دارون دنيا جي دردن جو
دنيا جي وجود پذيرٿيڻ ۽ ان ۾ انساني علم جي عمل ۾ اچڻ سان جيڪي ارتقائي مدارج طئي ٿيا آهن، تن ۾ انسان جي بُلند پروازيءَ جو بانور به آهي ته تحت الثرى جي تاريڪيءُ جي اونهي اونداهي جي جهلڪ به آهي. انساني چرپر جي اها وڻ ويڙهي ٿورن گهڻن لوڏن لمن سان مٿي چڙهندي رهي ٿي. ماڻهو پنهنجي ڪَئي مان ئي ڪجهه حاصل ڪري ٿو ۽ جيڪڏهن هو سبق پرائي ٿو ته مٿي چڙهي ٿو. جيڪڏهن وقت گنوائي ٿو ته پوءِ کيس ڪجهه به پلئي نٿو پوي ۽ هو وري پنهنجي تنزل جي تاڪيئي ۾ ويڙهجي وڃي ٿو. انسان انهي عمل ۾ ڪيئي تاڪيا مٽايا آهن، ڪيئي ويس ورن ڌاريا ۽ ڇڏيا آهن. انيڪ نيون دريافتون ڪري جتي پنهنجي زندگيءَ کي سولو بنايو اٿس، اتي ڪيئي ڪوپ ڪري پنهنجي انسان ڀائرن جو رت پياسو بنجي جنگيون به ڪيون اٿس. مختلف نالا ڏيئي پنهنجو پاڻ کي طبقن ۾ ورهائي تاراج ڪيو اٿس. انسانن ۾ اهڙي ڪئنچي وجهڻ لاءِ هن ڪڏهن مذهب جو نالو استعمال ڪيو آهي، ته ڪڏهن ذات پات ۽ رڱ نسل جو نالو ڪتب آڻي پنهنجي ڀائرانسانن تي جبر جا جبل ڪيرايا آهن. انساني سماج پنهنجي اوائلي صورت کان وٺي اڄ تائين جنهن منزل تي پهتو آهي ان مان نظراچي ٿو ته هو ويراوير وڌ آهي. هرزماني ۾ ڪنهن نه ڪنهن نئين شئي جو واڌارو ٿيندو رهي ٿو. هر ايندڙ زمانو پنهنجي گذرندڙ زماني کي پراڻي چئي پڇاڙي ٿو ۽ هرگذرندڙ زمانو پنهنجي جاءِ نشين زماني کي نئون چئي ناتجربيڪاريءَ جو طعنو ڏيئي ڪم ڪڍي ٿو وڃي. اهڙي سموري انساني اٿل پٿل جو رُخ ڏسجي ته اهو وسيلن پويان ئي آهي. انسان جڏهن سماج ٺاهي ان ۾ شيون گڏ ڪرڻ شروع ڪيون ته پوءِ هن جي هٻڇ وڌندي ويئي، تان جو هو دنيا جي سمورن وسيلن کي ڳڙڪائيندو ڳڙڪائيندو پاڻ وسيلي مان موڙي بنجي چڪو آهي ۽ هر بازار انسانن جي وڪري ۽ وٺڻ جو ڪو نه ڪو روپ رکي ٿي. منافعي جي بي لغام گهوڙي تي سوار انسان وسيلن جي ڦرلٽ ۽ ميڙ ميڙان لاءِ ڪيئي بي سبب جنگيون به ڪيون آهن، جن جنگين انسانن ۾ نفرت جون ديوارون اڀيون ڪري، هڪ جسم کي وڍي ٽڪرن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. ايتري نقصان کانپوءِ به ماڻهو مُڙي نٿو. ساڳي ڪوڏر ساڳي ڌرتي، کڏ کوٽڻ مان ٿڪجي نٿو. پنهنجي کوٽيل کڏ ۾ پاڻ ڪري ٿو، پوءِ به هو سبق نٿو حاصل ڪري، تان جو هن وقت هو هڪ طرف ڀوائتي آبهوائي صورتحال جي هٿن ۾ بيوس بنجندو پيو وڃي ته وري ٻئي طرف انساني هٻڇ ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل نفرت جي باهه جو بَکُ بنجڻ ڏانهن ڌوڪيندو پيو وڃي. اهڙين حالتن ۾ ماڻهوءَ وٽ آخر ڪهڙو علاج آهي جيڪو سندس اندرجي بيمارين کي ڪوري ڪڍي؟ هو ڪيئن پنهنجي پرامن ارتقائي سفر ڏانهن پنهنجي پوري جوهر جي جلوي سان وڌي؟ دنيا جي دوزخ واري دونهين کي ڪيئن بهشتي هير ۾ تبديل ڪري؟ اهي سڀ ڳالهيون سوچي جيڪڏهن جواب ڳولڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي ته هڪڙو ئي جواب لڀي ٿو، اهو آهي محبت ۽ محبت ۽ محبت. هي اهڙو نسخو آهي، جنهن کي واپرائي دنيا پنهنجي دردن جو شافي دارون ڪري سگهي ٿي. محبت ڇا آهي؟ ان جو انساني زندگيءَ ۾ ڪهڙو عمل دخل آهي؟ اچو ته ان جو ڏس ڀلاري ڀٽائي کان پڇون ته هو ڇا ٿو فرمائي؛
محبت مڻين من ۾، تن تشنگي تار،
پي پيالو اُڃ جو، اڃ سين اڃ اٿيار،
پنهون پاڻ پيار ته اڃ سين اڃ اجهائيان.
محبت جو مرڪز من آهي. محبت من مان ئي اپجي ٿي ۽ اٿي ٿي. پيالي پيئڻ سان به اُڃ ٿئي، آخر اهو ڪهڙو پيالو آهي، جنهن جي پيئڻ سان تن جي تئونس وڌي ٿي. ڀٽائي پيالو پي، اڃ سان اڃ اٿيارڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. پنهون جڏهن پاڻ پياري ٿو ته پوءِ به اڃ سان اڃ اجهي ٿي. هي محبت جي مذڪور ۾ انتهائي ڳوڙهي ڳالهه آهي، من جي محبت ڇا آهي؟ تن تشنگيءَ مان ڪيئن تار ٿيل هوندو آهي؟ اڃ جو پيالو پي، اڃ سين ڪيئن اڃ اجهائبي آهي؟ پنهون پاڻ ڪيئن پيالو پياريندو، جو وري به اُڃ سان اُڃ اجهندي؟ اهي منورتي جي مام جون رمزون آهن. ماڻهوءَ ۾ ڄائي ڄم کان محبت وڌل آهي. سندس تخليق ۽ سرجڻ جو سمورو عمل محبت جو شاهڪار آهي. انهي ڪري هن جي خمير ۾ محبت پوشيده آهي، زماني جو رنگ ان کي ڀنگ ٿو ڪري. اها فطري محبت ايتري ته پرتاثير آهي جو جيئن هو ان جون پياليون پيئندو تيئن انهي محبت جي اڇا من ۾ وڌندي. پنهون يعني محبوب پوءِ اهو جنهن به روپ ۾ هجي ته اهو جڏهن پنهنجي هٿن سان پيالو پياريندو ته اها اڃ، اُڃ سان ئي اجهامندي. انساني فطرت ۾ محبت جي تاس ۽ طلب سمايل آهي. هو جيڪڏهن فطرت کان پري ڀڄڻ ۽ ان کي ڳڙڪائڻ جي ڪوشش نه ڪري ته فطرت سدائين پنهون بنجي انسان کي پريم پيالا پياريندي رهي آهي. اها اندر جي اڃ ماڻهوءَ کي پنهنجي منزل ڏانهن وڃي ٿي. ان کان به وڏي ڳالهه اها ٿئي ٿي ته اهڙي اڃ لاءِ پاڻي پاڻ اڃيو هوندو آهي. ڀٽائي به اهڙي خيال کي هن ريت اظهاريو آهي؛
ساجن ڪارڻ سُڃ، مر قبوليئي سسئي،
اندر جني اُڃ، پاڻي اڃيو ان کي.
محبت جي ميدان ۾ سسيءَ جو سانگ نه ڪبو آهي يعني محبت قرباني گهري ٿي. انسان جيڪڏهن انسانيت جي اجتماعي ڀلي خاطر قرباني ڏيندو رهي ته ڏيهه ۾ ڏولائو هوند نه ٿئي.انسان جي قربانيءَ واري اها خوبي منجهس جيڪي گڻ اڀاري ٿي، اهي کيس ماڻهو ءَ مان سُماڻهو ٺاهين ٿا ۽ ڪماڙهو ٿيڻ جي ڪوپ کان بچائين ٿا. قرباني انسان جي انسانيت واري جذبي جي اهڃاڻ طور ازل کان هلندي آئي آهي. قرباني اها ناهي ته ڪنهن باچو شئي کي اُڇلائي ڏجي پر قرباني اها آهي ته وات تي آندل هڪڙو گراهه به هجي ته اهو ٻئي کي ڏجي. قرباني انسان کان بي بدل شين ڏيڻ جي تقاضا ڪري ٿي، جن سان وري انسانيت جي گاڏي اڳتي تڳي وڃي ٿي. قربانيءَ وارو اهو عمل محبت جي منشور جو اهم نقطو آهي؛
محبت جي ميدان ۾ سرجو سانگ م ڪر،
لاهي سر لطيف چئي اڳئان دوستن ڌر،
وڍيين تان واه ٿئين سندي دوسان در،
عشق نانگ اپر، خبر کاڌن کي پوي.
سسيءَ جو سانگ ڪبو ته محبت ڪري نه سگهبي. سسيءَ جو سانگ لاهبو، تڏهن ئي دنيا جا ڪوڙا سانگا ڀٽڪائڻ بند ڪندا ۽ رڻن ۾ رُلائي نه ماريندا. جان ته مليل آهي غالب جي چواڻي ته جان ڏني ته ڪهڙو وڏو ڪم ٿيو؟ جيڪا شئي ڪنهن جي ڏنل هجي، ان کي موٽائي ڏجي ته ان ۾ ڪا اهم ڳالهه ناهي. محبت ۾ ته ازلي عطا جو ڪوئي مٽ ۽ ملهه ناهي. انهي ٻاجهاري ٻوليءَ جي موٽ ۾ هڪ سسي ڇا، جي هزار هجن ته به ڪجهه ناهن. واري واري سسي وڍجي ته به اها ازلي تند تنوار جي پرت ڀري پڪار مٿانهين آهي. اهڙي ٻهڳڻ ٻوليءَ جي ٻهون ٻجهه ماڻهوءَ جي من جي محبت کي اٿياري ٿي. ماڻهو پنهنجو سڀ ڪجهه ڇڏي، لاڳاپا لاهي، گهڻن جي ڀلي لاءِ نڪري ٿو پوي. منجهس درد شناسي جو احساس پيدا ٿئي ٿو ۽ هو ٻئي جو همدرد ٿي پوي ٿو. اهو جذبو به محبت جي ڪري پيدا ٿئي ٿو ۽ محبت ئي آهي جيڪا ازلي سڏ کي ورنائيندي هن ريت اظهاري ٿي ته؛
مٿي اتي منهنجي، جي هجن سر هزار،
ته واري واري وڍيان، سسيءَ کي سئو وار،
تهان ئي تند تنوار، مونهان مٿاهين مڱڻا.
محبت جو پورهيو هر هنڌ وڏي ويلي اگهجي ٿو. من ۾ محبت رکي جيڪا رنڍا روڙ ڪبي آهي، سا سڀني ۾ مقبوليت ماڻيندي آهي. چت ۾ چائت سان جيڪو سنهو به ڪتيو ويندو آهي، ان جو دڪو به داخل نه ٿيندو آهي. محبت ئي انسانيت جو توڙي ڪائنات جو جوهر آهي. دنيا جي سمورن دردن جو دارون به محبت آهي. سموري انسانيت جيڪڏهن محبت جي ان مام کي پروڙي ته کيس ڳچي ڳراهون وجهي ليلان جيان ڪارون ڪرڻيون نه پون. ساڍا ست ارب آباديءَ واري ڌرتي هن وقت چند هٿن جي وس آهي، جيڪي پنهنجي هٻڇ جي هاويءَ ۾ ايڏو هٺي ويا آهن، جو انهن کي باقي خلق جو احساس ئي ناهي. لکين ماڻهو دنيا ۾ روز بکيا سمهن ٿا، لکين ماڻهو بنا اجهي جانورن جهڙي زندگي گهارين ٿا. ڪروڙين ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻيءَ جهڙي بنيادي سهوليت به ميسر ناهي. ڪروڙين ماڻهو بيمارين جو بک بنجي موت جي منهن ۾ وڃن پيا پر وٽن علاج لاءِ موڙي ناهي ۽ موڙيءَ تي جن قبضو ڪيو آهي تن مان محبت موڪلائي ويئي آهي. منجهن جيڪڏهن ذرو به محبت هجي ها ته هيئن انسان سسڪي سسڪي روڊن رستن جهرجهنگن ۾ نه مري ها. نالي ۾ نهال وڏا وڏا ادارا دنيا کي بک بدحالي ۽ غربت مان ڪڍڻ ۽ امن وارو محبت ڀريو ماحول جوڙي ڏيڻ جي هام هڻي رهيا آهن پرهڙ حاصل ڪجهه به ناهي. انسانيت پنهنجي انتهائي آزمائش واري ٻه واٽي تي ان ٻڪجي ويل ابهم ٻار وانگر حيران پريشان روئي روئي سڪي ويل لڙڪن اکين سان ان محبت جي منتظر بيٺي آهي، جيڪا کيس پرامن ۽ بُک بدحاليءَ کان آجي دنيا ڏي. جتي ڪا جهل پل نه هجي. جتي ڪو رائڙ ڏيهه ۾ نه هجي. جتي نينهن اُڇل هجي ۽ پرين کي پسڻ تي ڪا جهل پل نه هجي. دنيا کي سڀني سورن مان ڪڍي جيڪڏهن ڪو دارون ان جي دردن جي ٻاجهه ڀري ٻُڪي بنجي سگهي ٿو ته اهو آهي محبت، ۽ محبت جيڪا انسان جي من ۾ مڻين آهي. محبت تي ڪا به موڙي خرچ نه ٿيندي. محبت جي وٽ کي جيترو وڌيڪ هڪٻئي سان ونڊبو، اوتروئي ماڻهن ۾ ميٺ وڌندو ۽ انسانيت جو ٽياس تي ٽنگيل روح به قرار ۽ سُڪون ماڻيندو. انسانيت جو روح جڏهن سُڪون ۽ قرار حاصل ڪندو ته دنيا به پنهنجي متعين ۽ مقرر رخ ۾ اڳتي وڌندي. دنيا دوزخ جي دونهين وارو روپ مٽائي هيج هندورو ٿي پوندي. جيڪو سموري جڳ جو جاڳندي جو به خواب آهي ته سُتي جو به سپنو آهي.