ٻاراڻو ادب

ٽمون شرارتي

جبار آزاد منگيءَ جي ٻارن لاءِ لکيل ھن ڪالم ڪھاڻين جي ڪتاب ۾ نھايت سبق آموز مواد شامل آھي، جيڪو يقينن سنڌ جي ٻارن لاءِ ھڪ ڪارائتو ڪتاب ثابت ٿيندو ۽ سنڌ جي ٻارن ۾ ڪتاب پڙھڻ جو چاھ پيدا ٿيندو.
ٽمون شرارتي ٻارن جي لاءِ لکيل ڪالم ڪھاڻين جي ھڪ ھڪ اھڙي سيريز آھي جنھن جي ضرورت ھن دور ۾ بہ آھي جنھن دور ۾ ٻارن لاءِ ادب لکڻ ڄڻ ھڪ خواب بڻجي ويو آھي.
Title Cover of book ٽمون شرارتي

  ٽمون جو ڀَت تي ڇاپو

ٽمون ڏاند جي رنڀ وانگي اوڳرائي ڏيندي آفيس ۾ داخل ٿيو، ڪرسي تي ويهندي چيائين “وارو ڪر ٻه چار ٿڌي پاڻي جا گلاس ته گهرائي وٺ، ته پي اندر کي ٺاريان” ٽمون ايترو چئي ڪرسي تي ڪنڌ لاڙي ڇڏيو.
ٽمون خير ته آهي؟ ڪنهن ڊوڙايو اٿئي ڇا!؟
ڊواڙايو ڪنهن به ڪونهي، دراصل اڄ اهڙو ۽ ايترو ڀَت کائي آيو آهيان جو ڳالھ ئي نه پڇ...... جيڪڏهن ڪو پيٽ ۾ گهڙي ڀَت کي لتاڙي هان ته جيڪر ٻه چار پليٽون ٻيون به کائي اچان ها! پر افسوس جو ڪوبه اهڙو ماڻهو نه مليو، جيڪو منهنجي پيٽ ۾ گھڙي ڀَت لتاڙي، ان جي چوٽي ڊاهي ها ته مان به ڀَت کي لتاڙي لتاڙي کانوان هان!.
ٽمون ڀَت برابر پرائو هوندو پر پيٽ ته پنهنجو هيئي؟! هروڀرو ايڏي هٻڇ ڪري نه کائبو آهي ڇو ته هٻڇي ٻار سٺا ناهن ٿيندا.
تون برابر سچ ٿو چوين، پر ڀَت تي بندش لڳي وئي آهي، ان ڪري آخري ڀيرو شادي جو ڀَت کائي تو وٽ آيو آهيان، خبر اٿئي شادي جو ڀَت ڪٿي کاڌو اٿم؟
ٽمون پڪ تون پاڙي واري ڊاڪٽر اُٿ ويھ جي ڀاءُ جي شادي جو ڀَت کائي آيو هوندين.
نڪو تون بلڪل غلط سمجهيو آهي، پاڙي وارو ڊاڪٽر اُٿ ويھ ڪنجوس ابن ڪنجوس آهي........ توکي خبر ناهي ته هو پاڻ پرائي گھر مان ايندڙ گوشت جي داڳ جي ڌپ تي ٽي مانيون رکيون کائي ويندو آهي، اهو ڪيئن ٻين کي ڀَت کارائيندو.
پوءِ ٽمون تون ئي ٻڌاءِ ته تو شادي جو ڀَت ڪٿي کاڌو؟
ٿاڻي ۾ ڀَت کاڌو اٿم. ها ٿاڻي ۾ ڀَت!!!.
چئبو ته ڀَت تي بندش کان اڳ ۾ ٿاڻي جي ڪنوارن سپاهين به شادي ڪري ورتي ڇا؟
ائين به ڪونهي. ٽمون اک ڇنڀندي چيو.
جي ائين به ڪونهي ، ته تون ئي ٻڌاءِ ته تو ٿاڻي ۾ ڀَت ڪيئن کاڌو.
ٻڌ مون وارو مامو آهي نه!؟ سٽو فقير!؟ جيڪو نالي ۾ فقير آهي، پر آهي ڦڪڙي. ٽمون ڳالھ ٻڌائڻ شروع ڪئي.
ها ها جيڪو جهڙپ پور پوليس ٿاڻي ۾ صوبيدار آهي.
ها اهيو مون وارو مامو.....اڄ اهو ڀَت کارايو اٿئين جو وڃي ٿيا سڳداسين جا خير.
ٽمون ڀلا سڳداسين جا خير ڇو؟
ان لاءِ جو ڀَت باسپتي چانورن ۾ رڌل هيو سڳداسي ٽمون جي پيٽ ۾ داخل ٿيڻ کان بچي ويا.
ٽمون ڀلا ڀَت قيدين کي کارائڻ لاءِ ٿاڻي ۾ پڇرايو ويو هئو ڇا؟
صفا ڀوڪ آهين اهڙا بيوقوف پوليس وارا ٿورئي آهن، جو ڀَت قيدين کي کارائين. دراصل مون واري مامي ٿاڻي جي سپاهين کي چيو ته حد ۾ وڃو ۽ وڃي ڏسو ته حد ۾ ڪنهن غير قانوني ڀَت ته ناهي رڌيو، بس پوءِ سپاهين جا وارا نيارا ٿي ويا. هڪ ڪلاڪ کانپوءِ پوريون ٽيھ عدد ديڳيون ڀَت سان ڀريل ٿاڻي ۾ موجود هيون ۽ هڪ عدد گھوٽ لاڪپ جو سينگار بڻجي چڪو هيو ۽ ان وقت مون به ڀَت جي مٿان اوچتو ڇاپو هنيو.
پوءِ ڇا ٿيو ٽمون؟!
وچ ۾ نه ڳالهائيندو ڪر..... اها عادت خراب آهي، ٻڌ پوءِ مون واري مامي سپاهين کان تفصيل پڇيا هڪ سپاهي مون واري مامي صوبيدار کي چيو ته پنج زردي ۽ پندرنهن برياني جون ديڳيون وڏيري وليداد جون آهن جيڪو پٽ جي شادي ڪري رهيو آهي.
اڙي نڀاڳا وڏيري وليداد جون ڀَت جون ديڳيون کڻي ڇو آيا آهيو؟ خبر توهان کي ناهي؟ ته هو خرچي پاڻي ڏئي ڀَت چاڙهڻ جي اجازت وٺي ويو آهي، سو وڃو ۽ گڏھ گاڏي تي ويھ ئي ديڳيون وڏيري وليداد کي موٽائي ڏئي اچو. مون واري مامي سٽو فقير سپاهين کي حڪم ڏيندي چيو. باقي ڀَت جون ديڳيون ڪنهن جون آهن؟
ٽمون اهي به ڪنهن امير جي پٽ جي شادي جون هونديون.
نه بلڪل نه انهن ڀَت جي ديڳين مان ٻه اهڙيون به ديڳيون هيون جيڪي خيرات جون هيون. الله جي نالي خيرات جون......... ۽ مامي سٽو فقير في ديڳ جي عيوض سئو سئو رپيا رشوت وٺي ٻئي ديڳيون خيرات ڪندڙ کي موٽائي ڏنيون، باقي اٺ ديڳين وارو همراھ هڪ ماستر هيو جيڪو شادي ڪري رهيو هيو...... ۽شادي کان اڳ لاڪپ جي سونهن بڻجي ويو ڇو ته هِن غيرقانوني ڀَت رنڌرايو هيو.
ها واقعي ٽمون غير قانوني نموني سان ڇو ته ان گھوٽ تنهنجي مامي جي خدمت ۾ روڪڙا نه رکيا هوندا تڏهن لاڪپ ۾ واڙيو ويو.
نه نه اهو گھوٽ مامي سٽو فقير کي ٽي هزار روپيا ڏئي پنهنجي صرف جان ڇڏائي هليو ويو مامي ڀَت اصل نه ڏنس.
ٽمون! ٻڌ تو واري مامي سراسر غير قانوني ڪم ڪيو آهي. ڇو ته مئجسٽريٽ کي ڀَت خلاف قدم کڻڻ جو اختيار آهي نه ڪي ڪنهن ٿاڻي جي صوبيدار يا سپاهي کي.
اهي ٻاراڻيون ڳالهيون نه ڪندو ڪر. هتي سڀ اختيار ٿاڻي جي صوبيدار کي مليل آهن. ان کان ڪو به پڇن وارو نه هوندو آهي، اهي ڏوڪڙ ڏيئي سڻڀو ٿاڻو وٺندا آهن.
ها اهيو ته برابر آهي ٽمون .......... خير اهيو ٻڌاءِ پوءِ ڀَت جو ڇا ٿيو؟
بس مامي سٽو فقير ٻه ديڳيون سپاهين ۾ ورهائيندي چيو ته اڄ اوهان ٿاڻي جا سڀئي عملدار ڀَت کائي ويلو بچايو، باقي ڇھ ديڳيون منهنجي گهر کڻائي هلو ڇو ته مون کي پنهنجي پٽ جو طوهر ڪرائڻ لاءِ قانون جو احترام ڪندي ڀَت ناهي پچرائڻو، بهرحال هي ديڳيون اتي يعني منهنجي آيل مهمانن ۽ مائٽن ۾ ورهائي اچو بس پوءِ ته منهنجا وارا نيارا ٿي ويا...... مهمانن جي بهاني پليٽون وٺندو پنهنجي پيٽ ۾ داخل ڪندو ويس.
۽ مهمان؟
ڳالھ نه پڇ ۽ مهمان گرڙيون ڪيون، ڀَت جي آسري کٽ تي ويٺا. رهيا.
هون! چئبو ته مهمانن جو ڀَت به کائي آيو آهين؟ ڀَت کائڻ مهل به نه مڙئين؟!
ڇا کان نه مڙيس ڀائو.......؟
شرارت کان ٻيو!؟
ڪمال آ توکي سدائين شرارت جي! گھڻا دفعا چيو اٿمائين ته ٽمون شرارتي شرارت جي “ش” کان به واقف ناهي.
بس مان هلان ٿو.
پر ڪيڏانهن پيو وڃين؟
تو وٽ پاڻي پيتم ، تو وارو پاڻي وڏو هاضميدار آهي، پڪ سان رائيس ڪئينال جو پاڻي هوندو، جو پيئڻ سان پيٽ ۾ ڀَت جي چوٽي ڊهي پئي آهي، هاڻي ٻيهر وڃان ٿو ۽ کانوان ٿو وڃي ڀَت کي.... چڱو! کائي کائي بچياسين ته وري ملنداسين..... نه ته گهوري جان ڀَت جي ديڳين مٿان. جاڏي پير مڙئي ڀَت جوخير.
او ٽمون ! ٻڌ رائيس ڪئنال ۾ هاڻي گندو ۽ بدبودار پاڻي ٻارنهن مهينا ئي پوندو رهندو آهي، سو اهو پاڻي هاضمو گهٽ پر بيمار وڌيڪ ڪري ٿو.
پيارا ٻارو! منهنجي انهيءَ جملي کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري، ٽمون ٻيهر ڀَت سان جنگ ڪرڻ لاءِ هٿيار اُڀا ڪري پنهنجي مامي سٽو فقير جي گھر هليو ويو.
( پيارا ٻارؤ! نواز شريف جي حڪومتي دور ۾ شادي جي ڀت تي بندش هنئي ويئي هئي.)

خميس 27 مارچ 1997ع