جا هَڙَ اندر جِيءَ...
ڀٽائي پنهنجي مزاج ۽ من جي پاتارمان پيهي جيڪي موتي آندا آهن انهن موتين جهڙن املهه خيالن تي ڪيئي رنگ چڙهيل آهن تنهنڪري سندس شاعري کي جيترو اپٽارڻ جي ڪوشش ڪبي ته اوترائي تهه اٿلندا ويندا هرتهه اندران معنى جا نوان موتي پوري آب تاب سان جرڪندا نظر ايندا. زندگي اهڙو ڳوڙهو لقاءُ آهي جنهن کي سمجهائڻ جون هيستائين جيتريون به ڪوششون ٿيون آهن تن کي ڏسي لڳندو آهي ته اها اڄ به اوتروئي اونهو اسرار آهي جيترو شروع ۾ هئي. ان وقت جي انسان جي جيڪا ذهني سطح هئي، حياتي کي سمجهڻ لاءِ سندس ڊوڙ به انهي مطابق هئي. دؤر جيئين جيئن چڙهندو آيو ته انساني شعور جي ڦرهي به اجرندي آئي ۽ ان جي اکرن توڙي انگن ۾ واڌارو ٿيندو ويو. اهڙي طرح جيڪو انسان چئوپيري کان شروع ٿيو هو، سو اڄ اُڀ جي نيري نڀ کان به مٿي اُڏام هڻي رهيو آهي پر حياتي جي انهي ڳوڙهي ڳنڍ بابت اڄ به اوتروئي حيران پريشان آهي جيترو پنهنجي اوائلي زماني ۾ هو. ڀٽائي راز جي ڳالهه تي خيال آرائي ڪندي، هڪڙو ڀلوڙ بيت چيو آهي؛
جا هڙ اندر جيءَ، سا هڙ ڇُڙي نه ساهه جي،
ساهڙ ڇُڙي نه ساهه جي، ساهڙ ساهڙ ريءَ
ساهڙ ميڙ سميع ته ساهڙ ڇُڙي ساهه جي
اها هڙ انسان لاءِ جڳن کان اوتري ئي پرتجسس رهي آهي. هو زندگيءَ جي انهي راز کي پروڙڻ لاءِ هٿوراڙيون هڻندو رهيو آهي. ڪن چيو ته زندگي جي مقصد کي نهارڻ گهرجي ته ماڻهو دنيا ۾ ڇو آيو آهي؟ ڪن چيو ته زندگي جو مقصد انسانيت جي خدمت چاڪري آهي. ڪنهن ڪنهن ڪيئن چيو، ڪنهن ڪيئن چيو. جيترا وات اوتريون ڳالهيون. ڳالهين جي ڳنڍ ايئن ڳنڍ ئي رهي آهي. راز جي نياز کي گهٽ سليو ويو آهي. ڪجهه ڳالهيون نه سلڻ جهڙيون به هونديون آهي يا وري انهن کي درجي بدرجي سليو ويندو آهي. سلوڪ جي دنيا جو پنهنجو رنگ آهي جنهن جو ڍنگ به نرالو آهي ته سنگ به ساه سمانو آهي. ڀٽائي جيڪي ٽي ڪتاب ساڻ کڻندو هو تن ۾ هڪڙو ڪتاب جلال الدين روميءَ جي مثنوي آهي، جنهن کي مثنوي معنوي سڏيو ويو آهي. رومي صاحب تصوف جا جيڪي نڪتا پنهنجي شاعريءَ ۾ نروار ڪيا آهن تن سڄي دنيا جي سلوڪ جي دنيا کي متاثرڪيو آهي. رومي صاحب مثنوي سان گڏوگڏ ديوان شمس تبريز به لکيو جنهنجي نسبت سندس مرشد شمس تبريز سان آهي. رومي صاحب جي ڪلام بابت ڊاڪٽرافضل اقبال پنهنجي تصنيف ”مولانا رومي، حيات وافڪار“ ۾ صفحي 178 تي لکي ٿو،”رومي پنهنجي غزليات جي مجموعي کي ديوان شمس تبريز جو نالو ڏنو ۽ مثنوي کي ”حسامي نامه “ چيو. شمس ديوان جو هيرو هو ۽ حسام الدين مثنوي جو محرڪ. جنهن جي ڪري هن مثنوي تحريري وجود پاتو.“ مثنوي ۾ مختلف موضوعن تي شاعري ڪندي، پنهنجي نقطه نظر کي پيش ڪيو آهي. تصوف جو هي شاهڪار سنيهو ايمان جي سگهه تي ٻڌل آهي. تصوف بابت ٻيا ڪتاب به ايمان ۽ عقيدي جي اپٽار تي مشتمل آهن جن جي واٽ نياري آهي پر تصوف لادينيت جو نالو ڪڏهن به ناهي. تصوف نه ئي فرار جو ڪو فرفر پڙهجندڙ پاٺ آهي جيئن ان کي ڪجهه ڌريون موجوده دؤر ۾ ايئن سمجهن ٿيون. رومي صاحب انهي ساهڙ جي ساه جي هڙ تي به خيال آرائي ڪئي آهي ته راز جو حيف ڇا آهي؟ هو فرمائي ٿو؛
هرڪجا دردي دوا آنجا رود،
هر ڪجا فقري نوا آنجا رود
هر ڪجا پستي ست آب آنجا رود،
هر ڪجا مشڪل جواب آنجا رود.
درد هجي ته درد جو درمان به آهي. فقر هجي ته فقر جو سامان هجي. جيڏانهن لاٿ هوندي پاڻهي اوڏاهين لڙهندو. جي ڪا مشڪل هوندي ته ان جو حل به هوندو. درد جو درمان، فقر جو سامان ۽ پاڻي جو لاهي ڏانهن لڙڻ ۽ مشڪل جو حل ملڻ اهم نڪتا آهن. درد مان ئي درمان نڪري ٿو ته فقر فاقي جو سان به فقر فاقي جي بي سامانيءَ ۾ مضمرآهي. فقر ۽ فاقي جي اڻ هوند ڪيئن هڙ هوند ڏانهن وٺي وڃي ٿي ۽ ماڻهو پاڻ کي دنيا جو ڌنوان سمجهيو وڃي ٿو. پاڻي به اوڏانهين وهي ٿو جيڏانهن لاهي آهي. ڀٽائي به اُڃ سان اُڃ اٿيارڻ جي ڳالهه ڪندي هن ريت چوي ٿو؛
محبت مڻين من ۾، تن تشنگي تار،
پي پيالو اُڃ جو، اُڃ سين اُڃ اٿيار،
پنهنون پاڻ پيار، ته اڃ سين اڃ اجهايان.
جڏهن سالڪ انهي سلوڪ سان اڳتي وڌي ٿو ته پوءِ هو ايترو ته نوازجي وڃي ٿو، جو منزل سندس راهه تڪي ٿي ۽ منزل اوڏانهن رڙهي پهچي ٿي. پاڻيءَ جي ڳولا کان اڃارپ وڌيڪ اهم آهي. جڏهن سالڪ انهي ڏاڪي تي پهچي ٿو ته پوءِ پاڻي سندس لاءِ اڃيو بنجي پوي ٿو؛
آب ڪم جو تشنگي آور بدست، تابجو آبت از بالا وپست
تا سقا هم ربهم آيد خطاب، تشنه باش، الله اعلم باالصواب.
پاڻيءَ جي ڳولا ڏانهن گهٽ ڌيان ڏي پر اڃ سين اُڃ اٿيارته پنهنون پاڻ پاڻي پياري. پاڻي توهان جي ڳولا۾ پاڻهي هليو ايندو. اهو واعدو آهي ته پنهون پاڻ کين پاڻي پياريندو. پاڻي اڃاري جي ضرورت آهي، اهو جملي جو هڪڙو رخ آهي. ٻيو رخ اهو به آهي ته اُڃارو پاڻيءَ جي ضرورت آهي. اِهو اُهو احساس آهي، جيڪو ڀٽائي هنن ٻولن ۾ نروار ڪيو آهي؛
ساجن ڪارڻ سڃ، مر قبوليئي سسئي.
اندر جني اُڃ، پاڻي اڃو ان کي.
جن کي اندر ۾ اڃ هوندي آهي پاڻي تن لاءِ اڃارو هوندو آهي. رحمت جو جن کي پاڻي گهربل آهي ته هيٺاهين وٺ. رحمت جو پيالو پي ۽ مست الست بنجي پئو. هيٺاهين ۽ نوڙت ايئن ماڻهوءَ کي بلندي ڏانهن وٺي وڃي ٿي. رحمت جو جام جن کي نصيب ٿئي ٿو، اهي نوازجي وڃن ٿا. نوازجڻ ۽ مست الست ٿيڻ جو اهو مناسب ڪم رومي صاحب جي لفظن ۾ هن ريت آهي.
آب رحمت بايدت رو پست شو، وانگهان خور خمر رحمت مست
رحمت جي اهڙي رس ڀرئي پاڻيءَ پيئڻ کان پوءِ ماڻهوءَ جي نوعيت ئي تبديل ٿي پوي ٿي ۽ هو راز ۽ نياز جي منزل کي سمجهڻ جي اوک ڊوک ڪري ٿو. حالانڪ منزل ڪا به شئي ناهي. منزل پاڻ هڪڙو ڏاڪو آهي. رومي انهي ماجرا کي هن ريت بيان ٿو ڪري.
چرخ را در زير پا آر اي شجاع، بشنو از فوق فلق بانگ سماع
پنبه وسواس بيرون ڪن ز گوش، تا بگوشت آيد از گردون خروش.
هو سالڪ کي صلاح ڏئي ٿو ته اي ڪوپا ڪلنگيدار آسمان کي پنهنجي پيرن هيٺيان آڻ. عرش کان ٻُڌ عرش جي صدا جيئن تون انهي سڏ جي وائيءَ کي نه رڳو ورنائي سگهين پر پڙاڏي جي پرپيچ آوازن جي راز کي به سمجهي سگهين. انهي آواز ٻڌڻ لاءِ هو ڪنن مان وسوسن جو ڪپهه ڪڍڻ جي صلاح ڏيندي چوي ٿو ته اهو سڏ سرون ٻُڌڻ ۾ اچي. شاه ڪريم وري انهي سڏ ٻُڌڻ جي ڪم ۾ ايترو اونهون ٿو وڃي جو هو انهي وائي جي ورلاپ ٻُڌڻ لاءِ، اندر جا ڪن سڪارج ڪرڻ جو ڏس ڏئي ٿو؛
هي ڪن گاڏهان وڪڻي ڪن ڪي ٻيا ڳنهيج،
سندي سپريان ڳالهڙي تني سين سُڻيج.
سپرين جي ڳالهه انهي نموني ٻُڌڻ کان پوءِ ماڻهوءَ جو نظر ۽ نظريو به نکري نروار ٿين ٿا ۽ هو اکين کي روئي ڌوئي صاف ڪري ٿو جيئن کيس هرشئي چٽي نظر اچي. طالب جو اکيون جڏهن ايئن چٽيون ٿين ٿيون ته پوءِ هو غيب جي بهاريءَ جا مزا ماڻي ٿو. پنهنجو پاڻ کي جسم جي ڊانڍي مان آجو ڪرائي وٺي ٿو جيئن هو انهي اڻ ڏٺي چمن ۾ ناچ نچي سگهي، مي رقصم ۾ محو ٿي سگهي؛
پاڪ ڪن دو چشم را از خوئي عيب،
تا به بيني باغ و سردستان غيب
ڪنده تن را ز پائي جان بڪن،
تا ڪند جولان بگرد آن چمن
شاه ڪريم به انهي نموني اکين کي روئڻ ڌوئڻ جا سبق ڏيڻ جي صلاح ڏني آهي ته جيئن اهي پرين جي هر پرتوي کي ۽ پرين پاڻ کي به پسي سگهن. هو فرمائي ٿو؛
پاٺيون جان نه ڪجن. روئي ڌوئي اکڙيون،
جر ڪُجر جن اکين ۾، سي ڪيئن پرين پسن.
پرين پسڻ جو اهو پنڌ جنهن پنٿ تان هلي ٿو اهو پرپيچ پيچرو اهڙو راز آهي جنهن بابت هرسالڪ پنهنجي سوچ، ڄاڻ ۽ تجربي جي روشنيءَ ۾ ان تي روشني وڌي آهي. پيار جو پنڌ پاڻهي ٿيندو آهي، پاڻهي ڪبو آهي ۽ پاڻهي سمجهه ۾ ايندو آهي. اها وٿ اهڙو ٿوڪ ناهي جيڪو هٽ تي هڪيو ملي. سو پرينءَ پسڻ لاءِ انهي راز پروڙڻ جي ضرورت آهي جنهن کي ڀٽائي ”هڙ“ چيو آهي. اها ڪيئن ڇوڙڻي آهي ڪيئن ان مان لاڀ پرائڻو آهي. اهي سڀ اهڙا نڪتا آهن جن تي صوفي شاعرن پنهنجي پنهنجي انداز ۾ خيال جي خدائي جي پنج ڪڻي پرسادي آهي. روح جو راز اونهو اسرار آهي جنهن کي صوفين ڳولڻ جي ڳولا ڪئي آهي. هر ڪو انهي ڳولا۾ ڪيترو اڳتي ويو آهي اهو سندس ڪلام مان يا ملفوظات مان ملي ٿو. پر حقيقي تجربي جي حقيقت جو جگري احوال اڃا ان کان آڳاهون آهي.