لطيفيات

ڏورِ تِئائين ڏَسُ

هي ڪتاب نامياري ليکڪ، شاعر ۽ محقق نور احمد جنجهي جو لطيف شناسيءَ تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.
نور احمد جنجهي صاحب لطيف جي اهڙن اسرارن ۾ ڏَور وڌي آهي جتي لفظن کان اڳيان وڌڻ جو درس آهي، دل ۽ روح مان نڪرندڙ ڳالهين جا هُل هلاچا آهن، محبت جي تشنگي تار مان پار پوڻ جا ساٺ آهن، آيل لاءِ روئڻ کي سرتين جي دانهن آهي. اهڙن سمورن خيال کي سائينءَ بخوبي نڀايو آهي. سائين نور احمد جون هنيين ۾ هنڊائڻ جهڙيون الست تحريرون اميد ته پڙهندڙ تي گهرو اثر ڇڏينديون ۽ ان سحر ۾ اچي هو قدرتي لقائن مان لاڀ حاصل ڪندا. هي يار خود زماني جي رنگ کان پاسي رهي اهي سموريون لافاني تحريرون تحرير ڪندو رهيو آهي.
Title Cover of book ڏورِ تِئائين ڏَسُ

عشق ناهي راند...!!

عشق ناهي راند...!!

ڪائنات جي ابتدا عشق آهي. انتها عشق آهي. عشق ازل آهي. عشق ابد آهي. حسن ان جو هڪڙو اظهار آهي جنهن جي لاکيڻي لقاءَ وسيلي عشق جي دنيا آباد آهي. عشق جي دنيا لامحدود آهي جيڪا حدن مان نڪري بيحد جي برپٽ مان اُڪري لاحد جي لوءِ ۾ اچي کُلي ٿي، جتي نه ڪا هونگ نه هون آهي. هيڪائي هيڪ آهي. ٻيائي ان اظهار جي اُهاءَ ۾ الوپ ٿي وڃي ٿي. عشق جي ڳالهه ڳوڙهي به آهي ته ڳري پُڻ. لطيف عشق، محبت ۽ پيار سان پنهنجي شاعريءَ جو تاڃي پيٽو اُڻيو آهي. سندس ڪلام ۾ قرب جون مصريءَ ڪڻيون جابجا ملن ٿيون، جن جو هرهنڌ رس چس نيارو ۽ نرالو آهي. ڀٽائي جو ڪلام زندگيءَ جي سمورن رخن کي ذهن ۾ رکندي، ڪائنات جو اڀياس ڪندي، ڪائنات جي وسيع تناظر ۾ انسان جي وجود جي معنى ڳولي ٿو. سندس سنيهو صوفيت جي عام رواجي پيغام کان گهڻو اڳتي آهي. هو احديت، وحدت جي هيڪڙائي هيڪ کان شروع ڪري، ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر سندس ڳالهه ان کان به قديم جي قدمن کان اڳتي هلي وڃي ٿي ۽ حادث جي همدميءَ کي سمجهائيندي، زمانن جي زمانن کان اڳتي گذري وڃي ٿي. لطيف جي ڪلام جي لطافت به وقت جي راز جيان ڳوڙهي آهي. وقت جي ابتدا جو ڇيڙو به انساني شعور جي سُئي جي پاکي ۾ اچي نه سگهيو آهي نه ئي ان جي انتها جي اٿاهپڻي جو ڪو دنگ درو نظراچي ٿو. انهي اپورڻتا ۾ سمپورڻتا پنهنجو وجود ڳولي ٿي. سمورن وڏن تخليقڪارن به سمپورڻتا جي سراغ لڳائڻ لاءِ پنهنجا ڪونتل ڪُڏايا آهن پر ڳالهه اڃا به اتي جو اُتي آهي. رڳو ان جا اوسا پاسا ظاهر ٿين پيا، باقي اصل ڳوٽ ڀڄڻ جي امڪان جو ڪو امڪان نظرنٿو اچي.
ڀٽائي عشق تي اظهاريندي، ان کي ازل جي ازل کان به قديم ۾ وٺي وڃي ٿو ته ڪيئن سڀني ڳالهين کان اڳ ۾ عشق جو وجود هو.دنيا هيڏو وڏو جوڙ ۽ جنسار هئڻ باوجود راند روند کان مٿي ناهي. دنيا چئن ڏينهن جو چُٽڪو آهي يا ڏينهن مڙئي ڏون آهي. پر لطيف عشق کي راند نٿو سمجهي. هو سُرڪلياڻ ۾ فرمائي ٿو؛

عشق نه آهي راند، ته ڪي کيلين ڳڀرو،
جيءَ، جُثي ۽ جان جي، ڀڃي جو هيڪاند،
سسي نيزي پاند، اُڇل ته اڌ ٿئي.

عشق ڪچي وهيءَ وارن يعني ڳڀرن جي کيڏڻ جي کيڏ ناهي. اهو هيڪر ته هر شئي کي جهوري ٿو وجهي. جيءُ به جُهري ٿو پوي ته جُثو به جهٽ نٿو جهلي. عشق جي سٽ سان اندر ٻاهر ٻئي متاثر ٿين ٿا يعني ڀيلي دنيا ڀڄي ڀُري، نئين دنيا ٺهڻ ڏانهن وڌي ٿي. اهڙي نئين سر تعمير ۾ سسي نيزي پانڌ اُڇلائڻي پوي ٿي. سر جو سانگو لاهڻو پوي ٿو تنهن کان پوءِ وڃي ڪو عشق جي پنٿ تي پير لڳي ٿو. پنهنجي مرضيءَ سان ايئن سسي نيزي جي ڇيهه تي آڇڻ وير وريامن جو ڪم آهي جهڙي تهڙي جي وس جي ڳالهه ناهي. عشق قرباني گُهري ٿو ۽ سڀ کان وڌيڪ پنهنجو پاڻ پيارو هوندو آهي. عشق جي آڳ انهي ”پاڻ“ جي دان جي گهرجائو هوندي آهي. عشق اهڙو محرڪ آهي جيڪو ماڻهو جي داخلي توڙي خارجي صلاحيتن کي متحرڪ ڪري وجهي ٿو. عشق جي اُليل مانجهين کي منجائي وجهي ٿي. لنئون لڳڻ کانپوءِ، محلن ۾ ويٺل نازڪ نفيس شهزادا توڙي شهزاديون ڏونگر ڏورڻ لڳي وڃن ٿا. اُٿي ويٺي کين پرين پسڻ جي تات رهي ٿي. اهو شوق کين اهڙي مهميز عطا ڪري ٿو، جو پهڻ جو پنڌ سندن پير پِٿون نٿو ڪري. هلي هلي ڀلي پير لڦون ٿي وڃن پر پنڌ ۾ سندن دلچسپي جهڪي نٿي ٿئي. لطيف سُر بروئي ۾ فرمائي ٿو؛

عشق اهڙي ذات، جو مانجهي مُنجهائي،
ڏينهان ڏورڻ ڏونگرين، رُئن سڄيائي رات،
اُٿي ويٺي تات، ميان محبوبن جي.

عشق جي سگهه جي ڪري، عاشق ۽ معشوق ۾ اهڙو تعلق جڙي ٿو جيڪو سموريون دوريون دور ڪندي، ٻيائيون ٻن وجهندي، ٻنهي کي هڪ ڪري ڇڏي ٿو. ان کان وڌيڪ وجود جي وحدت جو ڪو ٻيو مثال ناهي. جڏهن اهو ڏاڪو اچي ٿو ته سسئي پاڻ پنهون ٿي پوي ٿي ۽ سسئي ته سورن جي صورت جو هڪڙو روپ محسوس ٿئي ٿو. ميهار کي جيڪي پُڇن ٿا، ميهار به تن جي سار لهي ٿو. عشق جني جو جيترو آڪرو آهي، تن لاءِ ترهو به بار آهي. ڀٽائي، سُر سهڻيءَ ۾ آڪري عشق جي آکاڻي بيان ڪندي ”فا ذڪروني اذڪرڪم“ جي تند چُوري ٿو؛

پُڇن جي ميهار کي، پُڇي سي ميهار،
فاذڪروني اذڪر ڪم، ايءَ پروڙج پار،
تُرهو تني بار، عشق جني کي آڪرو.

”آڪرو“ لفظ صفت آهي. هي لفظ لوهارڪي ۽ ڪاپائتي ڪرت جو لفظ آهي جنهن جي معنى آهي سخت. ڀڳل يا وٽيل سُٽ ۽ رُڪ آڪرا ٿيندا آهن. رڪ جا ٻه قسم ٿيندا آهن. هڪڙو آڪرو رُڪ جيڪو مُڙندو ناهي. موڙڻ سان ٽُٽي پوندو آهي ٻيو مٺو رڪ، جيڪو ڪجهه نرم هوندو آهي. باقي ڪچو رڪ ڌڪ هڻڻ سان ڪڻيون ٿي پوندو آهي ۽ ان مان ڪا شئي جُڙي نه سگهندي آهي. تُرهو ترڻ جو وسيلو آهي، جيڪو هڪڙو ڄڻو پنهنجي لاءِ کڻي ٿو. جن جو عشق آڪرو هوندو آهي سي ترهو نه کڻندا آهن. ملاحن کي پُڇي ڪوئي مس ميهار تائين پهچي سگهندو آهي سُر سهڻيءَ ۾ لطيف فرمائي ٿو؛

تُرهو آڇ م تن کي، جن عشق سين آگاه،
پُڇي مس ملاح، ساهڙ مَڻي سهڻي.

عشق ۾ ڪهڙو سامان کپي ٿو. عشق جي ڪهڙي گهرج آهي. عشق ۾ ڪهڙيون تڪليفون درپيش اچن ٿيون؟ انهن اهنجن ايذائن جو علاج ڪهڙو آهي؟ عشق جو اسباب ڇا آهي؟ ان بابت ڀٽائي وڏيءَ چٽائيءَ سان بيان ڪندي فرمائي ٿو ته جڏهن عاشقن عشق جي اسباب کي پر۾ پڇيو ته کين هن درد جو دارون ٻڌايو ويو ته ”والعصر“ جي پڇاڙيءَ ۾ درد جي دارون جي ٻاجهه ڀري ٻُڪي ڄاڻايل آهي. اهو نسخو ٻُڌائي، محبوبن دوريءَ جو ايترو مظاهرو ڪيو آهي جو سلام کي به سڪي ويا آهيون. عاشقن جي من ۾ سڪ ڀري سار جو سڳو سُري رهيو آهي. وسارڻ سندن وس ۾ ناهي. اها ياد ئي آهي جيڪا وجود جو اهڃاڻ آهي. سُرڪلياڻ جي چوٿين داستان ۾ ڀٽائي سائين فرمائي ٿو؛

پر ۾ پُڇيائون، عشق جي اسباب کي،
دارون هن درد جو، ڏاڍو ڏسيائون،
آخِرُ ”والعصر جو“، ايهين اُتائون،
تهان پوءِ آئن، سڪان ٿي سلام کي.

لطيف سائين قرآن جي سورت ”والعصر“ جي حوالي سان ان درد جو دارون ”والعصر جو آخر“ لکي ٿو، جيڪو ”صبر“ آهي. محبوبن صبر جي صلاح سان درد جي دؤر کي جهڪو ڪرڻ جو ڏس ڏنو. عشق جي واٽ ٻُڌائيندو، لطيف ڪيتريون ئي لطيف ڳالهيون ڪندو اڳتي وڌي ٿو. هو عشق کي لامحدود سمجهي ٿو، جنهن جو ڪو ڇيڙو ناهي. ان جي ڪا حد ناهي. عشق عدد ناهي جنهن جي پُڄاڻي هجي. عشق واقعي ”ٻُڙي“ آهي تنهنڪري ان جي ڪائناتي حيثيت سڀني شين مٿان گهيرو ڪري بيٺي آهي. سڪ به عشق مان اُپجي ٿي ته سور به عشق جي پور جو اهڃاڻ آهي. عشق انسان کي انهي لامحدود ماڳ ڏانهن وٺي وڃي ٿو، جنهن ۾ حدن جي محدوديت تنگ نٿي ڪري. عشق جيڪا وسعت عطا ڪري ٿو اها انسان جي تصور کي جيڪا جلا ۽ جوت بخشي ٿي تنهن ۾ عالم سوڙهو ٿي ڏيک ڏيڻ لڳي ٿو. سُر سهڻيءَ ۾ ڀٽائي سائين فرمائي ٿو؛

نڪو سنڌو سور جو، نڪو سنڌو سڪ،
عدد ناهه عشق، پُڄاڻي پاڻ لهي
عدد ناهه عشق جو، سُڻي ٿيءُ سياڻي،
ڪانهي پُڄاڻي، مهندان مُنڌ ميهار جي.

عشق جي اهڙي ڀلوڙ سمجهاڻي ڏيندي، لطيف سائين عشق جي ”اگم“ واراتا بيان ڪري ٿو ته عشق جو ڪو ڇيڙو ڪانهي، ڪا حد ڪانهي. عشق لاحد ۾ لوچڻ جو نالو آهي.عشق جو ڪو عدد ناهي يعني ان جو مُلهه مقدار ناهي يا ٻين لفظن ۾ ته اهو املهه آهي. ان کي ڪنهن ڪڇ ماپ ۽ ماڻ سان ڪڇي ماپي توري تڪي نٿو سگهجي. عشق جا پانڌي عاشق سڏائين ٿا پر سنڌي تصوف ۾ عشاق به آهن جن عوشاق سڏيو ويندو آهي. ڀٽائي عاشقن جي اول محبت الله سان ڄاڻائي ٿو. سموريون محبتون ان محبت مان نڪرن ٿيون ۽ ان ڏانهن موٽ کائين ٿيون. عشق جو اصل هڪ ئي آهي. عشق بابت لطيف جا لطيف خيال ماڻهوءَ جي ذهني تربيت ڪن ٿا جيڪا انسان کي سندس ارتقائي پنڌ جا ڏاڪا اُڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. ڀٽائي جو عشق جو تصور وحدت جي احديت واري تصورمان ڦُٽي ڪثرت جي قسما قسمي واري گهڻا گهڻا گهڻي تائين پهچي وري هيڪائي هيڪ ڏانهن موٽ کائي ٿو. لطيف وٽ عشق جون انيڪ واٽون به آهن. سسئيءَ جو پنهونءَ سان عشق آهي. سندس جستجو ۽ جاکوڙ سراپا عشق آهي. پروڙ پوڻ تي سسئي ۽ پنهون هڪ نظراچن ٿا. مومل راڻي جي محبت جو پنهنجو روپ آهي ته نوريءَ سان ڄام تماچيءَ جي سڱ جي آکاڻي نرالي آهي. رپ ۽ بروئي جو داستان پنهنجي الڳ نموني جو عشق بيان ڪري ٿو. گهاتوءَ ۾ مورڙي جو مهاساگر سان عشق مثالي آهي ان مان مڇ کي لوڌي ڪڍڻ لاءِ هيڏي ساري اجگر سان مهاڏو اٽڪائڻ به عشق جو هڪ اظهار آهي. مارئي جي ملير ۽ مارن سان جيڪا نسبت آهي تنهنجو عشق مثالي آهي تڏهن ته هڪ اٻلا ۽ مسڪين ڇوڪريءَ جي ڪردار کي ڀٽائي ايئن چٽي ٿو جو هڪ ارڏو بادشاه به ان جي سامهون پاڻ ساهي نٿو سگهي. ڀونئر جي آسمان ۾ ڀُرڻ ۽ ڪنول جي پاتار ۾ پاڙن هجڻ باوجود عشق جو ناتو آهي، جيڪو ٻنهي کي جوڙي ٿو. ڀٽائي جو عشق جو تصور اُلفت جي اُميري پائي جوڙيندڙ عشق جو تصور آهي جنهن جي اپورڻتا ۾ ئي سموري سمپورڻتا آهي، وجود جي وحدت جي وائي آهي، جنهن جو بيان جُز ۽ ڪُل جي جوڙ جي ڳوڙهي ڳالهه آهي.