ڪيم ٻيلي ههڙو ظلم مون سان ڇو ٿا ڪريو. گھٽ ۾ گھٽ ميندي ته هڻو! هي هٿن پيرن تي بايو گيس ٿا ٺاهيو ڇا؟ جو ڇيڻا ٿڦيا اٿوَ. پهريون ته مڃين ئي ڪونه، نيٺ مس مس مون تي اعتبار آين، پوءِ لاهي ڇيڻو، هنيائون هٿن کي ميندي.
ٽمون چئبو توسان وڏي ٿي.
گھٽ مون به نه ڪئي، شادي رات موڙ لاهي ٺڪاءُ ڏنم وڃي خدو واري هوٽل تي ويهي رهيس، پوءِ ته پويان سائين راڄ مڙي ويا. ڳولھ ڳولهان نيٺ هڻي وڃي هنڌ ڪيو بابي، جهلي ڪن کان ٻه چار لپاٽون وهائي ڪڍيائين، اصل واڄٽ وڄي ويا، ڪنن چيو ته اڄ نه ڪرياسين ته پوءِ ههڙو وارو ڪڏهن به نه ايندو. دل ۾ آيو ته يار جي ڪن ڪري پيا ته ڀينگ ٿي ويندي ان ڊپ کان ٻئي هٿ کڻي ڪنن ۾ وڌم، بابي به ڪو، نه ڇڏڻ جو پڪو پھ ڪيو، ڪن قابو ڏسي وري کڻي نڪ ۾ وڌائين هٿ. ائين لڳو ڄڻ شهر پيو گھمي، پر چيم ته نڪ وڃڻ جي ڪنهن کي پرواھ آهي؟ ڏسڻا وائسڻا ماڻهو صبح سان اٿي دوکو، فريب، ٺڳي، دغا ڪيو سرخرو ٿيو پيا گهمن، ايتري تائين جو زمين، پاڻي ۽ انسان کپايو، وتن ٿا مڇون وٽيندا ۽ نعرا هڻندا ته اسان کانسواءِ توهان جو سڄڻ ٻيو ٿيندو ئي ڪونه. ڪلھ بابو توهان جو سڄڻ هيو اڄ مان آهيان. کڻي بابا زمين، پاڻي ۽ ماڻهو کپايا ته ڇا ٿي پيو؟ ان ۾ توهان جو فائدو آهي. مان توهان جو سڄڻ ۽ همدرد آهيان. ڀلا اهڙن ماڻهن لاءِ نڪ ڪهڙي ڪم جو، اهي نڪ ڪاڏي ڪندا؟ هونئن به اڄڪلھ لوسڻ جي نڪ جي ضرورت نه رهي آهي، مارڪيٽ ۾ لوھ، رُڪ، سون، چاندي ۽ ساون ڳاڙهن نوٽن جا ٺهيل نڪ عام جام آهن ۽ آسان قسطن تي ملن ٿا. صبح سان هڪ نڪ ڪپايو وري ٻيو هڻايو، ماڻهو وتن ٿا اوڳرايون ڏيندا. مون به چيو ته جي نڪ ويو ته پرواھ ناهي، کڻي بازار مان ٻيو وٺبو، سون چاندي جو نه ته به لوھ جو، آسان قسطن تي ملي ويندو. پوءِ ته بابي ڪئي نڪ واري سِڌَ. ڌو ملان وٽ خير وقت ويو گذري ۽ مان چڙهي ويس وڻ تي.
يار ٽمون اهو وڻ آهي ڪهڙي بلا؟
يار ٻير جو وڻ ٻيو ڪو انب جو؟
اهو ڪيئن ٽمون؟
منهنجا سائين ننڍي عمر واري شادي اٿئي ٻير جي ڍنگهري، اصل ٻير جو وڻ، جيئن ڇڏاءِ تيئن وڃ ڦاسندو. مان ته هاڻي فيصلو ڪيو آهي ۽ پوين لاءِ وصيت ڪندس ته ٻيلي ڏاها ٿجو شينهن جي وات ۾ ٽپي پئجو پر ننڍي عمر ۾ شادي هرگز هرگز نه ڪجو. پڙهي علم حاصل ڪري منزل ماڻي پوءِ ڪجن شاديون، جن ۾ خوشي به آهي ته آرام به. هاڻي ڏس! شادي ته ڪيم پر اسان ماڻهن لاءِ زمين ته سوڙهي ٿي وئي آهي، آسمان سان گڏ زمين تي به روزگار جا دروازا بند ٿي ويا آهن.
ها ٽمون اها حقيقت آهي واقعي اسان ماڻهن لاءِ روزگار جا دروازا کلن ئي نٿا ۽ دروازن کي بند به اهي ڪيو ويٺا آهن جيڪي اسان جا سڄڻ ۽ همدرد ٿا سڏائين.
ڳالهائيندي ڳالهائيندي منهنجي ڪنن تي ڏاند جي رنڀ جو آواز پيو. ٽمون هوٽل ۾ ڏاند ڪيئن گھڙي آيو؟ مون هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي ٽمون کان پڇيو.
ٽمون اطمينان سان ويٺو رهيو ٿڌو ساھُ ڀريندي چيائين فڪر نه ڪر اها اوڳرائي هئي اوڳرائي.
اوڳرائي!!؟ يا ڏاند جي رنڀ؟
اڙي بابا اوڳرائي. هي جيڪو تنهنجي ڀرسان زٽڪڙو، مٽڪڙو، ڇوڪرڙو ويٺل آهي اهو منهنجو پٽڙو آهي. ان جي اوڳرائي هئي.
مون ڀرسان ويٺل ڇوڪري کي ڏٺو، مار هي ته چڱي ڀلي اٽي جي ٻوري آهي. ٽمون هي تنهنجو پٽ آهي؟
ها منهنجو فرزند نيڪ ارجمند آهي.
ٽمون بکُ تي ايڏيون اوڳرايون ٿو ڏئي، ڍؤ تي ته اڀ ڦاڙيندو هوندو.
هيءَ بک جي اوڳرائي نه هئي.... پٽ! ٽمون پٽ سان مخاطب ٿيندي چيو ڇا کاڌو اٿئي؟ ٽمون جي پٽ مون واري سبزي ڏانهن اشارو ڪندي ٽمون کي ڏٺو. مان اڃا جو ڏسان ته نه ٿيلهي ۾ گوگڙو نه پٽاٽا، سموري سبزي ٿيلهيءَ مان گم.
ٽمون هي ڇا؟ تنهنجو ڇوڪرو ڪلو گوگڙو، اڌ ڪلو پٽاٽا ٻه ويڙهيون پالڪ جون، اڌ ڪلو ٽماٽا ؟ ڪلو سُڪا بصر ڪچا کائي ويو!!!؟
اڙي يار ٻارڙو آهي، هونئن به جيڪو ٻار ڪچا يا رڌل پٽاٽا کائيندو اهو پوليو کان بچي ويندو، منهنجو ٻچڙو ڪچي پالڪ، بصر، ٿوم ڌاڻا وغيره وغيره کائي ويندو آهي.
ٽمون تو واري پُٽَ ته منهنجا وٽا ۽ ٿالهيون وڄائي ڇڏيون. نالو ڇا اٿس.
ڊانبو، پيار مان سڏيندو آهيانس، ماڻس ”ڊانبو ڊُز“ ڪري سڏيندي اٿس.
مسٽر ڊانبو! مون ڊانبو سان مخاطب ٿيندي چيو. توهان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي پر گوگڙو ۽ پٽاٽا اصل نه وسرندا. حرڪتي آهين، حرڪت ڪري ڄاڻين.
چاچا مان حرڪت جي ”ح“ کان واقف به ڪونه آهيان، اها ته منهنجي وات جي وندر هئي.
مون ٽمون کي ڏٺو جيڪو شرارت جي ”ش“ کان واقف ناهي ۽ سندس پٽ ڊانبو حرڪت جي ”ح“ کان واقف ناهي. ڏٺم ته ٽمون خوشي ۾ ٻهڪڻ لڳو.
16 نومبر 1991ع