لطيفيات

ڏورِ تِئائين ڏَسُ

هي ڪتاب نامياري ليکڪ، شاعر ۽ محقق نور احمد جنجهي جو لطيف شناسيءَ تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.
نور احمد جنجهي صاحب لطيف جي اهڙن اسرارن ۾ ڏَور وڌي آهي جتي لفظن کان اڳيان وڌڻ جو درس آهي، دل ۽ روح مان نڪرندڙ ڳالهين جا هُل هلاچا آهن، محبت جي تشنگي تار مان پار پوڻ جا ساٺ آهن، آيل لاءِ روئڻ کي سرتين جي دانهن آهي. اهڙن سمورن خيال کي سائينءَ بخوبي نڀايو آهي. سائين نور احمد جون هنيين ۾ هنڊائڻ جهڙيون الست تحريرون اميد ته پڙهندڙ تي گهرو اثر ڇڏينديون ۽ ان سحر ۾ اچي هو قدرتي لقائن مان لاڀ حاصل ڪندا. هي يار خود زماني جي رنگ کان پاسي رهي اهي سموريون لافاني تحريرون تحرير ڪندو رهيو آهي.
Title Cover of book ڏورِ تِئائين ڏَسُ

وچن ويڙهيچن سان....!!

وچن ويڙهيچن سان....!!

انساني جيون جو سمورو مانڊاڻ تصور تي بيٺل آهي. تصور خيال کي جوڙي ٿو ۽ خيال عمل جو بنياد بنجي ٿو. اهڙي طرح انساني زندگي ان گهيري ۽ گهمري مان وري وري ور کائي هلندي رهي ٿي. انسان جو سمورو عمل سندس تصور جو تابع آهي. داخلي عنصر بعد ۾ ان تي اثرانداز ٿين ٿا.انسان جي عمل ۾ پُختگي ۽ جٽاداري انساني وچن وابستگيءَ سان پيدا ٿئي ٿي. جيترو وچن مضبوط هوندو اوترو انسان پنهنجي عمل ۾ پڪو ٿي بيهندو. جڏهن ماڻهو عمل ۾ پڪو ٿي بيهندو ته ئي هو قرباني به ڏيئي سگهندو ته صبر جي شمشير سان ڪيترين ئي اوڻاين کي ڪوري ڪڍي سگهندو. ماڻهو جڏهن وچن نباهه نٿو ڪري ۽ پنهنجي وچن کي وچ ۾ ٽوڙي ڇڏي ٿو ته پوءِ سندس عمل به ان ڪا ٽا ٿيل لغڙ جيان خالي فضا ۾ لڙڪندو، لڏندو ۽ بي مهار اُٺ جيان اوڳو بنجي جهوتون ڏيندو رهي ٿو. انسان پنهنجي وچن کي نهاري ٿو ته سندس وچن ازلي تخليق کان وٺي ڪنهن دنياوي مقصد تائين ڦهليل نظراچي ٿو. خلقڻهار سان وچن، عشق سان وچن، وطن ۽ وطن واسين سان وچن ۽ ڪنهن به مقصد سان وچن وسيلي انساني جيون جا مختلف روپ نظراچن ٿا. خلقڻهار سان وچن وابستگي اهڙو ٻنڌڻ آهي جنهن کي ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ پاري ٿو. جيڪي ڳالهيون فطرت مٿس فرض طور عائد ڪيون آهن سي نه پارڻ جو وٽس اختيار ئي ناهي باقي جنهن شئي جو کيس اختيار آهي ان ۾ هو پنهنجي راءِ مطابق هلي ٿو. عشق سان وچن اهڙو اوچتو ٻنڌڻ آهي جنهن ۾ ماڻهو بنا نفعي نقصان جي سوچڻ جي ٻڌل رهي ٿو. صوفين توڙي ساڃهه وندن تنهنڪري سدائين عشق سلامت گهريو آهي. عشق جو وچن جيڪي وڏا وڏا ڪم ڪرائي ٿو تنهنجو ڪاٿو دنيا جي تاريخ جي ڪٿا مان لڳائي سگهجي ٿو. سُهڻيءَ پاران سير گهڙڻ کان وٺي جديد دؤر جي عاشقاڻين اُليلن تائين ان وچن نباهه کي نهاربو ته مضبوط ئي مضبوط ملندو. وطن يا ويڙهه سان به انسان جو وچن هوندو آهي جنهن سان نباهيندي ماڻهو سر ڏيئي، ڌرتيءَ تان نثار ٿي ويندا آهن پر ڌرتيءَ تي ڪابه ڏکي ويل اچڻ نه ڏيندا آهن. وطن واسين به اهڙي وابستگي ٿئي ٿي. ويڙهيچن سان ڪيل وچن سچا انسان سدائين ڀرپور نموني پاريندا آهن. ڪنهن مقصد سان وچن وابستگي به انسان کي اهڙي مهميز آڇي ٿي جنهن سان هن تاريخ ۾ انيڪ ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. ڪنهن به مقصد سان جيڪو وچن آهي اهوئي ماڻهوءَ کي اورچ بنائي، کانئس اهو ڪم سرانجام ڏيارائي ٿو. سائنس جا ڪارناما هجن يا تاريخ جا ٻيا اهم ڪم، سمورا انهي وچن وابستگيءَ جي ڪري، تڪميل کي پهتا آهن. وچن وابستگي ۽ وچن نباهه جو اهو نُڪتو انساني عمل جو خاص محرڪ آهي.
لطيف سائين جي شاعريءَ ۾ وچن نباهه جو تصور انتهائي سهڻي نموني بيان ڪيل آهي. ڀٽائي وچن وابستگي کي جامع انداز ۾ بيان ڪيو آهي جنهن ۾ هن انسان جو خالق سان وچن، عشق سان وچن، ملير ۽ ماروئڙن سان وچن توڙي ڪنهن مقصد سان وچن کي گڏي بيان به ڪيو آهي ته الڳ الڳ بيان به ڪيو آهي. شاه سائين جي شاعريءَ ۾ وچن وابستگيءَ جو تصور هن ريت آهي؛

الست بربڪم جڏهن ڪن پيوم،
قالوبليٰ قلب سين، تڏهن تت چيوم،
تنهن وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سان.
انسان جو اهو ازلي وچن الستي آواز جي موٽ آهي. اهو آواز ڀٽائي جي ٻولن ۾ حبيبن حب مان هيڪاري جيڪو محبوبي سڏ ڪيو آهي پوءِ اهو سڏ سڄي عمر اورڻ جو وچن کڻي ماڻهو هلندو رهي ٿو. ان سڏ جي انڪار جي گنجائش ڪانهي. اهو سڏ ئي سموري وچن وابستگيءَ جو منبع آهي. لطيف جي لفظن ۾ ؛

حبيبن هيڪار، منجهان مهر سڏ ڪيو،
سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اهوئي ٿيو.

اهو وچن ان تعلق مان اُسري ٿو جيڪو تعلق پيدا ٿيڻ کان به اڳ جو آهي. الله تعالى پنهنجي قدرت سان ڪائنات کي پئدا ڪيو ۽ انسان کي ان ۾ مُک مخلوق ڪري بيهاريو جنهن کي ملائڪن به سجدو ڪيو. اها تعظيم انسان جي علم کي هُئي. علم انسان جي ازلي وٿ آهي. عشق محبت انسان کي عطا ٿيل اها ڏات آهي جنهن انسان کي اندر جي انسان سُڃاڻڻ ۽ انسانيت جي درد کي سمجهڻ جو دڳ سمجهايو آهي. انسان جي محبت واري ازلي تعلق کي لطيف هن لطيف انداز ۾ بيان ڪيو آهي؛

ساهڙ جا سينگار، اڻ لکئا اڳي هئا،
نڪا ڪُن فيڪون هئي، نڪا ٻي تنوار،
ملڪنئان مهند هئي، توڏيءَ جي تنوار،
محبت سان ميهار، لايائين لطيف چئي.

عشق جو وچن انساني رويئي جو اهم بنياد آهي. سموري چُرپُر ان مان نڪري ٿي. ساجن جي صورت جو تصور مدامي من ۾ رهندو آهي. اندر جون اکيون ان کي هر ويل ڏسنديون رهنديون. اندر ۾ اهو خيال به ان وچن وابستگيءَ جي ڪري ئي سگهارو ٿيندو آهي، ساهس به ڏيندو آهي ته اُتساهه به بخشيندو آهي. لطيف سائين فرمائي ٿو؛
منجهان منهنجي روح، وڃي ساجن وسري،
مر لڳي لوءَ، ٿر ٻابيهو ٿي مران.

ڀٽائي وٽ عشق جي وچن نباهه جو ٻهڳڻ تصور آهي. سڀئي سُر ڪنهن نه ڪنهن عشق جو اڇو اُجرو مثال آهن.سڀئي سورما سورميون يا ٻيا ڪردارعشق جي اُتم وچن جو اظهار ڪن ٿا. انهي وچن نباهه مان ئي فطرت، وطن ۽ وطن واسين سان پيار جو وچن اُڀري ٿو. اهڙي وچن مان وطن جي حب نروار ٿئي ٿي. ان وچن جي وچور ۾ وڃڻ بدران رڳو سُر مارئيءَ کي پڙهبو ته به ڪافي آهي. مارئيءَ جي نسبت ملير سان آهي، مارن سان آهي، ساري جهر جهنگ سان آهي. هوءَ مسڪين ۽ معصوم نياڻي هئڻ باوجود هڪڙي ارڏي بادشاهه کي به انهي وچن جي آڌار تي للڪاري ٿي جيڪو وچن ويڙهه سان ڪيو اٿس ۽ ويڙهيچن سان ڪيو اٿس. هوءَ جيئري ته ان وچن کي نباهي ٿي پرمرڻ کان پوءِ به ان وچن کي نباهڻ واري خيال کي لطيف هن ريت بيان ڪري ٿو؛

واجهائي وطن کي، ساري ساه ڏيان،
هيءَ سر ساڻيهه سامهون، منهنجو نج ميان،
مُقامياڻي ماروئين، وڃي ٿر ٿيان،
ميائي جيان جي وڃي مڙهه ملير ڏي.

مارئي جو اهو وچن کيس وطن سان ۽ وطن واسين سان ايترو ويجهو وٺي وڃي ٿو، جو هوءَ انهن سان هڪ ٿي وڃي ٿي. هوءَ مرڻ کانپوءِ به پاڻ مٿي ٿرن جي ٿڌي واري وسائڻ چاهي ٿي. پويين پساهه کانپوءِ به مڙهه ملير ڏانهن وٺي وڃڻ جي خواهشمند آهي. وچن وابستگيءَ جي اها ڳالهه ڀٽائي جي ڪلام ۾ هرهنڌ ملي ٿي. سسئي جڏهن پنهون سان وچن ڪري نڪري ٿي ته اهو وچن کيس ان ساري رستي سان به پيار ڪرائي ٿو جيڪو هونئن ڪٺن آهي. مومل جڏهن مهندري سان وچن نباهڻ ڏانهن وڌي ٿي ته ڪٿي لُڊاڻو ڪٿي امراڻو. اچي امراڻي جا وڻ وسائي ٿي. وچن وابستگيءَ نباهڻ خاطر ماڻهو سڀڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. هو ڏونگر ڏوري ٿو. سُر جي صدا سامهون سر ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. کاهوڙي، جوڳي، سنياسي جڏهن پنهنجي وچن نباهه جي پنڌ ۾ اڳتي وڌن ٿا ته کين ڪابه رڪاوٽ نٿي روڪي. اهي سڪا سنڊ ڪڇن ۾ وجهي اها جُوءِ ڏورڻ هليا وڃن ٿا جيڪا ڏورڻ ڏاکڙو آهي. هو اهو دنگ درو به ٽپي وڃن ٿا جتي سونهان به منجهن ٿا. اها سگهه وچن وابستگيءَ مان ئي اُسري ٿي.
ماڻهو جڏهن ڪنهن به مقصد سان وچن وابستگي جو نباهه ڪرڻ جو ساهس ساهي ٿو ته پوءَ هو مورڙي جي صورت ۾ بُري تي بڇ ڪري ٿو ۽ ان جي ڏاڍ کي للڪاري ٿو. جيتوڻيڪ مورڙو ويچارو هٿين پيرين جڏڙو آهي پر جڏهن مقصد جو محرڪ منجهس ولوڙ پيدا ڪري ٿو ته پوءِ هو مڇ کي به هن ريت چئي وجهي ٿو؛

متو آهين مڇ، ٿُلها ٿو ٿُونا هڻين،
تو جا ڀانئي اڇ، تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا.

اهڙي مضبوط وچن سان مورڙو مڇ تي سرسي حاصل ڪري ٿو. وچن ئي آهي جيڪو انسان ۾ سگهه پيدا ڪري ٿو ۽ ان سگهه جي آڌار تي انسان وڏا وڏا ڪم ڪري ٿو. ٻي طرف جڏهن ماڻهو وچن وابستگيءَ کي ٽوڙي ٿو، انهي ڀرم جي ڀڃڪڙِ ڪري ٿو ته پوءِ سندس حال بُرو ٿئي ٿو. وچن جي ٽٽڻ سان ماڻهوءَ کي ڏهاڳ جو ڏنءُ اچي وڃي ٿو ۽ سندس حال ليلان وارو ٿي پوي ٿو. ليلان چنيسر جي لاڏلي زال جي حيثيت وڃائي وهي ٿي ۽ لوڌجي وڃي ٿي. ليلان هار تي هرکي وچن ٽوڙي وجهي ٿي تنهن ڪري سندس حيثيت متاثر ٿي پوي ٿي. مڻيئي تي موهجڻ ماڻهوءَ کان وچن وسارائي ٿو ڇڏي تنهنڪري ئي وچن کي ڇيهو رسي ٿو. ڀٽائي ان ماجرا کي هن ريت بيان ڪيو آهي؛
مڻئي اُتي موهجي، هاري ڳيڙيئه هار،
ڪوڙين ڪيا ڪيترا، انهي خر خوار،
ڀري وئو ڀتار، آيئي ڏنءُ ڏهاڳ جو.

اهڙي ريت وچن نباهه انساني زندگيءَ ۾ اهم جاءِ والاري ٿو. ڀٽائي پنهنجي ڪلام ۾ وچن نباهه جي تصور کي تمام ڀلوڙ انداز ۾ ڳايو آهي جنهن مان نه رڳو سنڌ کي پر سموري عالم کي روشني ملي سگهي ٿي. دنيا جي اقتصادي سرشتي دنيا کان وچن وسارائي ڇڏيو آهي تنهنڪري اها رڳو نفعي پويان ڪاهي پيئي آهي. منافعي خوريءَ جي ان ڊوڙ قدرتي وسيلن جي کاپي جو توازن بگاڙي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري دنيا کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پئجي رهيا آهن. ماڻهوءَ جي ڌرتيءَ سان اها وابستگي نه رهي آهي جيڪا هئڻ گهرجي. انسان ڌرتيءَ مان سڀڪجهه چوسي ڪڍڻ جي چڪر۾ ماحول جي مانڊاڻ کي ڊانواڊول ڪري وڌو آهي. ان سموري بگاڙ جو سبب وچن وابستگيءَ جو وسرڻ آهي جنهن جو ڏس لطيف ڏئي ٿو ته اهو وچن روح مان وسرڻ نه گهرجي. وچن وسارڻ دنيا لاءِ وڻاهه آهي.