لطيفيات

ڏورِ تِئائين ڏَسُ

هي ڪتاب نامياري ليکڪ، شاعر ۽ محقق نور احمد جنجهي جو لطيف شناسيءَ تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.
نور احمد جنجهي صاحب لطيف جي اهڙن اسرارن ۾ ڏَور وڌي آهي جتي لفظن کان اڳيان وڌڻ جو درس آهي، دل ۽ روح مان نڪرندڙ ڳالهين جا هُل هلاچا آهن، محبت جي تشنگي تار مان پار پوڻ جا ساٺ آهن، آيل لاءِ روئڻ کي سرتين جي دانهن آهي. اهڙن سمورن خيال کي سائينءَ بخوبي نڀايو آهي. سائين نور احمد جون هنيين ۾ هنڊائڻ جهڙيون الست تحريرون اميد ته پڙهندڙ تي گهرو اثر ڇڏينديون ۽ ان سحر ۾ اچي هو قدرتي لقائن مان لاڀ حاصل ڪندا. هي يار خود زماني جي رنگ کان پاسي رهي اهي سموريون لافاني تحريرون تحرير ڪندو رهيو آهي.
Title Cover of book ڏورِ تِئائين ڏَسُ

من اندر جي ڳالهه

لَطيف جا لَطيف خيال، لُطف سان لَطيف جي

ايلف شفق ’’فورٽي رولز آف لوَ‘‘ ۾ شمس تبريز کي ڪوٽ ڪندي لکي ٿي ته ”پيار جي اُڃ ئي اسان کي تبديلي ڏانهن وٺي وڃي ٿي. اسان ۾ ڪو به اهڙو ناهي جيڪو محبت جي ڳولها ۾ نڪتو هجي ۽ منزل پار نه پيو هجي. جنهن مهل محبت جي ڳولها ۾ نڪرو ٿا، ان وقت ئي اندر ۽ ٻاهر تبديلي جو آغاز ٿي وڃي ٿو.“ اها محبت ئي آهي، جيڪا سنسار جي رازن کي پروڙڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ۽ اندر جو پنو اجارڻ ۾ پاڻيءَ جو ڪردار ادا ڪري ٿي. عشق ۽ محبت ئي ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ مان انسان بنائي ٿو. ساري سنسار جي جوڙجڪ ئي محبت جي تراشيل اڻ کٽندڙ تحرير آهي، جنهن کي هر دؤر جو ماڻهو پاڻ تي مسلط ڪري ئي ڪري ٿو. البته ڪجهه انهي تحرير کي هضم ڪن ٿا ته ڪي ٻاهريون عڪس ڏسي وندري پون ٿا. هضم ڪرڻ وارا تاريخ جي پنن ۾ امر ٿي وڃن ٿا ته عڪس تي خوش ٿيڻ وارا بناوٽي ئي رهجي وڃن ٿا. سو هي سموري ڪِرت انهن ئي جي نصيب ۾ اچي ٿي جيڪي وِهه ڏسي وهسن گهڻو ٿا.
لطيف سائين به اهڙو ئي زهر پياڪ هو، جتي وهه ڏسي وهسڻ گهڻو هو. سندس سموري پيغام ۾ محبت، ڪرڀ، تڪليف، ڏکن سورن، قربانين ۽ وطن دوستيءَ جهڙن نيارن تصورن جي پرچار امر ٿيل آهي. شاهه سائينءَ پنهنجي لطيف خيالن جي اهڙي اڻت ڪئي، جيڪا هر دؤر ۾ پڙهي ۽ پڙهائي سگهجي ٿي. هر دؤر ان کي پنهنجي نقطي ۽ نگاهه سان ڏسي خيال اوري ٿو.لطيف ڏاهپ کي زهر جو پيالو پيئندي پسي، جيڪا الله کان التجا ڪري ٿو، تنهن جو جواب به وري پاڻ ئي ڏئي ٿو، ته ڏاهين کي ڏک ڏسڻا آهن. اهڙي ئي باڪمال سٽ روميءَ به سِٽي آهي:
هر که اُو بيدار تَر، پُر درد تَر
هر که اُو آگاهه تَر، رُخ زرد تَر
[يعني جيڪو جيترو بيدار آهي، اهو اوترو درد سان پُر آهي ۽ جيڪو وڌيڪ آگاهه آهي، ان جو چهرو اوترو ئي زرد آهي.]
اهڙا بيدار ذهن ۽ زرد چهرا هر صديءَ ۾ آيا ۽ فطرت کان کين جيڪي ڪم وٺڻو هو، سو ورتو ويو. انهن کي به ان رضا جي راز تي مسروريت آهي. اهڙي مسروريت جتي دنيا جا سڀ درويش گڏ ٿي رقص جي بيخوديءَ ۾ ديوانگيءَ کي صدين جو چَين ارپيندا آهن. اهڙي ئي راحت ماڻهوءَ کي انسان بڻائي ٿي ۽ هو اصل ڏانهن موٽ کائي ٿو ۽ فطرت جي ويجهو اچڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اهڙن ئي فطري انسانن ڪري ڪائنات خوبصورت لڳندي آهي.
اهڙو ئي فطرت جا هوڪا ڏيندڙ منهنجو همروح سائين نور احمد پنهنجي پاڻ کي فطرت جي ايترو ته قريب رکي ٿو، جو کيس حق حقيقي هيڪڙو هر وقت بيدار ڪيو بيٺو اٿس. ٻئي پاسي هي دنيا دولاب ۽ ٺڳيءَ جو ٺاهه کيس وَرسڻ بجاءِ وِرسڻ طرف وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پر سندس شخصيت ۾ ٺهراءُ ۽ مستقل مزاجي ٻيائيءَ ڏانهن موڙ ئي نه ٿي وٺرائي، فقط دل ۾ صورت پرينءَ جي ۽ حسن و ڪمال جي جلواگري نمايان نظر اچي ٿي. کيس شخصيت ۾ لطيف خيالن جي پرورش ئي ننڍپڻ ۾ ٿي. سندس والد غلام محمد جنجهي لطيف جو وڏو پارکو بيتن سان سندس روح کي رانئيندو هو. ٻار جي سکيا جو پهريون مرحلو گود ۾ ۽ گهر ۾ ٿيئي ٿو. جنهن کي گهر ۾ ئي صحبت لطيف جي بيتن سان ملي هجي ته ان جو روح ڪيئن نه ڀٽائيءَ جي گهرن خيالن کي اُجاريل اندر سان نوائي سروش کان ڪم وٺندو. ڀٽائيءَ تي تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي، هن جي شاعريءَ جا کوڙ پهلو ۽ سرچشما اڳيان آيا آهن. سڀني ڄاڻن پنهنجي پنهنجي وس آهر اهڙي اڻکٽندڙ سمنڊ مان موتي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ايئن ئي سائين نور احمد پنهنجي جمالياتي اظهار وسيلي لطيف کي لطيف انداز ۾ بيان ڪيو آهي، جو گهڻو تڻو لطيف جي لسانيات جو به سندس لکڻين ۾ اثر نظر ايندو آهي.
مون لاءِ لطيف تي لکڻ اوترو ئي مشڪل ۽ ڪٺن هو، جيئن جرمن اسڪالر اينيميري شِمل پنهنجي ڪتاب ”مسٽيڪل ڊائمينشنس آف اسلام“ ۾ لکيو آهي ته هڪڙي واري تصوف تي لکڻ ايئن آهي جيئن سامهون ڪو وڏو پهاڙ هجي ۽ ٻي واري ڪو مسلسل ڳولهائو منزل تي پهتو هجي ۽ اهو منزل کي بيان ڪرڻ کان قاصر هجي. سو ڀٽائي به اهڙو ڳوڙهو ۽ اونهو اسرار آهي جنهن تي لکڻ يعني محسوسات جي تهن کي اڳيان آڻڻ آهي. سائينءَ به لطيف جي اهڙن اسرارن ۾ ڏَور وڌي آهي جتي لفظن کان اڳيان وڌڻ جو درس آهي، دل ۽ روح مان نڪرندڙ ڳالهين جا هُل هلاچا آهن، محبت جي تشنگي تار مان پار پوڻ جا ساٺ آهن، آيل لاءِ روئڻ کي سرتين جي دانهن آهي. اهڙن سمورن خيال کي سائينءَ بخوبي نڀايو آهي.
’حرف ڇٽي هڪڙي‘ مضمون ۾ لطيف جي لسانياتي پاسي تي سهڻيون سٽون سرجيون آهن ته ؛ ”لطيف ڪهاڻين جي بيان ۾ اُها لطافت آندي آهي، جو هن ڪهاڻيءَ جو رڳو اهو حصو پنهنجي بيتن ۾ ڄاڻايو آهي جيڪو اتي مناسب ۽ برمحل آهي. سموري ڪهاڻي کي هن ڇهيو ناهي. وري انهن ڪهاڻين جي ڪردارن کي به هن پنهنجي منفرد انداز ۾ نڀايو آهي. سٺي ڪردار کي وري اهڙن ٻولن سان ياد ڪيو آهي، جنهن جو هو مستحق آهي. ڀٽائي جي شاعري ۾ عربيءَ جو اثر به آهي پر انهي اثر کي لطيف پنهنجي سنڌي سانچي ۾ ڪري پيش ڪري ٿو. لفظن جي بناوٽ وغيره سموري عمل کي هو اهڙي سلوڻي انداز ۾ پيش ڪري ٿو. جو هر هڪ ان جي پيغام کي سمجهي سگهي. فارسي شاعري جو به اثر نظر اچي ٿو. روميءَ جو ته سڌو ذڪر به ڪيو آهي، پر فارسيءَ کي حاوي ٿيڻ نه ٿو ڏئي ته ڪو سنڌي ماڻهو ان جي اثر کان ايترو مرغوب ٿين جو سنڌي ئي وساري ويهن.” شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ اڻيل ڪردارن جو ڪمال ناهي پر ڪمال لطيف جو آهي جيئن هو سسئي جا سور اُڻي ٿو ۽ مارئي سان ٿيندڙ اوڇي روش کي ڪيئن اظهاري ٿو.“
”تون چئو الله هيڪڙو“ ۾ وحدت ۽ هيڪڙائي کي سائينءَ پُرڪيف نموني اظهاريو آهي ۽ گڏوگڏ لطيف کي برزبان ياد رکندڙ ”مائي نعمت“ لطيف جي راڳ ۽ شاعري جي اداري کي جوڙڻ جي ڳالهه به ڪئي آهي. ۽ ٻيائيءَ لاءِ بهترين ڳالهه لکي آهي ته،”هيڪڙائي حق آهي، ٻيائي کي ٻَک وجهي ماڻهو وَرسڻ يعني آباد ٿيڻ بدران وِرسي يعني برباد ٿيئي ٿو. هيڪڙائي جو تصور همه اوست جو منبع آهي. هيڪڙائي حق آهي. جنهن ۾ ٻيائيءَ جي ڪا گنجائش ڪانهي. ٻيائي جي ٻپين ۾ اچي ڀٽڪڻ انسان کي چيئن چاڙهي ڇڏيو آهي. هو اندر جي سڪون لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي ته عالم جي امن لاءِ مٿاماري ڪري رهيو آهي پر اهو ٻئي شيون سندس هٿ وس نه پيون ٿين. ڇاڪاڻ ته هو ٻيائيءَ جي ٻپيءَ تي لڳي وَرسڻ بدران وِرسڻ واري واٽ جو واٽهڙو بنجي روانو ٿيو آهي.“
”دارون دنيا جي دردن جو“ انهي مضمون ۾ فطرت ۽ محبت جا عڪس پاڻيءَ مان چمڪندي نظر اچن ٿا ۽ پاڻي انهن کي اڃيو آ، جيڪي فطرت ۽ محبت کي پنهنجي نزديڪ ڀانئين ٿا؛ “ محبت جو مرڪز من آهي. محبت من مان ئي اُپجي ٿي ۽ اُٿي ٿي. پنهون جڏهن پاڻ پياري ٿو. محبت انسان ۾ ڄاڻي ڄم کان آهي. سندس تخليق ۽ سرجڻ جو سمورو عمل محبت جو شاهڪار آهي. انهي ڪري هن جي خمير ۾ محبت پوشيده آهي زماني جو رنگ ان کي ڀنگ ٿو ڪري. انسان جيڪڏهن فطرت کان پري ڀڄڻ ۽ ان کي ڳڙڪائڻ جي ڪوشش نه ڪري ته فطرت سدائين پنهون بنجي انسان کي پريم پيالا پياريندي رهي آهي. اها اڃ انسان کي پنهنجي منزل ڏانهن وٺي وڃي ٿي، ان کان وڏي ڳالهه اها ٿيئي ٿي ته اهڙي اڃ لاءِ پاڻي پاڻ اُڃيو هوندو آهي.”
”عشق ناهي راند“ ان مضمون جي شروعات جنهن spontaneous overflow سان ٿيل آهي، تنهن تي ورڊس ورٿ جي ڏنل ڊفينيشن بلڪل درست آهي، سائينءَ جا پاوَرفل احساس هڪ ٻئي پويان تيزيءَ سان ڊوڙندي نظر اچن ٿا. ٻيو عشق لاءِ اجگر دل وارن جو هجڻ ان لاءِ سٺي ڳالهه جو تذڪرو ڪيل آهي؛ ”عشق ڪچي وهيءَ وارن يعني ڳڀرن جي کيڏڻ جو کيڏ ناهي، اهو هيڪر ته هر شيءَ کي جهوري ٿو وجهي، جيءُ به جُهري ٿو پوي ته چٿر به جهٽ نه ٿو جهلي. سِسي نيزي پاند اڇلائڻي ٿي پوي. سِر جو سانگو لاهڻو ٿو پوي، تنهن کان پوءِ وڃي عشق جي پنٿ تي پير لڳي ٿو.“ اهڙيون باڪمال ۽ بامعنيٰ سٽون سواءِ ان نام جي پياس کان سواءِ لکجي نه ٿيون سگهجن، جنهن پيدا ڪندي ئي ”الست بربڪم “ جو آواز ڏنو. انهي آواز جي موٽ ۾ اندر جي اڃ ۽ تشنگي تار مان جواب آيو ”قالو بلى “.
هنن سمورين تخليقن جو سبب صرف ماڻهن تائين جيترو سوِلائي سان ٿي سگهي، فطرت جي رازن کي اڳيان آڻڻ آهي ته جيئن فطرت جي قريب ٿي ماڻهو هن نفسانفسي ۽ زماني جي رنگ کان بچي پوي. سائين نور احمد جون هنيين ۾ هنڊائڻ جهڙيون الست تحريرون اميد ته پڙهندڙ تي گهرو اثر ڇڏينديون ۽ ان سحر ۾ اچي هو قدرتي لقائن مان لاڀ حاصل ڪندا. هي يار خود زماني جي رنگ کان پاسي رهي اهي سموريون لافاني تحريرون تحرير ڪندو رهيو آهي. ههڙي جرئت، زماني سان منهن ڏيڻ ۽ هيڏي جاکوڙ لاءِ لطيف سائينءَ فرمايو آهي:
اک اُلٽي ڌارِ، وَنءُ اُلٽو عامَ سِين،
جَي لَهوارو لوڪُ وَهَي، تون اوچو وَهُ اوڀارِ،
منجهان نُوچَ نِهارِ، پُرُ پُٺيرو پِرِينءَ ڏي.


مير منصور مڱريو

انگريزي شعبو
نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لئنگئيجز (نمل)، اسلام آباد