لطيفيات

ڏورِ تِئائين ڏَسُ

هي ڪتاب نامياري ليکڪ، شاعر ۽ محقق نور احمد جنجهي جو لطيف شناسيءَ تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.
نور احمد جنجهي صاحب لطيف جي اهڙن اسرارن ۾ ڏَور وڌي آهي جتي لفظن کان اڳيان وڌڻ جو درس آهي، دل ۽ روح مان نڪرندڙ ڳالهين جا هُل هلاچا آهن، محبت جي تشنگي تار مان پار پوڻ جا ساٺ آهن، آيل لاءِ روئڻ کي سرتين جي دانهن آهي. اهڙن سمورن خيال کي سائينءَ بخوبي نڀايو آهي. سائين نور احمد جون هنيين ۾ هنڊائڻ جهڙيون الست تحريرون اميد ته پڙهندڙ تي گهرو اثر ڇڏينديون ۽ ان سحر ۾ اچي هو قدرتي لقائن مان لاڀ حاصل ڪندا. هي يار خود زماني جي رنگ کان پاسي رهي اهي سموريون لافاني تحريرون تحرير ڪندو رهيو آهي.
Title Cover of book ڏورِ تِئائين ڏَسُ

پُئاڳ

پُئاڳ
جئائين اکر جُڙيا

لطيف سائين جي شاعري...بيت ۽ وايون....سنڌ جي فڪري ورثي جو اُتم اُهڃاڻ آهن. موتين کان ملهه ۾ ڳرن لفظن وسيلي اظهاريل خيال ايترو ڳرو آهي، جو هرڪنهن کي پنهنجي دل جو آواز محسوس ٿئي ٿو. سنڌي سماج جي هر طبقي جو ماڻهو، سنڌي سماج سان محبت ڪندڙ ماڻهو ۽ سنڌي سماج ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهوءَ لاءِ ڀٽائي جو بيت سچو سونهون آهي. لفظن اندر هن جيڪي ڪجهه لفظن کان به مٿاهون ڀريو آهي، اهو سڀ کان مٿاهون آهي، تنهنڪري لطيف جو بيت ٻُڌي يا پڙهي هرهڪ اظهاري ٿو ته هي لطيف سائين جي تخليق آهي. لطيفي شاعري ڪلام آهي جيڪو روح جي گهراين مان مٺي پاڻيءَ جي چشمي وانگر نڪتو آهي.
رومي سائين جي مثنويءَ لاءِ جيئن مولانا عبدالرحمان جامي فرمايو آهي ”مثنوي معنوي مولوي....هست قرآن در زبان پهلوي“ ايئن حقيقت محمدي جهڙو شاهڪار تخليق جي شاعر ميين عبدالرحيم مڱريئي گرهوڙ واري ڀٽائي لاءِ فرمايو آهي :

آهي عبداللطيف تي رضامندو رحمان،
جوڙي جنهن قرآن، سنڌيءَ ۾ صحيح ڪيو.

ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ تمام گهڻو پڙهيو لکيو ۽ عالم نظراچي ٿو.اُن وقت جي رائج علمن بابت سندس ڄاڻ اعلى هئي تڏهن هن اهي سڀئي شيون انتهائي روح رانئيندڙ ٻوليءَ ۽ پيرائي ۾ پيش ڪيون آهن. اها الڳ ڳالهه آهي ته ڀٽائيءَ جي شاعري ڪا ڪاڳر ڪور ناهي. مس وڃائڻ وارو عمل ناهي. روميءَ به فرمايو هو ؛

صد کتاب و صد ورق در نار کُن،رُخِ دل را روئي جانب ِ يار کُن

سندس ڳوڙهيون ڳالهيون روح جي گهرائيءَ تائين پيهي وڃن ٿيون. ڀٽائيءَ کي ڪڏهن ولي ڪري پيش ڪيو ويو ته ڪڏهن ڪامريڊ. هرڪنهن ڀٽائيءَ کي پنهنجي نظريئي جي عينڪ سان نهاري ٻين اڳيان پيش ڪرڻ جي بيڪار ڪوشش ڪئي آهي پرسڀئي ان اڪارٿ ڪرت ۾ سوڀارا نه ٿي سگهيا آهن ڇوته نظريا نابين به ٿيندا آهن ته نظرين کي انيڪ عينڪون به پاتل هونديون آهن. لطيف سائين لطيف آهي جنهن جي شاعري پنهنجي وصف پاڻ آهي. لطيف ماڻهن لاءِ ۽ ڌرتيءَ لاءِ شاعري ڪئي، جنهن بابت تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي پراڄ به هڪ مستند رسالي جي گهرج هرڪنهن جي چِت ۾ چُڻڪي رهي آهي. لطيف جي ڪلام کي ترجمو ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي ويئي آهي پر اهو ترجمي جي بدران ترجماني آهي ڇاڪاڻ ته اعلى تخليقي حرف قابل ِ ترجمو ناهي. لطيف کي ”گهڻو پڙهيل هئڻ جي دعويدارن“ کان وڌيڪ ”اڄاڻ “ ماڻهن سانڍيو ۽ سمجهيو آهي. پوئين طبقي کان ڀُل چڪ ٿي هوندي پر پهرئين طبقي وارن همراهن ڀٽائيءَ جي شاعريءَ سان هٿ رڱيا آهن. ڳالهايل لفظ جي اُتارڻ کانپوءِ وري ان تان اُتارڻ دوران جيڪو پنڌ ڀٽائيءَ جي شاعري ڪيو آهي، تنهن سان ڪافي پڙهڻيون به متاثر ٿيون آهن. باقي معنى جي دنيا ۾ جيڪا علم جي اڪابري ڏيکاري ويئي آهي تنهن جو ته ليکو ئي لال آهي. انهن سڀني ڳالهين باوجود لطيف جي شاعري سنڌ جي خيال جو جياپو آهي جنهن سان نه رڳو ٻولي سانڍيل رهي پر ثقافت جي هُرمجيءَ جا به سمورا رڱ جيئرا جاڳندا آهن.
لطيف جو ٻول قلب جو اهڙو قول آهي جيڪو لفظن جي دريءَ مان اُڀري ٿو پر لفظن کان اڳتي وڃي ٿو تڏهن پريان سندي پار سان لنئون لائي ٿو. لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪي آکاڻيون کڻي، من اندر جي مام اورڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، تنهن ۾ هن ڪردار سازي ڪئي آهي. هر آکاڻيءَ ۾ نالا ۽ ماڳ پنهنجي اصلي صورت ۾ آهن پر لطيف انهن کي پنهنجي معنى جي ڳوڙهين ڳنڍين جي ڳنڍير ۾ اهڙو ته پروئي ڇڏيو آهي، جو هر ڪردار جي واردات جيئري جاڳندي نظراچي ٿي. سندس هڪ هڪ لفظ هڪڙو ڳوڙهو تصور آڇي ٿو، جيڪو فطرت سان ۽ انساني زندگيءَ سان ٺهڪي اچي ٿو. انهي فطرت نمائي ۽ زندگيءَ جي عڪاسيءَ سندس ڪلام کي پرت جو پيغام ۽ سڪ جو سنيهو بنائي ڇڏيو آهي. لطيف جو ڪلام سمجهڻ لاءِ اٿاهه محبت، اُتم اورچائي ۽ وچن وابستگيءَ جي ضرورت آهي. سندس ڪلام کي جيئن جيئن پڙهجي ٿو يا ٻُڌجي ٿو، تيئن تيئن ان جي معنى نروار ٿيندي وڃي ٿي. سنڌي سماج جي جنهن جاگرافيءَ کي لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ ڄاڻايو آهي ان کي ڏوري ڏسڻ به هن پنڌ جي پانڌيءَ جو مددگار ٿئي ٿو. هڪ هڪ ٻولُ جيڪا وضاحت گهري ٿو، اها ڪاغذي چوپڙين کان وڌيڪ سنڌ جي وسيع جاگرافيءَ ۾ ئي پسي سگهجي ٿي.ان ڪري لطيف جي ڪلام جو فهم ”جئائين اکر جُڙيا“ مان ملي ٿو.
هيءَ ڪوشش به هڪڙو ننڍڙو پيار پورهيو آهي. من جي محبت سان ڪيل رنڍاروڙ آهي. دل جي دفتر جو داستان آهي، جيڪو پيارن پڙهندڙن اڳيان پيش آهي.
هن پور هئي کي وڌيڪ پيار ڀريو بنائڻ لاءِ انگريزيءَ ۾ پُر مغز ۽ عالماڻو مهاڳ لکڻ لاءِ آئون پنهنجي مهربان دوست محترم گُل محمد عمراڻي صاحب جو دلي ٿورائتو آهيان، جنهن منهنجي اڻ پورن خيالن کي، پنهنجي ناقداڻيءَ تحرير وسيلي وڌيڪ مانائتو بنايو. روح جي نهان خانن مان نڪتل ڳالهين تي رايو لکندي، منهنجي همروح ميرمنصور مڱرئي جن خيالن جو اظهار ڪيو آهي، تنهن لاءِ سندس وڙ. ڪتاب جي روپ ريکا جي سوڌ سنوار جو ڪم منهنجي پياري شاگرد تولارام سوٽهڙ سرانجام ڏنو. سڀني جا لک لائق.
