لهوارو لوڪ وهي ....
لطيف جي پرلطف پيغام ۾ انساني زندگيءَ جا ٻهڳڻ رڱ سمايل آهن، جن جو سڪ ڀريو سنيهو انسان کي پنهنجي اُتم چونڊ ڏانهن وٺي وڃي ٿو. چونڊ انسان کي سندس بهتريءَ ڏانهن يا بدتريءَ ڏانهن وڃڻ ۾ ڪردار ادا ڪري ٿي. چڱي چونڊ چڱائي ڏانهن وٺي هلندي جڏهن ته خراب چونڊ مان سُٺا نتيجا نه نڪرندا. هونئن به قدرت جو قانون سگهارو آهي. فطرت جا نيم هر چُرپر تي حاوي آهن. انسان جي وس ۾ پنهنجي چرپرآهي پنهنجي چونڊ آهي باقي انهي چرپر جو نتيجو فطرت جي قانون مطابق ئي ايندو آهي. ماڻهو فطرت مطابق هلي سگهي ٿو پر فطرت سان هٿ چراند جي کشٽ جو جوکم کڻي نٿو سگهي.لطيف به پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪو پيغام ڏئي ٿو تنهن ۾ شين کي ترجيحي نقطي نگاه سان ڏسڻ ۽ چونڊ ڪرڻ جو سگهارو سنيهو آهي. ترجيح جي ان عمل ۾ لطيف فطرت جي جوڙجڪي ڍانچي جي پوئواري ڪري ٿو ۽ ڪٿي به فطرت جون حدون اورانگهڻ جي صلاح نٿو ڏئي پر هو جيڪا ڳوڙهي ڳالهه ڳرهي ٿو تنهن ۾ جنهن ترجيح ۽ چونڊ جو ذڪر ڪري ٿو سا دورانديشيءَ وارو سنيهو ڏئي ٿي، جنهن سان جٽادار نتيجا حاصل ٿين ٿا. جيتوڻيڪ لطيف سائين جون ڪيتريون ئي ترجيحات عام روايت کان هٽي ڪري هونديون آهن پرانهن پويان لطيف جو فطرت پسند فلسفو ڪارفرما هوندو آهي. فطرت جي پنهنجي جوڙجڪ آهي جيڪا انساني جوڙجڪن کان سگهاري ۽ انهن مٿان ڇپرڇانو آهي. لطيف فطرت جي قاعدن قانونن جي پيروي ڪندي، انسانن جي ٺاهيل جوڙجڪن ۽ نيمن مان مٿي چڙهڻ جي به صلاح ڏئي ٿو. لطيف فطرت شناس، ساڃهه وند ۽ سُڄاڻ شاعر آهي جيڪو انساني رويئي کي فطرت جي وسيع تناظر۾ پرکڻ ۽ اڀياسڻ جي واٽ وٺندي اڳتي وڌي ٿو. ان پنٿ جي پنڌ ۾ هو پنهنجون ڳالهيون ڳائيندو هلي ٿو. سنسار جي لاهين چاڙهين کي سمجهائيندو هلي ٿو. لاهين چاڙهين جو ڇيد ڪندي، انهن جا اوسا پاسا، نفعا نقصان ٻُڌائي ٿو پر ان سموري سنيهي ۾ هو ڪٿي به فطرت پسندي هٿان نٿو ڇڏي. فطرت انسان لاءِ جڳن کان وٺي هڪڙي مستقل درسگاهه رهي آهي جنهن جي نقالي ڪندي انسان موجوده پد تي رسيو آهي ۽ اڳتي روان دوان آهي.لطيف سائين جي شاعريءَ جا سمورا سُر جتي عشق، محبت، وچن نباهه، قرباني، همت ۽ بهادريءَ جي کٿوريءَ جي خوشبوءِ آڇين ٿا اُتي ترجيحائڻ جي عمل جو به ڳوڙهو مشاهدو ماڻائين ٿا. سُر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ وحدت ۽ ڪثرت جو کولي بيان ڪرڻ کانپوءِ وحدت جي ترجيح نروار ڪن ٿا ته هيڪڙائي حق ئي سڀڪجهه آهي. ٻيائي کان ڏوررهڻ گهرجي جن ٻيائي کي ٻَکُ وڌو سي وير وماس ۾ پئجي ويا سندن وسنديون ويران ٿي ويون.
وحده لا شريڪ لــﮧ، ايءُ هيڪڙائي حق،
ٻيائيءَ کي ٻَکُ، جن وڌو سي ورسيا.
سُرکنڀات ۾ پرينءَ جي سونهن جي باقي سونهن وند مظهرن سان ڀيٽ ٿيل آهي. سڀني سهڻاين جي مڙني ملوڪتن کان پرينءَ جي پير جو پدم به وڌيڪ آهي. چوڏهينءَ جي چنڊ جو اُمارو پرينءَ جي ماهتابي منهن کان گهٽ آهي. چنڊ رڳو رات جي اونداهيءَ ۾ اڇو آهي، سڄڻ ته نت نت سوجهرو آهي. سُر بروي ۾ به پرينءَ کي هر ڳالهه تي ترجيح ڏئي ٿو. پنهنجي جسم جان جي به پرواهه نٿو ڪري. جانب کي پنهنجي جيءَ جي آڇ ڪري ٿو ته وڻي جتان اُتان وڍي کڻي وڃ، ڇوته سپرينءَ سان سندس جي ايئن سوگهو ٿيل آهي جيئن لوهار ڪڙي ۾ ڪڙو ملائي لپيٽي هڪ ڪري ڇڏيندو آهي. سُر سريراڳ ۾ جيڪا تند تنواري ٿو، تنهن ۾ به ترجيح جو خيال رکي ٿو. مالڪ حقيقيءَ جي ثنا ڪندي، ان جي لطف جي آس رکندي، گهر جي ڪري ٿو ۽ فضل کي عدل تي ترجيح ڏئي ٿو. عدل ۾ هو پنهنجي نجات نٿو سمجهي. عدل جي ساهميءَ مان نروار ٿيڻ سولو ناهي، پر مولى فضل فرمايو ته ٻيڙا پار ٿي ويندا؛
جيڪي منجهه جهان، سو تاريءَ تڳي تنهنجي،
لطف جي لطيف چئي، تو وٽ ڪمي ڪان،
عدل ڇُٽان آئون نه، ڦيرو ڪج فضل جو.
اهڙي طرح هو ڪچ بدران سچ جي ترجيح ٻُڌائي ٿو ته ڀُتي مڪڙيءَ بدران مضبوط ۽ چيٺيل مڪڙي ڀاڙڻ جي صلاح ڏئي ٿو جيئن جهاز کي جوکو نه ٿئي. سامونڊي سُر ۾ وڻجارن پاران مسلسل سفر ۾ رهڻ، ڏورڏيهه گهمڻ ۽ اونهي اوهري ۾ لانچون لاهڻ جي ڳالهه ڳري ٿو. هو واندڪائي تي هڪڙي اقتصادي ڪرت کي ترجيح ڏيڻ جو ڏس ڏئي ٿو. ان سُر ۾ هو وڻج واپار جي ترجيحن جي ڳالهه بيان ڪندي اڳتي وڃي ٿو ۽ سطحيت بدران گهرائي کي ترجيح ڏئي ٿو.
هو معلمن جي ڄاڻ کي مٿاڇرو سمجهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهي سمنڊ جون خبرون اوريان ئي آڻين ٿا. کين ڌنڌو ڪرڻ آهي. سمنڊ جي سانباهي جو کينءَ واريون خبرون ئي سندن گراهڪن جي سفر کي اجوکو ڪري بيان ڪن ٿيون. حقيقت ۾ سمنڊ گهڻو اونهو آهي. جتي وهڪرو وينڌ يعني سوراخ ڪري ٿو، اُتان معلم به پري ڀڄن ٿا. لطيف فرمائي ٿو؛
اوريائين آڻين، ميڙيو معلم خبرون،
سا تان سُڌ نه ڏين، جتي وَهُ وينڌ ڪري.
وهڪري جي اها تندي ۽ تيزي شين مان سامهون سوراخ ڪري وڃي ٿي، تنهنڪري معلم اوريائين خير واريون خبرون آڻي وڻجارن کي ٻُڌائين ٿا. سُر گهاتوءَ ۾ مورڙي ميربحر جي واڳوءَ سان ويڙهاند آهي. مورڙو جڏڙو ۽ اڀرو آهي. مانگر مڇ اجگر ۽ سگهارو آهي پر مورڙو سچ جي سپاهي بنجي جڏهن ڪوڙ جي ڪوٽ تي ڪڙڪي ٿو ۽ مانگر کي للڪاريندي چوي ٿو ته مڇ تنهنجي اها غلط فهمي آهي ته تنهنجو هي جور جبر ڪو سدائين رهندو. تنهنجي سمنڊ جي سلامتيءَ جا ڏينهن پُڄڻ وارا آهن. هن سُر ۾ سمورو ڳالهيون بيان ڪندي، ترجيح سچ واري پاسي کي ڏئي ٿو. طاقت ۽ جبر جي دهشت کان ڊڄي لطيف مرغوب نٿو ٿئي. کاهوڙين جي ترجيح ته ڳري ۽ ڳوڙهي آهي تنهنڪري سندن حاصلات به اهم ۽ اُتم آهي. پرينءَ جي پار جي پنڌ جي پر پروڙڻ ڏاکڙو آهي. سڪا سنڊ ڪڇن ۾ کڻي، ٽمندڙ نيڻن سان نينهن لوڪ ڳولڻ جيءَ جوکي جو ڪم آهي پر ڀٽائي جي ترجيح آهي ڇاڪاڻ ته ان حال ۽ حالت واري ڪشالي کان پوءِ کاهوڙين جي کاتي ۾ جيڪي اچي ٿو سو ٻين کي نٿو سري. اهو ڪمال ترجيح جو آهي.
لطيف واٽ کي وٺي وڃڻ ۽ اتان لوڻو ڦيرڻ کان به روڪي ٿو. مستقل مزاجيءَ سان ڪنهن پنٿ تي ايئن هلڻ ئي اهڙي ترجيح آهي جنهن جي ڪري انساني تاريخ ۾ ڪيئي ڪاميابيون انسان جي کاتي ۾ آيون آهن.واٽ جي ترجيح ۾ لطيف ان کان به ٻه وکون اڳتي وڌي نياري ڳالهه ڪندي، فرمائي ٿو؛
اوتڙ هليا، سي نه ڀُليا، راه هليا ڦُرجن،
سُتڙ سي پون، ٻيئي جن ڇڏيون.
هن بيت ۾ ڀٽائي اوتڙ اولڻ توڙي ستڙ سالم ٿي هلڻ کان مٿي نڪري، ان پنڌ پوڻ کي ترجيح ڏئي ٿو جيڪو انهن ٻنهي کان نيارو آهي. سڀئي سبحان جي حوالي جڏهن ڪم ڪبا آهن ته پوءِ اوتڙ اولڻ ۽ ستڙ سالم وڃڻ جي معنى بدلجي پوي ٿي. لوڪ جي لهواري هلڻ کي ڇڏي لطيف سائين، اوچي اوڀاروهڻ جي ترجيح آڇي ٿو تڏهن يقينن هو سڀني عام رواجي سوچن کان مٿي سوچ وارو سنيهو ڏئي ٿو؛
لهوارو لوڪ وهي، وهي تون اوچو وهه اوڀار
سسئي جي سمورن سُرن ۾ هو پنهونءَ جو پيرو کڻي مسلسل هلڻ جي ترجيح ٻُڌائي ٿو. هڪ طرف جاڏن جبلن، ڏکين ڏونگرن جا ڪشٽ ۽ ڪشالا آهن ته ٻئي طرف من جو محبوب آهي جنهن لاءِ انهن سڀني اهنجن، ڏکيائين کي سسئي قبولي ٿي. جڏهن ايترو ڪنهن به پنڌ ۾ پيهي وڃبو آهي ته پوءِ سڀڪجهه آسان ٿي پوندو آهي. جن جو اندر پاڻيءَ لاءِ اُڃيو هوندو آهي پاڻي به تن لاءِ اُڃيو آهي؛
ساجن ڪارڻ سُڃ، مر قبوليئي سسئي،
اندر جني اُڃ، پاڻي اُڃيو اُن کي.
راڻي مومل ۾ راڻي جي ترجيح مومل آهي هو سڀني مشڪلاتن کي منهن ڏيئي، پنهنجي ڏاهپ سان اڳتي وڌي مومل ماڻي ٿو، ٻيا جيڪي به ان پنڌ جا پانڌي آهن سي مومل عيش عشرت لاءِ ماڻين ٿا پرراڻو مومل کي ان ڪري ماڻي ٿو جو هو سموري ڪاڪ محل جي چالاڪين کي چڪناچور ڪرڻ چاهي ٿو تنهنجي راڻي ۽ ٻين همراهن جي ترجيح ۾ فرق آهي. راڻي جي ترجيح اُتم آهي تنهنڪري مومل به سندس نالي ليکي وڃي ٿي. جڏهن راڻو مومل کان رسي ٿو ته مومل به باقي سڀني شين کي ڇڏي هڪڙي راڻي جي ترجيح کي کڻي اڳتي وڌي ٿي ؛
جان قربان، مال قربان، گهوريان لُڊاڻو
فدائي فقير جو شل رُسي م راڻو،
مُين سين ماڻو، توکي مناسب ناهي مهندرا
ليلان چنيسر جي ڪوڏيلي گهرواري آهي پر جڏهن سندس ترجيح تبديل ٿئي ٿي ۽ هوءَ هار تي هرکجي، چنيسر واري ترجيح تان تر جيترو به گُسي ٿي ته کيس ڏهاڳ جو ڏنءُ اچي وڃي ٿو. ڍول چنيسر داسڙو کيس ڍيلي ٿو ڇڏي. اهڙي طرح هوءَ اُتم پد تان ڪري پوي ٿي ۽ انهي ڪرڻ جو سبب ترجيح جو تبديل ٿيڻ آهي. ليلا کي ڏهاڳجڻ جي عيوض طرحين طرحين جا هيلا هلائڻا پون ٿا، تڏهن به ڀٽائي کيس نوڙت سان ليلائڻ جي صلاح ڏيندي هن ريت چوي ٿو؛
ليلائي نه لهين، ته پُڻ ليلائيج،
آسرو نه لاهيج، سڄڻ سٻاجهيندڙ گهڻو.
سورٺ ۾ ٻيجل جي ترجيح ڏياچ جو مٿو آهي، هو ان گهر کان هيٺ لهي نٿو. سورٺ جي ترجيح ڏياچ جو سهاڳ آهي. ڏياچ جي ترجيح سندس مريادا ۽ وچن نباهه آهي جنهن پويان هو سخي طور سُڃاتو وڃي ٿو تنهنڪري مٿي تي هزارين سر هجن ته به وڍي ڏيڻ لاءِ تيار آهي. اهو سمورو سٽاءُ ترجيح جو آهي. سهڻيءَ جي ترجيح ميهار آهي. الستي انگ کيس ميهار سان ميثاقان مهند منڊ ۾ منڊي ڇڏيو آهي. لوڪ جا لاڳاپا لاهي هوءَ اونهي آب ۾ ڪڏي ڪاهي پوي ٿي. سندس ترجيح ميهار جي سڪ آهي، تڏهن کيس وچ سير ۾ پاڻي پنيءَ ٻوڙ محسوس ٿئي ٿو. مارئي جي ترجيح وطن آهي تڏهن هوءَ بادشاهي آڇن کي ٺڪرائي جيئري به ملير اچڻ چاهي ٿي ته مُئي پڄاڻان به مڙهه ملير نيئڻ جي خواهشمند آهي. اها ترجيح آهي جنهن جابر حاڪم کي به جهڪائي وڌو ۽ مارئي جهڙي اٻول ۽ اڻ هوند واري عورت سوڀاري ٿئي ٿي. اهڙي طرح ڀٽائي جو ترجيح وارو سنيهو سندس شاعريءَ جي سينڌ آهي.