سارنگ آڇي سرهائي سنسار کي...
جڳ جو جنسار جميل به آهي ته حسين به آهي. سنسار جي سموري سٽاءَ ۾ جيڪا سيبتائي ۽ سگهڙائپ آهي تنهنجي ترتيب کي بنياد بنائي انساني ذهن به پنهنجي ڄاتي پٽاندر دنيا ۾ ڪڇ ويئٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان گهڙَ ڀَڃ جي ڪري ڪٿي جڳ جرڪي اُٿيو آهي ته ڪٿي اونداهي جا ڪڪرصدين کان دنيا جي قسمت جي آڀي تي ڇانيل آهن ۽ انساني خوشحاليءَ جي تحرڪ جي واٽ ۾ وڏي ۾ وڏو خطرو آهن. فطرت جو حسن ۽ جمال جتان ڪٿان ليئا پائي رهيو آهي. انساني شعوران سونهن جي سندرتا کي جتان به جهٽيو آهي يا محسوس ڪيو آهي ته ان مظهر جو سندس تخليقي سگهه تي اهڙو گهرو اثر ٿيو آهي جو هن موٽ ۾ دنيا کي سدا ملوڪ رچنائون آڇيون آهن. دنيا جي جابلو غارن ۽ غفائن جي پٿر فن کان وٺي مصوريءَ جي شاهڪار فن پارن تائين، اعلى شاعري ۽ ٻين لکتن کان وٺي دنيا جي عجائبات تائين، انسان جي سرجڻهار سگهه جا اهڙا نمونا ملن ٿا جن کي ڏسي ٽڪڻ گهمي ٿي وڃي. اهڙين حسين تخليقن کي ڳولجي ٿو ته شاه جو رسالو به سنڌ جي اهڙي تخليق آهي جنهن ۾ جتي اعلى تصور پيش ڪيل آهن تتي اهو پنهنجي پر۾ به حسين آهي. هر تخليق خيال جي حسين روپ جو نالو آهي پران سان گڏوگڏ هر تخليق هڪ حسين پيشڪش به آهي. هي چوماسو آهي. چئوماسي ۾ جڏهن ميگهه ملهاري ٿيندي آهي ته ڍٽن پٽن جيڪا گاهن جي گلزاري ٿيندي آهي ۽ سمورو ٿر سائو ٿيندو آهي. اهڙي سهڻي سمي ۾ جيڪا سرهائي ماحول ۾ ايندي آهي ۽ فطرت پنهنجي جمال جي جنسار جي جلوي کي ظاهر ڪندي آهي ته ان جمال جي صورت سموري جڳ کي موهيندي آهي. ميگهه ملار اکڙين جي تشبيهه کي جيئن ڀٽائي فطرتي جماليات جي اپٽار لاءِ بيان ڪيو آهي تنهن جي اثرپذيري هرڪنهن تي عيان آهي. سُرسارنگ سونهن ۽ سرهائيءَ جي اهڙي بيان سان ڀريو پيو آهي. جماليات کي انگريزيءَ ۾ ايسٿيٽڪس چئبو آهي. اهو لفظ يوناني لفظ "aisthetikos" مان نڪتو آهي جنهن جي معنى آهي ”محسوسات جو ادراڪ“. جماليات سونهن جي اڀياس يا فلسفي جو نالو آهي. فلسفي جي هڪ شاخ طور جماليات فن، سونهن ۽ حسن ذوق جي نوعيت ۽ مڃتا جو مطالعو آهي. ڪن ڏاهن جي خيال موجب ” جماليات، فن، ثقافت ۽ فطرت تي ناقداڻي اظهار“ جو علم آهي. جماليات جو اهڙو شعور ماڻهوءَ جي داخلي حسن کي جاڳائي ٿو، جيڪو کيس ازلان عطا ٿيو آهي. حسن جو اهو ادراڪ ماڻهوءَ کي حسن تخليق ڏانهن وٺي هلي ٿو ۽ هرهڪ پنهنجي صلاحيت آهرحسن جي اهڙي ادراڪ جو اظهار ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته کيس ازلي سونهن جو اونو ٿي پوي ٿو، جنهن جي ”احسن تقويم“ مان سندس خمير جُڙيو آهي. هو جڏهن ان ازلي حسن جي ادراڪ کان منهن موڙي ٿو ته پوءِ سندس انجام ”اسفل سافلين “ آهي. اهي اهڃاڻ انسان جي پيار جي پنڌ ۾ رهنمائي ڪن ٿا تڏهن ته ڀٽائي سائين چيوهو؛
سونهن وڃايم سومرا، ميرو منهن ٿيوم،
وڃڻ تت پيوم، جت هلڻ ناهي حسن ري.
حسن جي انهي اتم ادراڪ کي ڀٽائي سُرسارنگ ۾ فطرت جي پڙاڏي، محبت جي مانڊاڻ ۽ سنسار جي سرهائي جي اعلى تصورن هيٺ ڳائي بيان ڪيو آهي. سنسار جي سونهن پنهنجي جوهر ۾ جنم کان ئي موجود آهي. اهڙي ازلي سونهن سان ڪنهن شئي هٿ چُراند ڪئي آهي ته اهي انساني ڪرت جا ڪرتوت آهن جن جي ڪري فطرت جي سيني تي ڪڏهن رهڙون اچي وڃن ٿيون ته ڪڏهن وري ان جي پيشاني جو سنڌور جهڪو ٿي پوي ٿو. نتيجي ۾ فطرت جو سينو متاثر ٿي پوي ٿو يا وري فطرت جي سندرتا جي سينڌ ميري ٿي وڃي ٿي. اهڙي صورتحال تي وري انسان مٿا پٽ ڪرڻ لڳي ٿو ته هاڻي دنيا جو ڇا ٿيندو؟ هو ڪڏهن به اهو مُڙي نٿو ڏسي ته منافعي خوريءَ لاءِ سندس جوڙيل ڪاڪ محل دنيا کي دوزخ بنائي رکيو آهي. اهڙي ڪاڪ محل جي ڪُوپ ۾ هرڪا شئي محض منافعي تي ڇيڙو ڪري ٿي، ان کان اڳتي ان جو ٻيو ڪوئي ڪارج ناهي. اهڙي رويئي مان جيڪا اجتماعي هٻڇ پيدا ٿي آهي تنهن دنيا کي اسفل سافلين بنائي وڌو آهي. ڪيپيٽلزم جي ڪوڪٽ دنيا کي ڪوڙي ڪرنسي ته اکٽ ڪمائي ڏني آهي پرقدرتي وسيلن جي کاپي جي توازن کي اهڙو متاثر ڪيو آهي جوان سان فطرت جي ازلي حسن سان به هٿ چُراند ٿي آهي. اهڙي هٿ چراند جو هڪڙو ننڍڙو مثال خصوصن ڪارونجهر جبل جي ۽ عمومن سموري ٿر جي ان گگرال جي وڻ جو آهي جنهن مان سمورو گگر هڪڙي ڌڪ سان ۽ تڪڙو ڪڍڻ لاءِ، ٽُڪا ڏيئي ڪيميائي مادو وجهي، ڪُڌو عمل ڪيو ٿو وڃي. هن موسم ۾ گگلڻ جا ٻوٽا ڪارونجهرکي سائو ڪري ڇڏيندا هئا، ان ساوڪ ۾ هاڻي گهٽتائي اچي ويئي آهي. فطرت سان اها بدڪاري به بازار جي ڪارندن ۽ منافعي خوريءَ جي مهندارن جي ڪيل آهي. اهو خرارمان مُٺ جيترو مثال آهي. ٻيا اهڙا انيڪ مثال آهن. ڀٽائي سائين سُرسارنگ ۾ فطرت جي منظرنامي کي هن ريت بيان ڪري ٿو؛
ماڙهو مرگهه مينهيون، سڀ سارنگ کي سارين
آرون ابر آسري، تاڙا تنوارين،
سپون جي سمنڊ جون، نئين سڄ نهارين،
پلر پيارين، اُڃين آب اگوندرو.
فطرت جو هڪڙو پنهنجو ڦيرو آهي جنهن ۾ اها هرضرورت جو پورائو ڪري ٿي ۽ فطرت اهڙن ڦيرن سان پنهنجي هر وسيلي جي ريچارجنگ ڪندي رهي ٿي. هرشئي هڪڙي طئي ٿيل ماحولياتي، ارضياتي، حياتياتي، وغيره جهڙن مرحليوار عملن سان رچائي ، تاروتار ڪري ڇڏي ٿي. انساني هٻڇ جيڪي حرڪتون ڪرائي ٿي اهي وري انهن فطرتي عملن کي متاثر ڪن ٿيون ۽ نتيجي ۾ فطرت انسان تي ڪروڌجي پوي ٿو ۽ پوءِ جيڪي ٿئي ٿو، ان جي احوال سان دنيا جي آفتزدگيءَ تاريخ جو مهاساگر موجزن آهي. مند تي فطرت جو جمالياتي جنسار هرشئي جي ضرورت پيدا ڪري ٿو ۽ ان گهرج کي هرهڪ سارڻ لڳي ٿو. انسان پکي پکڻ، جيت جانور، آبي جيوت پنهنجي پنهنجي لات سان سرهائي گهرڻ جي ڳالهه ڳائي ٿي. ميگهه ملار ڀٽائي وٽ فطرت جو هڪ اهڙو روپ آهي جنهن مان هو محبت جي مانڊاڻ کي به نروار ڪري ٿو ته انساني خوشحاليءَ کي به تصورائي ٿو. ميگهه ملار جي سڀ جڳ موهڻ جي فطري منظر ڪشي، اُترجي ڪارين ڪڪرين ۽ برسات ۾ ڀِڄي ڳرين ٿيل ٽهڪندڙ ٽارين جي سهڻي نظاري کي پيش ڪندي هن ريت اظهاري ٿو؛
اڄ پڻ اترپار ڏي، ڪڪريون ڪاريون،
وسي ٿو وڏڦڙو، ٽهڪن ٿيون ٽاريون،
لٿين لُک لطيف چئي، ڍايون پاساريون،
ڀڄنديون ڀٽاريون، وري وٿاڻن آئيون.
سنسار جي اهڙي سرهائي، محبت جي مانڊاڻ جي يادگيري ڏياري ٿي نه بُک عشق وسارائي ٿي ڇڏي. انسان کي پيٽ پٽڻ جي پيڙا پرت جي پلر پيئڻ کان پري رکي ٿي. آگم جي اميد، من کي نينهن جي نويد ڏئي ٿي. سڄڻ جي سار من ۾ ميگهه ملاري مچائي ٿي. اهڙي ميگهه ملاريءَ سان اندر ۾ ”ڀُون ڀِڄڻ“ جي آس اُڀري ٿي. ڀون ڀڄڻ جي اهڙي خواهش ور جي خيال کي اهڙو زورائتو بنائي ٿي، جو ان جوئي اچڻ سڀ ڪجهه محسوس ٿئي. ان جي اچڻ سان هرڪا مند مينهن جي مند محسوس ٿيڻ لڳي ٿي.
اڄ پُڻ اميدون، آگم سنديون اُڀ ۾،
سانوڻ پسي سرتيون، سڄڻ ساريو مون،
آئون آسائتي آهيان مان ڀڄائي ڀُون،
گهرِته گُهرجين تون، مند مڙيوئي مينهن جي.
مينهن ۽ نينهن کي ڀٽائي هڪڙو اکر يعني ساڳي ڳالهه سمجهي ٿو. ڪڪرن جون ڪيهون به ڄڻ قرب جون ڪيهون آهن. اُترکان ايندڙ ڪڪر قلب جو ڪس لاهي، انسان کي وري نوبنو ڪري ڇڏيندا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته انساني ڪرت فطرت کي ايئن ڦٽيو آهي جو هاڻي اتر جا ڪڪرايترو ته انتشار جو شڪار ٿيا آهن جو اهي ڪنهن پل ڪٿان ٿا اچن ته ڪنهن ويل ڪٿان ٿا منهن ڏيکاري. لهڻاتي برسات کي لوڪ سڪي ويو آهي. مينهو ڳيءَ ۾ اها مامهه نٿي ٿئي جيڪا من جي موسم کي خوف ۽ آس جي گڏيل جذبن سان متحرڪ ڪندي هئي ۽ من گرنار جي مورن جيان ٽهوڪا ڪري هيئن آلاپڻ لڳندو هو؛
اُترا ٿي آيو، ته ڪڪر لاٿم ڪس،
وُٺو مينهن وڏڦڙو، ڪئو جوراڻي جس،
نيڻ ٽمندا پس، وس ته ورن سُپرين
فطرت جي ڦيري، انسان کان اهو سُڪون کسي ورتو آهي جيڪو من جي درپن مان معڪوس ٿيندو هو. دنيا سڪون ۽ شانتيءَ کي بازارمان خريدڻ جي چڪر ۾ سڀ ڪجهه وڃائي، ڪجهه به حاصل نه ڪري سگهي آهي. گهڻي ڪجهه حاصل ڪرڻ جي دعويدار دنيا وٽ پنهنجو پاڻ کي بچائڻ جو به پورو سامان موجود ناهي. سڪون ڪٿان ايندو، جيڪو آهي ئي داخلي ڪيفيت جو نالو. خارجي شين ۾ ڳوليل سڪون عارضي ۽ ايذائيندڙ آهي. ان جي ڀيٽ ۾ فطرت جيڪي آڇي ٿي اهو جٽادارآهي. جڏهن آب اگوندرو وسي ٿو، تڏهن سمورا اهنج ايذاءَ لهي وڃن ٿا. ڪڪرن جون آب هاڻيون اُٻون جڏهن اوهيراڪري اورڪون وسائين ٿيون ته پلر جي پالوٽ ٿي پوي ٿي. گاهن جا پٽن تي پاهه ٿين ٿا. اهڙي وڏيءَ وس جون ڳالهيون ڳنوار به ڪن ٿا ته هاڻي خوشحالي يقيني آهي. اهڙي طرح سُرسارنگ فطرت جي حسين منظرڪشي، پيارجي پالوٽ ۽ انساني سرهائي جو داستان پيش ڪري ٿو جنهن ۾ مختلف تصور....سونهن جو تصور، محبت جو تصور، جنس جو تصور ۽ خوشحاليءَ جو تصور...... ڀلوڙانداز ۾ پيش ڪيل آهن. سنسار کي سُرسارنگ سرهائيءَ جو پيغام ڏئي ٿو، جنهن ۾ وسيلن جي ورڇ به هرڪنهن لاءِ ضرورت پٽاندر هوندي. ڪا به ڦرلُٽ نه هوندي. ڪا ذخيري اندوزي نه هوندي. هرهڪ فطرت جي سائيءَ لام جا مزا ماڻيندو ۽ ڳڻ ڳائيندي، هيئن چوندو؛
حڪم ٿيو بادل کي ته سارنگ ساٺ ڪجن،
وڄون وسڻ آئيون، ٽهه ٽهه مينهن ٽمن،
جن مهانگي لئي ميڙيو، سي ٿا هٿ هڻن،
پنجن مان پندرهن ٿيا، ايئن ٿا ورق ورن،
ڏڪاريا ڏيهه مان، موذي سڀ مرن،
مينهيون پاڻ پراديون، ٿڌا ٿر چرن،
وهڪي جن ورهيه ٿيا، موٽئو سي مڙن،
وري وڏيءَ وس جون، ڪيون ڳالهيون ڳنوارن،
سيد چئي سڀن، آهي توهه تنهنجي آسرو.
سر نسريا پانڌ، اُتر لڳا آءُ پرين!
سنڌ جي سونهري ماضيءَ جا سمورا قصا اکين تي پر جڏهن حال جي هيڻائين، ڏکن، ڏوجهرن ڏانهن نگاهه گهمائجي ٿي ته جيءُ جهري ٿو ۽ اها جيءَ جهوريندڙ ڪيفيت، هن موسم ۾ جڏهن وڻجاري جي ونيءَ يا زال جي ٿيندي هئي ته اها هن ريت اظهاريندي هئي؛
سر نسريا پانڌ، اُتر لڳا آءُ پرين،
مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سهسين سُکائون ڪيون.
انهي ڪيفيت جي محسوسات جو سيڪ محسوس ڪري سگهجي ٿو ته سياري جي مند شروع ٿيڻ ۽ وڻجاري يا واپاريءَ جو گهر موٽڻ ۾ دير ڪرڻ بابت سندن ونين کي ڪيتري اون هوندي هئي، جن جي ونين ۾ ولايت اُسهيل وڻجارن جو انتظار هوندو هو. ونين ۾ وهڻ جو ان کي عرض ڪيو ويندو آهي، جنهن جون ميخون من ۾ لڳل هونديون آهن. دل ۾ ديرو هوندو آهي. دل چوندي آهي ته اهو شخص اکين ٿي ويهي ته واري ڇپر ڍڪجن جيئن ”ڪنهن ٻئي“ تي نظر به نه پوي ۽ ”ڪو ٻيو“ پرينءَ کي به نه ڏسي. انهي ڪيفيت کي ڀٽائي هن ريت چٽيو آهي؛
اکين ۾ ٿي ويهه، ته واري ڇپر ڍڪيان،
توکي ڏسي نه ڏيهه، آئئون نه پسان ڪو ٻيو.
ساڳيو خيال ميران ٻائيءَ جي من موهڻي مڌر لهجي ۾ به محسوس ڪري سگهجي ٿو، جڏهن هوءَ پريءَ پسڻ جي منظر ڪشي ڪندي هن ريت چوي ٿي؛
نينا انتر آئيو، پلڪ ڍانپ توهي لون،
نا مين ديکون اور ڪو، نا توهي ديکن دون.
اور کي ڏسڻ جي انهن قصن کان هٽي ڪري سُر سامونڊيءَ ۾ جيڪي اندر اور جون اٿاهه گهرايون نظراچن ٿيون، تن جي ڳوڙهائيءَ ۾ معنى جا موتي ڳولهي سگهجن ٿا. سُر سامونڊي جنهن لاءِ سنڌ جي انتهائي وڏي عالم آغا محمد يعقوب لکيو آهي ته اهو سُر سرراڳ جو تسلسل آهي. هن سُر ۾ 3 داستان آهن، جن ۾ جيڪي بيت ۽ وايون آهن انهن مان هرهڪ بيت پنهنجي جوهر ۾ انتهائي جوهردار آهي جنهن جي جهلڪ ڏسڻ لاءِ لطيف جي عميق ساگر مان سڪ سان سُرڪون ڀرڻيون پونديون. رڳو لفظ ناهن. ڀٽائيءَ جي ڳالهه انتهائي گهري هوندي آهي تنهنڪري ڳالهه جي ڳر کي ڳولهڻ لاءِ سڀئي پاسا نهارڻ به ضروري آهن. لطيف جو ڪلام انتهائي لطيف آهي جنهن جي جا ڪيترائي تهه آهن ۽ هر تهه کُلڻ سان معنى جا نت نوان املهه موتي جهلڪ ڏيکارين ٿا. هيءُ سُر ته سمورو اندر جو اورڻ آهي جنهن جو ڦورو ڦولهڻ به ڳورو ڪم آهي. لفظ سامونڊي جيئن ته سمنڊ مان نڪتل آهي ۽ سمونڊ لاءِ سنڌيءَ ۾ اونهو، اوهرو، ۽ کارو جهڙا لفظ ڪم آيل آهن. سمنڊ جيڪو هن ڌرتي۽ جي گولي جي ٽن حصن کي والاريو بيٺو آهي تنهن جي اهميت جڳاندر جهوني آهي ڇاڪاڻ ته انسان ذات جڏهن کان پنهنجي اقتصادي سرگرميءَ کي وڌائي وڻج واپار جي صورت ڏني آهي ته سمنڊ ئي آهي جيڪو انهي چرپر کي پنهنجي پهلوءَ ۾ سمائي، ابن آدم لاءِ انيڪ جنتن جوڙڻ جي اهتمام ۾ ِ مددگار ثابت ٿئي ٿو. دنيا جي مهاساگرن ۾ پئسفڪ مهاساگر سڀني ۾ وڏو سمنڊ آهي. ان کانسواءِ ائٽلانٽڪ مهاساگر، هندي مهاساگر به وڏا سمنڊ آهن. سمنڊن جي دنيا به وسيع، عميق،عجيب ۽ ٻهڳڻ آهي جنهن جي گهڻاگهڻي بابت اڃا ته اڀياس ٿي رهيا آهن. سمنڊ ۾ ميريانا کَڏَ جهڙيون اونهيون کاهيون آهن ته برمودا ٽڪنڊي جهڙا ڪن پڻ. جن ۾ ڪيئي اجگر وٿون غرق ٿي ويون آهن ۽ ڳوليون به نٿيون لڀن.ايئن سمنڊ وڏي ماحولياتي اقتصادي، ۽ دفاعي سرگرمي جو اهڙو آکاڙو آهي، جيڪو صدين کان انسانن جي لتاڙ ۽ چلهاڙ کي سهندو اچي. سمنڊ جي مختلف روپن جا الڳ نالا آهن جيئن نار، راس، اُپسمنڊ، ڳچي سمنڊ وغيره. ڀٽائي جي سُر سامونڊيءَ کي جڏهن پڙهجي ٿو ته روميءَ جي مثنوي جون هي سٽون ذهن تي تري ٿيون اچن؛
شنيده ام ڪه عزم سفر مي ڪُني م ڪن،
مهر حريف ديار دگر مي ڪُني م ڪن.
يعني مون ٻڌو آهي ته سفر سنبريو آهين، مهرباني ڪري نه وڃ. تون هڪ دوست کي پاڻ کان ڌار ٿو ڪرين، مهرباني ڪري ايئن نه ڪر. اهڙي طرح ڀٽائي به سرسامونڊيءَ ۾ هن ريت فرمائي ٿو؛
اُلوڙڻ نه ڏئي ور وڌائين ونجهه کي،
رهه اڄوڪي راتڙي، لالڻ مون لائي،
وڃ م ڦوڙائي، ايڏي سفر سُپرين.
ڦوڙائي فراق جي اهڙي اذيت ناڪ ڪيفيت مان گذرندڙ وڻجاري جي وهو هن سُر جو مُک ڪردار آهي، جنهن جي چوڌاري ڪربناڪي جي سموري ڪهاڻي گهمي ٿي، جنهن ۾ انيڪ اهڙيون ڳالهيون به آهن جن جي حسناڪي کان هرهڪ هرکجي ٿو. هونئن به درد تخليق جو سبب رهيو آهي. سموري سرجڻهاريءَ جي سرشتيءَ پويان درد ئي درد آهي. وڻجاري جي وني پهريائين وڻجاري کي سفر سنبهڻ کان جهلي ٿي جڏهن هو سندس پليو نٿو رهي ته پوءِ هوءَ سندس سُک سلامتيءَ لاءِ سهسين سُکائون باسيندي هن ريت چوي ٿي؛
سر نسريا پانڌ، اُتر لڳا آءُ پرين
مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سهسين سُکائون ڪيون.
وڻجارو جنهن کي پنهنجي وڻج واپار جو اونو اُلڪو آهي تنهن جي سفر کي ملتوي ٿيندو نه ڏسندي، وڻجاري، وڻجاري جي ماءُ کي وچ ۾ پوڻ جو سوال ڪري ٿي جيئن متان اهو ماءُ جو چيو مڃي پنهنجي سفر جو سعيو ڀڃي. لطيف هن جي واتان هن ريت ٻولي ٿو؛
وڻجاري جي ماءُ، وڻجارو نه پليين،
آيو ٻارهين ماه، پُڻ ٿو سفر سنبهي.
اهڙي طرح جڏهن هن سر جي ٽنهي داستانن کي ڏسجي ٿو ته انهن ۾ انساني ذهن جي ارتقا جا ٽي ڏاڪا نظر اچن ٿا. پهرئين مرحلي ۾ جڏهن شاه سائين وڻجاريءَ کي پڳهه پاسي گهارڻ جي صلاح ڏئي ٿو جيئن وڻجارو ٻيڙو اولي اوهري هليو نه وڃي. انهي حال ۾ انسان جي انتهائي هٻڇ واري اجهل حالت هوندي آهي ۽ سندس سمورو رويو حيواني جبلتن جي جهلڪ ڏيکاريندي محسوس ٿيندو آهي. تصوف جي اصطلاح ۾ انهي ڏاڪي کي نفس اماره چيو ويو آهي. انهي هڻ هڻان ۾ ماڻهو ڪچو هوندو آهي سندس ڪوششون اڪارٿ وڃن ٿيون. وڻجاري به وڻجاري جي ٻيڙيءَ کي سڀني ڪوششن جي باوجود روڪي نٿي سگهي. انهي کان پوءِ وري ٻيو مرحلو شروع ٿئي ٿو جنهن ۾ جڏهن وڻجارو ٻئي سفر سنبهڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ڇاڪاڻ جو کيس سمنڊ ۾ سڻائو واءُ نظر اچي ٿو. هو پنهنجي سفر تي هليو وڃي ٿو. تڏهن وڻجاري وري تڙ پوڄڻ ٿي لڳي، اناج جي دڻن بجاءِ کٿوري اکا وجهي ٿي ۽ جر جون جاٽون ٿي ڏئي جيئن وڻجارا خير سان موٽي ماڳ اچن. انهي ڪيفيت کي ڀٽائي هن رين بياني ٿو؛
اُڀيون تڙ پوڄين، وهون وڻجارن جون
آڻيو اکا ڏين، کٿوري سمنڊ کي.
ٻين وڻجارين کي به هوءَ صلاحون ڏئي ٿي ته توهان به پنهنجي وڻجارن جي خير کين موٽڻ لاءِ جر جون جاٽون ڏيو، ڏيئا موهيو. جيڪڏهن ايئن نٿيون ڪري سگهو ته پوءِ پنهنجي ڪانڌ جون سڌون ڪرڻ ڇڏي ڏيو. سندس اها صلاحيت کيس ڪجهه مٿاهين پد تي پهچي ٿي ۽ منجهانئس اڳوڻي بي صبري گهٽجي وڃي ٿي. هوءَ پنهنجي سرتين سهيلين کي به سُٺيون صلاحون ڏيڻ لڳي ٿي. منجهس اها صلاحيت ڏکين ۽ وڇوڙي ڀرين مرحلن مان اُڪري پار پوڻ جي ڪري پيدا ٿئي ٿي. انهي ڏاڪي کي تصوف جي ٻوليءَ ۾ ”نفس اللوامه“ چيو ويو آهي. جڏهن وڻجاري انهي مرحلي مان اڳتي وڌي ٿي ته به وڻجاري کي پلڻ جي ڳالهه ڪري ٿي. انهي جهل پل لاءِ هوءَ وڻجاري جي ماءُ کي وچ ۾ پوڻ جو عرض ڪري ٿي. اهو رستو کيس مناسب نظر اچي ٿو. وڻجاري جي وڇوڙي کي قبوليندي انهي صورتحال سان هوءَ سمجهوتو ڪري ٿي ته وڻجاري کي موٽڻو آهي هو ضرور موٽي ايندو. انهي لاءِ هوءَ نه رُڳو سفر دوارن باسون باسي ٿي پر وڻجاري جي خير سان موٽي اچڻ تي تي خير خيرات ڏئي ٿي. اهو ڏاڪو سڪون ۽ آسودگي ءَ وارو مدارج آهي جنهن ۾ انساني سوچ سامائجي بالغ ٿئي ٿي. اهڙي اطمينان واري مرحلي ۾ انساني ذهن کي تصوف جي تنوار ۾ ”نفس مطمئنه “ چيو ويندو آهي.
ان ريت سُر سامونڊيءَ ۾ انيڪ اصطلاح ۽ لفظ به استعمال ٿيل آهن جن معنى به اسان کي سُتڙ وٺي ويندي ۽ اوتڙ اولڻ جو امڪان گهٽجي ويندو ڇاڪاڻ ته انساني ذهن جڏهن گهڻو ڀٽڪندو آهي کيس ڪا رهنمائي نه ملندي آهي ته پوءِ اهو ڏُتڙ پئجي ويندو آهي، ايئن ڀليل ڀٽڪيل هينئڙو ڏتڙ پئل ٻيڙيءَ جيان لڏندو لمندو رهندو. هن سُر ۾ ٻيڙيائتي ڪرت سان لاڳاپيل کوڙ سارا لفظ آهن، جن جي اوک ڊوک ضروري آهي. جهازن جو لنگرهڻڻ ۽ ڪناري تي پڳهجڻ هڪ وڏي سرگرمي هوندي آهي جنهن ۾ سرهائيءَ جو سنيهو هوندو آهي. وڻجارن جو اصلي ساڻيهه سمنڊ آهي جن جي پڳهه پاسي جيڪڏهن نه گهاربو ۽ ويسري وک کڻبي ته اهي ته پرڏيهه هليا ويندا، جن جو موٽڻ ٻارهين ماه آهي. جيڪو من نيڻن ۾ لنگريل آهي، سو اوليءَ سان اوهرجڻ به ڏکيو آهي. سٻاجها سيڻ ڳڻ ڪري هنيون ڳهي ڇڏيندا آهن يعني پاڻ وٽ گروي رکي ڇڏيندا آهن. جوڀن جي ڏينهن ۾ جيڪي وڻجارا وهون اڪيليون ڇڏي ويندا آهن سي پنهنجي پاڻ کي چيئن چڙهيل سمجهنديون آهن يعني سندن جي مسلسل عذاب ۾ مبتلا هوندو آهي. سند انگڙا انگُن چڙهيل محسوس ٿيندا آهن. ڪرب جي اها مسلسل ڪيفيت انسان جي اندر ۾ جيڪي ڪيفيتون اُتپن ڪري ٿي سي عجيب هونديون آهن. هوڙو به ٻيڙيءَ جو نمونو آهي جنهن جا هلائيندڙ يعني هوڙاڪ جڏهن تڙان نڪري اونهي اوهري ۾ هليا ويندا آهن ته پوءِ وڻجارن وايون ٻُڌڻ ۾ نه اينديون آهن ۽ تڙ اُداس ۽ اسارا اسارا لڳندا آهن. هن سر جي انهي سونهن کان هٽي ڪري جيڪڏهن ان جي موضوع کي ڏسجي ٿو ته اهو وڻج واپار آهي. واپار کي سنڌي سماج ۾ وڌندڙ وٿ سڏيو ويندو هو. هن وقت سنڌ واپار جي معاملي ۾ پوئتي پئجي ويئي آهي، نه ڪو وقت هوندو هو، جو سنڌ ورڪي سون جا سوداگر هوندا هئا. انهي صورتحال کي ڀٽائي هن طرح بيان ڪيو آهي؛
لنڪا لنڪا ڪن، لئي لنڪا جي اوهريا،
سُڻي سون لنڪا جو، سُک نه سامونڊين،
پره پڳهه ڇوڙيا، کاري کيڙائن،
وڏي ڀاڳ ڀڙن جي ڪهيا ڪارونڀار ڏي.
لنڪا جي سون جا اهي سوداگر خوشحال سنڌ جا ضامن هوندا هئا جيئن سانجهي تارو سُک ۽ سرهائي جو ضامن هوندو آهي. سکي ستابي سنڌ، وڻج واپار جي ڪري خوشحال هوندي هئي نه ئي ڪنهن نڙي ڦاڙ نعري جي زور تي اها خوشحالي بيٺل هئي. سنڌ جي موجوده صورتحال جي حقيقت جيڪڏهن ظاهر ٿي ڪجي ته مرون به ماٺ ۾ پئجي ويندا، ڏونگر ڏري پوندا، وڻ سڙي خاڪ ٿي پوندا، زمين جلي بُٺ ٿي پوندي جنهن تي ڪا اوڀڙ نه اُڀڙي سگهندي، ڇاڪاڻ جو سنڌ جي هزارين ڳوٺن جي آبادي اڄ به غربت جي ليڪ کان هيٺ زندگي جو ڳرو گاڏو گهلي رهي آهي جنهن کي پيئڻ جو صاف ۽ مٺو پاڻي به ميسر ناهي، جنهن کي پنهنجي دردن جو دارون دوا ڪرائڻ لاءِ ڪا صحت جي مناسب سهوليت دستياب ناهي. ڳوٺن توڙي شهرن ۾ ڪن ڪچري جا ڍير لڳا پيا آهن جيڪي بيمارين ۾ ۽ ڊاڪٽرن جي آمدنيءَ ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ڪري رهيا آهن. سلامتي جي صورت احوال به ڪو ايترو سُٺو ناهي. عورتن ۽ ٻارن جي حالت ته انهن ڳوٺن ۾ جانورن کان به بدتر آهي جنهن جي ابتريءَ جو افسانو ڏهاڙي شايع ٿيندڙ اخبارن ۾ پسي سگهجي ٿو. نوجوان بيروزگاريءَ جي ڪڙهائي ۾ ڪڙهن پيا، سندن تعليم جي معيار جو حال پورو سارو آهي ، نوڪري وٺڻ لاءِ سفارش پويان جيڪا ڊوڙ ڊڪ ٿئي ٿي اها به ڪنهن کان ڳجهي ڪانهي. انهي ۾ وري سون تي سهاڳو تڏهن لڳي ٿو جڏهن رشوت سفارش کي به مات ڏيئي وڃي ٿي. اهڙي طرح جنهن کيسو ڀرتو آهي پهرين پتڻ سوئي چڙهي ٿو باقي ٻيو ويٺو ٻانگون ڏئي. خريد ۽ فروخت جي انهي تيزگام صرف اهوئي سفر ڪري سگهي ٿو جنهن وٽ ٽڪيٽ وٺڻ جي سگهه هجي. ذهني ۽ فڪري طور ڏسجي ته ناه ڄاڻ ڪيتريون ”پرستيون ۽ پرستشون“ سنڌي سماج کي ڄورن وانگر چهٽل آهن. اٻوجهه عوام ته اهڙن واڳن جي وات ۾ آهي پر ساڃهه وند سڏائيندڙ طبقي جي اڪثريت پڻ استحصالي طبقن سان ٻِٽ بنيل آهي. اهڙي ڪلجڳي دؤر ۾ وڻج واپار جي ڪرت ۽ معياري تعليم ماڻهن جي واهر جو وکر مهيا ڪري سگهن ٿيون. تجارتي سنڌ (مرڪنٽائل سنڌ) ئي سُکي سنڌ هوندي. ڀٽائي ءَ جو سُر سامونڊي اهڙي عمل کي وڌائڻ لاءِ مهميز جو ڪم ڏيندو. سر سامونڊي ۾ ڀٽائيءَ پاران پيش ڪيل سنڌ جي ريوائيول لاءِ سوچڻ جو وقت آهي. دنيا کي کوڙ سارا چئلينج درپيش آهن. انهن مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ واپار جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ ضروري آهي. سرمائي واد جي موڙيءَ تي آڌارڪ اقتصادي سرشتي جو انحصار کليل مارڪيٽ تي آهي ۽ کليل مارڪيٽ جو امان ابو نفعو ۽ نفعو آهي. انهن سڀني اهنجائين جي باوجود اڳتي اچڻو پوندو. هن وقت سنڌي ماڻهو جو مکيه دارومدار زراعتي اُپت تي آهي. زمينون رکندڙ ڌُرين جي به حالت اها آهي جو اهي پنهنجي انهي اثاثي کي ڊائورسيفاءِ نٿا بنائين. تنهنڪري جڏهن ڪا آفت اچي ڪڙڪي ٿي ته پوءِ اهي وٿون رکندڙ طبقا به ڏکيا ٿي ٿا پون يا کين اهي اباڻيون وٿون وڪڻڻيون پونديون آهن. انهن سڀني مونجهارن جو حل انٽريپرينيوئر ٿيڻ ۾ آهي. سنڌ جيئن ئي انٽرپرينيوئرشپ ڏانهن وڌندي ته پوءِ ئي اها وڃايل خوشحالي موٽي ايندي ۽ سنڌي وري هن قسم جي سماج ۾ جيئڻ لڳندا.
کاري کيڙائو، مٿي مِٺي موٽيا،
سودو ڪن نه سون جو، وڏا وهائو،
موتي جي مهراڻ جا، تن جا طامائو،
سامونڊي سائو، لنڪا لوپي آئيا.