لطيفيات

ڏورِ تِئائين ڏَسُ

هي ڪتاب نامياري ليکڪ، شاعر ۽ محقق نور احمد جنجهي جو لطيف شناسيءَ تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.
نور احمد جنجهي صاحب لطيف جي اهڙن اسرارن ۾ ڏَور وڌي آهي جتي لفظن کان اڳيان وڌڻ جو درس آهي، دل ۽ روح مان نڪرندڙ ڳالهين جا هُل هلاچا آهن، محبت جي تشنگي تار مان پار پوڻ جا ساٺ آهن، آيل لاءِ روئڻ کي سرتين جي دانهن آهي. اهڙن سمورن خيال کي سائينءَ بخوبي نڀايو آهي. سائين نور احمد جون هنيين ۾ هنڊائڻ جهڙيون الست تحريرون اميد ته پڙهندڙ تي گهرو اثر ڇڏينديون ۽ ان سحر ۾ اچي هو قدرتي لقائن مان لاڀ حاصل ڪندا. هي يار خود زماني جي رنگ کان پاسي رهي اهي سموريون لافاني تحريرون تحرير ڪندو رهيو آهي.
Title Cover of book ڏورِ تِئائين ڏَسُ

هلڻ ناهه حسن ري... !

هلڻ ناهه حسن ري... !

حُسن ڪائنات جي انهن بنيادي تصورن مان هڪ اهڙو تصور آهي جيڪو اڪٿ آهي، جنهن جي ڪا به وصف ڪانهي يا وري هرڪنهن وٽ پنهنجي الڳ ٿلڳ ۽ نرالي وصف آهي. حسن جي تعريف جيڪڏهن ممڪن ناهي ته پوءِ حسن جانان جي ڳالهه کي ته لفظن ۾ ڪري نٿو سگهجي. پرينءَ جا ڪهڙا پار آهن، اهو چئي چئجي ڪيترو؟ ڳالهه ڳوڙهي ۽ ڳري آهي سڀ تفصيل سلڻ کانپوءِ به ڳالهه جو ڳارو ڳجهو رهي ٿو. ان جي باوجود اهو چئي سگهجي ٿو ته ڪائنات حسين آهي. انسان به ڪائنات جي ڪارسازيءَ ۾ قدرت جي گلدستي جو هڪڙو حسين گُل آهي. ان جي رويئي کي به اهڙو حسين ئي هئڻ گهرجي تڏهن فطرت جي حسن جي ڪنهن حد تائين رکوالي ٿي سگهندي. دنيا هن وقت جنهن ڏاڪي تي اچي چڙهي آهي اُتي ڪجهه اهڙيون قوتون توڙي خوف خطرا دنيا کي ڏاڪڻ جيان ورائي ويا آهن. ”ڏاڪڻ “ هڪ اهڙو ديومالائي مرون آهي جيڪو غيرمحسوس طريقي سان واردات ڪندو آهي جنهن دوران هو اگهور سُتل ۽ اٻوجهن جي پيرن کي چٽي، کين گهيراٽي وجهندو آهي ۽ پوءِ هڪ ڌڪ سان سندن شريف عضون کي کائي هليو ويندو آهي. ڏاڪڻ سنڌيءَ ۾ مونث آهي. پهاڪو آهي ته ”ڏاڪڻ ۽ گهوڙي چڙهي“ يعني هڪ ته خونخوار مٿان کيس طاقت ۽ تيز رفتاري ملي ته پوءِ خلق جو خير ڪانهي. هن وقت دنيا جا حالات به ڪجهه اهڙا آهن جو ڪيئي ڏاڪڻيون آهن جيڪي گهوڙيسوار به آهن. سوين ائٽمي هٿيار” وارهيڊس“ تي چاڙهيا تيار ٿيا پيا آهن. مشينن ايتري ترقي ڪئي آهي جو انساني صلاحيت ۽ سگهه ان جي سامهون پوڻي پوندي محسوس ٿئي ٿي. دنيا ۾ ”غربت“ ۽ ”آبهوائي“ ٻڙڌڪ سميت ڪيتريون ئي آفتزدگيون ڪرکنيو، انسانيت کي دڙڪائين پيون. اهي سڀئي ڏاڪڻيون نه آهن ته ڇا آهن؟ انسان انهن مان ڪيتريون آپدائون پاڻ پنهنجي هٿن سان ٺاهيون آهن پر هاڻي هو پريشان آهي ته انهن مان ڪيئن هٿ ڪڍرائي؟ کيس گهٽي نٿي سُجهي. وٽس ڪا واهه ڪانهي. ان ڪري انڌ جي گهوڙي تي سوار آهي ۽ فطرت جي حسين چهري کي ٻنهي هٿن سان بدصورت ڪرڻ جي ڪرت ۾ چاهيندي نه چاهيندي لڳو پيو آهي. هوئنن ته انسان کي تخليق جو منبع ازلي حُسن آهي جنهن کيس اهڙو خوبصورت ۽ سٻاجهو ڪري جوڙيو آهي جو هن جو خمير ”احسن تقويم “ مان جُڙيل آهي. انسان کي موٽي به انهي ازلي حسن ڏانهن وڃڻو آهي، جتي حسن جي ضرورت آهي، جتي بدصورتي عيب آهي. انسان اهڙو ڪو به ٽڪو پاڻ تي سجائي، موٽڻ پسند ڪڏهن به نه ڪندو جنهن سان سندس دامن داغدار هجي. لطيف ان خيال کي هنن لفظن جو روپ ڏنو آهي؛

سونهن وڃايم سومرا، ميرو منهن ٿيوم،
وڃڻ تت پيوم، جت هلڻ ناهي حسن ري.

دنيا حسين آهي. انهي حسن جو رکوالو به انسان آهي ته بگاڙيندڙ به انسان. ان تناظر ۾ اچو ته ڏسون ته عصري تقاضائون ڪهڙيون آهن؟ ۽ لطيف جو پُرلطف پيغام، ان ڏسن ۾ ڪهڙي لطيف رهنمائي ٿو ڪري؟
هي دؤر ”ڊجيٽلائيزيشن “ جو دؤر آهي، جنهن کي انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جو دؤر به سڏيو وڃي ٿو ته ڪمپيوٽر جو دؤر به ڪوٺيو وڃي ٿو. دنيا هن دؤر ۾ پير پائڻ کان اڳي زراعتي مالداريءَ واري دؤر مان گذري آهي جنهن ۾ ماڻهوءَ ٻوٽن ۽ جانورن کي گهروٿڙو بنائڻ کان وٺي، انهن مان مختلف قسمن جي اُپت به حاصل ڪئي. ايئن هو زرعي مالداريءَ مان نڪري صنعتڪاريءَ جي پڙ ۾ پهتو جتي هن انساني پورهئي وسيلي قدرتي وسيلن مان مال ٺاهڻ شروع ڪيو ۽ ان کي وڪڻي نفعو ڪمائڻ شروع ڪيو. نفعي جي ڊوڙ ۾ انسان ايترو ته هٻڇي ٿي ڊوڙيو جو هن سموري دنيا کي ڀري بازار ۾ تبديل ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽايو. انساني ترقيءَ بدران هن ڪَلُ جي ترقيءَ کي ترجيح ڏني ڪلن جي ترقيءَ وسيلي هن گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ گهڻي ۾ گهڻو ڪم ڪري نفعو ڪمائڻ جو ڀُوت پنهنجي مٿي تي سوار ڪيو. اهڙي طرح جتي ٻيون مشينون هن ٺاهيون اُتي هن ڪمپيوٽر به ايجاد ڪيو جنهن سان جيڪي گُرگهڙيا تن وسيلي سماج جي روايتي بيهڪ ۽ جوڙجڪ ۾ تبديلي آئي. سماج جو هر شعبو هن نئين حرفت جي حب ۾ گرفتار ٿي متاثر ٿيڻ لڳو. اهڙي طرح هي زمانو ڊجيٽلائيزيشن جي ڏاڪڻ تي چڙهيو جيڪا طاقتور به آهي ته تيز رفتار به، ان ڪري انساني سماج هن حرفت گيريءَ جي ترقيءَ جي منهن ۾ آهن جيڪي هاڪاري يا ناڪاري پاسا هن ڪَلُ سان سلهاڙيل آهن اهي تيزيءَ سان انساني سماجن ۾ سرايت ڪندا پيا وڃن. ڊجيٽائيزيشن وري ڊجيٽلائيزيشن جو هڪڙو ننڍڙو حصو آهي جنهن ۾ ”اينالاگ “ وَٿُن کي ڊجيٽائيز ڪبو آهي.
ڊجيٽلائيزيشن جي اثرپذيريءَ دنيا کي پاڻ ۾ ڳنڍي هڪ ڪري ڇڏيو آهي جنهن کي ”عالمگيريت “ جو نالو ڏيئي دنيا کي ”عالمي ڳوٺ “ سڏيو ويو جيڪو حقيقي ڳوٺ ناهي ڇوته اهو امن جي خواب کان وانجهيل آهي. دنيا سطح تي موقعا به وڌيا آهن ته دنيا لاءِ دڙڪيبازي به وڌي آهي. واپار وڌيو آهي. هر وٿ بازار جي چُڪي آهي. انسان جون آسون اُمنگون به بازار جو بَکُ بنايون ويون آهن. دنيا ۾ ٻه ڌريون وڃي بچيون آهن. هڪڙو ”اُپتدائو طبقو“ يعني پروڊيوسر ۽ ٻيو ڪنزيومر يا ”کپت دائو“ طبقو. پهريون سيٺيو آهي ٻيو گراهڪ آهي. دنيا ۾ اڪثريت اهڙن گراهڪن جي آهي جن کي ”ويچارا گراهڪ“ چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ڇوته انهن وٽ ”چونڊ “ جو ڪوبه چارو ناهي. مجبورن کين سيٺ جي مرضيءَ تي گذارو ڪرڻو پوي ٿو. دنيا جون ثقافتون تاراج ٿي رهيون آهن ته بازار تي ٻڌل نت نيون ثقافتون جنم وٺي رهيون آهن. ”قومياتي رياست“ يا نيشن اسٽيٽ جهڪي پئجي ويئي آهي ۽ ” ورچيوئل اسٽيٽ“ اُڀري رهي آهي. ان سموري منظرنامي تي ڪنهن جو ڪو خاص ضابطو ناهي. انساني جوهر جهڪو ٿيندو پيو وڃي، مشينون مٿاهين پد تي اچي پهتيون آهن. اهڙي صورتحال دنيا کي ڊانواڊول ڪري وڌو آهي. لطيف جي پيغام جي اهميت ان هڻ وٺ واري صورت حال ۾ وڌيڪ اهميت واري ٿي پوي ٿي. لطيف جي ڪلام ۾ تمام گهڻي رهنمائي آهي. لطيف سموري دنيا جو سونهون ٿي سگهي ٿو، سندس شاعريءَ ۾ ٻهڳڻ سنيها سمايل آهن. جن ۾ مکيه هن ريت آهن.
1. عشق، محبت ۽ پيار جو سنيهو
2. انسانيت جو عالمي سنيهو
3. فطرت سان قرب جو سنيهو
4. وچن نباهه جو سنيهو
5. جدوجهد جو سنيهو
6. صبر ۽ قربانيءَ جو سنيهو
7. ترجيح قائم ڪرڻ جو سنيهو
8. عقل ۽ ڏاهپ جو سنيهو
9. امن ۽ خوشحاليءَ جو سنيهو
ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ عشق جو نيارو ۽ پيارو تصور آهي. هو ڪُن فيڪون کان به اڳ ان محبت جو ذڪر ڪري ٿو جنهن رشتي سموريون محبتون نصيب ڪيون آهن. اهڙي محبت جي سموري اُٿي ويٺي نياري ۽ نرالي آهي. هو فرمائي ٿو؛

نڪا ڪُن فيڪون هئي، نڪا ٻي پچار،
ملڪنئان مهند هئي، توڏيءَ جي تنوار،
محبت سان ميهار، لايائين لطيف چئي.

انسانيت جو عالمي پيغام ته ڪو لطيف کان سکي. هو ڪنهن به فرقي بازي ۽ ذات پات جي تفرقي کان مٿي ڳالهه ڪندي، ”ذات تي ناهي ڏات“ جي سڌي سنئين صلاح ڏئي ٿو. فطرت سان محبت ڪندي، سموري اوڀڙ، حيوانات، نباتات، توڙي جمادات جي حفاظت جي ڳالهه ڳائي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ ٿرن، برن، ڏونگرن، جهرن جهنگن، ٻوٽن، ولين، وڻن وغيره جي تمثيلي بيان سان دلين کي مائل ڪري ٿو ته انسانن جي سلامتي فطرت جي سلامتيءَ ۾ آهي. فطرت جي هٿ چُراند انسان پاران پنهنجي پير تي ڪُهاڙي هڻڻ برابر آهي. وچن نباهه مان ئي وطن جي حب، بهادري، سخاوت نروار ٿين ٿيون. مارئي جهڙي هيڻي طبقي جي ڇوڪري کي هيڻن ماڻهن جي نمائندي بنائي، جنهن وچن جي ڳالهه ڪري ٿو، اهو رڳو زندگيءَ تائين محدود ناهي. مڙهه مليروڃڻ سان، مئل جيئري ٿيڻ جو تصور ڀٽائيءَ ڏنو آهي. ولين جو واس وجود کي تڏهن واسي ٿو جڏهن ڪو وچن آهي. بي وچن دنيا بي پاڙي آهي ۽ ڏور ڪٽيل لغڙ جيان پنهنجي وجود بچائڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ رُڌل آهي. ڀٽائي کان وڌيڪ ٿڪيائي ٿر ٿيلهڻ جي ڳالهه ٻيو ڪير ڪندو. ويٺن تان واري ورڻ جي خبرداري ڏيندي هن ”سُتا اُٿي جاڳ“ وارو سجاڳيءَ جو سڏ ڏنو آهي. صبرکي بهترين حڪمت عمليءَ طور” صبر جني سيڱ، تير نه گُسي تن جو“ جي واٽ ڏسي، بيمثال قربانيءَ جو هن طرح مثال ڏئي ٿو؛
مٿي اُتي منهنجي، جي هُجن سر هزار،
ته واري واري وڍيان سسيءَ کي سئو وار،
تهان ئي تند تنوار، مونهان مٿاهون مڱڻا.

تند تنوار جي تار سان گڏوگڏ مختلف معاملن ۾ ترجيح قائم ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، جنهن ۾ هو نفعي ڏانهن نٿو ڏسي پر حالتن جي نزاڪت کي ڏسندي، لهواري لوڪ جي ڀيٽ ۾ اوچو ۽ اوڀار ٿي وهڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. سياڻپ، ساڃهه ۽ عقلمنديءَ جي واٽ ڪو لطيف کان سکي. سندس ڪردار راڻو مهندرو مومل کي ان ڪري ماڻي ٿو جو هو ڏاهو آهي نه ته مومل جي ڪاڪ محل ۾ ڪيئي خان کپي ويا آهن. ڀٽائي کي ”چوڏس چٽاڻو“ نظر اچي ٿو، جنهن ۾ راڻي کانسواءِ ٻي ڪنهن جي گنجائش ناهي. ڀٽائي امن آشتيءَ جو عالمي پيغام ڏئي ٿو، جنهن ۾ ”سنڌ تي سُڪار“ سان گڏ وگڏ ”عالم جي آبادي “ به آهي. اهي سموريون ڳُڻن ڀريون ڳالهيون ڏيئي جيان پاڻ سان سونهي طور کڻي، دنيا بازار جي بازاري اقتصاديات مان نڪري سگهي ٿي. وسيلن جي بيدرديءَ سان ٿيندڙ لُٽ لُٽان تي ضابطو رکي سگهي ٿي. ماحولياتي مانڊاڻ کي محفوظ ماحول ڏيندي ”آبهوائي ٻڙڌڪ“ جي واڳونءَ وات مان نڪري سگهي ٿي. اُپت ۽ کاپي ۾ توازن قائم رکندي، بازار پاران غربت جي ڪوڙڪي ۾ اُڇلايل لکين ماڻهن کي آجپو ڏيئي سگهي ٿي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته ڀٽائي جي عشق جي پيغام وسيلي سنڌ سُڪار جيان عالم کي امن سان آباد ڪري سگهي ٿي.