لطيفيات

ڏورِ تِئائين ڏَسُ

هي ڪتاب نامياري ليکڪ، شاعر ۽ محقق نور احمد جنجهي جو لطيف شناسيءَ تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.
نور احمد جنجهي صاحب لطيف جي اهڙن اسرارن ۾ ڏَور وڌي آهي جتي لفظن کان اڳيان وڌڻ جو درس آهي، دل ۽ روح مان نڪرندڙ ڳالهين جا هُل هلاچا آهن، محبت جي تشنگي تار مان پار پوڻ جا ساٺ آهن، آيل لاءِ روئڻ کي سرتين جي دانهن آهي. اهڙن سمورن خيال کي سائينءَ بخوبي نڀايو آهي. سائين نور احمد جون هنيين ۾ هنڊائڻ جهڙيون الست تحريرون اميد ته پڙهندڙ تي گهرو اثر ڇڏينديون ۽ ان سحر ۾ اچي هو قدرتي لقائن مان لاڀ حاصل ڪندا. هي يار خود زماني جي رنگ کان پاسي رهي اهي سموريون لافاني تحريرون تحرير ڪندو رهيو آهي.
Title Cover of book ڏورِ تِئائين ڏَسُ

هل هنيين سين هوت ڏي... !

هل هنيين سين هوت ڏي... !

لطيف سائين جي سڪ ڀري سچ جي سنيهي ۾، عشق جي محور چوڌاري گهمندڙ جيڪي پيغام آهن تن ۾ انساني زندگي جي چاڙهي لاءِ وڏا چاڙهيڪا آهن جن وسيلي هو اڳتي وڌي سگهي ٿو. اهڙن پيارڀرين پيامن ۾ جدوجهد جو نيڪ نياپو به آهي. زندگي جدوجهد مان ئي اُسري ٿي. انسان ازل کان هڪڙي جدوجهد ۾ آهي جيڪا مسلسل آهي ڇاڪاڻ ته وقت مسلسل آهي. وقت هرشئي جا قدر مقرر ڪري ٿو. وقت ڪٿي به بيهي نٿو تنهنڪري زندگي به ڪٿي بيهي نٿي. هرشئي کي وقت جي جوڙجڪ جي پرک دريءَ مان لنگهڻو پوي ٿو. ڀٽائيءَ وٽ به جدوجهد ۽ جاکوڙ جو نيارو تصور آهي جيڪو وچن نباهه مان اُڀري ٿو ۽ وچن وابستگيءَ جو سرچشمو عشق آهي. لطيف سائين تڏهن ته جدوجهد لاءِ هيئن فرمايو آهي؛

هل هنيين سين هوت ڏي، پيرين پنڌ وسار،
قاصداڻي ڪار، ڪين رساڻي ڪيچ ڏي.

سڀ کان پهرين ته هلڻ اهميت واري شئي آهي. هلڻ به هنيين سان. اهو هلڻ عام رواجي هلڻ کان هٽي ڪري آهي. روايتي هلڻ ته جسماني هلڻ آهي جنهن ۾ ڄنگهن وسيلي ماڻهو پنڌ ڪندو آهي پر جڏهن پيرين پنڌ وساري، ماڻهو هنيين سان هلڻ لڳندو آهي ته منزلون ۽ ماڳ اچي قدم ڇهندا آهن. هنيين سان هلڻ ئي اهم ڪم آهي. پيرن سان پنڌ ته هرڪو ڪندو آهي. پيرين پنڌ وساري جڏهن ماڻهو من جي دنيا ۾ متحرڪ ٿيندو آهي تڏهن ئي سندس پنڌ ڪجهه نه ڪجهه پراپت ڪري سگهندو.
لطيف سائين جي مختلف سُرن ۾ جدوجهد جي منظرڪشي ڪيل آهي ته جدوجهد ڇا ٿئي ٿي؟جدوجهد ڪيئن ٿئي ٿي؟ جدوجهد ڇو ڪئي وڃي ٿي؟ جدوجهد انساني زندگي توڙي فطرت جو هڪ اهڙو مظهرآهي جيڪو ازل کان جيئن جو تيئن جاري ۽ ساري آهي. ڪائنات جي تخليق جي هر چرپر ۾ جدوجهد ئي جدوجهد نظر اچي ٿي. هر ذرو ذرو جنهن تحرڪ جي تپت سان متحرڪ آهي اهائي وٿ جدوجهد جو اصل جو جوهرآهي. فرد جدوجهد ڪندا آهن ته نيون دريافتون ٿي پونديون آهن. فردن جي جدوجهد سان ڪيئي زندگيون بدلجي پونديون آهن. فردن جي جدوجهد جڏهن قومن جي جدوجهد ۾ تبديل ٿئي ٿي ته پوءِ انهن قومن جي تقدير بدلجي وڃي ٿي. اهڙيون قومون اونداهي دؤر مان نڪري روشنيءَ جا راهه نه رڳو پاڻ اختيار ڪن ٿيون پر ٻين قومن لاءِ روشن مثال ۽ سونهون ٿي پون ٿيون. ڪائنات جو سمورو مانڊاڻ مسلسل جدوجهد ۽ حرڪت ۾ آهي. سائنس وارا به اهو چون ٿا ته ڪائنات مسلسل متحرڪ ۽ ڦهلجندڙ آهي. اهو ڦهلاءُ ئي جدوجهد آهي. انساني سماجن ۾ به جدوجهد جا ڪيئي روپ رائج رهيا آهن جن کي ٻين قومن مثال بنائي پنهنجو پاڻ کي زماني ۾ ڪجهه وکون اڳتي ڪيو. انسان جي سرجڻهاري به جدوجهد جي اهڃاڻن کي اظهاري ٿي. جدوجهد جي انساني تحرڪ پويان ڄاڻ جو تحرڪ آهي. انسان جڏهن به ڪا شئي ٺاڻي وٺي ٿو ۽ پوءِ جدوجهد ڪري ٿو ته پوءِ ڪاميابيءَ جي ڌاڻي ڌائڻ (هدف تي پهچڻ) کانئس پري ناهي. باقي ڪنهن به منزل کي آخري منزل چئي نٿو سگهجي، هر منزل پنهنجي پر ۾ پنڌ جو هڪڙو پٿر آهي جنهن کي انسانيت پار ڪري اڳتي وڌي ٿي ته ان کي منزل سمجهي ٿي. انساني ارتقا ۽ ترقي اُسرندڙ ۽ واڌ ويجهه کائيندڙ عمل آهن جن جو رخ لوڏا لما کائيندو رهي ٿو پر انهن جي ويراوير وڌ کان ڪوئي انڪار نٿو ڪري سگهي. ڀٽائي سسئي جي سڀني سُرن، سُر مارئي، سُر سارنگ، سُر گهاتو، سُر ڪاپائتي، سُر سهڻي سميت سڀني سُرن ۾ جدوجهد جي جاڳرتا جي وائي ورنائي آهي. ڀٽائي جو ڀرم ڀريو خيال وقت جي وير سان گڏ هلي ٿو تنهنڪري اهو ڪٿي بيهي نٿو ۽ جتي چاهي ٿو اُتي هو زماني مڪاني محدوديتن مان ڪنڌ ڪڍائي اڳتي نڪري ٿو. زندگي سندس نظر۾ جدوجهد جي لوچ سامهون مختصر آهي؛

جا ڀون پيرين مون، سا ڀُون مٿي سڄڻين،
ڌڱ لٽبا ڌوڙ ۾، اُڀي ڏٺاسون،
ڏينهن مڙئي ڏون اُٿي لوچ لطيف چئي.

اچڻ ۽ وڃڻ جي ٻن ڏينهن تي مشتمل زندگي لطيف جي نظر ۾ تمام مختصر آهي. زندگي جي انهن ٻن ڏينهن جي وچ وارو عرصو هر ماڻهو جو الڳ الڳ ٿئي ٿو ۽ انهي عرصي ۾ وري انسان وٽ ڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجي مرضيءَ جي چونڊ سان ڪوئي ڪم ڪرڻ جو عرصو بنهه مختصر ٿئي. اهڙي ماجرا کي ڏسندي لطيف سائين مسلسل جدوجهد جو سڏ ڏئي ٿو؛

ٿڪيائي ٿرٿيل، چڙهه چُڪيائي چوٽيين،
هلندي هوت پنهونءَ ڏي، ڀئو مڙئي ڀيل،
اُٿي رائو ريل، ويٺن تان واري وري.

ٿڪجڻ باوجود ٿر ٿيلهڻ، چُڪي رهڻ باوجود چوٽين چڙهن همت وارن جو ڪم آهي. هوت پنهون ڏانهن هلندي سمورا خوف خطرا دور ٿيڻ گهرجن. رائو ريلڻ وارن جا قدم اچي منزلون چُمنديون آهن. لوچڻ ئي لهڻ جو پيچروآهي جنهن تي پيار سان جيڪي پنڌ ڪندا آهن سي ئي لالڻ لهندا آهن. ڏوريندڙ ئي عجيبن جي اڱڻ جا مُک مهمان ٿيندا آهن. لوچي لهڻ جو پنهنجو مزو آهي. کامڻ، پچڻ، پڄرڻ کانپوءِ لُڇڻ ۽ لوچڻ آهي. لوچيندڙن لاءِ لطيف سائين هن ريت فرمايو آهي؛
لوچين سي لهن، جڏهن تڏهن پرينءَ کي،
ڏورينديون ڏسن، اڱڻ عجيبن جا.

جدوجهد جي انهي جيءُ جهوريندڙ پنڌ ۾ ارادي جي پُختگي ۽ ثابت قدميءَ جو پنهنجو ڪردار جيڪو وچن وابستگيءَ جي ٻنڌڻ مان اُپجي ٿو. جن جو ارادو پڪو هوندو اهي ئي ڪنهن ماڳ ڀيڙا ٿيندا. لڏندڙ ارادي وارا اڌ ۾ گم ٿي وڃن ٿا. سندرا ٻڌي اهي تيار ٿيندا آهن جن کي وندر وڃڻو هوندو آهي. باقي جن جو ارادو ڪچو هوندو آهي اُهي ٻڌل سندرا ڇوڙي ڇڏيندا تنهنڪري اهي سندرا ٻڌي ڇا ڪندا. ڀٽائيءَ جي لفظن ۾؛

وندر جي وڃن، سي مَر ٻڌن سندرا،
ٻيون ڪوهه ٻڌن، ڇوڙي جي ڇڏينديون.

سندرو ٻڌڻ جدوجهد جو اُهڃاڻ آهي. سندرو ڇوڙڻ ٿڪجي ويهي رهڻ جي نشاني آهي. سندرو ملهه راند ۾ پهلوانن جي چيلهه تي ٻڌو ويندو آهي جنهن ۾ هڪٻئي کي ٻک وجهي ملهه پهلوان راند ڪندا آهن، جنهن جو سندرو جيترو مضبوط هوندو ته اهو اوترو وڌيڪ ڄمي بيهندو. سندرو جهيڙي ۽ جنگ ۾ به ٻڌو ويندو هو. هي عمل سنڌي دفاعي علم جي دستور جو پُراڻو انگ لڳي ٿو، جنهن جي هن وقت شڪل فوجين کي چيلهه تي ٻڌل پٽي مان سمجهي سگهجي ٿي. سندرو کيڏندڙ کي ٿڪجڻ نٿو ڏيئي پوءِ اها ڪا راند جي راند هجي يا وري بادشاهي جهيڙو جهٽو. ٻنهي صورتن ۾ سندرو ڪارائتو اُپاءُ آهي. جدوجهد جاڳڻ جو نالو آهي؛

سُتي نه سرندياءِ، ڪر پچار پرينءَ جي،
وهامي ويندياءِ، گهڻا هڻندين هٿڙا.
وقت وهامندو وڃي پيو يعني اهو ڪٿي به ساهي نٿو پٽي. وقت کي نه بيهاري سگهجي ٿو نه وري ان کي روڪي سگهجي ٿو، تنهنڪري وقت جي رفتار جي روشنيءَ ۾ هلڻ غنيمت آهي. ڀٽائي جا کاهوڙي توڙي رامڪليءَ جا جوڳي مسلسل پنڌ جا ڳولائو آهن ،کاهوڙي ڇپر جا سونهان هوندا آهن. ڇپر کين سنيون سُڌيون ڏيندو آهي. اهي کاهوڙي اهڙا ڏوٿي اهن جيڪي اڻ ڏٺل ڌرتيون ڏورين ٿا. ڏورڻ جي ان ڏاکڙي ۾ اهي سموريون سختيون جيءُ ڪري سهن ٿا؛

ڏوٿي سا ڏورين، جا جوءِ سُئي نه ٻُڌي،
پاسا مٿي پاهڻين کاهوڙي کوڙين،
وئا تت ووڙين، جت نهايت ناه ڪا.

ان نموني اهي پرانهان پنڌ ڏورڻ ئي جدوجهد جو نالو آهي جنهن سان انساني تاريخ جا ورق چٽيل آهن. جدوجهد جا ڪيترائي رُخ آهن ڪيترائي رڱ روپ آهن پر سڀ کان ڏکي جدوجهد پنهنجو پاڻ سان آهي جنهن ۾ ماڻهوءَ کي پنهنجي پاڻ کي ٺامچي ۾ رکڻو ٿو پوي جيئن اهو هرڪنهن لقاءَ کي متواز ۽ ٽياڪر نگاه سان ڏسي سگهي. اهڙين حالتن ۾ ماڻهو ڄڻ پاڻ وساري وهي ٿو. پاڻ وسارڻ کانپوءِ جيڪا جاکوڙ ۽ جدوجهد ٿئي ٿي اها جدوجهد ئي سچي جستجو آهي. ڀٽائي اهڙي جدوجهد کي سُرسهڻي ۾ هن ريت ڳايو آهي؛

پاڻ مَ کڻج پاڻ سين، رءِ وسيلي وڌ،
لالڻ تني لَڌُ، عشق جني جي اڳ ۾.

پاڻ مَ کڻج پاڻ سين، وسيلا وڃاءِ،
عشق ساڻ اُٺاءِ، پريان جي پار ڏي.

پاڻ مَ کڻج پاڻ سين، رءِ وسيلي وڃ،
ڀيلو ڀيري ڀڃ، اُڪنڊ کڻ عميق جي.
عشق اڳ ۾ امام ڪري اڳتي وڌڻ ئي لالڻ جي لاڀ جو ضامن آهي. عشق سان جيڪو پير ماڻهو کڻي ٿو، اهو پير اڪارٿ نٿو وڃي. جدوجهد پڪي ارادي سان ڪئي وڃي ته ان ۾ ڪوبه ڪچو سهارو کڻڻ جي ضرورت ناهي. ڀيلو ڀيري ڀڃڻ گهرجي. ڀُتي مڪڙي ڪڏهن نه ڀاڙڻ گهرجي. لطيف سائين جي جدوجهد جو اهو سنيهو مسلسل جدوجهد جو ڏس ڏئي ٿو، جنهن ۾ ٿڪجڻ جو ڪو تصور ناهي. چُڪي وچ ۾ ويهي رهڻ جو تصور ناهي. لوچي لهڻ جي ريت هنڊائڻي آهي. عشق کي آڳهه ۾ ڪري ان جي پُٺيءَ هلڻو آهي ته سڀئي ڪم سولا ٿي پوندا. جدوجهد جو اعلى روپ اهو آهي ته پاڻ وساري اڳتي وڌڻو آهي. خود سپردگيءَ جي اهڙي ريت منزلن کي موهيندي آهي. ڀٽائي پنهنجي اظهار ۾ ٻوليءَ جا به واهڙ وهائي ٿو جن ۾ ٿڪيائي (ٿڪجي پيل)، ٿرٿيلهڻ (وارياسي علائقي جو ڏکيو پنڌ)، چُڪيائي (ٿڪي ٽٽي پورو ٿيل) لوچڻ (اندر جي اڻ تڻ جيڪا ماڻهوءَ کي متحرڪ ڪري ٿي) وهامي وڃڻ (پاڻئي گذري وڃڻ يا کپي وڃڻ)، ڀيلو (ڪچو رهجي ويل، اڌ پڪو)، اُڪنڊ (اُڪير، ڇڪيندڙ سڪ)، عميق (اونهو)، سندرو (چيلهه بند)، پاهڻ (جبل)، جُوءِ (سيم، جهنگ) ڏوٿي (ڏُٿ ڪندڙ) جهڙا ٻهڳڻ ٻول استعمال ڪندي، ڳالهه کي پڌري پٽ رکي ٿو جيئن هرڪو ماڻهو ان ڳالهه کي سولائيءَ سان سمجهي سگهي.