لطيفيات

ڏورِ تِئائين ڏَسُ

هي ڪتاب نامياري ليکڪ، شاعر ۽ محقق نور احمد جنجهي جو لطيف شناسيءَ تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.
نور احمد جنجهي صاحب لطيف جي اهڙن اسرارن ۾ ڏَور وڌي آهي جتي لفظن کان اڳيان وڌڻ جو درس آهي، دل ۽ روح مان نڪرندڙ ڳالهين جا هُل هلاچا آهن، محبت جي تشنگي تار مان پار پوڻ جا ساٺ آهن، آيل لاءِ روئڻ کي سرتين جي دانهن آهي. اهڙن سمورن خيال کي سائينءَ بخوبي نڀايو آهي. سائين نور احمد جون هنيين ۾ هنڊائڻ جهڙيون الست تحريرون اميد ته پڙهندڙ تي گهرو اثر ڇڏينديون ۽ ان سحر ۾ اچي هو قدرتي لقائن مان لاڀ حاصل ڪندا. هي يار خود زماني جي رنگ کان پاسي رهي اهي سموريون لافاني تحريرون تحرير ڪندو رهيو آهي.
Title Cover of book ڏورِ تِئائين ڏَسُ

سنهي سُئيءَ سبيو، مون ماروءَ سين منُ

سنهي سُئيءَ سبيو، مون ماروءَ سين منُ

بازار جو بَکُ بنيل، قدرتي وسيلن سان مالامال هن دنيا ۾ اسان جي ڌرتيءَ جو به هڪڙو وجود آهي جتي منافعي ڪارڻ هر شئي ايئن وڪامي ٿي جيئن جيري ڪارڻ ٻڪري ڪسجي. اهڙي ڪُڌي ڪم هڻي دنيا کي دوزخ بنائي ڇڏيو آهي. دنيا ۾ امن جي نالي ۾، دهشتگرديءَ سان جنگ جي نالي ۾ الائي ڇا ڇا ٿي رهيو، تنهن کان سموري دنيا ڀليءَ ڀت باخبر آهي. دنيا داري انسان کان الائي ڇا کسيو آهي؟ ان جو کيس ادراڪ ئي ناهي تڏهن ته هو اڃا انهي انڌ جي گهوڙي تي سوارآهي ۽ دنيا کي رڳو پنهنجي هٿ وس رکڻ خاطر وتائي واري عيد جي سيوين گڏ ڪرڻ جي خفي ۾ لڳو پيو آهي. دنيا هڪ طرف جنگين جي جوت ۾ جلي رهي آهي ته ٻي طرف فضا ۽ ماحول به انساني چُرپر جي ڪري پنهنجو روپ بدلائيندا پيا وڃن ۽ ان جي نتيجي ۾ جيڪو آبهوائي ٻڙڌڪ دنيا ۾ متو آهي ان جو واڄٽ به جتي ڪٿي ”ڪلائيميٽ چينج“ جي نالي سان دنيا جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ وڄي رهيو آهي ۽ سموري دنيا انهي بانسريءَ تي نچي رهي آهي. اهڙي رون ڪانڊاريندڙ دؤر ۾ ڀٽائيءَ جي ڪلام جي ڪهڙي اهميت آهي؟ ڀٽائي جو ڪلام ڪهڙو منظرنامو پيش ڪري ٿو؟ ۽ انهي ڏس ۾ ڪهڙا حل آڇي ٿو؟ اچو ان تي ڳالهه ٻولهه ڪجي ڇاڪاڻ ته ڀٽائيءَ جو ميلو جاري آهي ۽ اڄ ادبي ڪانفرنس آهي. مٿئين تناظر ۾ ڀٽائي جو سمورو ڪلام واضح اهڃاڻ ڏي ٿو پر اسين پنهنجي ڳالهه جو موضوع سُرمارئي جي معنى دارموتين مان چنڊڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون ڇاڪاڻ ته ڀٽائي سنڌ جو ناڙي ويڄ ڏاهو آهي جنهن سنڌ جي سماج ۾ ايترو اونهو پيهي ڏٺو آهي، جو اڄ تائين ڪوئي سندس جُتي کي ويجهو به نه وڃي سگهيو آهي. شاعرن جي ته کوٽ ناهي پر ڀٽائي واحد اهڙو شاعر آهي جنهن سنڌي سماج جي پاتار ۾ پيهي جيڪي موتي سوجهي آندا آهن، تن جي مڻيا جڳ جڳ نئين رڱ روپ سان نروار ٿيندي رهندي. ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ سماج جي سڀني پاسن کي سُهڻي نموني بحث هيٺ آڻي، ڇيد ڪري، نتيجن جو اهڙو مکڻ پيش ڪيو آهي جنهن جي منڌ ۽ ماکي مٺاڻ جي ڇا ڳالهه ڪجي.
سُر مارئي به سندس سُرن مان هڪڙو ڀلوڙ سُر آهي جنهن ۾ مارئي جي ڪهاڻي کي بنياد بنائي شاه عبدللطيف ڀٽائي اهڙا نڪتا بحث هيٺ آندا آهن جن جي اثرپذيري ڪائناتي نيمن جي روشنيءَ ۾ اڄ سوڌو اوتري ئي اهم آهي، جيتري ڀٽائيءَ جي پنهنجي دؤر ۾ اهم هُئي. هن سُر کي ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هن سُر جا ٻهڳڻ پاسا آهن جيڪي روحانيت جي رازن جو به سير ڪرائين ٿا ته سماج جي گهٽين مان به گهمائين ٿا ۽ انسان جي هيڻي ۽ ڏاڍي واري تاڃي پيٽ جو تاتپرج به پيش ڪن ٿا.
انسان جي پيدائش واري عمل ۾ آدم جو سرجڻ ۽ ان ۾ روح جو داخل ٿيڻ اهڙو موضوع آهي جنهن کي انهن سڀني شاعرن ڳايو آهي جن جي شاعريءَ تي تصوف جو اثرآهي. روحانيت جي ان ڳالهه جو ڳارو ازل جي اها محبتي ميخ آهي جيڪا جانب جان ۾ ارواحن خلقڻ کان اڳ هنئي هئي، جڏهن سنهيءَ سُئيءَ مارن سان ساهه ٽانڪجي ويو هو. اهو پريت جو کڻ ڪڏهن به نڪرڻو ناهي ڪنهن نه ڪنهن صورت م هلندو رهندو. انهي املهه رشتي کي ڀٽائي مارئي جي واتان هن ريت چورائي ٿو؛
سنهي سُئيءَ سبيو، مون ماروءَ سين ساه،
ويٺي ساريان سومرا، گولاڙا ۽ گاهه،
هينئيون منهنجو هت ٿيو، هت مٽي ۽ ماه،
پکن منجهه پساه، نه ته قالب آهي ڪوٽ ۾.
انهي سنهي سُئيءَ جي سيبي، ازلي انگ جي رشتي جي رنگ کي اهڙو سگهارو ڪيو آهي جو اهو سڱ نه ڇني سگهجي ٿو نه ڇڄي سگهي ٿو. سڪ ڀريو اهو سڱ ساه ۾ سُرندو ۽ هنيين ۾ هُرندو رهي ٿو. انهي الستي انگ بابت وري مارئي هن ريت چوي ٿي؛

سنهي سُئيءَ سبيو، مون ماروءَ سين من،
هڻي کڻ حلم جا، تهه وڌائون تن،
ڪيئن ٽوپايان ڪن، اباڻي ابر ري.

اباڻي ابر يعني سُئي کانسواءِ ڪن ٽوپائڻ عين گناه آهي. ڪن ٽوپائڻ هڪڙو اهڃاڻ آهي جيڪو سنجوڳي علامت کي ظاهر ڪري ٿو. ڪن ٽوپائڻ جو عمل اڳتي هلي سُهاڳ جي سهڻي روپ ۾ منتقل ٿي وڃي ٿو. ازل کان جيڪو ويڙهيچن سان وچن ڪيل آهي، حبيب جو هيڪار ڪيل اهو سڏ ور ور ڏيئي ورنائڻو آهي. الستي انگڙو ان ڳالهه جو گهرجائو آهي. اهو انگڙو ويڙهيچن سان وچن ڪرڻ جي وقت شروع ٿيڻ کان به اڳ جو آهي ڇاڪاڻ جو ازل جو مطلب اهڙي اڳاڙي آهي وقت جي، جنهن جي ڪا اڳاڙي نه آهي. اهڙي طرح ابد وري اهڙي پڄاڻي آهي جنهن جي ڪا پڄاڻي نه آهي. پرار جي پڪار ته ٻُڌڻ ۾ اچي ٿي پراُڪارجو ڪو پهي پتو نه آهي.

الست بربڪم جڏهن ڪن پيوم،
قالوبلى قلب سين، تڏهن تت چيوم،
تنهن وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سان.

اهو ويڙهيچاڻو وچن ئي هو جنهن انسان کي دنيا جو اڳواڻ ڪيو، جنهن کيس ملائڪن جو مسجود ڪيو. سُرمارئي ۾ آدم جي تخليق ۽ روح جو جسم جي جامي قيد ٿيڻ جو قصو اظهاريل آهي ته هڪڙي آزاد وٿ ٻي معروضيت ۾ ڪيئن اچي قابو ٿي آهي ۽ ان قيد کي محسوس ڪندي اها مسلسل تڙپ ۽ تانگهه ۾ آهي. سندس اها تڙپ ۽ تانگهه کيس هرڻ ۽ هماءَ پکي واري همت عطا ڪري ٿي. قيد جي انهي ڪڙجڻ کي ڀٽائي هن ريت بيان ڪيو آهي؛

قسمت قيد قوي، نه ته ڪير وهي هن ڪوٽ ۾،
لکي آڻي لوح جي، هنڌ ڏيکاريم هي،
پرچي ڪين پنهوارن ڏي، جان جُثو ۽ جي،
راجا راضي ٿي، ته مارن ملي مارئي.

اهو قيد قضا جو قيد آهي، رضا جي راند ناهي جنهن سان ڪير پنهنجي مرضيءَ سان ڪوئي هٿ چُراند ڪري.روح لطيف آهي. جسم ڪثيف آهي پر هڪٻئي لاءِ ٻئي لازم ملزوم آهن. جسم ۾ جيستائين روح جي رواني آهي تيستائين جيون جي جاوداني آهي. جڏهن ميا ماڳ ٿين ٿا ته پوءِ ڪوئي ڌڻي ڌوري ناهي هرڪو ڪڪ ٿي پورڻ، ساڙڻ، هوا۾ ٽنگڻ يا پاڻيءَ ۾ لوڙهڻ جي تيارين ۾ لڳي وڃي ٿو. جسم پنهنجي ايتريءَ بي بقائي جي باوجود روح جو ميزبان آهي. روح جڏهن ان ۾ اچي پڙلاءُ ڪري ٿو تڏهن ئي کيس اظهارملي ٿو. مارئي جي واتان ڀٽائي انهي روحاني رمز کي تمام گهڻي ڳوڙهائي سان ڳاتو آهي.
سُرمارئي جو ٻيو تهه اٿلائجي ٿو ته ان ۾ فطرت جا ويءَ ۽ ولهار نظراچن ٿا جتي اٺي وراڻ ٿيندي آهي ته کينءَ واڌايون اينديون آهن ۽ ڪيئي اوڀڙ موريل ۽ نسريل نظرايندا جن ۾ رتا رڱتو ڦل به هوندا ته ساه کي سُرور ڏيندڙ خوشبو به محسوس ٿيندي.
مارئي جي وطن جي نسبت سان ڀٽائي ٿرجي طبعي ڀاڱن جو به ذڪر ڪيو آهي، جيئن : پائر، کائڙ، ڍٽ وغيره. پائرٿرجو اهو ڀاڱو آهي جيڪو ڪنٺي کان شروع ٿي پارڪر سان لڳي ٿو. مارئي جو ماڳ به انهي ڀاڱي ۾ آهي؛

نڪو اير نه ڀير، نه ڪو اوٺي آئيو،
مون وٽ آيو ڪونه ڪو، پائران ڀري پير،
ڪتابتون ڪير، آڻي ڏيندم ان جون.

ڍٽ ٿرجو اڀرنديون ڀاڱو آهي جنهن جي اتر ۾ کائڙ آهي.اولهه ۾ ڪنٺو ۽ مهراڻو آهن ته ڏکڻ ۾ پائرجو پلراڻو پٽ آهي. ڍٽ، ڍاٽ بنجي اڳتي هليو وڃي. قدرتي طبعي چرپرکي ڪا شئي روڪي نٿي سگهي. مليرجي انهن مڙني پٽن ۾ جيڪو ڀون مٿاڇروآهي تنهن تي ڪهڙا وڻ ٻُوٽا ٿين ٿا. مارو مال چارو ڪيئن پنهنجو جيون گهارين ٿا، ان بابت ڀٽائي وڏي وچور سان ذڪر ڪيو آهي. پپن، ڪونڊيرن، کهه، مکڻي، مانڌاڻي، کٻڙ، گولاڙن، لنب، ڪوريءَ، چيهي، ساڏوهين، ڦوڳ، ڪرڙ ۽ سڱر جو ذڪر ڪيو آهي. مارو ماڻهو جن جو گذران ٿڻ تي آهي يعني مالوند ماڻهو آهن سي ڪيئن حياتي گهارين ٿا. ڪهڙا ڀونگا ۽ ڀيڻيون سندن آستان آهن جي هو ڪوڪڙ ۽ ڪونڊير، سڱر ۽ سائون ۽ ٻيا ڏٿ کائي گذران ڪن ٿا پر ڪنهن آڏو هٿ نٿا ٽنگين. وطن جي ولين ۾ هو ويڙهيل آهن تنهنڪري سندن ڀرم ايئن بچيل آهي جيئن مارئي جي واتان ڀاروڙي جي ڀرم بچڻ جي دعا گهريل آهي. سندن واريءَ منجهه وٿاڻ آهن جيڪي ڀريا تُريا ڀاڻ آهن. انهن جي آبادي ۾ ويترسرهائي اچي ٿي جڏهن پلرجي پالوٽ سان سمورا نواڻ ڀرجي تار ٿي پون ٿا. پنهنجي مال جي ان ۽ ٻي اپت مان اهي پنهنجي روزمره جي کاپي جو به پورائو ڪن ٿا. سندن کوه ڪٿي کاراآهن ته ڪٿي مٺا آهن. انهن کوهن ۾ جڏهن پاتار جو پاڻي سُڪي وڃي ٿو ته مارو پنهنجو مال ڪاهي ٻين ويرن ۽ ويرين تي هليا وڃن ٿا.اتي ڀوڻ جو ڀڻڪو به ٻُڌڻ ۾ نٿو اچي. تڙ جي ٻنهي ڪنڌين وٽان پيل ستا سيٽ ڪاڙهي بٺ ۾ سڙندي نظر اچن ٿا. اها ويراني به مارئي کي اداس ڪري ٿي پر هوءَ تڏهن سرهي ٿئي ٿي، جڏهن ميگهه ملاري ٿيڻ کان پوءِ، سائين جي صورت جي مورت ۽ منڊ سان سڀ جڳ موهجي پوندو آهي ته مارو موٽي ايندا آهن. اها موٽ دنيا جي ڏکين ڀاکن مان رڳو ٿر ۾ آهي. اهڙي طرح انيڪ ورلاپ آهن جيڪي مارئي جي واتان، سچ، سونهن ۽ وطن سان وچن نباهه جا اهڃاڻ آهن. دنيا مان وطن جي تصورکي گلوبلائيزيشن جي تصور سان تڙي ڪڍيو ويو آهي ۽ ماڻهن ۾ هرهنڌ قبضي گيري جي هڪڙي نه پوري ٿيندڙ هٻڇ پيدا ٿي پيئي آهي. هيءَ دنيا مارڪيٽ جي ڇتي ڪتي جي وات ۾ ڏينهون ڏينهن ڳيتجندي ۽ ڳڙڪندي پيئي وڃي. روحانيت جي رمزن ۽ فطرت جي منظرڪشيءَ مان ڀٽائي جو هڪڙو اهڙو تصور اُڀري ٿو، جنهن ۾ هيڻي ۽ هاڻو طبقن جي ڳالهه آهي. مارئي هيڻي طبقي جي نمائندگي ڪري ٿي ۽ عمرانهي هاڻو ذهنيت جو ڪارندو آهي جنهن سدائين دنيا کي پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ پيرن هيٺ لتاڙيو ۽ لوئيو آهي. اڄ به دنيا اهڙن عمرن سان ڀري پيئي آهي ۽ مارئي جو ڪرداردنيا ڀر ۾ هيڻائي جو ڏيک ڏئي ٿو. دنيا جا ڇٽ پٽ، پٽ کوه ۽ هڻ هڻان وارو ڏين ٿا. دنيا جو امن دمڙيءَ تي وڪامي رهيو آهي. هاڻو به همدرد هجڻ جو ڍونگ وارو ڍنگ ڪن پيا تڏهن ته جبلن ۾ وڃي جوت لڳي ۽ ڏونگرٻري ڏنءُ لڳو. بلاول نوراني جي درگاه تي بيگناه رت جي راند کيڏي ويئي آهي. ناني جي اسرار جا راز ۽ لاهوت لامڪان جون رمزون به اتي ئي آهن. اهڙا اڻ ڳڻيا تيرٿ تڪيا ساري سنڌ ۾ پرينءَ جي پاڇي جيان، هيڻن لوڪن کي پنهنجي هنج جي هيج ۾ سمائين ٿا. ڀٽائي به اهڙو لقاءُ آهي جتي سموري سنڌاچي گڏجي ٿي. سنڌ جي فڪري، ثقافتي، روحاني سڃاڻپ جو هي اهڃاڻ شل سندس بيتن، واين ۽ گهريل دعا وانگرآباد رهي.آمين.
جهه سي لوڙائو ٿيا، جني ڀر رهن،
مارو منجهه ٿرن، رهي رهندا ڪيترو.