پسڻ پوءِ پرينءَ جو
دنيا جو مُک خيال پاڻ ۾ اهڙو جُڙيل آهي جو ان جي هڪجهڙائي تهذيبن جي آرپار نظراچي ٿي. هڪ تهذيب جي ماڻهوءَ سوين ڪوهه ڏور ويهي ساڳي ڳالهه هڪ زبان ۾ ڪئي آهي ته ٻئي طرف ٻي زبان واري پنهنجي زبان ۾ به اهائي ڳالهه ڪئي آهي. خيال جي اها ڪائناتيت سڄي دنيا جي ڪلاسيڪي ورثي ۾ نظراچي ٿي. باقي اهي ٻوليون جن ۾ تهذيبي، تاريخي، جاگرافيائي سٻنڌ رهيو آهي, انهن جي خيال جي هڪٻئي سان مٽا سٽا چٽي نظراچي ٿي.
سنڌي شاعريءَ جي دنيا ۾ شاه عبدالطيف ڀٽائي جو نالو زبان تي چڙهندڙ اهڙو مقبول نالو آهي جنهن جي شاعريءَ کان پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل ٻئي ڌُريون واقف آهن.سندس شاعريءَ جي هردلعزيزي پنهنجو مثال پاڻ آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته ان جي درست پڙهڻي توڙي تحقيق سان کوڙ ساريون ڳالهيون لاڳاپيل آهن جن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڀٽائي جي رسالي کي محترم محمد يعقوب آغا سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگيءَ جوانسائيڪلوپيڊيا ڪوٺيو آهي (شاه جو رسالو عرف گنج لطيف..انگريزي جلد پهريون).شاه صاحب پاڻ فرمايو آهي:
جي تو بيت ڀانيا، سي آيتون آهين،
نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.
شاه سائين جي ڪلام تي جيڪي اثر نظراچن ٿا يا جيڪي ڌارائون هن پنهنجي شاعريءَ ۾ نروار ڪيون آهن تن ۾ مولانا رومي جي شاعري جو اثر به نظراچي ٿو. محققن مطابق ته لطيف سائين سان هميشه گڏ جيڪي ٽي ڪتاب هوندا هئا سي آهن: قرآن شريف، رومي سائين مثنوي ۽ شاه ڪريم جو رسالو . ٽنهي جو اثر جا بجا شاه لطيف جي شاعريءَ ۾ نظراچي ٿو. رومي سائين اڪيلو اهڙو شاعر آهي جنهن جو نالو کڻي ڀٽائي سُر ڪلياڻ ۾ ڇهه بيت چيا آهن جن ۾ هن روميءَ جي سنيهي کي سموهڻ ۽ سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهي بيت هي آهن؛
طالب قصر، سونهن سر، ايءَ روميءَ جي روءِ،
جني ڏٺي جوءِ، تني ڪُڇيو ڪين ڪي.
طالب قصر، سونهن سر، اندر روميءَ راءِ،
جني ڏٺي جاءِ، تني ڪُڇيو ڪين ڪي.
طالب قصر، سونهن سر، ايءُ روميءَ چيو آهي،
تاڙي جي لاهي، ته منجهين مشاهدو ٿئي.
طالب قصر سونهن سر، ايءَ روميءَ جي رهاڻ،
پهرين وڃائڻ پاڻ، پسڻ پوءِ پرينءَ کي.
طالب قصر سونهن سر، ايءَ روميءَ جي راحت،
جني ڏٺي سٿ، تني ڪُڇيو ڪين ڪي.
طالب قصر سونهن سر، ايءَ روميءَ جي اوطاق،
پچين در فراق، ته منجهين مشاهدو ماڻيين.
روميءَ جي رهاڻ جو روح رانئيندڙ رس اسان تائين پهچايو آهي جنهن مان پريت جي پيغام سان پيار ڪندڙ صدين تائين پُر پيالا پي پنهنجي اُڃ اجهائيندا. طالب جي قصر، سدائين سونهن جي سر ۾ آهي. پاڻ وڃائي پاڻ ماڻڻو آهي. پاڻ ڄاڻي پنهنجو خالق ڄاڻڻو آهي. فراق جي در ۾ پچي پڪا ٿيل پرت پنٿ جا پانڌي اهڙا رچي ريٽو ٿيل سالڪ ٿي نڪرندا جن جي لالي صدين جي گذرڻ سان به لهڻي ناهي نه ئي سندن رنگ اوٻاٽجندو.
لطيف سائين ۽ رومي سائين جي فڪر ۾ گڏيل تصور عشق جو تصور آهي جهن جي چوڌاري سندن فلسفو گهمي ٿو.رومي سائين حڪايتن وسيلي پنهنجي ڳالهه کي کولي سمجهائي ٿو ته ڀٽائي سائين ڳالهه جي وچور مان معنى جو مکڻ ڪڍي، ان کي ٽاڻي کرتائي ڪري اهڙو ته جامع صورت ۾ پيش ڪري ٿو ڄڻ منڊيءَ تي ٽڪ. منڊيءَ تي ٽڪ جيان ابن العربي صاحب به پنهنجي من اندر جي ڳوڙهيءَ ڳالهه کي فصوص الحڪم ۾ ونڊيو آهي. ڀٽائي سائين سنڌي سماج جي رائج داستانن وسيلي ڳالهه کي سُريلي ۽ اثرائتي نموني سمجهائي ٿو. مثنويءَ جي بيان جو انداز الڳ آهي پر رسالي ۽ مثنوي ٻنهي جو معنوي بيانيو ساڳيو آهي. شاه سائين جا ڪردارپنهنجي ڳالهه کي جڏهن آڇين ٿا ته ان ۾ انساني فڪري عمارت سان لاڳاپيل سمورا نڪتا لطيف نموني پيش ڪندي نظراچن ٿا. سسئي جي سُڃ قبولڻ کي ڀٽائي ڀلو سمجهي ٿو؛
ساجن ڪارڻ سُڃ ، مر قبوليئه سسئي،
اندر جني اُڃ، پاڻي اُڃيو اُن کي.
اهو ساڳيو خيال روميءَ وٽ به ملي ٿو جنهن ۾ هو فرمائي ٿو ته اُڃارا جڏهن آب جي ڳولا ۾ لاڳاپي لاهي نڪري پون ٿا ته پاڻي پاڻ سندن ڳولائو ٿي پوي ٿو.
تشنگان گر آب جويند از جهان،
آب هم جويد به عالمِ تشنگان.
) جيڪڏهن اُڃايل ماڻهو هن دنيا ۾ پاڻي ڳولي ٿو...پاڻي به ان جي تانگهه ۾ رهي ٿو (
رومي بيمار کي صلاح ڏئي ٿو ته خالق جي شفاخاني ڏانهن اچ. ان مطب کانسواءِ ڪنهن جو مرض نٿو گهٽجي. هو سڀني کان نه رڳو اوڏو آهي پر سڀني مرضن مان ڇوٽڪارو ڏياريندڙ آهي؛
بيا جانب دارالشفائي خالق خويش،
که زان طبيب، گزير بيماري.
)پنهنجي خالق جي شفاخاني ڏانهن اچ...اُن کانسواءِ ڪنهنجو مرض نٿو گهٽجي(
لطيف سائين به تون حبيب تون طبيب کان وٺي واڍوڙيلن جي وڍن جي صحت انهي پرينءَ کان گهري ٿو. جنهنجو هادي حبيب آهي ان جو ڏکندو ڏور ضرور ٿيندو؛
اور ڏکندو او ٿئي هادي جنهن حبيب،
تر تفاوت نه ڪري تنهن کي ڪو طبيب،
رهنما رقيب، ساٿر صحبت سُپرين.
رومي سائين ڪائنات جي ڳوڙهائي بابت به تمام گهڻو غور فڪر ڪيو آهي. نياريون ڳالهيون ڳايون آهن. هو سموري ڪائنات کي اهڙي تاڃي پيٽي جو اُڻيل سمجهي ٿو جنهن ۾ شين جو اظهار ضد واري روپ ۾ آهي هڪڙي شئي پنهنجي مخالف جنس جي ڪري سُڃاتي وڃي ٿي. اهو معروضي ٽڪراءُ شين جي ماهيت کي ايترو اُپٽاري ٿو جو ماڻهن جي ذهن ۾ شين جي تميز پيدا ٿي وڃي ٿي. هو فرمائي ٿو ؛
پس نهانيها به ضد پيدا شود
چونکه حق را نيست ضد، پنهان بود.
سندس خيال مطابق ته ڪائنات جي سمورين وٿن ۾ اُبتڙن جو هجڻ انهن جي وجود کي ڇتو ڪري بيهاري ٿو پر حق کي جيئن ته ڪوئي ضد ناهي تنهنڪري وجود حق ڳجهه آهي. اهو هر رنگ روپ کان نيارو ۽ بي نياز آهي. لطيف سائين به رنگن روپن واري ان جهان کي بيان ڪندو هن ريت فرمائي ٿو؛
ڪاري رات ، اڇو ڏينهن، اي صفتان نور
جتي پرين حضور، تتي رنگ نه روپ ڪو.
آسمان جيئن نظرجي انت تي نظراچي ٿو.ان ۾ لکين ڪروڙين تارا گرهه ۽ اُپگرهه آهن جيڪي مسلسل حرڪت ۾ آهن. ڪيئي ڪهڪشائون آهن جن جي ڳالهه جي ڳاري جي اڃا انسان کي سمڪ ئي نه آهي. ايڏو وسيع مانڊاڻ جڳن کان جيئن جو تيئن قايم دائم آهي. ان کي نه ڪو ٿنڀو آهي نه ڪا ٿوڻي آهي. ڪنهن ٽيڪ ۽ رڪاوٽ کانسواءِ جٽاءُ ڪري بيٺو آهي. رومي سائين فرمائي ٿو؛
سقف گردون کو چنين دايم بود،
نه طناب و اُستني قايم بود.
آسمان جي نيري ڇت ڇانوَ ڪريو بيٺي آهي. سدائين کان ايئن جو ايئن آهي. نه اُن جا رسا تاڻيل آهن ته ڪنهن ٿنڀي ٿوڻيءَ تي بيٺل آهي. لطيف سائين به اهڙي ساڳي ڳالهه تمام لطيف انداز ۾ بيان ڪندي فرمايو آهي ته جيڏو تنهنجو نالو وڏو آهي آئون اوتري وڏي ٻاجهه مڱان ٿو. تنهنجو اُڀ ٿوڻين ٿنڀن کانسواءِ قائم آهي. ايتري وسعت جي ور ۾ بيڍل آئون ڇا چئي ڇا چوان. جيڪي من ۾ اٿم سو مڙئي توکي معلوم آهي؛
جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجهه به اوڏيائي مڱان،
ري ٿنڀي، ري ٿوڻين، تون ڇپر تون ڇان،
ڪڄاڙو ڪهان، توکي معلوم سڀڪا.
رومي سائين وجود جي وحدانيت جي ڳالهه به هرهنڌ ڳائي آهي. وحدت الوجود جو اثربه دنيا جي ڳچ حصي تي آهي. وجود جي هيڪڙائي حق آهي. صوفين ، سالڪن ۽ شاعرن ان تصور کي مختلف مثال ڏيئي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيئن شين کي جڏهن سمجهيو وڃي ته انهن جي منبع تائين پهچ ٿئي جيئن شين جي اصلي ماهيت من ۾ وهي وڃي. رومي سائين فرمائي ٿو ته پاڻ پاڻي آهي، پاڻ پياريندڙ آهي پاڻ مستي موج آهي. اهي ٽئي تڏهن هڪ ٿي پون ٿا جڏهن هي نظرايندڙ ٽڪساٽ ٽُٽي ٿو؛
خود همو آبست وهم ساقي ومست
هرسه يک شد، چون طلسم تو شکست
هڪڙي ٻئي هنڌ تي هو فرمائي ٿو ته پاڻ ڪونرو يا ڪونڀ آهي. پاڻ ڪونڀار آهي ۽ پاڻ ئي ڪونڀ جي مٽي به آهي. وري جُڙي راس ٿيل ڪوري ڪونڀ مٿان خريدار ٿي به پاڻ اچي بيهي ٿو. اها ڪوزه گري ۽ ڪارسازي ايتري ته پيچيدي آهي جو جلدي سمجهه ۾ نٿي اچي ۽ ٽڪڻ گهمائي ڇڏي ٿي؛
خود کوزه، خود کوزه گر، وخود گلِ کوزه
خود برسر آن کوزه خريدار برآمده
ڪنهن شاعر جو ٻول آهي ته ”آپ گهڙي آپ ڀڃي، آپي آپ ڪُنڀارا وي.“ ان ريت وجود جا درشن انيڪ آهن پر اهي جڏهن موٽ کائين ٿا ته ڪثرت وحدت جو معراج ماڻي ٿي. هيڪائي هيڪ ٿي وڃي ٿي. ٻه ٽي چار اسان جي ڳڻپ آهي. لطيف سائين به ساهڙ، سهڻي ۽ سمنڊ ٽنهي کي هڪ ڪري سمجهائي ٿو. سسئي ڀٽڪندي ڀٽڪندي جڏهن پنهنون ماڻي ٿي ته مٿس راز کُلي ٿو ته پنهون ته هوءَ پاڻ آهي. سسئي ته وچ وارن سورن جو نالو آهي. لطيف سائين اظهاري ٿو؛
سو ساهڙ سا سهڻي، سائر پُڻ سوئي،
آهي نجوئي ، ڳجهه ڳجهاندر ڳالهڙي.
پيهي جان پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ،
ته نڪي ڏونگر ڏيهه ۾ ، نڪي ڪيچن ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.
پاڻهي پسي پاڻ کي، پاڻئي محبوب،
پاڻئي خلقي خوب، پاڻ ئي طالب تن جو.
رومي سائين به اهڙي ئي خيال بابت ڳالهه ڪندي مثنويءَ ۾ فرمايو آهي ته ”هن پنهنجي حسن کي ڏٺو ۽ بد نظرکي چيائين؛ مون جيان زماني ۾ نه ڪو ٿيو آهي نه ٿيندو.“ هو ئي انهن سمورن لقائن ۾ بنا ڏسڻ جي موجود آهي. هو اڻ ڏٺوئي ڏيٺ ۾ آهي.
مي ديد حسن خود را ميگفت چشم بد را
نبود نبايد چون من درين زمانه
(هن پاڻ پنهنجو حسن ڏٺو ۽ بدنظر کي چيائين....مون وانگر زماني ۾ نه ڪو آهي نه ڪو ٿيندو)
ڀٽائي سائين به ان وجود جي هيڪڙائي جي ڳالهه ڪري ٿو. هو قائم قديم ۽ حادث جي لطيف نڪتن کي ڇيڙي ٿو. اهي نڪتا ڳالهه جي ڳاري ڏانهن وٺي وڃن ٿا. جڏهن ڳالهه جي بُڻ جي پروڙ پئجي وڃي ٿي ته جنهن ڏيهه جو ڏيک ٿئي ٿو اُتي ڪو رنگ روپ ناهي. اهو سمورو لقاءُ بيان کان مٿاهون آهي. بيان ۾ اوتريون شيون اچن ٿيون جيترين جي اجازت آهي.ڀٽائي سائين جو بيت آهي؛
سو هي، سو هو، سو اجل سو الله،
سو پرين، سو پساهه، سو ويري سو واهرو.
عاشق ، معشوق ۽ عشق هڪ آهن. اها انهن جي معروضيت آهي جيڪا ٽنهي کي الڳ لقاءُ ۾ آڻيو بيهاري ٿي.رومي فرمائي ٿو ته عاشق معشوق کي الڳ سمجهڻ ڀورائيءَ جي ڀُل آهي. ڀال به ڀورائي ۾ ئي ٿيندا آهن؛
پيش من آوازت آوازِ خدا است،
عاشق از معشوق حاشا که جدا نيست.
(مون اڳيان تنهنجو آواز الله جو آواز آهي....ڀُليس جو عاشق معشوق الڳ ناهن)
پڙاڏي ۽ سڏ جي ماهيت جي ڳالهه مولانا روميءَ به ڪئي آهي ته لطيف به ڪئي آهي. ٻئي ان ڳالهه تي متفق آهن ته پڙاڏو ۽ سڏ ٻئي هڪ آهن. انساني ادراڪ جي علت ٻنهي کي الڳ ڪري ڏيکاري ٿي. انساني ادراڪ جي حدوديت به محدود آهي. سندس سوچ جو دائرو به زمان ۽ مڪان جي منڊ ۾ هلي ٿو. رومي سائين سڏ ۽ پڙاڏي بابت فرمائي ٿو؛
آن ندا کُش اصل بربانگِ ندااست،
خود ندا آنست واين باقي صدا است.
(جيڪو آواز اُڀاري ٿو اُهوئي ذميوار آهي ٻُڌڻ جو.....هوئي سڏ آهي باقي پڙاڏو آهي)
لطيف سائين ان ماهيت جي مذڪور کي هن ريت بيان ڪري ٿو؛
پڙاڏو سوئي سڏ، وروائيءَ جو جي لهين
هئا اڳ ئي گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا
همه اوستي حال جو احوال به هڪ ئي آهي. هڪ روشني جي نور جا انيڪ رنگ روپ آهن. هڪ وجود جي ڪوڙين ڪايائن جا لکين لک هزار درشن آهن. صاحب هرڪنهن مان سامهون آهي.ان ڪري پرينءَ جا پاري چئي بيان ڪرڻ انساني عقل، علم ۽ هنرکان مٿاهون آهي. جيڪي ان دائري ۾ اچي پيو يعني بيان ٿئي پيو اهو ٻيو ڪجهه آهي. پرينءَ جي پانڌ جي وسعت جي ڪا حد حدود ئي ناهي. لامڪاني هرمڪان جي محدوديت کان مبرا آهي. رومي سائين فرمائي ٿو؛
جمعه يک نور است ليکن رنگ هائي مختلف
اختلافِ درميان اين و آن انداخته
(سمورو نورهڪ آهي پر رنگ الڳ آهن.....هن پاڻ هِن ۽ هُن وچ ۾ اختلاف ڪيا آهن)
ظاهري ڪتابن جي رٽ رٽان پڙهه پڙهان مان جيڪي اُپجي ٿو اهو اڻ پورو آهي تڏهن ته رومي سائين سوين ڪتابن ۽ ڪاغذن کي جوت جي جيءَ ۾ ڏيئي، دل جي مُک کي دلدار ڏانهن ڪرڻ جي صلاح ڏئي ٿو. ان سان ڪتابن جي اهميت نٿي گهٽجي پر اصل علم جيڪو ڪتابن کان اڳتي پيو آهي ان بابت ڳالهه جي ڳولا شروع ٿئي ٿي؛
صدکتاب وصد ورق درنار کُن.....روئي دل را جانبِ دلدار کُن
ڀٽائي به ڪاڳر ڪور ۽ مس وڃائڻ کي محدود سمجهي ٿو ۽ ان کان اڳتي وڌي ، اکرن جي جُڙڻ تائين پهچڻ جو مشورو ڏئي ٿو. هو فرمائي ٿو؛
ڪوهه ٿو ڪاڳر ڪوريين، ويٺو وڃائين مس،
ڏور تئائين ڏس، جئائين اکر جُڙيا.
ڪاغذ ڪتاب انساني علمي حاصلات جو هڪڙو روپ آهن جنهن ۾ جزوي علم آهي ڇو ته ان جي اظهار سان به ڪيئي ڳالهيون لاڳاپيل رهيون آهن. اندر جو سمورو اظهار گهٽ ۾ گهٽ ڪتابن ۾ ناهي. ڪتاب ان جو هڪڙو روپ آهن. ان ڏس ۾ جڏهن ڪو بصارت ڀريو بصيرت افروز شخص ملي ٿو ته ان جو زندگيءَ تي تمام گهرو اثر ٿئي ٿو. سندس صحبت سوين سالن جي عبادت کان گوءِ کڻي وڃي ٿي. روميءَ جي لفظن ۾؛
يک زمانه صحبتي با اولياء، بهتراز صد سال طاعتِ بي ريا
ڀٽائي به اهڙن ماڻهن سان اوڏو اڏي وهڻ جو مشورو ڏئي ٿو جن وٽ وهڻ سان ڏکندو ڏور ٿئي. اهڙن ڪُماڙهن کان پري رهڻ جي صلاح ڏئي ٿو جن وٽ ويٺي ڏکندو ڏاڍو ٿئي .هو فرمائي ٿو؛
ويٺي جني وٽ، ڏکندو ڏور ٿئي،
تون تني سين ڪٽ، اوڏا اڏي پکڙا.
اهڙي ريت انيڪ موضوع ۽ نڪتا آهن جن بابت مولانا رومي ۽ لطيف هڪجهڙو خيال رکن ٿا. رڳو ٻنهي جي پيشڪش جو انداز نرالو آهي. ڀٽائي جيئن اڪيلو روميءَ جو نالو کڻي بيت چيا آهن تيئن روميءَ پنهنجي هڪ حڪايت جي سمجهاڻيءَ ۾ سنڌ جو مثال ڏيندي فرمايو آهي ته سنڌين کي سنڌي سونهي ٿي.
سنديان را اصطلاح سندِ مدح
مولانا رومي ۽ ڀٽائي جي ڀيڙپ ڀري روح رهاڻ هلندي رهي ٿي. ٻئي لطيف انداز ۾ شين کي سمجهائين ٿا. ٻنهي جي خيال جي اُڏام وسيع آهي تنهنڪري اهي زمانن جي زماني کان ۽ مڪانن جي مڪانيت کان مٿي اُڏامڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ان ڪوشش ۾ هو ڪامياب به وڃن ٿا ۽ نت نيارن تصورن جي دنيا جو سير ڪرائيندي پنهنجي پڙهندڙن توڙي ٻُڌندڙن کي سدا سانوڻ وسندڻ دنيا ڏانهن وٺي وڃن ٿا.