لطيفيات

ڏورِ تِئائين ڏَسُ

هي ڪتاب نامياري ليکڪ، شاعر ۽ محقق نور احمد جنجهي جو لطيف شناسيءَ تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.
نور احمد جنجهي صاحب لطيف جي اهڙن اسرارن ۾ ڏَور وڌي آهي جتي لفظن کان اڳيان وڌڻ جو درس آهي، دل ۽ روح مان نڪرندڙ ڳالهين جا هُل هلاچا آهن، محبت جي تشنگي تار مان پار پوڻ جا ساٺ آهن، آيل لاءِ روئڻ کي سرتين جي دانهن آهي. اهڙن سمورن خيال کي سائينءَ بخوبي نڀايو آهي. سائين نور احمد جون هنيين ۾ هنڊائڻ جهڙيون الست تحريرون اميد ته پڙهندڙ تي گهرو اثر ڇڏينديون ۽ ان سحر ۾ اچي هو قدرتي لقائن مان لاڀ حاصل ڪندا. هي يار خود زماني جي رنگ کان پاسي رهي اهي سموريون لافاني تحريرون تحرير ڪندو رهيو آهي.
Title Cover of book ڏورِ تِئائين ڏَسُ

نا اميدي آجڪو...

نا اميدي آجڪو...

ڪائنات جي تخليق ۽ حياتيءَ جي وجود بابت هيستائين جيترا نظريا منظرعام تي آيا آهن يا وري انهي خيال سان لاڳاپيل ڄاڻ ونڊي ورڇي ويئي آهي تنهن مان اها خبر پوي ٿي ته وجود جو وجود عدم جي لاوجوديت مان نروارٿيو آهي. تصوف جي سلوڪ کان وٺي، سائنس جي دريافتن تائين اهو ڪجهه نظراچي ٿو ته ڪيئن ”لا“ جي لام الف مان ”هئڻ “ جو همه اوستي وجود ڪيئن سرجيو ۽ پوءِ ان مان سنسار جي سڀئي سينگار به نروار ٿيا جن جي جوڙ ۽ جنسار ۾ به اونهو اسرار آهي جنهن جو وستار به ڳوڙهو ۽ ڳڻن ڀريو آهي. بگ بينگ جي ڀونچال کان وٺي اوزون تهه ۾ سيرون پئجڻ تائين جو سموريون فطرت جون ڪهاڻيون عدم مان وجود ۽ وجود جي عدم ڏانهن واپسي جي آکاڻي بيان ڪن ٿيون. شاعرن، دانشورن، ليکڪن، سائنسدان انهي سلسلي ۾ مختلف فڪرانگيز ڳالهيون ڪيون آهن جن کي پڙهي يا ٻُڌي عدم ۽ وجود جي اسرار تان ڪجهه پردو هٽي ٿو ۽ انهي اونهي اسرار جا ڪجهه پاسا پڌرا ٿين ٿا. جلال الدين رومي صاحب جيڪو مولانا روم جي نالي سان مشهور آهي تنهن به پنهنجي شاعريءَ ۾ انهي راز کي سلڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. رومي صاحب، شمس تبريز جي جاڳائڻ سان اگهورگهوري اٿي پنڌ پيو هو ۽ پنهنجي محبوب چيلي حسام الدين جي ڪري کيس مثنوي جوڙڻ ۾ سهوليتڪاري ملي هئي سو هن شمس تبريز جي نالي پنهنجو ديوان ارپيو آهي ۽ مثنوي معنوي کي حسام الدين سان نسبت ڏي ٿو. ديوان ۽ مثنوي ٻئي معنى جي موتين سان جنجهه آهن جن مان جڳن کان ماڻهو پنهنجي پنهنجي وسعت آهر مرادون ماڻيندا آيا آهن، تان جو هلندڙ زماني ۾ انهي املهه خيال جي انتهائي گهڻي اهميت آهي ۽ مشرق مغرب ٻئي رومي صاحب جي خيالن کي جيءَ ۾ جايون ڏين ٿا. مثنوي جي شروعات ئي وڍيل ٿي وايون ڪري ۽ ڪُٺل ٿي ڪوڪاري جي پڪار سان ٿئي ٿي. اها پڪار عدم ۽ وجود جي ڪوڪار جي قصي جو چنگ چوري ٿي. عدم ۽ وجود جي اهڙي اونهي ۽ پيچيدي سوال کي حل ڪرڻ جي واٽ وٺندي، رومي صاحب مثنوي جي دفترن ۾ ڪيترين ڪهاڻين وسيلي اهو راز سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. رومي صاحب جي هڪڙي خيال جو انگريزي ترجمو هن ريت آهي؛
Take someone who does not keep score, who is not looking to be richer, or afraid of losing, who has not the slightest interest even in his own personality: he is free.
يعني:
’’اهڙي ماڻهو کي کڻو جيڪو ليکو نٿو ڪري، جيڪو شاهوڪار ٿيڻ جي چڪر ۾ ناهي يا وري هار کان به هيسيل ناهي، جنهن کي ڪو هلڪو ڦلڪو موهه به ناهي ان حد تائين جو پنهنجي شخصيت ۾ به اهو موهه نه اٿس، هو اجهل آهي آزاد آهي.“
هيءَ اهڙن ماڻهن جي ڳالهه آهي جيڪي عدم جي اهڃاڻ تي هلي ڪنهن وجود جي وجوديت لاءِ جاکوڙيندا هجن. جن کي ڪو موهه به نه هجي ان حد تائين جو اهي پنهنجي ذات ۾ به اهو موهه نه رکندا هجن. انهي اونهي ڳالهه کي ڳرهيندي، سنڌي شاعرن به پنهنجي پنهنجي مشاهدي ۽ تجربي کي پنهنجي شاعري جي روپ ۾ ماڻهن جي رهنمائي ڪئي آهي. ڀٽائي سنڌ جي فڪر جو امام آهي جنهن پنهنجي خيال جي ڪمال سان سنڌ ي سماج کي خصوصن ۽ سموري جڳ کي عمومن جيڪي ارپيو ۽ آڇيو آهي، اهو املهه خيال آهي، جنهن مان جن کي به ماسو مال مليو آهي، ته اهي پوڄارا پُر ٿي ويا آهن.
ڀٽائي به عدم ۽ وجود جي راز کي سلڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. سندس فلسفو عدم کان شروع ٿي وجود ڏانهن سفر ڪري ٿو. سندس ڪردار نا اميديءَ جو پلئو جهلي اميد ڏانهن وڌن ٿا. اها ڳالهه ماديت وادي دنيا پنهنجي بازاري بُک جي ڪري شايد سمجهه ۾ گهٽ اچي پرسگهاري ايمان سان مالامال ۽ ماديت کان مٿي سوچيندڙ روحانيت جي رمزن ۾ ويساهه رکندڙ ماڻهن کي سڀئي سبحان جي حوالي ڪم ڪرڻ اچن ٿا. سسئي سير ۾ گهڙڻ کان اڳ سمورا وسيلا تياڳي ٿي. پاڻ کان پاڻ ڌار ڪري ٿي تڏهن وڃي ميهار ڀيڙي ٿئي ٿي. سسئيءَ کي خبر آهي ته جني کي اندر۾ اُڃ آهي، پاڻي تن لاءِ ئي اُڃيو آهي. سُر رامڪليءَ جا ڪردار به انهن پٽين تي پنڌ ڪندا نظر اچن ٿا. ڀٽائي جي انهي ڳوڙهي ڳالهه جو هڪ سرو عدم جي بيناهه ۾ کُتل آهي، جنهن کي اڀياسڻ سان، ايڇ ٽي سورلي کي مشرق جي تصوف ۾ ”نااميديءَ جو فلسفو “ نظر آيو هو. ڀٽائي جي خيال ۾ به اميد جو بُڻ بڻياد، نااميدي ئي آهي جيئن وجود جو بنياد عدم آهي. وجود عدم جي انهي تاڪيي مان نڪتو آهي جنهن کي بقا ئي بقا آهي. عدم وجود کان وڌيڪ سگهارو آهي. وجود کي جيڪي واءُ لوڏين ٿا، عدم جي الکپڻي کي انهن کان ڪوبه ڀئو ناهي. هوندئان هوت پري آهي ۽ اڻ هوند کي اوڏو آهي. ڀٽائي به اميد کي نااميديءَ جي اونهي اوهري مان ڇڪي ڪڍي ٿو. تڏهن ته هن ريت فرمائي ٿو؛
نااميدي آجڪو، اوڇڻ آديسين،
ڪڏهن تازيءَ پُٺ تي، ڪڏهن هيٺ هلن،
ساميئڙا سمونڊ ۾ تُنبي جيئن ترن،
جي واڳوءَ وات وڃن، ته ڪُسن ڪُڇن ڪينڪي.

نا اميدي ءَ کي ايئن پاڻ سان آجڪي طور کڻي هلڻ وارو ڪم ئي انسان کي پنهنجي فڪري ارتقائي پنٿ جي پنڌ ۾ رهنمائي ڪري ٿو. زندگيءَ جا لاها چاڙها ڪڏهن تازي گهوڙن تي سواري ٿا ڪرائين ته ڪڏهن وري رڻ تتي روهه ۾ رُلائي پير پٿون ڪن ٿا. ماڻهو انهن ٻنهي ڪيفيتن جي وچ ۾ جڳ جي مها ساگر ۾ تنبي وانگرتري پيو. ڪڏهن ٻُڏي ٿو ته ڪڏهن اُپڙي ٿو. ڪڏهن ڀريءَ ۾ آهي ته ڪڏهن ڀاڪر ۾ آهي. زندگيءَ جي اها لوڏن لمن واري راند روند جي بازي ازل کان جاري آهي. رڳو ڪردار بدلجن ٿا. راند ساڳي آهي. اهڙين حالتن ۾ جڏهن اهي پڪي پختي ذهن وارا ماڻهو واڳو جي وات جهڙي خطري ۾ وڃن ٿا ته مورڙي وانگر پٺتي نٿا هٽن پر جڳ کي جڳمڳ ڪرڻ لاءِ سر ڏئي سرها ٿين ٿا جنهن مان وري ڪا نئين آس اُميد اڀري ٿي ۽ ماڻهو سوچڻ لڳن ٿا ته هائو ٻيلي اڃا ڪاريءَ ڏڌي اڇو کير نڪري ٿو ۽ دنيا ههڙن سور ويرتا رکندڙ، پختي ايمان وارن ۽ قرباني ڏيندڙن جي ڪري دنيا هلي رهي آهي ۽ هلندي رهندي. دنيا رڳو انهن جي ڪري نٿي هلي جيڪي رڳو هوند جي هونگار جو شڪار هوندا آهن ۽ پنهنجي اڻ هوندي ”هئڻ“ تي وڏو باور ڪري ڪڏهن فرعون، ڪڏهن هٽلر، ڪڏهن صدام، ڪڏهن زار ٿي، ڪڏهن هلاڪو، ڪڏهن چنگيز سڏائي پنهنجي خان خاني جو مظاهرو ڪندي دنيا جي پرامن ماحول ۾ ٿاڦوڙا هڻي، جڳ جو سُک کين ڦٽائيندا آهن پر سندن وجود جيڪو عدم مان موجود ٿيو آهي سو جيئن ئي معدوم ٿيندو آهي ته ڪجهه به باقي نه بچندو آهي سواءِ ان ڦٽ لعنت جي، جيڪا سندن بانور ۽ طاقت جي هوند واري ڦونڊ تي جڳ وسائيندو آهي. ايئن زمانو وري وجود کان عدم ڏانهن موٽ کائيندو آهي. عدم وجود تي جيت پائي وٺندو آهي. نااميدي جو آجڪو سمجهه ۾ اچڻ لڳندو آهي. ڀٽائي جي ٻولن ۾؛

”لا“ لنگهي لال ٿيا، لال لنگهيو جن،
عدم جي اوڙاهه تي، ڪيا آسڻ اڌوتن،
گردانيو گنگن، گرد جي گيان سين.
نااميديءَ جي انهي فلسفي مان ئي مشرقي خيال اميد جي روشني حاصل ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته مشرق جو خيال پورڻتا پسند آهي تنهنڪري ”لا“ کي جيڪو جتاءُ آهي اهو وجود کي سمجهيو نٿو وڃي. وجود تغيرپذير آهي پر عدم دوام جي درجي جو نالو آهي جنهن کي ڪنهن تغير جي ٽوڙ ٽوڙ ان جو خطرو ناهي آديسي نااميديءَ کي اوڇڻ ڪري هلندا آهن تنهنڪري انهن کي ڪا هٻڇ نه هوندي آهي. سدائين سُک ۾ هوندا آهن. بنا ڪنهن ڊاءُ ڊپ جي، جيون جي ريل ڇيل ۾ ڇال ڏيئي ڇُلندا رهندا آهن. ڇپر سندن سونهان ٿي پوندا آهن ۽ اهي ٻين جي سونهائي ڪرڻ جو ڪارج ادا ڪندا آهن. اهڙي رهنمائي جي راهه ۾ اهي پنهنجو وجود به وساري وهندا آهن ۽ عدم جي اوتاري جا هي رهواسي، هر لڪ سولائيءَ سان سچيءَ سڪ جي زور تي لنگهي ويندا آهن؛

پاڻ نه کڻن پاڻ سين، نه ڪي ساڻن پاڻ،
اهڙا جن اهڃاڻ، آئون نه جيئندي ان ري.

جن سان پاڻ به نه هوندو آهي يعني اهي پنهنجي وجود کي وساري، جيڪا کُهي وک کڻندا آهن سا کين من وڻندي ماڳ تي پهچائيندي آهي. انهن جي بُک واري صلاحيت اهڙي پد تي پهتل هوندي آهي جو اهي بُک جو ”جنڃ“ تيارڪري وٺندا آهن جيڪو کين هرسفر۾ ساٿ ڏيندو آهي ۽ سندن بُک کي ماٺي ڪندو آهي. اهي نااميدي آجڪي وارا سچا انسان ”بَکُ باسڻ“ کان نه ڪيٻائيندا آهن. سڌڙيا سندن پيرن جي پڻيءَ تائين به نٿا پهچي سگهن ڇو ته سڌون ڪندڙن کي سر جو سانگو هوندو آهي ۽ ڪجهه ڏسي پوءِ اڳتي وڌندا آهن. سڌڙين جي اميد، اميد مان پيدا ٿئي ٿي، جڏهن ته سچن سامين جو سڄو زور ”لا“ تي آهي، نااميدي سندن نجهرو آهي. جنهن مان ئي اهي طمع جي سمورن ڪارونڀار ڪنن کي لتاڙي اڳتي وڌن ٿا. طمع جي ترڪڻ کان پري رهڻ لاءِ ذهين شاهه تاجي به هن ريت اظهاريو آهي؛
يه تمنا هي ڪه آزاد تمنا هي رهون،
دل مايوس ڪو، مانوس تمنا نه بنا.
تمنا سان مانوسيت ڇڏي جيڪي اڳتي نڪرن ٿا. نااميدي کي آجڪو بنائي پنهنجو نرواڻ ڳولين ٿا تن جوڳين جي جاڳ جو وڏو ڀاڳ آهي. سندن واهيرو وجود جي هيڻائيءَ مان اڳتي نڪري، عدم جي جٽاداريءَ وٽ ٿئي ٿو. اهي زماني مڪاني پابندين کان اڳتي اڳتي، هليا وڃن ٿا، جتي ميين عبدالرحيم مڱرئي گرهوڙ واري جي بقول سدائين سانوڻ ٿو وسي ، بهاري ئي بهاري لڳي پيئي آهي. وڻ ڪومائڻ جو ڪاروهنوار ئي ناهي. اهڙي جٽادار ويءَ جي وائي ڀٽائيءَ هن ريت ورنائي آهي؛

جتي عرش نه اُڀ ڪو، زمين ناه ذرو،
نه ڪو چاڙهائو چند جو، نه ڪو سچ سرو،
اُتي آديسين جو لڳو دنگ درو،
پري پين پرو، ناٿ ڏٺائون نانهن ۾.

اهڙي ريت مشرق جي نااميديءَ جي فلسفي ۾ اُتم ۽ اعلى اميد آهي جنهن کي بقا ءُ ئي بقا آهي. نااميديءَ آجڪو، بي اونو ۽ اجوکو آهي.