مٿي اُتي منهنجي ....!
انسان جي پيدائش کان وٺي اڄ تائين انسان جيڪو پنڌ ڪيو آهي تنهن ۾ ڪيئي ماڳ، منزلون، ساهيون، ويساهيون، واٽون، رنڊڪون، روڪون، لاها، چاڙها ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه آهي. ان سموريءَ چُرپر۾ انسان جي خمير جون ڪجهه خاميون لڳن ٿيون حالانڪه هو ”احسن تقويم“ مان خلقيل آهي. پنهنجي چرپر، عقل، ڏاهپ مان هو جيڪي پاڻ هرتيون شيون ڪري ٿو، انهن ۾ ڪٿي ڪٿي مار به کائي ٿو. انسان جو سمورو اوسر ۽ ارتقا وارو عمل ”ڪري سکڻ“ واري ڪم ڪار مان سرجيو آهي. پنهنجي اهڙي چُرپرمان انسان سبق به پرائي ٿو پرگهڻو سکي نٿو، ساڳي غلطيون دهرائيندو ، اڳتي هلي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي پر ۾ ويسارو به آهي ته ناشڪرو به آهي. اهي ڳالهيون کيس دنيا ۾ ڀٽڪائينديون رهيون آهن. سندس اندر ۾ جيڪو طاقت جو جوهرآهي سو کيس طاقت ڏانهن وٺي وڃي ٿو ۽ هو جيئن سگهارو ٿيندو وڃي ٿو تيئن طاقت جون وڏيون وڏيون دعوائون ڪندو رهي ٿو. اهڙين سمورين انساني ڪمين ڪوتاهين ۽ خامين جو پورائو هو جيڪڏهن صبر سان ڪري ٿو يا قربانيءَ سان ڪري ٿو ته پوءِ وري اڳتي چاڙي چڙهي ٿو. قرباني ۽ صبر کيس اڳتي وٺي وڃن ٿا. قربانيءَ جي انساني تاريخ ۾ وڏي اهميت رهي آهي. سڀني مذهبن توڙي سماج سُڌارڪ پنٿن ۾ قربانيءَ جو ڪاروهنوار رهيو آهي. مذهبن ۾ ”ٻلي چاڙهي“ ٻليدان ڏيڻ، جانورن جي قربانيءَ جو ”بَکُ “ ڏيڻ کان وٺي موجوده دؤر جي قربانيءَ جي تصور تائين قربانيءَ جو رواج ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ هلندو اچي. عشق، بهادري، سخاوت، وطن جي محبت سڀئي اهڙا انساني عمل آهن جن ۾ قرباني ئي قرباني آهي. قربانيءَ جي سمورين شين کي ڏسندي اهو چئي سگهجي ٿو ته قرباني سڀ کان وڌيڪ پياري ۽ مٺي شئي جي ٿيندي آهي. قربان ٿيڻ، قرباني ڪرڻ ۽ قرباني ڏيڻ جون مختلف صورتون ۽ طريقا رهيا آهن پر وري به ڳالهه اتي اچي بيهي ٿي ته پنهنجي مٺي کان مٺي وٿ قربانيءَ ۾ ڏيڻ گهرجي. سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ قربانيءَ جو تصور تمام سُٺي نموني ڳايو وڄايو ويو آهي.
لطيف سائين جي شاعريءَ ۾ قربانيءَ جو تصور نيارو آهي. هو ان معاملي ۾ به ٻين کان گوءِ کڻي وڃي ٿو. عشق جو ميدان هجي، پورهئي جو پار هجي، ڌرتيءَ جي دلداري هجي، ويريءَ سان ويڙهه هجي، سڀني ۾ ڀٽائي قربانيءَ جي تصور کي سنهي سُئيءَ سان پوئيو آهي. لطيف عشق لطيف سائين جي شاعريءَ جو مُک نقطو آهي جنهن مان سندس ٻيا تصور به نڪرن ٿا. عشق جي انفرادي اظهار سان هو سڀني سُرن ۾ قربانيءَ بابت جيڪي ڳالهيون ڳائيندو هلي ٿو سي سڀئي قربانيءَ ڏانهن وٺي هلن ٿيون. محبوب لاءِ ڪا سوکڙي موڪلڻ چاهي ٿو تڏهن هن ريت چئي ڏي ٿو؛
آءُ ڪانگل تو ڏيان، ڪڍي هنيون ساڻ هٿن،
وڃي کاءُ ولايت ۾، مهندان محبوبن،
پرين مان پُڇن، ته هيءَ قرباني ڪنهن ڪئي.
پنهنجي دل ايئن دلبر لاءِ موڪلڻ جان جي قرباني آهي. دل ڪڍي محبوب کي ڪانگ وسيلي موڪلڻ جو تصور عشق ۾ قربانيءَ جو وڏو تصور آهي جنهن ۾ وري اهم ڳالهه اها آهي جو هو هنيئيون هٿن سان ڪڍي ڏي ٿو يعني اها قرباني رضاڪاراڻي ۽ دل سان آهي. سلوڪ جي سفر ۾ لطيف جتي اندر اُجارڻ جي ڳالهه ڪري ٿو يا وري صوفيءَ کي وجود جو ورق ڌوئي اڇو ڪرڻ جو چوي ٿو، تتي هو سالم صوفي ٿيڻ لاءِ هيئن به فرمائي ٿو؛
صوفي چائيين سڌ ڪرين، صوفيءَ ايءَ نه صلاح،
ڪاٽي وجهه ڪُلاه، هڻ اُڇلي آڳ ۾.
صوفيءَ لاءِ سلوڪ جي جهان ۾ داخل ٿيڻ جو شرط ڪُلاه ڪاٽڻ سان آهي يعني قرباني ڏيڻي آهي. هڪ ته ان ڪُلاه جي ڪجيءَ ۾ جيڪي وڏائيءَ جا تصور ڏلهي ڀريل آهن تن کان ماڻهو آجو ٿيندو ته ٻي طرف ڪُلاه ڪاٽڻ جو اهڃاڻي مطلب سموري غلط ڀريل ڄاڻ کي خالي ڪرڻ آهي يعني ”انلرن ڪرڻ“ آهي جيئن نئين شئي سکي سگهجي. لطيف وٽ زندگيءَ توڙي موت ٻنهي جو فلسفو منفرد آهي. هو حياتيءَ کي به نوچ مان نهاري ٿو ته موت کي به اڳ ۾ ڪاهي ان جي پُٺي پنڌ ڪرڻ چاهي ٿو تنهنڪري وٽس قربانيءَ جي تصور ۾ ڪا ججهڪ ۽ هٻڪ ڪانهي. هو جيئڻ ۽ مرڻ جي تصور کي هن ريت ڳائيندو اڳتي وڌي ٿو؛
جيئڻا اڳي جي جيئا، جُڳ جُڳ سي جيئن،
موٽي ڪين مرن، مرڻا اڳي جي مُئا.
اهڙا ڀلوڙ ۽ روح رانئيندڙ تصورن جو شاعر لطيف پنهنجي خيال جا مشاهدي، مطالعي، مجاهدي ۽ مداخلي وسيلي واهڙ وهائيندو نت نيون ڳالهيون ڳرهيندو هلي ٿو ته ”مرڻان اڳي مرڻ“ ڇا ٿئي ٿو. زندگيءَ جي زندگيءَ لاءِ قرباني ڪيئن ڏجي ٿي. سور کي ساٿر ڪري ڪيئن زندگي گذاري سگهجي ٿي. زندگيءَ جي موت مارڻ لاءِ ڪيئن قرباني ڏيئي ان کي جُڳ جُڳ جياري سگهجي ٿو. لطيف سائين جا سڀئي سورميون توڙي سورما سراپا قرباني آهي. جيئري قربان ٿيڻ وارو ڀٽائي جو قرباني جو منفرد خيال آهي جنهن ۾ رضا جي رغبت به آهي ته قضا جو ڪمال به آهي. رضا جي راز جون رمزون هو سُر بروي جي هڪڙي بيت ۾ هن ريت اظهاري ٿو؛
جانب منهنجي جيءَ ۾، تو طمع پوءِ،
وٺ ڪاتي وڍ انگڙا، ادب ڪر م ڪوءِ،
ڀانيان ڀال سندوءِ، جي ساجن سنئون نهارين.
ساجن جي سنئون نهارڻ سامهون سر قربان آهي. هرڪنهن جي قرباني قبول پوي، اهو ضروري ناهي. هرڪنهن جو سر قبوليت ۾ اچي اها به ڳري ڳالهه آهي. سرمد سائين مُرڪي مٿو ڏيئي مانائتو ٿي سوريءَ جو سينگار ٿي ويندو آهي پر قوي مُلئون فتوائون ڏيندو رهجي ويندو آهي قرباني سندس کاتي ۾ نه اچي سگهندي آهي. منصور سائين اناالحق جو نعرو هڻي قرباني ڏيئي وجهندو آهي پرسندس جيڏو ۽ دوست شبلي سائين کيس منطق سمجهائيندو رهندو آهي. اهي سڀئي لطيف اسرار آهن قربانيءَ جي ڪم جا. انساني تاريخ قربانيءَ جي قبوليت جي اهڙن انيڪ مثالن سان ڀري پيئي آهي.کاهوڙي پنهنجي مقصد پويان هلندي رڳو سُڪا سنڊ ڪڇن ۾ نٿا کڻن پر اهي پنهنجو پاڻ ان پنڌ ۾ ارپي ڇڏين ٿا. هستيءَ جي مستيءَ جي قرباني ڏيئي، ڪُسي ڪباب ٿين ٿا تڏهن ئي کامي کاهوڙي ٿي نروار ٿين ٿا؛
گنجي ڏونگر گام ۾، ڪهڙو اٿئي ڪام،
پسئو تنهن پهاڙ کي، اچي نه آرام،
متان ڏونگر ڏورئين، اُجهي جيئن عوام،
هوئڻ ڪر حرام، کام ته کاهوڙي ٿيين.
هستيءَ جي هوڏ ڇڏڻ به هڪڙي وڏي قرباني آهي. هستيءَ جي هٺ کي گهورڻ واقعي وڏو ڪم آهي جنهن سان نيستيءَ جي دريءَ وسيلي ”عدم“ جو ادراڪ ٿئي ٿو، جنهن سان انسان کي پنهنجي بُڻ بڻياد جي پروڙ پوي ٿي. باقي ڪوڙا شجرا ٺاهي پنهنجو پاڻ کي الائي ڇا ڇا ڪري ڏيکارڻ جي چڪر۾ ماڻهوءَ جو ايئن گمراهه ٿي پوڻ، کانئس انسانيت جو اُتم پد کسي ٿو. اهڙي وڏائي ۽ هستي جون پاڙون رت، نسل يا رڱ ۾ رکيل هونديون آهي جڏهن ته حقيقي وڏائي چڱائيءَ ۾ مضمر آهي. اها گڏيل ميراث آهي. اها املهه ميراث قربانيءَ جي ڪرت سان حاصل ٿئي ٿي. مارئي جڏهن عمر جي سمورين آڇن کي ٿُڏيندي، پنهنجي جان جي قرباني وطن خاطر ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿي ته پوءِ ئي سندس ڪردار تاريخ ۾ نروار ٿئي ٿو. جوڳي، سامي ۽ ڪاپڙي عيش عشرتن، سُکن ۽ راحتن جي قرباني ڏيئي ڪو اُتم پد ماڻين ٿا. سُهڻي لوڪ جا سمورا لاڳاپا لاهي، هئڻ جي قرباني ڏيئي ڪاريءَ رات ڪُنن ۾ گهڙندي تار ترندي هلي ٿي، تڏهڻ سُهڻي سهڻي ٿي سڏجي ۽ ڀٽائي کيس نينهن جو نيارو مثال ڪري پيش ڪندي، سهڻيءَ کي ”نينهن ڪري ڄاڻندڙ“ ڪوٺي ٿو. قربانيءَ جو اهو ٻهڳڻ تصور لطيف سائين لطيف سنيهي ۾ موتين مالها جيان پُوتل آهي جنهن جو هر موتي انساني اخلاق جي اعلى نموني جو هڪ وڙ آهي.
سُر سورٺ ۾ لطيف سائين قربانيءَ جي ڪرت بابت پنهنجي تصور کي منتج ڪري ٿو. سندس قرباني سڀ کان پياري شئي يعني پنهنجي جان جي قرباني آهي جيڪا ڪوئي گهري رهيو آهي. ان گهرج جي ڪيرت جڏهن سندس اڳيان ٿئي ٿي ته هو اهو من وڻندو ڪم ڪرڻ لاءِ تُرت تيار ٿي وڃي ٿو؛
الله جي آس ڪري، هلي آيو هيءُ،
مال نه مڱي مڱڻو، جاجڪ مڱي جيءُ،
”وڍ وهلو ٿيءُ، ساعت صبر نه سهان.“
ڀٽائي پنهنجي ان تصور ۾ ڪيرت کي مٿاهون سمجهي ٿو. هو سُر جي صدا سُڻي، سر ڏيڻ جي آڇ ڪري ٿو. هو ڪماچ وڄائيندڙ ٻيجل کي چئي ٿو ته ڏي تون ههڙي شئي وڄائيندي، جيئرو به آهي.
هي سُر ته روح جي راڳ کي ڇيڙي ٿو. ڪوئي ان تان جي پلٽِ مان ڪنڌ ڪڍائي نه سگهندو. هو فرمائي ٿو؛
چارڻ تنهنجي چنگ جو، عجب آهم ايءُ
هڻين اُڀو هٿن سين، جيئرو رکيو جيءُ،
رات منهنجو ريءُ،،ڪاٽيو تو ڪماچ سين.
جان جنهن مالڪ جي ڏنل آهي ان کي موٽائي ساڳي شئي ڏيڻ ته ڪا وڏي ڳالهه ناهي. ان جي موٽ اڻ ٽر آهي. سرس سوائي ڳالهه اها آهي ته ان تند تنوار سامهون سوين سر هجن ته به گهوري ڇڏجن. هڪڙي سکڻي سر ۾ ته ڪجهه ناهي. ڀٽائي قربانيءَ جي ان تصور کي پنهنجي بيت ۾ ڀلوڙ انداز ۾ پيش ڪيو آهي؛
مٿي اُتي منهنجي، هئا سرن هزار،
ته تنهنجيءَ تند تنوار، هر هر وڍيم هيڪڙو،
مٿي اُتي منهنجي، جي ڪوڙين هون ڪپار،
ته واري واري وڍيان، سسيءَ کي سئو وار،
ته پُڻ تند تنوار، مونهان مٿاهين مڱڻا.
لطيف سائين قربانيءَ جي اهڙي نياري تصور جا ماڻڪ آڇيندي، انساني تاريخ جي اهم اظهار يعني قربانيءَ بابت ڀلوڙ اظهارڪيو آهي. سندس قربانيءَ جو تصور انسان جي اندر اُجارڻ کان وٺي، هستي هوڏ جي ڪُلاه ڪاٽڻ تائين ڦهليل آهي. ڪيرت سامهون ڪنڌ جي سندس نظر ۾ ڪا اهميت ناهي. وحدت سُر وڄندڙ طلب جون تندون ان کان سرس ۽ سوائي آهن.