گهڙيا سي چڙهيا....!
انسان جيئن پنهنجي حياتياتي سفرکي جاري رکندي، پنهنجي ارتقا جي پنٿ جا پنڌ ڪڙياآهن تيئن هن پنهنجي فڪري صلاحيت کي به اسرايو ۽ نکاريوآهي. زمانو گذرڻ سان گڏ جيڪي سبق انسان کي ملن ٿا اهي کيس ڪا نه ڪا سيکت ڏيئي وڃن ٿا. سيکت مان ڪير ڪيترو ٿو پرائي اها وري الڳ ڳالهه آهي. بهرحال انهن سڀني ڳالهين جي باوجود انسان پاڻ ملهايوآهي ۽ هو اڳتي وڌندو رهيو آهي. ٿڪيائي ٿر ٿيليهيندو. چُڪيل هئڻ باوجود چوٽيون چڙهندو رهيو آهي. چڙهي ڏونگرچوٽيين، پنهنجي پنهل کي سسئي بنجي سڏڙا به ڪندو رهيو آهي. سندس ”ڳولائو“ ۽ ”پنٿ لاڀو“ جي اها ڪرت جُڳن کان جاري آهي. هو اڄاتي مان ڄاتي ڏانهن وڌي ٿو. ڪرت، مشاهدي، مطالعي، تجربي ۽ وجدان مان سندس صلاحيت اسري ٿي. گذريل ليک ۾ ڀٽائي سائين جي شاعري ۾ ”ڳولائو“ جي ڳالهه بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي سين ته هن ڪيئن ”ڏيل ۾ ڏورڻ “ جو سبق ڏنو آهي. ڏيل ئي هر ڳالهه جي اٿياڪ جو هنڌ آهي. پاڻ سڃاڻڻ پرين سڃاڻڻ آهي. پرين سڃاڻڻ ئي سڀڪجهه آهي. ڳولائو جي جيڪا واٽ ڀٽائي ڏيکاري آهي سا اهڙي ته چٽي ڪري ڏيکاري اٿس جو ڪير به ان تي هلي، پنهنجي گس گام ۽ منزل مدام کي ڳولي سگهي ٿو. هن ليک ۾ پاڻ ڀٽائي جي خيال ۾ ”پنٿ لاڀو“ بابت ڳالهه ڪنداسين جو پاٿ فائنڊنگ به وڏو ۽ اهم ڪم آهي. سندس سمورن سُرن ۾ پنٿ لڀڻ ۽ ان جي درست چونڊ ڪرڻ جا اهڃاڻ ۽ اشارا آهن. جتي به آکاڻيءَ ۾ ٻه واٽو اچي ٿو، لطيف اتان پنٿ ٻڌائي ٿو ته ڪيڏانهن وڃڻو آهي. سُرڪلياڻ ۾ هو فرمائي ٿو؛
تون چئو الله هيڪڙو، ٻي وسارج وائي،
جيڪا مُڪي سڄڻين، سکج تون سائي،
اوڙڪ اهائي، ڳولي لهج ڳالهڙي.
هڪ الله چئي، ٻيون وايون وساري، جيڪي اڳتي وڌيا تن کي پنٿ ڳولڻ ۾ ڪا گهڻي ڏکيائي نه ٿي. انهن لاءِ هن تاري، هُن هيٺ ئي سڄڻ موجود هوندوآهي. پنٿ ڳولائو جي ڳالهه سمورن سُرن ۾ نظراچي ٿي پران خيال جو ڪمال سُرسهڻي ۾ آهي. هن سُر ۾ واٽ جي سمورين مشڪلاتن کي واڳن وڇن ۽ سيسار جي روپ ۾ چٽو ڪيوويوآهي. گهڙن واريون ڪيتريون ئي گهڙا کڻي تڙن تي بيٺيون آهن. سڀڪا پاڻ کي سهڻي سڏائي ٿي پر سهڻي اها آهي جيڪا گهاگهائي گهڙي، سر جو سنگ نه ڪري. پنهنجو پاڻ ئي عجيبن آڏو هوندو آهي. ڪنڌيءَ تان بيهي ساهڙ کي سڏ ڪرڻ وڏو ڪم ناهي ساهڙ جي سڪ ۾ وچ سير۾ ڪُڏي ڪاهي پوڻ ئي پنٿ ڏيکاري ٿو. ڀٽائي جي ٻولن ۾؛
ڪنڌيءَ اُڀيون ڪيتريون، ساهڙ ساهڙ ڪن،
ڪنين سانگو ساه جو، ڪي گهوريس ڪيو گهڙن،
ساهڙ سندو تن، گهاگهائي گهڙن جي.
ساهه جي سانگي وارن کان ساهڙ ڏاڍو پري آهي. ميهار جي ڪيئي ڪوڙا۽ نقلي روپ ته انهن کي ملي وڃن ٿا پر سچي ساهڙ تائين سندن پهچ نٿي ٿئي. پنهنجو پاڻ جيئن پرينءَ کي آڏو آهي تيئن دنياوي وسيلا به ڳرو ڳٽ آهن جيڪي پنٿ جي پنڌ کان پيرن کي روڪين ٿا. وسيلن وسارڻ سان ئي ماڻهو اڳتي وڌي ٿو؛
پاڻ م کڻج پاڻ سين، وسيلا وسار،
لُڙ لنگهائي سهڻي، پرت وجهندي پار
سي تُرت لنگهنديون تار، اڪنڊ آڳهه جن سين.
آڳهه اُڪنڊ رکي جيڪي اڳتي وڌنديون سيئي لنگهي پار پونديون پران لاءِ من ۾ محبت پهريون شرط آهي. محبت ۽ وچن نباهه کان سواءِ ڪوئي پنٿ نه لڀي سگهندو. سهڻي به سه سياري ۾ ڪنن ۾ گهڙي سگهي ٿي ۽ پنهنجي محبت سان ايتري سچي آهي جو باقي ڪنهن لڳ لاڳاپي جو خيال نٿي ڪري. نينهن جو اهو نالو ڳنهندي، جيئن سهڻي اڳتي وڌي ٿي ته سندس سامهون منزل آهي. ڀٽائيءَ اظهاري ٿو؛
پاڻ م کڻج پاڻ سين، ريءَ وسيلي وانءُ
مٿان سائر سهڻي! پرت وٺجي پانءُ
نينهن ڳنهندي نانءُ، ونءُ پريان جي پار ڏي.
پريان جو پاراهو پار آهي جنهن جي اڪنڊ ته هرڪنهن کي آهي، جنهن جي حسرت ته هرڪو ڪري ٿو پران تائين پهچڻ جوکائتو ضرور آهي. جوکي کڻڻ کانسواءِ ڪجهه به ملڻو ناهي. ڪارن ڪنن جي خوفناڪي ذهن ۾ هئڻ باوجود جڏهن ڪاهي اندر پئبو تڏهن ئي ڪجهه ملي سگهندو. دنيا ۾ انساني ڪاريگريءَ ۽ گُرن اجارڻ لاءِ به سڀئي گُرو جيڪو علم هينئرهلائين پيا ان جو به وڏي ۾ وڏو نقطو ”جوکو“ آهي. جوکو پارڪري ئي ماڻهو ڪنهن منزل تي پهچي ٿو. جوکو هڪڙي تربيت آهي. بندوبستڪاريءَ ۾ جتي ”موقعو“ پڙهايو وڃي ٿو اتي ”خطرو“ به ٻُڌايو وڃي ٿو. جوکم باوجود جيڪو مئي متي مهراڻ ۾ ٽپو ڏئي ٿو، ميهاران جي ڀاڱي اچي ٿو؛
گهڙيا سي چڙهيا، ايئن اٿيئي،
مئي متي مهراڻ ۾، پئو ٽپو ڏيئي،
ته ميهار مليئي، سنڀوڙو سيڻاه سين.
پنٿ لڀڻ جي ان کان ڳوڙهي ڳالهه ڪنهن نه سمجهائي هوندي. اسٽيفن آرڪووي،ائنٿوني رابنسن جهڙا بندوبستڪاري پڙهائيندڙ به جوکي کڻڻ واري نقطي کي ئي ڪنهن وڏيءَ اڳڀرائي لاءِ ضروري سمجهن ٿا. ڀٽائي پنٿ لاڀو طور دنيا جو ڀلوڙ خيال پيش ڪندي، ماڻهوءَ کي سڀني چڱن قدرن جي پاسداري ڪندي، اڳتي وڌڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. ڀٽائي وٽ ترجيحن جو پنهنجو طور طريقو آهي. ڪٿي سئو سرن ڏيئي هڪڙي وٺڻ جي صلاح ڏئي ٿو ته ڪٿي وري اک الٽي ڌارڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. ڪٿي سڌي واٽ وٺي وڃڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته ڪٿي وري اوتڙ هلندڙن لاءِ چوي ٿو ته اهي ڀُلبا ناهن. راه هليا ڦُربا آهن. پر جيڪي ٻنهي کان پري هوندا آهن سيئي سُتڙ سالم ويندا آهن؛
اوتڙ هليا سي نه ڀُليا، راه هليا ڦُرجن،
سُتڙ سي پون، ٻيئي جن ڇڏيون.
اهي سموريون ڪيفيتون زندگيءَ جي ٻهڳڻ ٻاڻ جي سونهن آهن تنهنڪري لطيف جو پنٿ لڀڻ وارو خيال به گهڻ رُخو آهي پر ان جا بنياد ساڳي آهن جيڪي فطرت، انسان ۽ محبت کي نظر۾ رکندي، اسان کي اڳتي وڌڻ جو دڳ ڏيکارين ٿا ۽ ڪنهن اهڙي پنٿ لڀڻ جي پٽي پڙهائين ٿا جيڪي پرينءَ جي پار تائين پهچائڻ ۾ اسان جو ساٿي ۽ سونهون بنجي ٿي.