جاڳڻ منجهان جس ... !
خلقڻهار ڪائنات خلقي، انسان جي حوالي ڪئي. انسان کي علم، عقل جي صورت ۾ عطا ڪري شين جي نالن جي صورت ۾ سڀئي ساراهون ڏيج ۾ ڏنائين. انسان انهي امانتي بارکي کنيو پرجڏهن ۽ جتي کيس ڳرو لڳو اتي هن انهي بوجهه کي پاڻ تان لاهڻ جي ڪوشش ڪئي پر جيڪو بارهن چونڊ ڪري کنيو هو، انهي بارکان ڪنڌ ڪڍائڻ سندس وس ۾ نه هو ۽ چاهيندي نه چاهيندي به هو انهي ذميواري کي نباهيندو رهي ٿو، ڇاڪاڻ ته کيس جيڪو الستي سڏ ٿيو هو ان جي موٽ ۾ هن اقرارئي ڪيو هو انڪار جي گنجائش ئي نه هئي. هو جيترا به انڪار ڪري ٿو. تن ۾ انهي اقرارجي ڪري اقرار به محسوس ٿيندو آهي. ڀٽائي اهڙي ڳالهه کي هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي؛
حبيبن هيڪار، منجهان مهر سڏ ڪيو،
سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اهوئي ٿيو.
ان الستي وراڻي کيس دنيا ۾ اڳواڻي جو منصب عطا ڪيو ۽ ملائڪن جي مسجود جهڙو رتبو به سندس حصي ۾ آيو، اهو سڀڪجهه انهي علم جي ڪري هو جنهن جي وٽ کيس واليءَ ڏني هئي. انساني دماغ جا لکين تنتي جيوگهرڙا ان علم جا رکوال آهن جن ۾ اها وٿ محفوظ آهي. علم جي اها وٽ ازل کان جيئن ورهائجڻ ۽ وياکجڻ پيئي آهي، تيئن ابد تائين ورڇبي رهندي. نوان خيال پڌرا ٿيندا رهندا، نيون شيون دريافت ٿينديون. زمانو انهن تي نالا ڌريندو رهندو. اهو ڪم ڪار ۽ ڪاروهنوارجڳن کان جاري آهي ۽ جاري رهندو. ڪجهه به نئون ناهي. هر شئي نئين دريافت آهي. هر زماني پنهنجي ٻهڳڻائپ آهي، پنهنجي نواڻ آهي. زمانو انهي نواڻ پسندي ۽ دريافت گيري وسيلي ويرا وير وڌندو رهيو آهي ۽ وڌندو رهندو. علم جو اهو سمورو ڏيج انسان جي دماغ جي هنج ۾ گنج جيان آهي. انسان جي انهي صلاحيت کي جڏهن هڪڙي ٻئي رخ کان ڏسجي ٿو ته ذهن شعور، لاشعور۽ تحت الشعور جي درجن وسيلي سمجهي سگهجي ٿو. ٽنهي جو پاڻ ۾ به گهرو سٻنڌ آهي. شعور کي پنهنجي جاڳرتا آهي ته لاشعور جي لاکيڻي صلاحيت کي پنهنجي خودڪار مهميز واري مهم آهي ۽ تحت الشعور جي خزاني ۾ جيڪي گرانمايه گنج پيا آهن تن جو ته پرو پانڌ ئي ناهي. شعور جي اها مالداري نسلن کان وٺي انسان جو خاصو رهندي آئي آهي. انسان حياتياتي طور جيئن ٻين گڻن کي پيڙهيا پيڙهي منتقل ڪندو رهي ٿو تيئن هو ذهن جي ڀنڊارکي به پنهنجي ايندڙ پيڙهي جي حوالي ڪندو رهي ٿو. اهڙي طرح ذهن ڪٿي به بيهي نٿو. دماغ سدائين جاڳيل آهي. جاڳ اجاڳ ٻنهي صورتن ۾ دماغ جاڳيل رهي ٿو. ان حد تائين جو باقي جسم پراڻ تياڳي ڇڏي ٿو پر دماغ سڀ کان بعد ۾ پنهنجي جيوت مان هٿ ڪڍي ٿو. جاڳڻ واري انهي صلاحيت سان ئي زماني جي ڪارسازي نظر اچي ٿي ۽ ڪاروهنوار هلي ٿو. جاڳ شعور اهرو مستقل درجو آهي جيڪو ماڻهوءَ کي مدامي باخبر رکي ٿو ۽ هو پنهنجي انهي صلاحيت ۽ سگهه سان اڳتي وڌندو رهي ٿو. جاڳڻ جي صلاحيت جي اها عطا به ازل کان ٿيل آهي. ڌڻي تعالى حي القيوم آهي. ڪل ڪائنات سندس نگهباني جي نور جي سُرور هيٺ سُري ٿي. سارو عالم انهي سڳنڌ سان ڀريو پالوٽون پيو ڏئي؛
عالم آئون ساڻ، ڀريو ٿو ڀير ڪري،
پاڻ نه آهي ڄاڻ، مانڊيءَ منڊ پکيڙيو.
انهي مانڊاڻ جي منڊ جو نه منڍ آهي نه پڄاڻي. پري پانڌ کان سواءِ اهو سلسلو جڳن کان جاري آهي. جاڳ جي اها ڪهاڻي دنيا جي سموري ڪلاسيڪي ورثي ۾ به پڌري پٽ نظراچي ٿي. هر ٻوليءَ جي شاعرن ۽ لکارين شعور جي ان جاڳ جي ڀاڳ کي ورنايو آهي. بلهي شاه جاڳڻ جي جس کي پنهنجي ٻولن ۾ ٻوليو آهي ۽ بيچين روحن کي پنهنجي اثر ۾ اوليو آهي. اهڙا املهه خيال ٻُڌي ماڻهو سُتڙ سالم ٿي پون ٿا ۽ اوتڙ اولڻ کان بچي پون ٿا؛
راتيان جاڳڻ بڙا اوکا هي
ڪه دکيا جاڳندا بيمار راتين
يا جاڳندا چور چوري ڪيتي،
يا جاڳندا عشق دي مرض والا
يا جاڳندا ڪوئي لاچار راتين
سب جاڳ ڪي سو جاندي بُليا
اڪ جاڳندا پروردگار راتين
جاڳڻ جي انهي جوکي، اوکي انساني جيون کي سوکو بنايو آهي. ماءُ جيڪڏهن راتيون جاڳي پنهنجي ابهم ٻارجي سنڀال نه ڪري ته هو شايد زماني جي هائي ڏسي نه سگهي. سائنس جو ڪم ڪار ڪرڻ وارا ۽ ٻيا فني ماهرجيڪڏهن ننڊون ڦٽائي، نيون شيون دنيا ۾ نه آڻين ته دنيا انهن شين جي نعمت جو مزو ماڻي نه سگهي. اهڙي طرح جاڳڻ جو اهو عمل جاري آهي ۽ ڪل ڪائنات جاڳي ٿي. سمهڻ وقتي آهي. اهم ڳالهه اها آهي ته جاڳڻ جي جس مان ڪير مزو ماڻي ٿو ۽ جاڳي نوان احوال آڻي ٿو. ڇاڪاڻ ته جيڪو ڄا ڻي ٿو سوئي پلئو تاڻي ٿو، ٻي جي جاءِ ناهي جاڳيل هن جهان ۾. جاڳ جي انهي نرالي خيال کي ڀٽائيءَ به ڳايو آهي؛
جاڳڻ منجهان جس، آهي الا جن کي،
لاهي ٿو لطيف چئي مٿان قلب ڪس،
ورنهن ڪجان وس، صبح ساڻ سيد چئي.
جاڳ جو اهو سلسلو هلندو رهي ٿو جيڪي قومون جاڳرتاوان آهن سي زماني ۾ پنهنجي صلاحيتن کي آزمائي، اڳتي وڌن ٿيون. اهڙيون قومون جاڳ جي ڀاڳ وسيلي پنهنجي قلب تان ڪس لاهين ٿيون. وس کان به وڌي وس ڪن ٿيون تڏهن وڃي ڪجهه نه ڪجهه سندن هٿ وس ٿئي ٿو. جن جي ڪجهه هٿ وس ٿئي ٿو، ٻيون قومون انهن جون دست نگر ٿين ٿيون. زماني ۾ اڳتي وڌڻ جي انهي ڪم ۾ ڪئي لاها چاڙها به ايندا ۽ هلندي قومون يا فرد گهڻو بوجهه به محسوس ڪندا آهن، پر ٿڪيائي ٿر ٿيلهڻ ۾ ئي مزو ۽ مهانتا آهي؛
ٿڪيائي ٿر ٿيل، چڙه چُڪيائي ڇوٽيين،
هلندي هوت پنهونءَ ڏي، ڀئو مڙئي ڀيل،
اُٿي رائو ريل، ويٺن تان واري، وري.
ويٺلن تان واري ورڻي آهي. تواريخ جا تهه اهڙين واري وريل قومن جي قبرستانن سان ڀريا پيا آهن. جاڳ جي ڀاڳ پويان رڳو جاڳي ٻين جي وسيلن لٽڻ جي ڪُڌي ڪرت کي به ڪاهڻو ناهي پر پنهنجو پاڻ تي به نظر رکڻي آهي. انهي نظررکڻ جو اهو فائدو ٿيندو جو دنيا جو توازن برقراررهندو. هن وقت دنيا جو توازن بگڙجي چڪو آهي. طاقت جي توازن کان وٺي ماحول جي توازن توازن تائن سمورو ڍانچو ڊانواڊول آهي. بادشاهه لوڪن جي هٻڇ شيطاني آنڊي جيان ايترو وڌي آهي جو انهن جي اها هٻڇ بيماريءَ جي صورت اختيارڪري چڪي آهي. ماحول جو توازن ايئن بگڙيو آهي جو هن وقت هر هنڌ ڪلائميٽ چينج جي نالي ۾ الائي ڇا ڇا پيو هلي. آبهواجي تبديلي جو اهو ڀوائتو نعرو بازار جو ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو آهي ۽ هر ڪم قومن کي اهو ڊپ ڏيکاري ڪيو پيو وڃي ته جيڪڏهن هيئن نه ڪندئو ته دنيا هيئن ٿي ويندي يا هونئن ٿي ويندي. وڏي ڳالهه ته اهو ڊپ اهي ڌريون دنيا کي ڏيئي رهيون آهن جيڪي انهي بگاڙ جون باني ۽ جهان خان آهن ۽ پاڻان هيڻن ملڪن تي قاعدن قانون جي مختلف ڄارن وسيلي، هر شئي ٿوپڻ چاهين ٿيون. اهو سمورو بگاڙ به ان ڪري آهي جو دنيا جنهن ٽاريءَ تي ويٺي آهي، ترقيءَ جي نالي ۾ انهي وڻ جي ٽارين کي وڍي رهي آهي ۽ هڪ ڏينهن ٽاري ٽٽي پوندي ڇاڪاڻ جو دنيا جاڳيل ناهي. جن جي جاڳڻ جي دعوى به آهي، اهي هڪ طرفا جاڳيل آهن. سندن جاڳ کين دنيا جا وسيلا ته ڏيکاري ٿي پرسندن جنوني حالت جي جهالت ڏانهن ڌيان به نٿي ڇڪائي. انهي رويي سان ڪيترن ئي ملڪن تي روزانو بمباري ٿئي ٿي، حملا ٿين ٿا ۽ قبضا ٿين ٿا. ڪجهه وقت کانپوءِ پروڙ پوي ٿي ته جنهن ڳالهه جي ڪري اهو سمورو ڪوپ ڪرتوت ۽ قهرڪيو ويو، بيگناه معصوم ماڻهن کي ماريو ويو، سوين ٻار ڇوراڇنا ٿيا ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿيا ان ڳالهه جو ته وجود ئي نه هو. عراق تي آمريڪا پاران اجگر تباهي وارن هٿيارن جي نالي ۾ ڪيل حملو ۽ بعد جي صورتحال ان جو هڪڙو مثال آهي. اهو هڪ طرفو جاڳڻ آهي يا وري متعصب جاڳڻ آهي جيڪو به اڻ پورو ۽ اڻ برابري وارو آهي. فطرت ته جاڳي ٿي پر انسان جاڳي نه ٿو. هو جاڳي ٿو ته به رڳو پنهنجي مطلب لاءِ. مفادپرستي ۽ مطلب پرستي واري اها جاڳ ٻين سُتل قومن جي جيون جي به ويرڻ آهي يا وري قومن ۾ ڪوڙي ڏيکاءَ واري گُرگ آشتي آهي. انهي رويي جي ڪري سياستڪاريءَ انساني خدمت بدران سياه ڪاريءَ ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. دنيا انساني ڪهل جا ليڪا لنگهي چُڪي آهي. اهو به جاڳڻ جو جوکائتو روپ آهي. جاڳڻ جو اهڙو جوجهار روپ ئي دنيا کي امن جو هيج هندورو ڪري سگهي ٿو جيڪو توازن وارو هجي ان جي جاڳ جي اک رڳو دنيا جي وسيلن ۾ اٽڪيل نه هجي. دنيا سان گڏوگڏ اها جاڳ، جاڳندڙ کي به پنهنجي دائري ۾ آڻي ته دنيا جي توازن جي يقيني بنجڻ جو ڪو وڃي آسرو ٿئي. اهڙي متاوزن جاڳ لاءِ ضروري آهي ته دنيا پنهنجي خبرگيريءَ جي دائري کي انسانيت جي ڀلي لاءِ ڪتب آڻي. اسان کي به پنهنجي پهري هوشيار ٿيڻ گهرجي. پنهنجي ايندڙ نسلن جي ڀلي لاءِ جاڳڻ گهرجي ڇو ته جاڳڻ منجهان جس آهي. انهي جس کي ڪو ڪس ناهي. انهي جاڳ جي ڀاڳ جي رس ۾ اهڙو چس آهي جو جنهن چکيو اهو سڀني کي ان جو ڏس ڏيندو رهندو. اسان جي ڪلاسيڪي ورثي جي سمورڻ شاعرن ۽ ڏات ڌڻين انهي جاڳ جي ڀاڳ جو پيرو کنيوآهي، پنڌ ڪيو آهي، ڪيئي رند راهون لتاڙيا آهن. سندن ميي يعني اُٺ معنى جا ڪيئي موتي مناڙيا آهن جنهن مان دنيا جي پريم رس پياڪن ڪيئي وٽيون تڪون ڏيئي پيتيون آهن ۽ سندن جاڳ انهن تن جي تئونس اجهائيندڙ تڪن مان نسري نروار ٿي آهي. اهڙيءَ جاڳ جي اهاءَ ۽ اوجيس جي روشنيءَ تي دنيا پنهنجي پنهنجي پنٿ جو پيچرو ڳولي پنڌ ڪيوآهي.جاڳ جو اهو سلسلو جڳ جو ڀاڳ آهي. ڪنهن کي نڀاڳ کنيو آهي جو پنهنجي ڀاڳ کي تياڳ ڏيندو ۽ ورسڻ جي ورچڙهي ڌرتيءَ تان ميسارجڻ پسند ڪندو.
جاڳو جاڙيجا، سمان سُک م سمهو،
پسو آن پارئا، لاکو ٿو لوڙيون ڪري.