صبر جني سينڱ... !
انسان کي الله سائينءَ ڌرتيءَ تي پنهنجو خليفو ڪري اماڻيو ۽ کيس علم جي اعلى ڏات ڏني. انهي ڏات وسيلي هن پنهنجي منصب کي اڳتي وڌائڻ ۽ هلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهي ڪوشش ۾ هو جُڳن کان لڳو پيو آهي ۽ سندس جاکوڙ جاري آهي. علم جي انهي ازلي وٿ کي ماڻهو عقل به چوي ٿو ته گيان جي نالي سان ڌيان ۾ آڻيندي انهي ڏيج کي وگيان جي وهنوارهيٺ به پرکي ۽ پروڙي ٿو. اها پرک ۽ پروڙ به ارتقائي چاڙهي جي حوالي آهي. انسان کي علم جي اها ايڏي وڏي ڏات عطا ٿي جو هو ملائڪن جو مسجود به بنيو. علم جي انهي کٿوريءَ کي هو مختلف نالا ڏيئي هو پنهنجي انهي پنڌ ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي. سندس پنڌ جيڪو فطرت جي گوناگوني ۽ ماءُ جهڙي سمجهائڻ واري علم کان شروع ٿيو هو سو منطق جي مهري سان فلسفي جي اُکريءَ ۾ ڇڙجي صورت مٽائيندو، مذهب جي مذڪور مان پرت جو پلر پيئندو اچي سائنس جي تجربي واري ڪسوٽي تان گهور ٿيندو اچي حرفت جي هندوري ۾ لُڏڻ لڳو آهي. اڃا اهو ڪٿي وڃي دنگ ڪندو، ان جي ڪا به خبر ناهي. پرار جي پڪار جي ڪا خبر ناهي. انسان تک تار جون سموريون منزلون طئي ڪندو، هليو پيو وڃي. منهنجي خيال ۾ انسان جي زندگيءَ ۾ ڪا به منزل ناهي. هو اقبال جي ٻوليءَ ۾ ”راه نورد شوق “ آهي جنهن جي ڪنهن منزل تي اک نٿي ٻُڏي. هو بنا ڪنهن ساهيءَ جي هلندو رهي ٿو. جن نقطن کي هو منزل سڏي ٿو اهي منزلون نه آهن پر ڪنهن اڄاتي منزل ڏانهن وڌنڌڙ گامن جا گردآلود نشان آهن. انسان جي ڄاتل تاريخ اهڙن قدمن جي نشانن سان ڀري پيئي آهي. انسان جي سموري چُرپُرکي ڏسندي جڏهن تاريخ جي پنن تي نظرڊوڙائجي ٿي ته انسان جي هڻ وٺ ۽ هوڙائي به نطراچي ٿي. هوڙائي مان هن ڪيتريون اهڙيون حرڪتون ڪيون آهن جيڪي سندس من جي ماجرا کي بيان ڪن ٿيون. سندس اوائلي چُرپُر ۽ هوران کوران کي ڏسجي ٿو ته هو هڪ طرف ناشڪرو نظراچي ٿو ته ٻئي طرف سندس دامن تي بي صبرائيءَ جا ڪيترائي نقش نظرايندا. انهن اوڻاين کيس لانجهو ڪري وڌو آهي ۽ هو پنهنجي حرڪت ۾ انهن اوڻاين جي ڪري، رڪجي به پوي ٿو. اهڙي رڪاوٽ کي هو قرباني سان دور ڪري ٿو يا وري صبر جي سينڱ سان، پنهنجي منزل ڏانهن وڌي ٿو. تڏهن ته چيو ويو آهي؛
صبر جني سينڱ، تير نه گُسي تن جو.
ڪي درويش هن لفظ سيڱ کي سيرڪري به پڙهندا آهن جيڪو درست ناهي. سينڱ انهن جي ئي سدائين سُٺا نشانا چٽيندي رهي آهي جن وٽ صبر جي شمشير آهي جنهن سان هنن ڪيني کي ڪوري ڪڍي ڇڏيو آهي. ڀٽائي به صبر جي ڳالهه زورائتي انداز ۾ ڪندي، صبرکي نه رڳو سينڱ بنائڻ جي صلاح ڏني پرصبر جي باري ۾ هن ريت به چئي ڏنو؛
کم کمندن کٽيو، هارايو هُوڙن،
چکيو نه چوندن، هو جو ساءُ صبر جو.
صبر جو ساءُ اهڙو سوادي ذائقو آهي جيڪو چوندڙن يا بي صبرن ۽ دانهون ڪندڙن نه چکيو آهي. سنتوش جي اهڙي ساءَ کي ڪيئن بيان ڪجي؟ صبر ڇاکي ٿو چئجي؟ ڇا صبر ڪنهن بي همتيءَ جو نالو ته ناهي؟ اهي سڀئي اهڙا سوال آهن جيڪي ڳوليندي پروڙ پوي ٿي ته صبر انسان جي انهي اُتم ذهني صلاحيت جو نالو آهي، جنهن وسيلي هو پنهنجي اندر جي آنڌ مانڌ واري جذبي کي رضاڪاڻي ۽ فطري نموني وس هيٺ رکي ٿو. صبرسهپ جي ان مٿاهين پد جو نالو آهي جنهن جو سنڌ ۾ عظيم مثال شاه ڪريم بُلڙيءَ واري جو آهي. سهپ جو مثال نيلسن منڊيلا جو آهي جنهن پنهنجي زندگيءَ جا سون ورنا 26 سال قوم خاطر سختيون ڪاٽيون. اهڙي طرح دنيا ۾ کوڙ سارا صبر جي سينڱ جا جيئرا جاڳندا مثال آهن. اهڙن مثالن کي پنهنجي ذهن ۾ کڻي دنيا پنهنجي اڻ ڏٺي، اڻ ڄاتي مستقبل ڏانهن پيرڙا ڀري رهي آهي. صبر يا سنتوش انساني مزاج جي ”مطمئن نفس“ جو گُڻ آهي.
هن گڻ بابت ڪبير به پنهنجي ٻول ۾ ٻهڳڻ ٻولي، ٻولي آهي؛
چاه گئي، چنتا مٽي، منوا بي پرواه،
جن ڪو ڪُڇ نه چاهيئي وي هي ساهنساه.
من جو موهه ويو. موهه وڃڻ جي ڪري سموري چنتا يا ڳڻتي به ختم ٿي ويئي ۽ من بي پرواهه بنجي ويو. جن کي ڪجهه به نه گهرجي اهي ئي شاهن جا شاهه آهن. سندن بادشاهي، بيپرواهي آهي جنهن کي ڪو به لهر لوڏو ناهي. مڱڻ يا گُهرڻ به ڪو چڱو ڪم ناهي. جيڪي مڱڻ جي مهم ۾ لڳل هوندا آهن، سي مري ويندا آهن. روحاني طور مئل ئي مڱڻ ويندا آهن. انهن کان به پهرين اهي مرندا آهن جيڪي ”ڏيڻ“ کي ”هئڻ“ تي انڪار ڪندا آهن.
اهڙي ڳالهه ڳرهيندي، ڪبير هن ريت اظهاري ٿو؛
مانگن گئي سو مررهي، مري سو مانگن جانهن،
تن سي پهلي وي مري، هوت ڪهت جو نانهن.
جيڪي هوندي سوندي به انڪاري هوندا آهن سي يقينن سڀني کان اڳي مري ويندا آهن.غالب به ”جان“ گهورڻ کي ”حق ادا ٿيڻ “ نٿو چئي ڇو ته سندس خيال ۾ جان جنهن جي ڏنل هئي تنهن کي ڏني ته ڇا ٿي پيو.
ڀٽائي به ”واري واري سسي وڍڻ“ جي تند تنواروڄائي آهي؛
مٿي اُتي منهنجي، جي هجن سر هزار،
واري واري وڍيان سسيءَ کي سئو وار،
تهان ئي تند تنوار، مونهان مٿاهون مڱڻا.
تند تنوار جي انهي راز جي رون رون به جن کي سمجهه ۾ آئي تن جا وارا نيارا ٿي ويا. دنيا جي دولت ته ڪي ڪين آهي. دنيا جو سڀئي وٿون امانت آهن جن جو جٽاءُ ڪنهن وٽ به ناهي. جڳ جي جڳمڳ ڀلوڙ آهي پران جو ڪارج هڪڙي مخصوص زماني مڪاني ڍانچي ۾ آهي. دنيا جا سڀئي ڌن جن لاءِ سموري دنيا مٿي ۾ ڌوڙ وجهي، انڌ جي گهوڙي تي سراڙي ۾ سهڪي رهي آهي تن کان صبر جو ڌن مها ملهه آهي. جڏهن صبر جي سُرڪي سري ٿي ته پوءِ سڀئي ڌن ڌوڙ ٿي وڃن ٿا؛
گوڌن، گج ڌن، باج ڌن، اور رتن ڌن ڪي کان
جب آوي سنتوش ڌن، سب ڌن ڌوڙ سمان.
ڳائي مال جوڌن، هاٿين جي ولرن جو ڌن، تازي گهوڙن جو ڌن ۽ هيرن جواهرن جي ڀريل کاڻ جو ڌن تڏهن اڪارٿ لڳن ٿا، جڏهن صبرجو ڌن ڪنهنجي من ۾ واس ڪري ٿو. سمورا انساني رويا انساني ڪيفيتن ۽ احساسن مان جنم وٺن ٿا. ڌن جي من ۾ بُک اهڙي انساني نفسياتي رويي جو نالو آهي جنهن جي کڏ ڀرجڻي ناهي. تڏهن ته دنيا جا شاهوڪار ترين ماڻهو به بکين جيان ڌن دولت پويان ڇتا تي ڪاهي پيا آهن. چوڻي آهي ته انساني کوپڙي اونڌي آهي، ڀرجڻ جي ناهي. انهي اونڌي کوپڙي کي سڌو سنئون رکڻ جو نالو صبرآهي.
ماڻهو پنهنجي لاءِ دنيا ۾ دردر ڀٽڪي ٿو. پني ٿو. مڱي ٿو. هرڪنهن اڳيان سوالي ٿي بيهي ٿو. ايئن پنهنجي لاءِ گهرڻ درست ناهي. اهو ڪم ته هرڪو ڪري ٿو ڪير ٻين لاءِ به گهري ڏسي. ٻين لاءِ به جي ڏسي. جيڪي ٻين لاءِ جلي سُهائو پکيڙين ٿا تن تا لکين پتنگا گهور ٿين ٿا. ٻين ڪارڻ زندگي گهارڻ کي ڪبير به اُتم ڪم سمجهي ٿو. پنهنجي لاءِ ته هرڪو جيون گهاري ٿو ٻين ڪاڻ جيئڻ انسانيت جي ضرورت آهي. ڪبير پنهنجي لاءِ ڪجهه گهرڻ کي مناسب نٿو سمجهي پر ٻين لاءِ هو اهڙي قرباني ڏيڻ لاءِ تيارآهي؛
مرجائون مانگون نهين، اپني تن ڪي ڪاج
پرمارٿ ڪي ڪارڻي موهي نه آوت لاج
ٻين ڪاڻ حياتي گهارڻ ۽ صبر جي سامان سان انساني زندگي سولي ٿي پوي ٿي ۽ انهي ۾ هڪڙو ڌيرج اچي وڃي ٿو. اهڙي ڌيرج مان جيڪو لاڀ ملي ٿو، تنهنجي تورتڪ ڪري ئي نٿي سگهجي. بي صبري ۽ خود غرضي مان ڪا وٽوا سٽوا ڪانهي. ڪبير پنهنجي من کي ڌيرج جو دستور سمجهائيندي، انتهائي خوبصورت مثال سان سمجهائي ٿو؛
ڌيري ڌيري ري منوا، ڌيري سب ڪُڇ هوءِ
مالي سينچي سو گهرا رُت آوي ڦل هوءِ.
اي مستانا من سڀ ڪي ڌيرج سان ڪر. ڌيرج سان ئي سڀ ڪجهه پلئي پوندو. مالي سوين گهڙا پاڻيءَ جا ڏي ٿو تڏهن وڃي رُت اچڻ کانپوءِ وڻ ۾ ميوو ٿئي ٿو. ڌيرج يا مستقل مزاجيءَ جو ڦل اهڙو سوادي ۽ مٺو آهي. ڌيرج جي ڪري هاٿيءَ کي مڻ اناج ملندو آهي. ڪُتو هڪڙي ٽڪر لاءِ دردر ڀٽڪندو آهي. مستقل مزاجي يا ڌيرج انساني زندگي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ڪبير انهي خيال کي هن ريت اُڪلايو آهي؛
ڪبيرا ڌيرج ڪي ڌري، هاٿي من ڀر کائي،
ٽوڪ ايڪ ڪي ڪارني، سوان گهرگهر جائي.
انسان جي ذهن ۾ ايتري اتم صلاحيت ۽ شڪتي آهي جنهن جي کيس به خبر ناهي. انساني ذهني صلاحيت مان ئي سندس زندگيءَ جو ٻوٽو نروار ٿئي ٿو، جيڪو وڌي وڻ ٿئي ٿو ۽ ميوا جهلي ٿو. اهي ميوا به انهن ڪيفيتن مان رس کڻن ٿا جيڪي ذهن ۾ موجزن هونديون آهن. سمورا انساني رويا انهن ڪيفيتن جو ڦل آهن. ميوي جو کارو يا مٺو ٿيڻ به اتان ئي ٿئي ٿو. صبر جو سوم رس جن پيتو آهي، تن کي ئي خبر هوندي ته ان جو ذائقو ڪهڙو آهي، جيڪي جانورن جيان بي صبريءَ جي بٺيءَ ۾ سڄو ڏينهن تڙپن ۽ ترسن پيا، تن کي ڪهڙي خبرته صبر جو ساءُ ڪهڙي شئي آهي. انساني زندگي ۾ جيڪا بي صبري ۽ ناشڪري جهڙي اونائي آهي ان کي جي اڙانگي ارڙ نانگ کي ماڻهو صبر جي شمشير سان قتلام ڪري، قرباني جي ڪونتل تي هسوار ٿي پنهنجي پنڌ ڏانهن سولي ڪنڌ وڃي سگهي ٿو. صبر جي انهي سهوليتڪاريءَ سان ئي ماڻهوءَ جي آگهي ٿيڻي آهي. لاهوت جو پنڌ ڪندڙن ۾ نالو به تڏهن ئي لکبو جڏهن صبر جا سموراسبق پرهائي پنهنجي من کي پاٺو ڪبو. من جي اهڙي پرت پاٺڪ روپ کي سهپ جي پڙهايل سبقن جو سرنامو صبر آهي جنهن جي سواد ۽ ساءَ جي سمڪ به انهن کي ئي هوندي جن کي اها املهه سکيا سري هوندي ۽ نعمت نصيب ٿي هوندي.
نمي کمي نهار تون، ڏمر ڏولائو،
ٿئي ساڃائو، جي اُڀيين انهي پير تي.
(ڀٽائي)