حرف ڇٽي هڪڙي.....
ڀٽائي مشاهداتي اڀياس جو اهڙو مانجهي مٿيرآهي، جنهن، جيڪا منجهڌار سوجهي، تنهن تائين ڪنهن ٻئي جي پهچ نه ٿي سگهي آهي. سندس مشاهدو ايترو ته ڳوڙهو ۽ وسيع آهي، جو ان جي گهرائي جو پاتار پرانهون آهي. هن جي بيان جو اندازاهڙو ته انساني فطرت وٽان آهي جو هرڪو ان جي سحر ۾ ٻُڏي ٿو وڃي.سندس نتيجن جا ماڻڪ موتي اهڙاته املهه آهن جو ڪيرانهن جو ملهه ڪٿي نٿو سگهي.
ڪائنات جي حسناڪيءَ جا سڀئي بنيادي تصور هن پنهنجي شاعريءَ ۾ بيان ڪيا آهن ته انسان جو ڪائنات جي وسيع تناظر ۾ بامعنى مقام جوڙڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. هن جيئريءَ جاڳنديءَ دنيا جي ڳالهه ڪندي، ڪنهن ڀلي پار جوڙڻ جي صلاح ڏني آهي. سندس فڪر جا ڪيئي تهه آهن. هر تهه جي پنهنجي پنهنجي معناداري آهي، جنهن جي معنى ڳوليندي ڳوليندي هرڪو لڳو پيو آهي، پنهنجي ڪرت ۾ پراڃا نت نيون معنائون من ۾ اڀرن پيون. اهڙي طرح هي ويراوير وڌندڙ خزانو سنڌي فڪر ۽ دماغ کي روشني عطا ڪندو رهندو. لطيف کانپوءِ جي سموري فڪري ورثي جي پيڙه ۾ ڪٿي نه ڪٿي لطيف نظرايندو.
لطيف جي شاعري جي انهن معناداري تهن ۾ پهريون تهه ان جي لفظي صورت گريءَ جو تهه آهي جنهن جي پنهنجي اهميت آهي. لطيف لفظن جي اهڙي مهلائتي ۽ موثر چونڊ ڪئي آهي، جو ان جي معنى جڏهن ٻُڌندڙن يا پڙهندڙن تي کُلي ٿي ته اهي حيران رهجي ٿا وڃن. انهن لفظن جي لسانياتي ڳرائي به ڳري آهي. مختلف صوتي صورتون ۽ نحوي بناوتون ۽ صرفي سينگار جيئن ڀٽائيءَ جوڙي رکيا آهن تيئن هڪڙو باعلم عالم ئي رکي سگهي ٿو، جهڙي تهڙي ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه ناهي.
ٻيو تهه انهن شاعريءَ جي معنوي ڳرآهي جنهن مان معنى جا مڻيادارموتي ميڙي سگهجن ٿا. هڪ هڪ لفظ کي پنهنجي پنهنجي نياري معنى ته آهي ئي آهي پرڪافي لفظ جن کي ڪليدي لفظ چيو وڃي ٿو سي ته وڏو پس منظررکندڙ جيئراجاڳنداٻول آهن جن مان وري ڪيئي جهتون نروارٿين ٿيون. اهڙن سڀني لفظن کي پنهنجي پنهنجي عملي معنوي روپ ۾ نروارڪرڻ جي ضرورت آهي. لفظن جي سموري جڙاءَ جي ويئٽ به وڏو وستار ٿيندي.
ٽيون تهه اهي ڪهاڻيون آهن، جن جي معرفت ڀٽائي پنهنجي ڳالهه کي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. دنيا جي ادب ۾ اها روايت آهي ته سڄي ڪهاڻي بيان ڪري ان وسيلي ڪا ڳالهه نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي. دنيا جي ادب جي ديومالا انهن مالهائن سان ٽمٽار آهي. اها يوناني ديومالا هجي يا هندستاني ديومالا. انهن ڪٿائن ۽ ڪهاڻين کي پنهنجو فڪري بنياد بنائي ماڻهو اڳتي وڌيا آهن. لطيف انهن ڪهاڻين جي بيان ۾ اها لطافت آندي آهي جو هن ڪهاڻيءَ جو رڳو اهو حصو پنهنجي شعر ۾ ڄاڻايو آهي جيڪو اتي مناسب ۽ برمحل هو. سموري ڪهاڻي کي هن ڇهيو ناهي. وري انهن ڪهاڻين جي ڪردارن کي به هن پنهنجي منفرد انداز ۾ نباهيو آهي. سٺي ڪردارکي سُٺن لفظن ۾ ۽ خراب ڪردارکي وري اهڙن ٻولن سان ياد ڪيو آهي، جنهن جو هو مستحق آهي.
ڀٽائي جا اڳڀرا ڪردار سورميون آهن. سُر به سورمين جي نالي سان لکيل آهن. اڄ به اسان جي سماج ۾ مائي عزت لاءِ واجهائي ٿي، سو اڄ کان چارسئو ورهيه اڳي ڪهڙي حالت هوندي، توهان اندازولڳائي سگهوٿا. ڀٽائي ان دؤر ۾ به سسئيءَ جي سڪ کي ڳائي ٿو، مارئيءَ جي اڏولتا جي ڳالهه ڪري ٿو، مومل جي مجاز جي مهميز جي ڪهاڻي بيان ڪري ٿو، نوريءَ جي نوڙت جي ڳالهه ڇيڙي ٿو. سهڻيءَ جي عشق جي اڌمي جي ڳالهه ڪندي ڪوبه عارمحسوس نٿو ڪري. ايئن جن سورمن جو ذڪر داستانن ۾ ڪري ٿو، انهن جي به اعلى انساني گڻن جي اپٽار ڪري ٿو. ڀٽائي کان اڳ به انهن سورمين جو ذڪرآهي پر ڀٽائي انهن کي نرالي انداز ۾ ڳائي هن قومي ورثي کي پاڻ کان اڳتي منتقل ڪيو تڏهن ته سندس پونيرشاعرن به انهن ڳالهين کي پنهنجي انداز ۾ ڳاتو، تان جو اهو سلسلو شيخ اياز تائين اچي پهچي ٿو ۽ هو به انهن سُرن کي سنڌ جي وحدت الوجود جي رڱ ۾ رڱي شاعريءَ جو حصو بنائي ٿو ڇڏي. ڀٽائيءَ جي شاعريءَ تي جيڪي اثرنظراچن ٿا تن ۾ مذهبي اثر، برصغيرجي مقامي ادبي ورثي جو اثر، فارسي اثر ۽ سندس پيش رو شاعرن جو اثرآهي. هو انهن مڙني گڻن کي به ڪمال هوشياريءَ سان پيش ڪري ٿو. سندس شاعري وحدت جي واديءَ جو لطيف سيرآهي جنهن ۾ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم کي هنيئين جي هيج سان مڃڻ جي ڳالهه به ڪئي ويئي آهي. انهي طرح مذهبي روايت مان قرآن شريف جون کوڙ ساريون آيتون به ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل آهن. عربيءَ جو اثر به آهي پرانهي اثرکي ڀٽائي پنهنجي سنڌي سانچي ۾ ڪري پيش ڪري ٿو. لفظن جي بناوت وغيره سموري عمل کي هو اهڙي سلوڻي انداز ۾ پيش ڪري ٿو، جو هرهڪ ان جي پيغام کي سمجهي سگهي. فارسي شاعري جو به اثر نظراچي ٿو روميءَ جو ته هن سڌو ذڪربه ڪيو آهي پر هو فارسيءَ کي حاوي ٿيڻ نٿو ڏي ته ڪو سنڌي ماڻهو ان جي اثرکان ايترو مرغوب ٿين جو سنڌي ئي وساري ڇڏين. پنهنجي پيش روشاعرن شاه ڪريم، شاه لطف الله قادري، ميين شاه عنايت رضوي، خواجه محمد زمان جي شاعري کان به سندس شاعري اثر وٺندي نظراچي ٿي پر هو اهڙي اثرجي باوجود پنهنجي نرالي سڃاڻپ برقراررکي ٿو. ننڍي کنڊ جي علمي ۽ ثقافتي ورثي جو به ڀٽائيءَ جي ڪلام تي اثرآهي. انهن سڀني ڳالهين کان به اڳتي جيڪڏهن ڀٽائي جي شاعريءَ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته اها اڃا به ڪارائتي ثابت ٿيندي. ڀٽائي جي شاعري جي سماجي، نفسياتي، جنسياتي، ماحولياتي، تواريخي، صنفي پاسن بابت به لکيو وڃي ۽ سڀني کان وڌ ته ڀٽائي جي شاعريءَ جي ڪرٽيڪل اپريسيئيشن به ڪئي وڃي. اسان وٽ ته تنقيد جي نالي ۾ نڪتا چيني ٿيندي آهي يا وري دل جي باهه ڪڍي ويندي آهي يا پراڻا وير پارڻ لاءِ لوئيو ويندو آهي. تنقيد انهن ڳالهين کان مٿڀرو ادبي عمل آهي، جنهن لاءِ وڏي اخلاقي جرئت جي ضرورت آهي. تنقيد ڪرڻ لاءِ توڙي تنقيد ٻُڌڻ لاءِ. انهن ادبي ڳالهين کان به اڳتي جيڪو ڀٽائي جي ڪلام جو اصل ڪارج آهي اهو ڪلام ۾ سمايل پيغام آهي. زندگيءَ جي مختلف روين ۽ روپن جي باري ۾ ڀٽائي اظهاريو آهي. پنهنجي خيال جي اظهارکي هو ترت سمجهڻ جي ڳالهه ڪندي هن ريت چوي ٿو؛
حرف ڇُٽي هڪڙي، ٻهون جي نه ٻُجهن،
ڪوه ڪبو کي تن، سڄي سُڻائي ڳالهڙي.
سندس پيغام مکڻ ئي مکڻ آهي، جنهن ۾ لسيءَ يا اڇ جو ذرو به ناهي. جيئن ڪبير فرمايو هو ته ”مکڻ ڪبيرا کاگيا، ڇاڇ پيئي سنسار“. ڀٽائيءَ نج مکڻ ئي سنسارکي به آڇيو آهي. سندس ڪلام جي انهي ٻهڳڻ روپ کي ڏسجي ٿو ته نت نرالا اظهار نظر ايندا. خالق ۽ مخلوق جي ناتي کان وٺي عشق جي آڳ تائين، عشق جي اظهارکان وٺي محبت جي مهميز تائين، محبت جي منڊ کان وٺي دنيا جي دستور تائين انيڪ ڳالهيون آهن جيڪي کولي سمجهايل آهن. جسم ۽ روح جي تعلق جي وستار تي به ويچار ونڊيل آهن. روحن جي وائي ورنائڻ واري ڳالهه هن ريت سُرمارئيءَ ۾ ڪيل آهي؛
الست بربڪم، جڏهن ڪن پيوم،
قالو بلـيٰ قلب سين تڏهن تت چيوم،
تنهن وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين.
اهو وچن ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ورنائيندو رهي ٿو. ان سڏ کان ڪنهن کي به انڪار ناهي. ان کان انڪار فطرت کان انڪار جي برابر آهي جيڪو ناممڪن آهي. حبيبن جو حُب مان، سڪ وندو سڏ، هرهڪ ورنائي ٿو، رڳو ورنائڻ جو ورلاپ الڳ آهي؛
حبيبن هيڪار، منجهان مهر سڏ ڪيو،
سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اهئي ٿيو.
اها اور ڪندي ڪندي هرڪو هرڻ ۽ هماءَ جيان سنسار ۾ سرگردان آهي. پڙاڏي ۽ سڏ ۾ فرق اهو آهي ته ٻُڌڻ ۾ ٻه آهن. توانائي به پنهنجا روپ بدلائي ٿي، ان کي نه اپائي سگهجي ٿو، نه کپائي سگهجي ٿو. علم جون سڀئي صورتون به هڪٻئي کي سهڪار ۾ آهن. وحدت ۽ ڪثرت جو اڻ ٽٽ ناتو آهي. ڪُل ۽ جُز به هڪٻئي ۾ سمايل آهن. عشق جي انهي راهه مان سڀئي راهون نڪرن ٿيون. عشق کي انتهائي وسيع تناظر۾ ڏسڻ سان ئي خبر پوندي ته سڀئي ڪم اتان نڪرن ٿا ۽ اتي ئي وڃي ڇيهه ڪندا. هرشئي کي پنهنجي بُڻ ڏانهن موٽڻوآهي.
ڪڙو منجهه ڪڙي، جيئن لوهارن لپيٽيو
منهنجو جيءُ جڙي، تيئن سُپريان سوگهو ڪيو
دنياداري به ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ بحث هيٺ آئي آهي. هو ڪڏهن ڪن ٿيڻ جي ڳالهه ڪري ٿوته ڪڏهن وات ٿيڻ جي. ڪڏهن ٻڪرو ٿيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته ڪڏهن ڪات ٿيڻ جي صلاح ڏي ٿو. سڌي واٽ تي هلڻ جي تاڪيد ڪندي، ڪنڌ ڦير ڪندڙ کي لوڻي ڀرلپاٽ لڳڻ جي چنتا به ڏياري ٿو. سُک سانگي ٿيڻ بدران، ڏکن سان گهارڻ جي مذڪور ۾ وڌيڪ مزو ماڻيندي، سورن کي شاباس ڏئي ٿو. پنڌ جي پنٿ بابت هن ريت صلاح ڏي ٿو؛
اوتڙ هليا سي نه ڀُليا، راه هليا ڦرجن،
سُتڙ سي پون، ٻيئي جن ڇڏيون.
زندگيءَ ۾ جوکي کڻڻ جي جرئت جي تمام وڏي اهميت آهي. جديد دؤر۾ انتظامڪاري جو جيڪو فن پڙهايو وڃي ٿو، تنهن ۾ جوکو کڻي اڳتي نڪرڻ وارو ڪم سڀ کان اڳڀرو آهي ۽ دنيا جي ڪم ڪار ۾ اهي ماڻهو ئي اڳتي وڌيا آهن، جن اهڙا جوکم وارا ڪم ڪيا. ڀٽائي به مئي متي مهراڻ ۾ ٽپوڏيڻ جي ڳالهه ڪندي هن ريت چوي ٿو؛
گهڙيا سي چڙهيا، ايئن اٿيئي،
مئي متي مهراڻ ۾، پئو ٽپو ڏيئي،
ته ميهار مليئي، سنڀوڙو سيڻاه سين.
ميهارجو ملڻ متوقع نتيجن جو ملڻ آهي. ڀٽائي جي ڪلام واري انهي پاسي تي هن دؤر ۾ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي جيئن سندس ڪلام ۾ پوتل معنى جا موتي نئين نسل اڳيان اچي سگهن. ترقياتي اقتصاديات ۾ نج نبارتصورن جي تمام گهڻي اهميت آهي. ڀٽائي جو ڪلام نج نبارتصورن سان ٽمٽار آهي. انهن تصورن کي عملي روپ ڏيارڻ لاءِ ترقياتي اقتصاديات جي تناظرکي ڏٺو وڃي ۽ ڀٽائي جي پيغام مان رهنمائي حاصل ڪئي وڃي.