ذات تي ناهي ڏات....!!
”ذات تي ناهي ڏات “ جهڙي سٽ سرجيندڙ لطيف سائين جنهن سماج جو ڳولائو هو، سماج انساني سماج هو جنهن ۾ هٿ ٺوڪين طبقن، ذاتين جي سماجي درجي بنديءَ جي گنجائش نه هئي. انسان آدم جي روپ ۾ جڏهن نروار ٿيو ته هو آدم ئي آدم هو. پنهنجي سُڃاڻپ پاڻ هو. اڳتي هلي جڏهن هو ڪثرت جي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو ته پوءِ رڳو سُڃاڻپ خاطر قوم، قبيلن، ذاتين ۽ نُکن، گئوترن ۾ ورهائجي پاڻ سان ڪانه ڪا سُڃاڻپ ڳنڍيندو ويو. اها سُڃاڻپ سُڃاڻپ جي حد تائين ته ٺيڪ هئي پر جڏهن انهي سُڃاڻپ ٻين جي سُڃاڻپ کي متاثرڪرڻ شروع ڪيو ته اها انساني مان بدلجي ٻيو ڪجهه ٿي پيئي جيڪو نه انساني آهي نه ئي فطري. انسانن نالن به پاڻ ڏنا، ذاتيون به ٺاهيون، گوتر، قبيلا ۽ قومون به پاڻ ئي ٺاهيائون. انهن سڀني شين کي پنهنجي سهوليت خاطر تبديل به ڪندا رهيا يا تبديليءَ کان انڪار ڪندا رهيا. انسان جو جوهر، گُڻ ۽ اندروني سگهه سندس ذهني صلاحيتن تي آهي جن کي مناسب حالتن جي سهوليتڪاري جنهن حد تائين پهچائي ٿي تنهن کي دنيا وارا ڪاميابيءَ جي نالي سان سڏين ٿا. هونئن انساني ڏات ۽ سندس ظاهري ذات ۾ ڪو خاص تعلق ناهي. لطيف سائين جو پيغام انسانيت جو سنيهو آهي. هن ذات جي عمل دخل کي سُڃاڻپ کان وڌيڪ اهميت نه ڏني آهي. هو فرمائي ٿو؛
ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي،
آريون اٻوجهن جون، سپڙ ڄام سهي،
جو راءُ وٽ رات رهي، تنهن کي جُکي تان نه ٿئي.
ذات تي ڏات جي ڳالهه کي رد ڪرڻ واري لطيف جو سنيهو انسانيت جو سنيهو آهي. وهي لهڻ به انسان جي عظمت آهي جنهن جو جوهر محنت آهي. سپڙ سنڌ جي سخي سمي جو نالو آهي جيڪو هتي سخا جو اُهڃاڻ آهي. راءُ جنهن جي مهماني ڪري ۽ پاڻ وٽ ٽڪائي ته پوءِ ان کي ڪنهن توڻ جي سڄي عمر تانگهه نه رهندي. سندس سڀئي جُکيون لهي وينديون، ذات پات جي سماجي بُرائي ننڍي کنڊ ۾ ڏاڍي پراڻي آهي. اها حڪمت عملي ويڙهائي حڪومت ڪرڻ واري ورڻ مالا جو جُڳاندر جهونو ڳهه ڳٽو آهي هرهڪ ماڻهو پنهنجي ذات کي اُتم ۽ اوچو سمجهندي، ٻئي جي ذات مان وِڏون ڪڍي، ان کي ڪاڻيهارو ڪري، نيچو نوائڻ جي چڪر۾ آهي. ذات پات جي انهي تعصباڻي تاڃي پيٽي ۾ برطانوي حڪمرانن جو به وڏو هٿ آهي. قبضي کان اڳ سندن ماهرن يا جاسوسن جيڪي اڀياس ڪيا اُهي يا ته جاگرافيءَ تي آڌاريندڙ هئا يا ذات پات ۽ سماجي ونڊ ورڇ تي. سماج ۾ موجود ونڊ ورڇ جي انهي ننڍڙي سلي کي برطانوي استعمار نفرت جو پاڻي ڏيئي وڏو ڪيو. اسان جي ماڻهن کي ڳُڙ جي آڱري ڏيئي، اسان جي ماڻهن تي، اسان جي خرچ وسيلي راڄ ڪيائون. ان ڳالهه ماڻهن کي ويتر تفرقي ۾ وجهي، هڪٻئي کان الڳ ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته طاقت جو سرچشمو ذات پات جي شڪل ۾ نروار ڪيو ويو. يورپ سميت سمورن جاگيرداري سماجن ۾ زمين واري ۽ زمين تي ڪرت ڪندڙ جي رشتي کي بنياد بنائي اُتان جو اقتصادي ۽ سياسي سرشتو منظم ڪيو ويو. صنعتي سماج ۾ به طبقاتي سماج جنم ورتو. انساني ونڊ ورڇ جي انهن سڀني هٿرادو سرشتن ۾ وري جڏهن مذهبي فرقي بازي اچي دونهين دُکائي ته سماج تي اڃا به ويتر هاڃيڪار اثر پيا. ان سماجي اڻ برابريءَ کي مارڪيٽ تڏهن هٿي ڏني جڏهن هن بازار واري سماج ۾ رڳو ٻه طبقا....شيون ٺاهيندڙ يا اُپائو ۽ شيون کپائيندڙ يا گراهڪ..... وڃي ڇڏيا، باقي طبقن کي بازار کائي ويئي. اهڙي سماجي سرشتي ۾ جيڪا نفسانفسي اچي پيدا ٿي آهي ان سٺي دنيا ۾ اڻ برابري پکيڙي آهي. ننڍڙن ادارن کان وٺي دنيا کي هلائڻ جي دعويدار ادارن تائين سڀني هنڌن تي اها اڻ برابري ۽ ذات پات نظراچي ٿي. اها سماجي جوڙجڪ غيرفطري آهي تنهڪري غير انساني به آهي. ان سماجي درجي بنديءَ مان دنيا ۾ کوڙ سارين بُراين منهن ڪڍيو آهي جيڪي انسانيت ۽ عالم جي امن لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي رهيون آهن. لطيف سائين عالم جي امن جو حامي آهي، انسانيت جو علمبردارآهي سو هو انهن ورهاستن کي ننديندي هن ريت چئي ٿو ڏي ته؛
راڻي ملان رات، نئون نياپو آيو،
لڌيسون لطيف چئي، ڏاتر وٽان ڏات،
ڪانه پُڇي ٿو ذات، جي آئيا سي اگهيا.
ذات پات يا سماجي اڻ برابريءَ کي ختم ڪري، انسانيت جو سنيهو ڏيڻ ”نئون نياپو“ آهي. دنيا جون طاقت جي نشي ۽ هٻڇ ۾ هنيل طاقتون جنهن نئين نياپي (نيو ورلڊ آرڊر) جي ڳالهه ڪن ٿيون، اهو عالمگيريت جو داعي آهي. لطيف جو نئون نياپو عالم دوستي جو ڳولائو آهي، جنهن مان انسانيت جو ڀلو ۽ عالم ۾ امن قائم ٿيڻو آهي. هن دؤر ۾ جڏهن انسان جي ڄاڻ جي سطح وڌي آهي. دنيا جي معلومات سندس آڱر جي اشاري تي نچندي، نچندي اک جي اشاري تي نچڻ لڳي آهي ته کيس اهو سوچڻ کپي ته پنهنجي سموري سيڙاپي سان هو انسانيت جي ڀلائيءَ لاءِ ڪهڙا ڪم ڪري رهيو آهي. حرفت گيريءَ وسيلي انسان ٻئي انسان کي سهوليتڪاري ڏيئي رهيو آهي يا وري ان کي به دنيا جي ٻين شين وانگر سمجهي کپائي رهيو آهي. هن مارڪيٽ هن ئي دنيا ۾ هرشئي کي ”مُوڙي“ سڏيو وڃي ٿو ۽ انسان ”هيومن ڪيپيٽل “ آهي جنهن کي نفعي خاطر ڪهڙي روپ ۾ به استعمال ڪري سگهجي ٿو يعني جيئن ترن مان تيل ڪڍي سگهجي ٿو تيئن انسان کي به پيڙي ان مان ڪانه ڪا اُپت ڪڍي سگهجي ٿي. موڙيائڻ يعني ڪيپيٽلائيزيشن جي انهي عمل ۾ بادشاه رعايا کي ويجهو ئي نه ايندو آهي ڇوته کيس وڇوٽي رکڻي آهي پر ڀٽائي وٽ بادشاهه انهن طبقن جي به ويجهو اچي ٿو، جيڪي سماج ۾ تمام هيڻا طبقا آهن، جن جي ڪپڙي سان ڪپڙو لڳي ته ان جي ميري ٿيڻ جو انديشو آهي. ڀٽائي فرمائي ٿو؛
ککيءَ هاڻيون کاريون، ڇڇيءَ هاڻا ڇڄ،
پانڌ جني جي پانڌ سان لڳو ٿئي لڄ،
سمو ڄام سهڄ، اُڀو ڪري اُن سين.
طبقات واري هن اوچ نيچ ڀري سماج ۾ ککيءَ هاڻي پانڌ کان هرڪنهن کي سوگ ايندي آهي. هيڻن طبقن جي زندگيءَ ۾ ڪيئي اهڙيون شيون هونديون آهن جن کان هرهڪ ماڻهو پري ڀڄندو آهي. اهڙي رويئي مان ڇيپ ڇاپ ۽ ڇوت ڇات اُڀرن ٿا. لطيف انسان کي اندر اُجارڻ جي واٽ ڏيکاري ٿو. لطيف وٽ انسان جي وڏائي ان جي فڪري ۽ اخلاقي سطح سان سلهاڙيل آهي. هو پيار جي واٽ وٺي، سڀني کي پرين پوڄڻ جو سبق ڏيندي چوي ٿو،
سڀڪا پريان ڪون پوڄي، نينهن نيڻين ڳُڻ ڳالهين،
جا چتايم چِت ۾، سڄڻ سا ٻُجهي،
لات جا لطيف جي سڄڻ سڏ تنهن جو سُڄي.
لطيف انسانيت جي ايڪائي کي هڪ ڪري سمجهي ٿو. وٽس سڀ ڪجهه هڪ آهي. پڙاڏو ۽ سڏ هڪ آهن. ور وائيءَ جو لهڻو آهي. پاڻهي پاڻ کي ڏسي رهيو آهي. پاڻ ئي محبوب به آهي ته عاشق پُڻ. پاڻهي طالب به آهي ته مطلوب به، لطيف اهڙي ڳالهه کي هن ريت ڳائي آهي؛
پاڻهين پسي پاڻ کي، پاڻهين ايءُ محبوب،
پاڻهين خلقي خوب، پاڻهين طالب تن جو.
سو هي، سو هو، سو اجل، سو الله،
سو پرين سو پساهه، سو ويري سو واهرو.
ڀٽائيءَ جا جوڳي سامي، سامونڊي، ڪاپڙي انسان به آهن ته انسانيت سان پيار ڪندڙ به. کين ڪا لالچ ڪانهي. کرڪڻا پيرين وجهي، ٽمندين نيڻين اهي جيڪي ڳولين پيا اهو عين انسانيت آهي. ڪنهن کي ڏکوئڻ وٽن گناهه آهي. دنيا ۾ سندن ڪو هروڀرو هڻ وٺ وارو مول متو ڪانهي جنهن مان هٻڇ وڌي ۽ ٻيا انسان متاثر ٿين. انهن جيڪا سٽ پڙهي آهي تنهن جي اڳ ۾ ”الف“ آهي؛
سا سٽ ساريائون الف جنهن جي اڳ ۾،
”لا مقصود في الداري“، ان پر اُتائون،
سڳر سوٺائون ٿيا رسيلا رحمان سين.
رحمان سين رسيلو ٿيڻ ايترو سولو ڪم ناهي. دنيا جو چڪ دمڪ وارو نظارو ماڻهوءَ ۾ هٻڇ پيدا ڪري ٿو. سوين علم حاصل ڪري، ڪوڙين ڪتاب پڙهي، سُڌرڻ جون انيڪ دعوائون ڪري به انسان اڃا تائين حيواني هٻڇ مان مٿي چڙهي نه سگهيو آهي. انسان وٽ فن وڌيو آهي، ڄاڻ وڌي آهي، حرفت وڌي آهي، ڪاريگري وڌي آهي پرانسان وٽ انهن سڀني شين کي سنڀالڻ، سانڍڻ ۽ هنڊائڻ جو هاڪاري ڏانءُ موجود ناهي جيڪا ئي سندس حقيقي سگهه آهي جنهن کي اخلاق جو نالو ڏنو ويندو آهي. ماڻهوءَ مشينون ٺاهيون آهن. مشينن کي منافعي خوريءَ لاءِ ڪتب آڻيندي، ماڻهوءَ اهڙي ٽنگ پکيڙ ڪئي آهي جنهن ڪري مشينن کي هو هلائي ان بدران مشينون کيس هلائين ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن انساني بيوسي ۽ اها مشيني محتاجي ڏسڻ وٽان هوندي آهي.
لطيف جو پيغام عشق جو پيغام آهي. سڪ جو سڏ آهي. انسانيت جي نئين نويد آهي. ڀٽائي سُڻي سمجهي هيڻن طبقن کي هيرو ڪري پيش ڪيو آهي يا وري انهن کي هيرو ڪري پيش ڪيو اٿس جن ۾ ڪي چڱا گُڻ ڏٺا اٿس. ڀٽائي جي ذوق جي نگاهه اعلى عشق تي پوي ٿي، اعلى اخلاق تي پوي ٿي يا وري فطرت نوازيءَ جي نينهن جو نياپو سمجهائيندي هو اهڙي ڳالهه ڳائي ٿو جيڪا عام انساني ڪار وهنوارکان اڳتي وڌي، اهو ماڳ مقام پسائي ٿي جيڪو رڳو اُلٽي اک سان ئي ڏسي سگهبو آهي. نوچ منجهان جڏهن نهاربو آهي ته شيون هن ريت به نظراينديون آهن؛
نوريءَ جي نوازيو، ٿئو تماچي تي،
گاڏي چاڙهي گندري، ماڻهو ڪيڙييئن مي،
ڪينجهر چوندا ڪي، سچ سڀيئي ڳالهڙي،
اها سچ واري ڳالهڙي آهي جو ڀٽائي وٽ ڪنهن ڄام جي ڀيٽ ۾ مُهاڻي مَي جو درجو ڪردار جي ڪري مهان آهي.