تون چئو الله هيڪڙو......
خلقڻهار مخلوق تخليق ڪري، ان ۾ خصوصن انسان جي تخليق ڪري، ڪائنات جي تخليق کي اهڙو ته سرس ۽ سوائي ڪري ڇڏيو آهي جو سمورو جنسار ان جي چوڌاري گهمندو نظر اچي رهيو آهي. ان جوڙ ڀري جنسار جي ڳوڙهي ڳالهه کي سونهن ۽ سرواڻن پنهنجي پنهنجي نقطه نگاهه سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان ڪري ان جي سمجهاڻيءَ جا سهسين رنگ روپ نظراچن ٿا. ڪوڙين ڪايائن جا لکين لک هزار روپ سروپ آهن. هر جيءَ سان جيءُ آهي پر سڀني جو ڏيک نرالو ۽ نيارو آهي. ڪائنات هڪڙي محلات جيان نظراچي ٿي، جنهن جي هر دري دريچي مان صاحب سامهون آهي. انسان کي عقل ۽ ڏاهپ ڏيئي، ٻئي رستا... نيڪي جو رستو ۽ بدي جو رستو.... کولي ڏنا ويا آهن ۽ کيس چونڊ جو اختيار ڏنو ويو آهي. انسان تي اهي سمورا ڀورائي جا ڀال آهن، تڏهن ته هو ملائڪن جو مسجود به بنيو.
ڪائنات هڪ اهڙو ايڪو آهي جنهن ۾ ٻهڳڻائپ آهي پر ٻيائي جي گنجائش ئي ناهي. حبيبن هيڪار جيڪو مهر ڀريو سڏ ڪيو آهي، هر گاهه اهو اچارجي رهيو آهي. الستي آواز جي راز کي ”قالو بلى“ جي هاڪاري هائوڪار هيڪائي هيڪ همدم ڪري ڇڏيو آهي.
لطيف سائين پنهنجي شاعريءَ وسيلي انساني تصور جي آبياريءَ لاءِ املهه خيال پيش ڪيو آهي، سندس ٻولي، سندس بيان جو انداز ۽ سندس انداز جو توازن کيس سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ميدان ۾ نيارو ۽ نرالو ڪري نروار ڪن ٿا. سندس ڇڏيل علمي ورثي ۾ شاهه جو گنج ۽ شاهه جو راڳ ٻه اهڙيون ڀلوڙ وٿون آهن، جن ۾ معنى جا مڻيادار موتي آهن، جن جي معنى مان معرفت جي موج مان لنگهي سچ ڳولائو حقيقت جي جهلڪ جو هر ادراڪڻ جي نعمت ماڻي سگهن ٿا. سندس گنج شريف اهڙو ڳوڙهو ۽ ڳُتيل اُڻت وارو دستاويز آهي، جنهن ۾ ڀٽائي جي فڪر، فهم ۽ تدبرجو سمورو سامان سمايل آهي. گنج جي گنجيني يعني خزاني ۾ جتي لطيف سائين جا بيت آهن، تتي ٻين شاعرن جو ڪلام به آهي. اڳتي هلي گنج مان شاه جي ڪلام کي الڳ ڪري شاه جو رسالو تيار ڪيو ويو. اهڙي طرح شاه جي رسالي جا اهي ٻه بنيادي نمونا نروار ٿيا. ڀٽائي جي شاعري سڀني فقيرن کي برزبان ياد هوندي هئي پر مائي نعمت ان ڏس ۾ سڀني کان سرس ۽ سوائي هئي. ڀٽائي جي راڳداريءَ جو سنڀاليندڙ ”تمر فقير“ هو، جنهن راڳ جي اداري ۽ شاعريءَ کي ٺهڪائي جوڙي هڪ ڀلوڙ جنسار ڪري هلايو. ڀٽائي جي رسالي تي گهڻو ڪم ٿيو آهي ۽ هن وقت به اهو ڪم جاري آهي پر ڪوبه رسالو ڪنهن ٻئي رسالي سان نٿو ملي. ان جا ڪيترائي سبب آهن پر هڪڙو اهم سبب اهو به آهي ته ڀٽائي جي شارحن جي اڪثريت غير شاعرن جي آهي. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود ڀٽائيءَ جي ڪلام جي اهميت ان جو پيغام آهي، جنهن ۾ هن مختلف سنيها سموهي، اهڙي لطيف انداز ۾ پيش ڪيا آهن جو هر ماڻهو سندس بيت ۽ وائي جي سٽ سُڻي، موهجي پوي ٿو ته ڪاش هو به اهڙي سٽ سرجي. پرت جي انهي پيغام ۾ اهم پيغام ”وحدت جي وائي“ آهي. وحدت جي اها وائي شاعر جي ڳوڙهي شعور ۽ ڪائنات شناسيءَ جو چٽو اظهار آهي. وحدت جي وائيءَ کي لطيف سائين هن ريت ورنائي ٿو؛
تون چئو الله هيڪڙو، ٻي وائي وساري ڇڏ،
تان تون هنين سين گڏ، سڄڻ ساهه پساهه ۾.
وحدتان ڪثرت ٿئي، ڪثرت وحدت ڪُل،
حق حقيقي هيڪڙو، ٻوليءَ ٻيءَ م ڀُل،
هيءُ هُلاچو هُل، با لله سندو سڄڻين.
سندس پيش ڪيل وحدت جو تصور اهڙو ڳوڙهو ۽ گهاٽو اُڻت ڪيل تصور آهي، جنهن جي ”هڪڙائي“ اڻ ورڇ جوڳي آهي. ورڇيل نظر ايندڙ ان هڪڙائي جو اظهار آهي. وحدت مان ئي ڪثرت نڪتي آهي ۽ ڪثرت کي وحدت جي ڪُل ۾ جذب ٿي وڃڻو آهي. حق حقيقي هيڪڙو آهي جنهن جي پروڙ کان پوءِ ٻي ٻولي ڀُلجڻ جي گنجائش ئي نٿي رهي. سمورو هُلاچو هُل سڄڻ سندو آهي. قسم کڻي ايئن هيڪڙائي حق جي سچي سنيهي جو سڏ ڀٽائي ئي اوري سگهي ٿو جنهن جي ڏات جي ڏيا اندر جي اظهار کي توازن جي تارازيءَ ۾ توري تڪي معنى آڇي ٿي. وحدت جي وائي مان ئي وحدت الوجود جو ورلاپ نروار ٿيو آهي. ننڍي کنڊ جي ۾ وحدت الوجود جي نظرئي جو گهرو اثر آهي. صوفين بزرگن، سنتن درويشن جو اظهار گهڻو تڻو ”همه اوستي “ حال ۾ رهيو آهي. ڀٽائي سائين به ”سڏ پڙاڏي “ جي هيڪڙائي جي ڳالهه ڪندي، فرمايو آهي ته اهي رڳو ٻُڌڻ ۾ ٻه آهن. وحدت الوجود لاءِ جي تشريح جو اظهار ابن العربيءَ جي لکتن کي سمجهيو وڃي ٿو.، جيتوڻيڪ هن اهو اصطلاح سڌي ريت ڪٿي به استعمال نه ڪيو آهي پر سندس پيروڪارن اهو اصطلاح متعارف ڪرايو. وليم چٽڪ مطابق ”انهن ۾ سندس شاگرد ۽ ويڳو پٽ صدرالدين قونوي (وفات 1274 ع) به شامل آهي. سعدالدين فرغاني (وفات 1300ع) هو جنهن وحدت الوجود جي ”مخصوص ۽ فني “ معنى نروار ڪئي.اڳتي هلي ان اصطلاح کي باقاعدي مولانا جاميءَ پنهنجي لکتن وسيلي رائج ڪيو“.
وحدت جي وائيءَ کي ورلاپيندي لطيف سائين ان جا ڏاڪا هن ريت بيان ڪيا آهن؛
وحده جي وڍيا، الا الله سي اورين،
هنيون حقيقت گڏيو، طريقت تورين،
معرفت جي ماٺ سين، ڏيساندر ڏورين،
سُک نه ستا ڪڏهن ويهي نه ووڙين،
ڪُلهنئون ڪورين، عاشق عبداللطيف چئي.
وحده جي وڍ جن جي وجود کي ”ايڪ“ مان ڪڍي ”انيڪ“ جو اوطاقي بنايو آهي، سي ”الا الله“ اوري رهيا آهن. سندن هنئيون يعني قلب يا دل حقيقت سان ڳنڍيل آهي ۽ طريقت توري رهيا آهن يعني طريقت وسيلي تور ماپ ڪري شين جي مايي ۽ قدر کي ماپي رهيا آهن. ان ڏاڪي کان اڳتي ٽپي معرفت جي ماٺ جي ميدان ۾ پهچن ٿا ته ڪيئي ڏيساندر يعني ڏورانهان ڏيهه ڏورين ٿا يعني ڳولهي لهن ٿا. اهي ڏيهه ته روح جي راحت آهن پر انهن جي ڳولها جي ڳالهه به ڳچ آهي. سُک سندن جان ۾ ناهي. مسلسل سفر ۾ آهن. انهن ڪڏهن ويهي ووڙڻ جو سوچيو به ناهي ڇوته ويٺن تان واري وري ٿي. جاڳڻ منجهان ئي جس آهي. عاشق جڏهن انهن ڏاڪن مان لنگهي پار پون ٿا ته پوءِ وٽن سکڻي سر جي ڪا حيثيت نٿي رهي ۽ اهي ڪُلهن تان ڪوري، مٿو محبوب حوالي ڪن ٿا. ايترا ڏاڪا اُڪرڻ کانپوءِ ئي قبوليت ملي ٿي ۽ قبوليت جي انعام ۾ سر قبول پوي ٿو. قرباني انساني تاريخ سڀ کان وڏي وٿ رهي آهي. سر ڏيئي سٽ جوڙن جي ڳالهه سمجهائي ويئي آهي پر هڪڙو سر ته سکڻي قرباني آهي. ساڳي شئي مالڪ کي موٽائي ڏني ته ڪهڙو وڏو ڪم، ڀٽائي سائين ته ”هزارن سرن کي ان راهه ۾ سسيءَ کي سئو ڀيرا ڏيڻ“ جي ڳالهه ڪري ٿو، جيڪو ڀٽائي جو پيش ڪيل قربانيءَ جو نيارو تصور آهي. ڀٽائي ”وحده جو ويءُ وهائڻ“ جي ڳوڙهي ڳالهه ڪري ٿو.کٽڻ هارائڻ کان اڳتي نڪرڻ جي صلاح ڏيندي فرمائي ٿو؛
وحده لاشرڪ لـﮧ، ايءُ وهائج ويءُ،
کٽين جي هارائين، هنڌ تنهنجو هيءُ،
پاڻان چوندءِ پيءُ، ڀري جام جنت جو.
وحده لاشريڪ لـﮧ، ٻُڌءِ نه ٻوڙا،
ڪِ تو ڪنين نه سُئا، جي گهٽ اندر گهوڙا،
ڳاڙيندين ڳوڙها، جت شاهد ٿيندءِ سامُهان.
وحده جي وائي ورنائيندي، لطيف سائين حضرت محمد صلي الله عليه وسلم کي به مڃڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. اهو نقطو به سندس پاران پيش ڪيل وحدت جي تصور جو اهم نقطو آهي. هو اهو سمورو ڪم هنيين جي هيج سان ڪرڻ جو سنيهو ڏئي ٿو.
وحده لاشريڪ لـﮧ، جان ٿو چئين ايئن،
تان مڃ محمد ڪارڻي، نرتئون منجهان نينهن،
سو تون وڃئو ڪيئن، نائين ڪنڌ ٻين کي.
ٻين کي ڪنڌ نائڻ کان انسانن کي پليندي، ڀٽائي انسان جي آزاديءَ جي رکوالي ڪري ٿو. انساني شعور پنهنجي سکيا جي سنگ ارتقا ئي اُٿي ويٺي سکيو آهي. سندس عمل ۾ جڏهن ترتيب اچي ٿي ته اهو گهربل نتيجا ڏيڻ لڳي ٿو. محنتون، رياضتون ، عبادتون سڀئي انهي فڪر ڦرهيءَ جي اُجارڻ جو سامان آهن. اندر اجارڻ سان ئي اڳتي وڌي سگهجي ٿو، خالي جسم ڌوئڻ سان جي ڪجهه حاصل ٿئي ته مڇين کي سڀ کان گهڻو سري ها. وحدت انسان جي اندر ۾ آهي. هو ان کي پنهنجي اندر جي اک سان ڪيئن ڏسي ٿو يا وري سندس ماڻيل تربيت ۽ ورتل تعليم کيس ڪهڙي دڳ وٺي ٿي وڃي، اهو سڀ کان وڏو سوال آهي. هو پنهنجي خيال کي وحدت جي واديءَ جو سير ڪرائي ٿو يا وري ڪنهن رڻ جي رولاڪيءَ ۾ ڀٽڪي ڀٽڪي، پير پٿون ڪري، ٽڙڪي پوي ٿو.انسان وحدت جي احديت جو پنڌ پڄائي ٿو ته کيس جيڪي سري ٿو، سو سسو پلرآهي. امرت آب حيات آهي. هو لُٻيل لُڙ ڇڏي اڳتي وڌي ٿو.
وحده وائي، چڙهندي چيائين،
سو لُڙ لنگهيائين جتي پارک پکيان.
اهڙي طرح هيڪڙائي حق آهي. ٻيائي کي ٻک وجهي ماڻهو وَرسڻ يعني آباد ٿيڻ بدران وِرسي يعني برباد ٿئي ٿو. هيڪڙائي جو تصور همه اوست جو منبع آهي. هيڪڙائي ”هڪ “ آهي جنهن ۾ ڪنهن به ٻيائي جي گنجائش ڪانهي. ٻيائيءَ جي ٻپين ۾ اچي، ڀٽڪڻ انسان کي، چيئن چاڙهي ڇڏيو آهي. هو اندر جي سڪون لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي ته عالم جي امن لاءِ مٿاماري ڪري رهيو آهي پر اهي ٻئي شيون سندس هٿ وس نه پيون ٿين، ڇاڪاڻ ته هو ٻيائيءَ ٻپيءَ تي لڳي، وَرسڻ بدران وِرسڻ واري واٽ جو واٽهڙو بنجي روانو ٿيو آهي، جن لاءِ لطيف ههڙو لطيف خيال پيش ڪيو آهي؛
وحده لاشريڪ لـﮧ، ايءُ هيڪڙائيءَ حق،
ٻيائيءَ کي ٻَکُ، جن وڌو سي وِرسيا.