لطيفيات

ڏورِ تِئائين ڏَسُ

هي ڪتاب نامياري ليکڪ، شاعر ۽ محقق نور احمد جنجهي جو لطيف شناسيءَ تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.
نور احمد جنجهي صاحب لطيف جي اهڙن اسرارن ۾ ڏَور وڌي آهي جتي لفظن کان اڳيان وڌڻ جو درس آهي، دل ۽ روح مان نڪرندڙ ڳالهين جا هُل هلاچا آهن، محبت جي تشنگي تار مان پار پوڻ جا ساٺ آهن، آيل لاءِ روئڻ کي سرتين جي دانهن آهي. اهڙن سمورن خيال کي سائينءَ بخوبي نڀايو آهي. سائين نور احمد جون هنيين ۾ هنڊائڻ جهڙيون الست تحريرون اميد ته پڙهندڙ تي گهرو اثر ڇڏينديون ۽ ان سحر ۾ اچي هو قدرتي لقائن مان لاڀ حاصل ڪندا. هي يار خود زماني جي رنگ کان پاسي رهي اهي سموريون لافاني تحريرون تحرير ڪندو رهيو آهي.
Title Cover of book ڏورِ تِئائين ڏَسُ

ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو....؟

ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو....؟

فن، ادب، ڪلا توڙي هر تخليقي تحرڪ انسان ۽ فطرت جي لاڳاپي کي اظهاري ٿو. انسان فطرت جي مانڊاڻ ۾ بيهي ڪهڙو ڪردار ادا ڪري، ان بابت به تخليق انسان جو سونهون بنجي ٿي. ماڻهو ڪٿي بيٺو آهي؟ کيس ڪٿي بيهڻ گهرجي؟ ڪيئن بيهڻ گهرجي؟ ان بابت به جيڪا رهنمائي ادب ۽ لطيف فن مان ملي ٿي تنهنجو مثال ناهي. سمورو سائنسي خيال تخليقي تحرڪ مان اُپجي ٿو تنهنڪري هر نئون خيال تشڪيل ڏانهن ”گوڏلين گسڪڻ“ شروع ڪري ٿو، مختلف مرحلا طئي ڪري، ڪڏهن نه ڪڏهن ڪا صورت ماڻي ٿو. شاعري به اهڙي تخليقي وٿ آهي جنهن ۾ انسان پنهنجي جذبن، ارمانن، آسن، اُمنگن جو اظهار ڪري ٿو. فطرت ۾ پنهنجي نسبت کي ڳولي ٿو ۽ ان سٻنڌ کي ڪا نه ڪا شڪل ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. شاعري جنهن کي ”جزواست از پيغمبري“ به سڏيو ويو آهي، تنهن ۾ سمورا سنيها آهن جيڪي ماڻهوءَ کي پريان جي پار وٺي وڃڻ ۾ ”اڻهار “ جو ڪردار ادا ڪن ٿا. شاعري، اهڃاڻ ۾ اظهار ڪري يا سنئون سڌو اعلان، ٻنهي صورتن ۾ حقيقي شاعري ڪو نه ڪو سنيهو ڏيئي وڃي ٿي. لطيف جي شاعريءَ ۾ نه لطف جي ڪمي آهي نه ئي اهڙن سهڻن سنيهن جي کوٽ. هو شاعريءَ کي سُرن ۾ ورهائي، ڳائي، پنهنجي پيغام کي کولي سمجهائي ٿو. ان سمجهاڻيءَ ۾ هو سموري سماج کي مجموعي طور کڻي ٿو. عشق سندس شاعريءَ جو دنيا جي سموري ڪلاسيڪي شاعريءَ وانگر اساس آهي جنهن مان سمورا سنيها اُپجن ٿا. عشق ئي سڀ کان وڏو علم آهي. عقل جيڪو علم جو بنياد آهي سو به عشق جو پوئلڳ آهي. عقل تي ئي علم جي سموري عمارت اڏجي ٿي. عقل کي ڪهڙا به نالا ڏنا وڃن پر علم جو اهو ”ڏک“ ۾ مليل روپ آهي يعني کيس ڄمندي ئي عطا ٿيل آهي. انسان ڄائي ڄم کان، تنهنڪري ئي، ڄام آهي. عقل ۽ ڏاهپ انساني سماج کي اڏڻ ۾ انسان لاءِ، سونهان ۽ پيري رهيا آهن. ماڻهوءَ پنهنجي عقل ڪتب آڻي، زندگيءَ جي سمورن روپن کي نه رڳو سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر حياتيءَ سان لاڳاپيل سمورن مسئلن جو حل ڳولڻ جي به ڪوشش ڪئي آهي. سمورا انساني عمل عقل ۽ ڏاهپ جي آڌار هلندا رهن ٿا. دنيا جا سماج، بادشاهيون، راڄنيتيون، سڀئي عقلمندي ۽ ڏاهپ جي ڏيک جي ڪانه ڪا جهلڪ ڏيکارين ٿيون.
ڀٽائي وٽ عشق، علم، وچن نباهه، سداچار جا سدا ملوڪ قدر موجود آهن اُتي هو ڏاهپ کي به پنهنجي سنيهي جو محور بنائي ٿو. هو تعداد کان متاثر ناهي. هو مقدار کان متاثر ناهي. هو راحتڪاري حالتن جو هيرئون ناهي. هو چونڊ ڪندي، زندگيءَ جي ڪاروهنوار تي ايئن اظهاري ٿو جنهن ۾ کيس ڪا اهڙي چڻنگ نظراچي ٿي جيڪا ترجيحي طور اُپتدائڪ ٿيندي. حالتن کي ڪيئن منهن ڏجي ۽ ڏکين حالتن مان ڪيئن نڪرجي؟ ان بابت عقل ۽ سياڻپ رهنمائي ڪن ٿا. عقل تي اڏيل علم جي عمارت انساني زندگيءَ کي اهڙو اجهو آڇي ٿي جنهن ۾ سندس جيون لاءِ وڌيڪ سُک شانتي آهي. ملير جي مارن جي ڏاهپ، مورڙي جي ڏاهپ کان وٺي ڪاپائتين جو عقل تي آڌارڪ ڪتڻ، ڏاهپ جي انهي سنيهي جو اُهڃاڻ پيش ڪن ٿا. ڀٽائي ته غم گوندر کي به ڏاهپ جي ڏانو سان ”وڏي وٿ “ سمجهي ٿو جنهن کي ڏاها ماڻهو ”ساٽو“ بنائي جيون جا ڏکيا ڏينهن ڪاٽي سگهن ٿا. هو فرمائي ٿو؛
ڪنين ڪنين ماڻهوئين، گوندر وڏي وٿ،
ٻڌي گوڏ گرٿ، ساٽو ڪجي سور جو.

ڀٽائي وٽ ڏاهپ جو تفصيلي مانڊاڻ سُر” مومل راڻي“ ۾ نظراچي ٿو. سمورو سُر جيڪا آکاڻي پيش ڪري ٿو ان جي پس منظر ۾ به ڏاهپ نظر اچي ٿي ته ڪهاڻيءَ جو عروج يا ڪلائمڪس به ڏاهپ تي اچي منتج ٿئي ٿو. آکاڻيءَ جا مُکيه نقطا آهن. راجا نند جو خزاني کي هڪ پاس ڪوڊ وسيلي محفوظ ڪرڻ. مومل (سونهن ۾ سڀني کان سرس) پاران اهو پاس ڪوڊ يعني ڏند فقير کي ڏيڻ.... نتيجي ۾ راجا جو ڪاوڙجي پنهنجي ڌيئرن کي نيڪالي ڏيڻ. سومل (سڀني کان ڏاهي) پاران ان ملڪيت موٽائڻ لاءِ ڪاڪ ڪنڌي ”ڪاڪ محل“ اڏڻ. بيشمار شهزادن ۽ بادشاهن جو اُتي اچي دربدر ٿي ڦُرجي فقير ٿيڻ ۽ راڻي مهندري جو پنهنجي ڏاهپ سان مومل کي ماڻڻ. اهي سڀئي اهڙا نقطا آهن جن مٿي ڀٽائيءَ پنهنجي بيتن ۽ واين کي اهڙو ته ڪمال سان جوڙي راس ڪيو آهي، جو هن ڪهاڻيءَ جي چونڊ حصن کي بيان ڪري، ڳالهه جو ولوڻو ڪري مکڻ ڪڍي پيش ڪيو آهي. شروعات ۾ فقير جي گڏجڻ سان، مومل ماڻڻ جو اُتساهه پيدا ٿئي ٿو.ان بابت ”ڪالهه گڏيوسون ڪاپڙي“ جي ڪليءَ سان چار ڀلوڙ بيت آهن، جنهن ۾ ساميءَ جي سونهن، لُٽجي لال مان لانگوٽيو ٿيڻ واري شهزادي کان جڏهن راڻي مهندري واري حمير بادشاه واري ٽولي پُڇي ٿي ته هو روئندي، ڪاڪ تڙن جي ڪهڪاٽ ڀري خبر هن ريت ٻُڌائي ٿو؛

گُجر کي گجميل جون، تارن ۾ تبرون،
هڻي حاڪمن کي زور ڀريون زبرون
ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون، پسو پرڏيهين جون.

”گُجر“ ذات جي مومل جي تارن ۾گجميل جون ٺهيل تبرون آهن. گجمير شهر جو نالو آهي جتي آڪري رُڪ مان ٺهندڙ تبرون (ڪهاڙيون) تکيون آهن، جن سان ڪيترائي ڪونڌر ڪاڪ ڪنڌيءَ ڪُساڻا آهن، جن جون قبرون ڪاڪ ڪنڌيءَ موجود آهن. انهن سهڻين گجرين جي سونهن جو به بيان ٿيل آهي جن تي گلاب جي گلن جهڙو ويس پاتل آهي. وٽن ايتري مال ملڪيت آهي جو اهي رُپي يعني چانديءَ جي سڪن سان راند ڪن ٿيون. سندن ڪاڪ مُلڪان مُلڪ مشهور آهي. سندن سونهن جي واس تي ڪيئي ڀونئر بنڀولجي اچن ٿا. سندن ڪاڪ جي هاڪ ٻُڌي ڪيئي ڪاپڙي ڪڪورجي اچي پهچن ٿا. ان نموني سونهن ۽ سون رُپي جي سگهه جو سگهارو منظرپيش ڪيو ويو آهي. اهي ٻئي شيون ماڻهوءَ کي موهڻ ۽ مائل ڪرڻ جو مُکيه ذريعو رهيون آهن. هن وقت به دنيا جي طاقت جو لوڏو انهن ٻنهي شين ڏانهن نظراچي ٿو پر ڀٽائي انهن کي بيان ڪندي عقل ۽ ڏاهپ کي انهن ٻنهي کان مٿانهون سمجهي ٿو. ڀٽائي جو ڪردار راڻو مهندرو ”ڏاهپ “ جو اُهڃاڻ آهي ڇو ته هو نه سونهن ۾ سرس آهي (چيو ويندو آهي ته راڻي مهندري جي هڪ اک هئي) نه ئي طاقت ۾ مٿانهون آهي يعني سندس حيثيت پهرئين نمبر واري ناهي. مٿانهين حيثيت ته حمير سومري جي آهي. پر راڻو ان جي باوجود مومل ماڻي ٿو؛

گُجر گهڻا گهائيا، پاڻان لڳس گهاءُ،
مهندري مُلاءُ، لڳس ڪان ڪپار ۾.

مٿي ذڪر ڪيل ٻئي من موهن شيون يعني سونهن ۽ طاقت هلڪي بيهڪ وارن ماڻهن کي موهينديون آهن. ڏاها ماڻهو اهڙين انيڪ من موهن شين مان اُڪري پار پوندا آهن. پنهنجي حقيقي مقصد کي نه وساريندا آهن. ڪاڪ سندن قدم جهلي نه سگهندي آهي. محل کين موهي نه سگهندا آهن. سونهن پريون سندن مقصد آڏو رنڊڪ نه ٿي سگهنديون آهن ڇو ته منجهن ڏاهپ هوندي آهي. سندن ست جو لاهوتيئپو کين پنهنجي متعين ماڳ ڏانهن وٺي ويندو آهي؛
ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، موهيا نه ڪنهن مال،
سوڍيون سجهائي ويا، ههڙا جني حال،
جي ڇورين ڏنا ڇال، ته په لاهوتي لنگهي ويا.

راڻو مهندرو پنهنجي ڏاهپ سان ڪاڪ محل جا سمورا پاس ڪوڊ ٽوڙي جڏهن مومل تائين پهچي ٿو ۽ مومل کي پنهنجي عقل وسيلي سُڃاڻي، ماڻي ٿو ته سموري ڪاڪ محل جو منڊ ٽُٽي پوي ٿو. مومل راڻي جي ٿي پوي ٿي. وري جڏهن وچ وڇوٽي اچي ٿي ۽ مومل کان چُڪ ٿئي ٿي ته راڻو کانئس رسي وڃي ٿو ۽ مومل راڻي لاءِ بيقرار ٿي پوي ٿي. نيٺ لڊاڻو ڇڏي، اچي امراڻي خيما کوڙي ٿي.
ڀٽائي هن سُر ۾ راڻي جي ڪردار کي ڳائيندي، لاطبقاتي سماج جي به ڳالهه ڪري ٿو ته؛

راڻي ملان رات، نئون نياپو آئيو،
لڌيسون لطيف چئي، ڏاتر وٽان ڏات،
ڪان پُڇي ٿو ڪا ذات، آئيا سي اگهيا.

ذاتين پاتين، ڪُڙمن قبيلن ۽ قومن کان هٽي ڪري، لطيف مٿاهين سماج جي ڳالهه ڳائي ٿو جنهن کي عقلمنديءَ سان ئي اڏي سگهجي ٿو. ڏاهن ماڻهن جي ڏسيل ڪرت کي جڏهن سُڄاڻ ڪرت ڪار عمل ۾ آڻيندا ته يقينن سماج ۾ هاڪاري اُپت ٿيندي، وڇوٽيون ختم ٿينديون. فطرت جي جنسار ۾ جيڪي وڇوٽيون آهن انهن ۾ بهڳڻائپ آهي جيڪا هڪ ٻئي جو سَٺو ۽ سهارو آهي. ايئن عالم آئون ساڻ ڀريو ٿو ڀير ڪري وارو سونهن ڀريو سنسار آهي. طبقا ذاتيون قومون قبيلا سڀئي سُڃاڻپي اُهڃاڻ آهن.
لطيف جو ”مهندرو“ لوڪ کان نيارو آهي. اها انفراديت به سندس عقل جي ڪري آهي؛

جڳ جيئن ئي چوءِ، سوڍو تيئن نه سکيو،
راڻو تيئن نه روءِ، ڳوڙه جيئن ڳل ڳڙي.

جڳ کان سوڍي جي انهي نرالپ ۾ سندس عقل جو ساٿ صبر جي سهپ به ڏئي ٿي. ڏاهپ ئي سهپ ۽ صبر کي هٿيار طور استعمال ڪري ٿي. ڪڏهن اڳڀرائي ڪرڻ مناسب هوندو آهي ته ڪڏهن چند قدم پُٺتي هٽڻ به فائديمند رهندو آهي. سوڍي جو صبر، لڄادارن جو مرڪ آهي. چپ چورڻ کانسواءِ جيڪي چئي ويندا آهن سي گهڻو ڪجهه چئي ويندا آهن. ڀٽائي اهڙن ماڻهن جي ادب ڪرڻ جي صلاح ڏئي ٿو؛

سوڍا صبر تنهنجو، مَرَڪُ لڄاين،
چُپ سين جي چون، ادب ڪجي ان جو.

راڻو مهندرو ڏاهپ سان صبر جو مظاهرو ڪندي، مومل جي مٿاندئين ڪام رکي، ماٺ ميٺ ۾ امراڻي موٽي اچي ٿو. بظاهر ته اها هيڻائي هئي پر ان ڳالهه مومل کي ماري وڌو. سندس سُک ڦٽي پيو. راڻي جي ان خاموش ڏوراپي مومل جو من مامري ۾ وجهي ڇڏيو. ڪاڪ کيس ڪڙي محسوس ٿيڻ لڳي ڇاڪاڻ ته راڻي ڪام نشاني ڇڏي، مومل سان ڪنهن رڪ جي هٿيار کانسواءِ ئي اها ڪار ڪري ڇڏي هئي جيڪا شايد چوڻ سان نه ٿئي ها. ڏاهپ جي اهڙي رويئي، نه ڪُڇڻ کان جيڪو ڪم ورتو سو رُڪ جي هٿيارن کان سرس ۽ سوايو هو. لطيف ان خيال کي مومل جي واتان هنن لطيف لفظن ۾ بيان ڪيو آهي؛

سوڍا صبر تنهنجو، لڄاين مرڪ،
نه ڪهڻ سين نڪ، ري رُڪ راڻي وڍيو.

لطيف ڏاهپ جو ڳالهيون ڳائيندي، راڻي مهندري کي ڏاهپ جي اُهڃاڻ طور پيش ڪري ٿو. هو ڏاهپ جي ان ڏس دوران وحدت الوجود جي ڳالهه به ڳائي وڃي ٿو ته هيءَ ڪائنات هيڪڙائي هيڪ آهي. سڀ ڪجهه راڻو آهي. راڻو جيڪو ڀٽائي وٽ ڏاهپ جو اُهڃاڻ آهي؛

ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو چوڏس چٽاڻو،
منجهه ئي ڪاڪ ڪڪوري، منجهه ئي لُڊاڻو
راڻو ۽ راڻو، ريءَ راڻي ناهي ڪو.

لطيف ان ريت لطيف نموني سان عقل ۽ ڏاهپ جو سنيهو پيش ڪري ٿو.