ساجن سڀ ڄمار ڏکي ڏورج ڏيل ۾...!
اولهه ۽ آمريڪا جي دانشورن جي اڪثريت به انهي مارڪيٽ جي محبت ۾ مختلف ڪم ڪار دنيا ۾ پيش ڪرڻ ۾ پيش پيش آهي جيڪا بازار کين يا ته گهڻو منافعو ڏيارين ٿا يا وري کين ”ڀلوڙ وڪامجندڙ“ ڪتاب جي ليکڪ طوراڳتي آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. انهن ڀلوڙ وڪامجندڙن کي پڙهي ڏسي وري دنيا سڄيءَ ۾ هڪڙو ريچڪ پيدا ٿئي ٿو ته علم کي انهي ساڳي اک سان ڏسجي ۽ يا ته اهو نظريو قائم ڪجي يا وري گهٽ ۾ گهٽ ”ڀلوڙ وڪامجندڙ“ جي فهرست ۾ داخل ٿجي.ان ڊوڙ ۾ اسان جا همراه به ڪڏهن ڪڏهن ڊوڙ ڪڍن ٿا يا وري کين ڪو اهڙي ڪُڏڪاري ڪرڻ تي آمادو ڪري ٿو. اهو ڪُڏڪارو جيئن هيٺ لهي ٿو ته اسان وٽ به هڪڙي سُڻ ڀُڻ شروع ٿي وڃي ٿي ۽ ان موضوع بابت ڀُڻ جهڻ ٿيڻ لڳي ٿي پرٿورن ڏينهن ۾ وري اها حرڪت سس پُس ۾ تبديل ٿي تاريخ جي ڪنهن ورق تي ابدي آرام جي اگهور ننڊ ۾ سمهي پوي ٿي. سنڌي ماڻهوءَ جو پنهنجو مزاج آهي پر سندس سماجي اوسر ۽ فڪري پرورش ۾ جيڪا ساڻس جُٺ ٿي آهي تنهن جو ڪيتو هو ڀوڳي رهيو آهي ۽ ڪافي وقت کان انهي چڪيءَ ۾ پيڙهجي رهيو آهي، جنهن ڪري سندس فڪري اوسر جو جيڪو حال آهي ۽ هو جن مونجهارن جو شڪار آهي، اهي سندس تخليقي اپاج ۾ به اثر نظراچن ٿا. تازو ڪراچي ۾ هڪ اهڙي گڏجاڻي ٿي، جنهن جو عنوان ”لطيف،سيڪراينڊ پاٿ فائنڊرفرام ايسٽ“ هو. انهي گڏجاڻيءَ ۾ هڪڙي انگريزي ليکڪ ڊينيئل جي بورسٽن (Daniel J. Boorstin) جي ڪتابن بابت پيشڪاري هئي، جنهن جو انتظام محترم ڊاڪٽر مٺل وقاصيءَ پنهنجي اداري ”لطيف اڪيڊمي“جي اهتمام هيٺ ڪيو هو.
ڊينيئل جي بورسٽن انهن ڪتابن ۾ انساني خيال ۽ علم جي اوسرکي پنهنجي نقطه نگاه کان بحث هيٺ آڻيندي، نتيجا ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس ٽه ڪتابي..... جنهن کي ”علم جي ٽرايالاجي“ سڏيو ويو آهي، تنهن ۾ ”دي ڊسڪوررس“، ”دي ڪريئيٽرس“ ۽ ”دي سيڪرس“ شامل آهن. انهن ڪتابن ۾ وڏن خيالن کي بحث هيٺ آندو ويو آهي. انهن کان متاثر ٿي محترم مٺل وقاصي اها گڏجاڻي ڪوٺائي هئي جنهن ۾ سندس خيال هو ته ڀٽائي به اهڙي خيال جو سرواڻ آهي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڀٽائي تمام وڏو مفڪر ۽ ڏاهو سنڌي شخص هو، جنهن پنهنجي تخليقي ڪلا وسيلي من جي مشاهدي کي شاعري جي ميڊيم وسيلي ماڻهن تائين پهچائڻ ۽ عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انهي ڪوشش ۾ هن موسيقيءَ جو سهاروبه ورتو. سير سفر به ڪيو. ماڻهن جي مزاج پٽاندر ڳوڙهيون ڳالهيون ڳائي سندن علم کي جاڳايو. ڀٽائيءَ جو اهو ڪم ايڏو وڏو ڪم آهي، جيڪو سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم جي وجود جو سهارو به بڻيو. ڀٽائي جي ڪلام جا انيڪ موضوع آهن ۽ اهي سڀئي موضوع خيال جي جديد ڍانچي جي جوڙجڪ ۾ به منڊيءَ تي ٽڪ وانگر ٺهڪي اچن ٿا. ڀٽائي کي ان نقطي نگاه سان اڳتي وڌائڻ ۽ نوجوانن ۾ عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. باقي علم جا ڌڻي سڏائيندڙ جيڪڏهن رڳو ان وٿ کي پاڻ تائين رکيو ويٺا هوندا ته ان مان کين ته ڪو ذاتي فائدو ٿئي ته ٿئي، باقي ايندڙ پيڙهين لاءِ ڪا ڀلائي نه ٿي سگهندي. ڀٽائيءَ جي شاعري رڳو شاعري نه پر ڪلام آهي يعني ڳالهايل ٻول آهي جنهن کي پهريائين درست پڙهڻ لازمي آهي. ان کانپوءِ هن املهه ڪلام کي جديد دنيا جي رائج خيال جي ڍانچي جي بيهڪ جي مطابقت پٽاندر سمجهائڻ جي ضرورت آهي. ايئن ڪرڻ سان وڏو ڪم ٿي پوندو.
ڀٽائي جي ٻنهي ڪردارن يعني ”ڳولائو“ ۽ ” پنٿ لاڀو“ جي حيثيت تمام اهم آهي. هن پنهنجي ڪلام ۾ انهن ٻنهي خيالن کي هتان جي ماڻهوءَ جي مزاج وٽان پيش ڪيو آهي، جيئن اهي ڪنهن ماڳ جي ڀاڳ ڀيڙا ٿي سگهن. سندس مخاطب اڪثريت ۽ عام آهي سندس ڪلام درٻارجي خوشنودي لاءِ ڪنهن خاص نقطه نظرسان چيل خاص لاءِ ڪا خوشامديءَ واري سوکڙي ناهي. ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ پيش ڪيل انهن ٻنهي رُخن کان اڳي مشرق جي علم کي خاص طور ڪلاسيڪي ورثي کي ڏسبو ته ان جو مزاج ۽ ترتيب مغرب جي نظريئي کان ٿورو مختلف نظرايندا. مغربي فلسفي وٽ ”ڊسڪورر“ سڀ کان اول آهي پوءِ ”ڪريئيٽر“ آهي ۽ سڀ کان آخر۾” سيڪر“ آهي. جڏهن ته مشرق جي ڪلاسيڪي ورثي ۾ ” ڪريئيٽر“ سڀ کان پهرين آهي، پوءِ ”سيڪر“ آهي ۽ جڏهن ان ڏاڪي مان مٿي چڙهي ٿو ته ”ڊسڪورر“ جي پد تي پهچي ٿو ۽ ڊسڪورر جي پد تي پهچي واپس ڪريئيٽر ڏانهن موٽ کائي ٿو. اهڙي طرح خيال جو اهو ڇلو گولائيءَ ۾ هلندو رهي ٿو. سڀني صوفي شاعرن جي شاعري انهي خيالاتي جوڙجڪ ۾ نظراچي ٿي.
ڀٽائي جي ڳولائو طورخيال کي ڏسجي ته سندس سموري شاعريءَ ۾ ڳولا جو ڪم روان دوان ۽ جاودان آهي پرسُرکاهوڙي ۽ سسئي جي سڀني سُرن ۾ ڳولائو جي وصفن کان وٺي ان جي ڪم بابت ايترو ته تفصيل سان اظهاريو ويو آهي جيڪو شايد ئي ڪنهن ٻئي شاعر اظهاريو هجي. ڳولائن تي نظر پوندي جڏهن هو منجهن مڻيا ڏسي ٿو ته چئي ڏي ٿو؛
مون سي ڏٺا ماءِ، جني ڏٺو پرينءَ کي،
ڪري نه سگهان ڪاءِ، تني سندي ڳالهڙي.
سندس ڳولائو ڪردارگهرگهارڻ وارا ناهن. اهي ڏينهن تتي بٺ ۾ به ڏُٿ ڏوريندا رهن ٿا. مٿن سدائين ڏک جو لباس اوڍيل آهي. جبلن جي جيءَ جهوريندڙ پنڌ ۾ اکين آب هاريو پنهنجي واٽ نهاريندا وڃن ٿا هلندا وڃن ٿا. سمهڻ سندن ڪتاب ۾ ناهي.اهي نئين سڄ نوان ڏيهه ڏوريندا رهن ٿا. اهڙيءَ جُوءِ کي به نڪري وڃن ٿا جيڪا ڪنهن سُئي نه ٻُڏي آهي. اهي پاڻيءَ مٿي پير ڪڙي ٿا وٺن ڇو ته کين لهرن مان سُڌ پوي ٿي. لهرن جي ليکي کي لکيندڙ اهي لکي لوڏ وارا کاهوڙي جڏهن سڪا سنڊ ڪڇن ۾ کڻي، ريءَ وسيلي وڌندا، ٽمندي نيڻين اڳتي وڌنڌا وڃن ٿا ۽ اهڙي ڀونءِ به وڃي سوجهي لهن ٿا جنهن جي پرپروڙڻ ڏاکڙو آهي؛
پاڻيءَ مٿي پير، ڪنهن پرڪڙيو پيريين،
لهرين مان لطيف چئي، سونهي لڌائون سير،
ان ڀونءِ سندو ڀير، پرپروڙڻ ڏاکڙو.
اهي ڳولائو ڪڏهن به سک نٿا سمهن کين سدائين پنڌ جو اونو آهي. پاڻيءَ مٿي پيرڪڙڻ ڪيڏو نه ڪٺن ڪم آهي. پرکاهوڙي انهي پيرجي چٽ کي چيتي ٿا وٺن جو لهريون ساڻن ڳالهائين ٿيون. لهرين جي جيڪو ڳڻپ رکندو ان کي ئي پنڌ جو پتو پوندو.اهڙي نموني ڳولا جي اها ڳالهه هلندي رهي ٿي. ڳولاجي ڪم ۾ پرپروڙڻ لاءِ پارپڇڻ ضروري آهن يعني سونهون هجڻ ضروري آهي. واٽ جي، واٽ جي ڇيڙي تي ماڳ جي پروڙ هئڻ ضروري آهي. ڀٽائي ڳولا جو اهو ڪم وجود کان ئي شروع ڪري ٿو. سموري ڄمار ڏيل ۾ ڏورڻ جو ڏس ڏئي ٿو؛
وري پُڇ ويٺين کي، سندا پنهونءَ پار،
ساجن سڀ ڄمار، ڏکي ڏورج ڏيل ۾.
ڏيل انسان جي سموري جسماني ۽ ذهني يا روحاني ڍانچي جو نالو آهي. رڳو مادي احتياج جي ڳالهه ناهي. ڳولا جي ڪم ۾ ذهني تحرڪ ئي اڳتي وڌائي ٿو. ڪٿي ڪو نقص يا بيماري ٿئي ٿي ته پيڄ پيارڻ سان ڏيل ۾ ڏکندڙن کي ڪو فائدو نٿو ٿئي ڇوته اهڙي پنڌ جي پانڌيئڙن لاءِ سوري سيڄ آهي ته مرڻ مشاهدي سمان آهي.من جي اٿاهه گهرائيءَ ۾ جيڪا وٿ پيئي آهي سائي ڳولڻ نڪتا آهيو.ايئن ڪٿي اواٽا ٿي اوتڙ نه اوليو. رڳو ڄُلڻ مان ڪو ڄاڻ نه ملڻو آهي. پرين کان ئي پڇڻ توکي پرين ملائيندو. اها ڪميونيڪيش جي اُتم صورت آهي؛
سوئي کڻيو ساڻ، سوئي ڏوريين سسئي،
ڪڏهن ڪنهن نه ڪيو، ڄُلڻ منجهان ڄاڻ،
پُڇ پريان ڪرپاڻ، ته تون تهائين لهين.
هرهڪ ڳولائو ڳولائو ناهي، ڪو ڪٿي بيهي رهندو، ڪو ڪٿي ٿڪجي پوندو پرحقيقي ڳولائو هلندا رهندا، بيهڻ سندن ڦرهيءَ تي ناهي. دنيا جو ڄار جن کي ڇڪيندو هوندو، اهي ڪهڙي ڳولا جو ڪٺن ڪم ڪري سگهندا. روئنديون ته روئڻ واريون جن ڳل ڳوڙهن هاڻا ٿي ڳاڙها ٿيا هوندا. ڳولا جو ڪم ڦوڙائي وارو ڪم آهي. جدائي جي ڳالهه ڳري آهي. سڀڪجهه ڇڏي نڪرڻ وارن ئي ڪو نه ماڳ مليو آهي. اهڙن ڳولائن کي ازل کان ڳولا جي ڳنڍ ملي آهي جنهن کي مٿي کنيو هلن پيا. ٽمندي نيڻين به ڳولا جي ڪم ۾ رُڌل آهن. ڏونگرڏورڻ ڪو سولو ڪم ناهي؛
وڃو سڀ وري، آئين جي ورن واريون،
ڦوڙائي فراق جي، سُڄي ڳالهه ڳري،
ٻُنڀان جن ٻري، ڏونگر سي ڏورينديون.
ٻُنڀ شروعات کي چئبو آهي يعني جيڪا شئي جتان نڪتي آهي اتان ان کي ڳولا جي اها وٽ ملي آهي ته ان جي ٻُنڀان ئي ٻريل آهي ۽ اهو تحرڪ کيس وهڻ نٿو ڏي. ڳولا۾ ٿڪ به ٿئي ٿو. ڪچا ڳولائو پنڌ جي سختين ۾ اچي پنهونءَ کي به پاراتو ڏيئي ٿا وجهن جيڪو ڳولا جي توهين آهي. ٿڪيائي ٿرٿيلهڻ کپي، رائو ريلڻ کپي ڇو ته ويٺلن تان وقت جي وير واري واري ڇڏيندي آهي. ڳولا جي اهڙي ڳڱاٽيندڙ ڪم ۾ سمورو ڀئو ڀيلڻ گهرجي، تڏهن ماڻهو وڃي ڪنهن پنڌ پوندو؛
ٿڪيائي ٿر ٿيل. چڙهه چُڪيائي چوٽيين،
هلندي هوت پنهون ڏي، ڀئو مڙيئي ڀيل،
اُٿي رائو ريل، ويٺن تان واري وري.
ڳولا جو اهو عمل مسلسل عمل آهي جنهن ۾ ڪيچ وڻن ۾ واڪو ڪندي، ووڙ جاري رکبي آهي. بنڀور ۾ وهڻ ڳولائو جو وڙ ناهي. ڏاڍن ڏونگرن تي چڙهي، پنهون جو پير پسڻو آهي ۽ اهڙي ڏورڻ منجهان ئي ڏس پوندو، ان گس گام جو جيڪو پنهونءَ جو وسرام آهي، جنهن جو پيغام اندرجي اٿاهه گهراين مان گونجي خيال جي پکين کي اها اڏام آڇي ٿو جيڪا ڳولائن کي ماڳوٿا ڪرڻ ۾ مددگار ٿئي ٿي.
ڪرڪو واڪو وس، ويهه م منڌ بنڀور۾،
چڙهي ڏاڍين ڏونگرين، پير پنهونءَ جو پس،
ڏورڻ منجهان ڏس، پوندئي هوت پنهون جو.
هوت پنهونءَ جو ڏس ڏورڻ منجهان ئي پوندو آهي جو ڳولاجو عمل اهڙي ڪرت آهي جنهن سان قلب جو ڪس لهي ٿو. ڳولا جي عمل ۾ تن ۾ ڳولا جي تشنگي تار سان جيڪي ڏيجيل هوندا آهن تن جي اڃ ئي املهه اڃ هوندي آهي جيڪا اُڃ سان اٿندي آهي ۽ پوءِ پنهون کين پيالو پياريندو آهي. ڳولا جي سفر۾ من جي اهڙي تاس ۽ تانگهه ئي ماڳ رساڻڻ ۾ مددگار ٿئي ٿي. ڳولا جي ڳوڙهي ڪم ۾ جن کي اندر۾ اڃ هوندي آهي پاڻي پاڻ انهن لاءِ اُڃيو هوندو آهي؛
ساجن ڪارڻ سُڃ، مر قبوليئي سسئي،
اندر جني اُڃ، پاڻي اُڃيو ان کي.
اهڙي ريت ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ ڳولاوارو روپ هڪڙو نيارو روپ آهي جنهن جا پنهنجا گُڻ آهن. ڀٽائي جو ڳولائو پنهنجي ڳولا پاڻ کان شروع ڪري ٿو. سندس ڳولا پهريان داخلي آهي پوءِ خارجي. هو جنهن ڳالهه جي ڳولا ۾ آهي سا ڳالهه معمولي ناهي. ڏکي ۽ ڏاکڙي واري آهي ان ڳولا جو پنڌ پرانهون ۽ اڙانگو آهي. ان پنڌ ۾ ڪچي ارادي وارو هلي نه سگهندو. ورن واريون ورڻ جي وائي ڪنديون. لاڳاپا لاهي نڪتل ڳولائو ئي پنهنجي ڳولا ۾ سوڀارو ٿيندو. ڳولاجي اها ڳوڙهي ڳوٽ ڀٽائي جيئن ڀڳي آهي تنهن ۾ سموري عالم لاءِ عمومن ۽ سنڌ لاءِ خصوصن سُڪار سمايل آهي جنهن تي پيراپائي، پيروي ڪري سنڌ سرهي ٿي سگهي ٿي ۽ عالم تان اونداهو به لهي سگهي ٿو.