لطيفيات

ڏورِ تِئائين ڏَسُ

هي ڪتاب نامياري ليکڪ، شاعر ۽ محقق نور احمد جنجهي جو لطيف شناسيءَ تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.
نور احمد جنجهي صاحب لطيف جي اهڙن اسرارن ۾ ڏَور وڌي آهي جتي لفظن کان اڳيان وڌڻ جو درس آهي، دل ۽ روح مان نڪرندڙ ڳالهين جا هُل هلاچا آهن، محبت جي تشنگي تار مان پار پوڻ جا ساٺ آهن، آيل لاءِ روئڻ کي سرتين جي دانهن آهي. اهڙن سمورن خيال کي سائينءَ بخوبي نڀايو آهي. سائين نور احمد جون هنيين ۾ هنڊائڻ جهڙيون الست تحريرون اميد ته پڙهندڙ تي گهرو اثر ڇڏينديون ۽ ان سحر ۾ اچي هو قدرتي لقائن مان لاڀ حاصل ڪندا. هي يار خود زماني جي رنگ کان پاسي رهي اهي سموريون لافاني تحريرون تحرير ڪندو رهيو آهي.
Title Cover of book ڏورِ تِئائين ڏَسُ

ڄاڻين ته به نه ڄاڻ، اي در اڄاڻن جو

ڄاڻين ته به نه ڄاڻ، اي در اڄاڻن جو

انسان پنهنجي جلوي ۽ جوهر ۾ ڪائنات جي مڻيادارمخلوق آهي جنهن بابت ڏند ڪٿا کان وٺي فلسفي تائين، فلسفي کان وٺي مذهب تائين ۽ مذهب کان وٺي سائنس تائين، سائنس کان وٺي اتم حرفتگيريءَ تائين احوال جي پلٽ پلٽان لڳي پيئي آهي هرهڪ ڌُر پنهنجي پنهنجي نقطي نگاهه کان انسان جي سمجهاڻي ڏئي رهي آهي. انسان ۽ ڪائنات جي تعلق کي سمجهايو پيو وڃي. سمجهڻ سمجهائڻ جو اهو سمورو عمل ”ڄاڻ“ وسيلي صدين کان جاري آهي. انسان کي دماغ ڏيئي ان وسيلي سوچڻ جي جيڪا صلاحيت مليل آهي تنهن ۾ هو بي مثال ۽ بينظير آهي. باقي سموري مخلوق سندس انهي صلاحيت جي پد کي نٿي پهچي. اهوئي سبب آهي جو انسان سموري ڪائنات ۾ بالم بنيل آهي ۽ ان کي جيئن کيس وڻي تيئن هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. انسان جي اها ڄاڻ واري صلاحيت علم جي سڀني شعبن بحث هيٺ آندي آهي ۽ انهي صلاحيت کي مختلف نالا ڏنا آهن جن ۾ عقل، علم، ڄاڻ، ساڃاه، شعور جهڙا لفظ به آهن جيڪي انهي گڻ بابت انسان جي مختلف تصورن کي نروارڪن ٿا. انسان جي اها صلاحيت خودڪارآهي. ان جي تراش خراش ٿئي ٿي. لسائي گسائي ٿئي ٿي، پر ان جو هر ساڳي جو ساڳي آهي. انسان انهي صلاحيت کي نروارڪرڻ لاءِ وري تعليم جي ڪرت جو بندوبست ڪيو آهي. تعليم جا به ڪيئي وڙ آهن جن کي ڪڏهن سڌو ڪري پيش ڪيو ويندو آهي ته ڪڏهن ان ۾ ايترا وروڪڙ هوندا آهن جو انسان جو دماغ ئي چڪرائجي ويندو آهي. نتيجي ۾ اٻوجهه ۽ اڻ ڄاڻ ماڻهو انهي وٽ جا حصيدار نه ٿي سگهندا آهن. انسان جي انهي صلاحيت جي ارتقا جي ڏاڪن تي نظر وجهجي ٿي ته سڀ کان پهرين هو فطرت پسند نظراچي ٿو جنهنجي ڄاڻ جا سمورا سرچشما فطرت مان نڪتا، ڇاڪاڻ جو اڃا اوائلي دؤر هو. ان دؤر ۾ هن جيڪي به ونڊيو ورڇيو اهو فطرت جو داستان آهي. ويد ۽ ويدن جهڙا ٻيا اوائلي ڪتاب انهي فطرت مان ڦٽي نڪرندڙ علم جو وڙ آهن. فطرت پسنديءَ مان جڏهن انسان جي دل ڀرجي ٿي ته هو شين جي منطقي تاويل ڳولڻ لڳي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ جو هاڻي هو فطرت جي تشريح ۾ لڳي ويو. اڳي فطرت جو راوي هو هاڻي ان جو شارح آهي. اهو سلسلو به اڳتي وڌندي مذهب جي صورت ۾ نروار ٿيو. مذهب مان مذهبن ۾ تبديل ٿيو اڳتي هلي فرقن ۾ ۽ فرقن جي فرقن جي شڪل ۾ نروارٿيو. انسان جي فطرت سان پهرين ڏيٺ ويٺ ۽ سندس منطقي ماحول کيس شين کي پرکڻ ڏانهن وٺي ويو جنهن مان سائنس جي ڄاڻ نروار ٿي جيڪا اڳتي هلي حرفتگيري ۽ اتم حرفتگيري تي اچي پهتي آهي ۽ ويراوير وڌندڙ آهي. هرتهذيب ۾ ڄاڻ بابت بنيادي تصور به نروار ٿيا ۽ اها ان جي روشني ۾ اڳتي وڌڻ لڳي. سنڌي سماج ۾ به ڄاڻ بابت پنهنجا بنيادي تصور ۽ خيال رهيا آهن جن وسيلي سنڌي سماج پنهنجي ذهني ۽ فڪري پنڌ جو رائو ريليندو ۽ ٿر ٿيلهيندو رهيو آهي. سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن به انهي ڏس ۾ پاڻ موکيندي ”ڄاڻ“ جي بنيادن بابت پنهنجي پنهنجي نظريئي کي نروارڪيو آهي. اسان وٽ ٿيندو اهو رهيو آهي ته جن اسان تي حڪمراني ڪئي آهي ۽ اسان کي پنهنجي حلقه درگوشيءَ جي دامن ۾ رکيو، اسين تن جي نظرين جا پرچارڪ ۽ حمايتي رهيا آهيون. پراين دهلن تي نچندا، ڳائيندا وڄائيندا، الائي ڇا ڇا رٽيندا ۽ رٽائيندا رهيا آهيون. انهن نظرين کي عملي جامو پارائڻ لاءِ، وت ۽ وس آهر ڪوشش به ڪندارهيا آهيون. پنهنجي اساسي مفڪرن جي اسان ايئن پيروي نه ڪئي آهي جيئن ڪرڻ گهرجي. اهڙن اساسي ۽ روشن خيال شخصيتن ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي به اچي وڃي ٿو جنهن زندگي جي سمورن پاسن بابت پنهنجي خيالن کي سُريلي شاعري وسيلي ايئن اظهاريو آهي جو اهي سماج ۾ وک وک تي اسان جي رهنمائي ڪن ٿا. ڄاڻ اهڙو عمل آهي جنهن جون مختلف صورتون آهن ۽ ان جون کوڙ ساريون وصفون بيان ڪيون ويون آهن. ڀٽائي به ڄاڻ بابت خيال ڏنو آهي ته ڄاڻ ڇا آهي؟ ڪيران پنٿ ۾ اڳتي آهي؟اڳتي وڌڻ جي واٽ ڪهڙي آهي؟ڪهڙي طريقي سان انهي پنڌ ۾ ”ريجهڻ “ ماڻي سگهبو ؟ هو فرمائي ٿو؛

ڄاڻي ته به نه ڄاڻ، اي در اڄاڻن جو
ان در سيئي اگهيا، جني نه ڀانيو پاڻ
ريڌو آهي راڄاڻ، ان پر اڄاڻن سين.

ڄاڻ انسان جي ان داخلي صلاحيت جو نالو آهي، هو جنهن وسيلي خارجي دنيا جي عبارت ۾ پنهنجي وجود ۽ ڪائنات ۾ ان جي معنويت ڳولڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. انسان ڄائي ڄم کان ان صلاحيت سان ڏيجيل آهي. اڳتي هلي هو انهي صلاحيت جي بنيادن تي پنهنجي نوڪ پلڪ جي سنوار ۾ لڳي وڃي ٿو. ڄاڻ يا علم پهريان داخلي آهي پوءِ خارجي. ڀٽائي انهي سلسلي ۾ ”نه ڄاڻڻ“ تي زور ڏي ٿو. ڄاڻجي ته به سمجهجي ته ڪجهه به نٿو ڄاڻجي. ڇاڪاڻ ته جيترو ادراڪ وڌندو ويندو، شعور وڌندو ويندو اوترو ماڻهوءَ کي پنهنجي حدن جي محدوديت جو اندازو ٿيندو ويندو. هو پنهنجي اڄاڻائي کي محسوس ڪرڻ لڳندو ۽ اڄاڻائي جي انهي عمارت تي ڄاڻ جو ماڙيون ۽ منزلون جوڙيندو ويندو. ڄاڻ جي انهي پنٿ ۾ اهي ئي اڳتي وڌن ٿا جيڪي پنهنجو وجود وڃائين ٿا. وجود وڃائي تهان پوءِ تڪبير چوڻ جي ڳالهه به ڀٽائي ڪئي آهي. پاڻ ڀانئڻ ڄاڻ جي واٽ ۾ وڏي رنڊڪ آهي. پاڻ جي خول مان ڪيئن ٻاهر نڪرجي اهو به هڪ وڏو ۽ مرحلي وارعمل آهي. روحانيت جي سموري تحريڪ انهي تحرڪ تي هلي ٿي. راڄاڻ جو ريجهڻ به ڀٽائي جي خيال جو محور آهي ڇاڪاڻ ته هر شئي پنهنجي اصل ڏانهن موٽڻي آهي. ريجهڻ جي انهي عمل بابت سموري صوفي شاعري ريجهڻ جي اهڙي فڪر سان ڀري پيئي آهي.
اڄاڻ مان ڄاڻ جي ڳاري جو ڳر لهڻ کانپوءِ هو اڳتي وڌي ٿو ۽ ظاهري اکرن کان هٽي ڪري ان ڏس ڏانهن وڃي ٿو جتي اکر جڙن ٿا. ڪاڳر ڪور جي ڪرت مان اڳتي وڌي ٿو. مس وڃائڻ کي هو اڪارٿ سمجهي ٿو. صلاح ڏي ٿو ته ڏس اتان ڏوريو جتي اکر جڙن ٿا. هو فرمائي ٿو؛

ڪوه ٿو ڪاڳر ڪوريين، ويٺو وڃائين مس،
ڏور تئائين ڏس، جئاين اکر جُڙيا.

ڪاڳر ڪور جو عمل به ڄاڻ جي سلسلي ۾ هلندو رهيو آهي ۽ ان جو اٽوٽ حصو ٿي ويو آهي.انهي ۾ جيڪي شيون نروار ٿين ٿيون انهن تي وري دنياداري جون مصلحتون اثر ڪن ٿيون ته ڄاڻ جي اصليت پردي پويان ڍڪجي وڃي ٿي. ان جو اصل جوهر نروار نٿو ٿئي. ڪوڙين ڪتابن ۾ ساڳيو علم آهي. ان کي مختلف تصورن وسيلي چٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. نظر جي نيڪي ضروري آهي تڏهن فڪر جي ڦرهي تي ڪا روشني نمودار ٿيندي. فڪر ڦرهي جنهن جي هٿ ۾ هوندي اهوئي چڪڻ چاڙهه مان چڙهي پار پوندو. ڀٽائي فرمائي ٿو؛
ڪوڙين ڪتابن ۾، حرف مڙيوئي هيڪ،
جي نظر تو نيڪ، ته بسم الله ئي بس ٿئي.

جن جي نظر نيڪ آهي تن لاءِ بسم الله ئي ڪافي آهي. نيڪ نظر دلين جي آئيني کي صاف ڪري چمڪداربنائي ٿي. ان ۾ ئي پنهنجو عڪس نظراچي ٿو. جڏهن ماڻهو انهي نيڪ نگاهي سان اڳتي وڌي ٿو ته پوءِ کيس خبر پوي ٿي علم اڳتي هلندا هڪ ئي نقطي تي پهچن ٿا. اهو درجو به تڏهن اچي ٿو جڏهن ڄاڻ جو ڳولائو اهي سڀئي مرحلا طئي ڪري اڳتي وڌي ٿوته سندس اڳيون کلي ٿيون پون. مار! پريان جي پار جي مڙئي مٺائي آهي. رڳو چيت ڪري چکڻ جي ضرورت آهي. جيڪي انهي انداز سان اها وٽ چکندا تن جو چيتو جاءِ هوندو ۽ هرڪاڳر ڪور مان پارپئي اصلي علم تائين پهچندا رهندا.

اکر پڙهه الف جو ٻيا ورق سڀ وسار،
اندر کڻي اُجار، پنا پڙهندين ڪيترا.

ڄاڻ جي انهي پنٿ جي پانڌيئڙن لاءِ پڙهڻ سان گڏوگڏ قلب ۾ ڪڙهڻ به ضروري هوندو آهي جيئن علم جي اصليت جيڪا داخلي آهي ان کي ڪا مهميز لڳي ۽ اها خارجي دنيا سان پنهنجي تعلق کي ڪا معنى ڏيئي سگهي. قلب ۾ ڪڙهڻ کانسواءِ سڀ ڪجهه اجايو آهي. نيڪ نگاهي ۽ هنيئين هنڊائڻ کانسواءِ ڄاڻ کي ڀٽائي ڏوه سمجهي ٿو. هو فرمائي ٿو؛

پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾،
پاڻان ڏوه چڙهن، جيئن ورق ورائين وترا.

ورق گرداني، ڪاڳرڪور ۽ رٽ رٽان جي عمل کان لطيف هٽي ڳالهه ڪري ٿو. هن وٽ پڙهڻ پروڙڻ جو نالو آهي، جيڪو پاڻ سڃاڻڻ کان ٿيندو پرين سُڃاڻڻ تي پُڄي ٿو. انسان جي فڪري ارتقا جو اهو پنڌ پاڻ کان ٿي جڏهن پرينءَ تي پهچي ٿو ته پروڙ پوي ٿي ته پاڻ ئي پاڻ آهي. پنهون به پاڻ آهي. سسئي ته سورن جي روپ ۾ ظاهر ٿئي ٿي. پاڻ ڳولڻ جو اهو ڪم ڄاڻ جي انهي ڄر سان ئي ٿئي ٿو، جيڪا پنهنجي سيڪ سان ڪچي سون کي ڪُندن بنائي ٿي. اهو ڪندن بنجڻ وارو عمل ڄاڻ جي اڄاڻائيءَ واري نقطي کان شروع ٿي ڄاڻ ڏانهن موٽ کائي ٿو. پر اها سموري حاصلات به ڪنهن حڪمت عملي سان ئي حاصل ٿئي ٿي، جنهن کي ڀٽائي هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو؛

پڙهڻ ته پروڙڻ، نه ته پڙهڻ آهي مذاق،
سبق سپرين جي اندر ڪئي اوطاق،
تون پارلنگهائين پاڪ، آئون حرف نه ڄاڻان هڪڙو.

ڪاڳرڪور جي عمل مان قاضي ٿيڻ کي اڀاڳو سمجهندي، ڀيرڻ ۽ بانئڻ جي رٽ رٽان کان پري ٿي لطيف ان سُرڪيءَ جو ساءُ عزازيل کان پڇڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. انهي عمل ۾ جيڪا رٽ رٽان ٿئي ٿي ۽ اها رٽ رٽان مارائي ٿي. انهي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي، ڀٽائي اهو به فرمائي ٿو ته جن کي پاڻ پڙهائي ٿو سي اڻ پڙهيا به پڙهيا آهن ٻيا ڪروڙين ڪتابن سان به بيڪارگهمن پيا. تنهنڪري هو پنهنجي ڳالهه کي هن ريت رکي ٿو؛

حرف ڇُٽي هڪڙي، ٻهون جي نه ٻُجهن،
ڪوه ڪبو کي تن، سڄي سُڻائي ڳالهڙي.

سڄي ڳالهڙي ۾ جيڪو ڳر آهي اهو هن ريت آهي ته ڄاڻ جو سمورو عمل اڄاڻ مان نروار ٿئي ٿو پر ان لاءِ ”ڀانئڻ“ جي ڀيرمان نڪرڻو آهي يعني (unlearn) ڪرڻو آهي. جيسين ڪرڙ ڪانڊيرا ڪک پن گاهه ڪچرا اندر ۾ پيل هوندا تيستائين نئين ڄاڻ کي اندر اچڻ جي جاءِ ئي نه ملندي. جڏهن پاڻ ڀانئڻ جي ڪوٽ مان نڪري اڳتي وڌبو ته پرين سڃاڻڻ جو پد ايندو جتان اڳتي ريجهڻ جو عمل (reconciliation) آهي جيڪو انسان جي ڄاڻ واري انهي پنڌ جو معراج آهي.