عالم سڀ آباد ڪرين...!
ڪائنات جو سمورو مانڊاڻ ته سوچ کان به وسيع آهي جنهن جي وسعت جي ڪُشادي پيالي ۾ سموريون شيون فطرت پاران ويڪاند واري وڏي ماحول ۾ مسلسل روان دوان آهن. اهو سمورو وايو منڊل سٽادار سڻائي سرشتي سان جُڙيل آهي. رڳو انسان کي سوچ، عقل، ساڃهه ۽ علم جي صلاحيت ڏيئي مٿس چونڊ ڪرڻ جو ڳرو بار وڌو ويو آهي تنهنجي چُرپر سان جڳ جي جنسار ۾ ڏڦيڙ پوي ٿو اهڙو ٻڙڌڪ وڌ کان وڌ متاثر به انسان کي ئي ڪري ٿو پر سندس هٻڇ کيس سُڌرڻ نٿي ڏئي. هو انيڪ غلطيون ۽ غلطا ڪندو رهي ٿو پر انهن مان سبق گهٽ پرائي ٿو. اهوئي سبب آهي جو ست ارب کان وڌيڪ آباديءَ واري دنيا، سمورين حرفتن ۽ حرڪتن، علميت جي دعويدارين سميت اڄ به امن لاءِ ماندي آهي پر امن جو اڇو پکي عالم جي دام ۾ نٿو اچي ڇوته منافعي خوري ۽ وسيلا لٽڻ واري لالچ انسان کان سچي ساڃهه کسي، انڌ جا کوپا اکين تي چاڙهي ڇڏيا آهن، تنهنڪري هو عالم جو امن به جنگين وسيلي آڻڻ جو خواهان آهي. جنگ وسيلي امن قائم ڪرڻ امن پسنديءَ جي ڪوڊ جي اُبتڙ آهي.
عالم جي امن لاءِ دنيا ۾ ڪيئي طور طريقا آزمايا ويا آهن. هرهڪ نظريئي واري پنهنجي نظريئي کي ئي امن جو مُهري قرار ڏنو آهي پر سمورين جنگين باوجود دنيا ۾ اهو امن قائم ٿي نه سگهيو آهي، جڳ جنهن امن آشتيءَ جو ڳولائو آهي. ٽروجان لڙائي هجي يا مهاڀارت هجي، مذهبي جنگيون هجن يا وسيلن تي ويڙهاند هجي، اڄ تائين طاقت وسيلي امن قائم نه ٿي سگهيو آهي. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته جمهوريت وسيلي عالم ۾ امن قائم ٿيندو. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته سوشلزم امن عالم جي سوکڙي ڏيندي. ڪن جو خيال آهي ته سرمائيواد امن جي سپني کي ساڀيا ڪندي. ايئن ڪندي ڪندي، ڄاتل تاريخ جي دؤر ۾ به عالمي جنگيون لڳي چڪيون آهن جن کي دنيا ”مهاڀاري جنگيون“ سڏي ٿي. اهڙيون ٻه ڏيهان ڏيهي جنگيون لڳي چُڪيون آهن ته ٽين جنگ دنيا جي امن مٿان ”ڊيموڪلي جي تراڙ“ جيان لٽڪي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته انهن ٻنهي جنگين کانپوءِ عالمي امن قائم ڪرڻ لاءِ قائم ٿيندڙ ادارن جي اثر پذيري گهٽجي ويئي آهي ۽ اهي ادارا جنگ بازن، عالمگيريت جي نوسربازن جي ور چڙهيل آهن. اها سموري نوسربازي، ۽ جنگي جنون وري منافعي خورن جي آکاڙي جو اهڙو ڦٽيل مرون بنيل آهي جن جي بُک بي انت آهي. سڄي دنيا بازار ۾ بدلي آهي پر اُها اُڃ اجهامي نٿي تنهنڪري دنيا جي امن جو ابهم پکي پر ڦڙڦڙائي پري پري ڀڄي رهيو آهي ۽ عالمگيريت واري ڪنهن به من ميري ڪوشش جي دام جي دام ۾ نٿو اچي ڇوته امن جو پکي ”عالم گيريت “ جي پڃري جو باندي ٿيڻ بدران ”عالم پسنديءَ “ جي آزاد فضا ۾ اُڏامندو آهي.
عالم پسنديءَ وارو امن جو تصور لطيف سائين پنهنجي شاعريءَ جي سنيهي ۾ پيش ڪيو آهي جنهن مان انسان جي اهنجن ايذائن جو علاج به ٿيندو ته فطرت جي ڦٽن تي به پها به رکجي ويندا. ڀٽائي جو امن جو تصور انسان دوست امن جو تصور آهي جنهن جي بگاڙ جو تصور به انسان جي سرگرمين سان ٿئي ٿو. انسان پنهنجي دنيا کي پاڻ دوزخ جي دونهين ۾ تبديل ڪيو آهي. لطيف سائين اهڙي اڇي پاڻيءَ جي لُڙاٽجڻ واري صورتحال کي محسوس ڪندي، سُر راڳ جي هڪ وائيءَ ۾ هن ريت فرمائي ٿو؛
ڪنڌيءَ ساريان ڪان، يا امن امان
يا الاهي ! ٻاجهه ٻيلاٽي ڀانيان
ڳڻڻ ڳاڻيٽو ناهه ڪو، اپر ٿيا عصيان
يا الاهي ! ٻاجهه ٻيلاٽي ڀانيان
مديون پسي منهنجون شرمايا شيطان
يا الاهي ! ٻاجهه ٻيلاٽي ڀانيان
هن منهنجي حال تي، هئه هئه ڪن حيوان
يا الاهي ! ٻاجهه ٻيلاٽي ڀانيان
ولها سڀ ونهيان ڪيا، تنهنجي جود جوان.
يا الاهي ! ٻاجهه ٻيلاٽي ڀانيان
سندس محسوسات جي ڪيفيت ان ماڻهوءَ واري آهي جيڪو بدامني ۽ بي امنيءَ جي اهڙي اونهي اوهري جي ڪاري ڪُن جي لهرن ۽ لوڏن جي ور چڙهي ويو آهي ۽ پنهنجي وجود جي بقا لاءِ هٿوراڙيون هڻي رهيو آهي. ٻُڏندي ٻوڙن ۾ هاتڪي هٿ پوڻ واري ان ڪيفيت ۾ ننڍڙي ٻيٽاري جو نظراچڻ به مالڪ جي ٻاجهه آهي. فطرت جي ٻاجهه جو اندازو ۽ احساس انسان کي سدائين آفتزدگيءَ واري صورتحال ۾ ٿيندو آهي. هن وقت به انساني چُرپُرجي پيدا ڪيل ڏڦيڙ جي تباهيءَ جو دائرو وسيع آهي. هو پنهنجي انهي عصيانپ جي اپارپڻي کي ڳڻي ڪانه ٿو سگهي.اهڙي حالت ۾ لطيف واليءَ کي وهلي واهر ڪرڻ جي گذارش ڪري ٿو. انسان جي کاتي ۾ ايتريون مديون آهن جو هو شيطان کي به ان ڊوڙ ۾ ماري ويو آهي. سندس اهڙي سنگين صورتحال تي حيوان تي به مٿو پٽي رهيا آهن. مالڪ جي سخا سُڃن کي سپڙ بنائي ڇڏيو آهي تنهنڪري اسان کي به امن جي عطا عطا ڪر. اسان تي هرحال ۾ پنهنجي ٻاجهه جي ڇانو ڪجان جيئن اسين ان گهري گرداب مان پار پئي، ڪنهن ٻيلاٽيءَ تي ئي پهچي سگهون. اهڙين حالتن ۾ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي لاڳاپا لاهي نڪرڻو پوندو تڏهن وڃي ڪو تريءَ تيل چڙهندو نه ته ڀنڀور جي باهه جهڪي ٿيڻ مشڪل آهي. لطيف فرمائي ٿو؛
سڀ ننگيون ٿي نڪرو، لالچ ڇڏي لوڀ،
سپريان سين سوڀ، ننڊون ڪندي نه ٿئي،
هل هنين سين هوت ڏي، پيرين پنڌ وسار،
قاصداڻي ڪار، ڪين رساڻي ڪيچ کي.
ننگو ٿي نڪرڻ کانسواءِ جٽادار امن قائم ڪرڻ ڪٺن ڪم آهي. جيستائين جٽادار امن قائم نه ٿيندو تيستائين دنيا ۾ جٽادار ترقي ته ڇا انساني ترقيءَ جو تصور به ممڪن ناهي. ترقيءَ جي اُهڃاڻي وڏين عمارتن، منافعي خور منڊين، خان خاني خرچن سان ڪڇي نٿي سگهجي. انساني اوسر جي ڪڇ ويئٽ ۾ ڪيئي الک وٿون به اچي وڃن ٿيون جن ۾ من جي شانتي سڀ کان اهم آهي. منافعي خوريءَ جي خناس ماڻهوءَ جي من جي شانتيءَ کي تين وال ڪري، عالم جي امن کي تاراج ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪري لطيف سائين جو اقتصادي ماڊل به فطرت جو ماڊل آهي جنهن ۾ وسيلن جي ورڇ چالاڪيءَ واري ڦُرلٽ بدران انساني ضرورت پٽاندر هجي ته فطرت جي وسعت انسان کي ڪڏهن به بُکيو ۽ ڏکيو رهڻ نه ڏيندي. هو فرمائي ٿو؛
نڪا جهل نڪا پل، نڪو رائڙ ڏيهه ۾،
آڻيو وجهن آهرين، روڙيو رتا گُل،
مارو پاڻ امل، مليرون مرڪڻون.
جهل پل جي پٽ کوهه کان دنيا جي آزاد ٿي مٿي اُسرندي ته پوءِ انسان ۾ چالاڪيءَ وسيلي، وسيلا ڦٻائڻ ۽ لُٽڻ واري ڪرت گهٽجي ويندي. انسان پاڻ ايترو ذهني طور انسان ٿي پوندا جو اهي ساٿي انسانن لاءِ اهو ئي ڀلو سمجهندا جيڪو پاڻ لاءِ ڀلو سمجهن ٿا. انسان ذات جي خول مان نڪري، اجتماعيت جي آکاڙي ۾ اچي بيهندو ته سندس دل کي ٻئي انسان لاءِ جيڪو ڌيڄو ايندو اهو ذات جي هوا روڪ ڏٻي ۾ بند ٿيل خود غرض انسان کي نه ايندو. لطيف انسانن لاءِ اهڙو فطرت پسند، امن پسند ۽ محبت تي ٻڌل سماج قائم ڪرڻ جو ڳولائو آهي جنهن ۾ سڀئي انسان پنهنجي پنهنجي انفراديت ۽ لڪل جوهر مطابق اُسري سگهن. ڪوبه ڪنهن جو حق ڦٻائي نه سگهي. هو اهڙي انسان دوست ”عالم پسنديءَ“ واري نظريئي جو پرچارڪ آهي جنهن ۾ نينهن اُڇل آهي؛
هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي نينهن اُڇل،
نه ڪا جهل نه پل، سڀڪو پسي پرينءَ کي.
هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي گهڙجي نينهن،
نه ڪا رات نه ڏينهن، سڀڪو پسي پرينءَ کي.
هلو هلو ڪاڪ تڙين، چرو جت چڙهن،
ڪوڙين رنگ رچن، پانوڙيءَ پڪ سين.
ڪڪوريل ڪاڪ جو محبت ڀريو ماحول انسان کي امن ۽ آجپو عطا ڪري ٿو، جنهن ۾ انسان کي هٻڇ نه هوندي. هو ٻئي انسان جي ڀلي لاءِ سوچيندو. باهمي بقا وارو ماحول جُڙندو ۽ ماڻهو ماڻهو ٿي پوندو. جڳ ۾ ڪوئي ڦير ۽ ڦند نه رهندو. امن جو اهو نظريو انسان جي اندر اُجارڻ جو نظريو آهي جنهن ۾ فطرت پسندي سمايل آهي. لطيف جو هي سنيهو فطرت جي ڦرلٽ کان پري ڀڄندڙ اهڙو خيال آهي جيڪو انساني سرگرمين کي امن قائم ڪرڻ ڏانهن وٺي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان جو بنياد طاقت تي نه پر اندر اُجارڻ تي آهي. انسان جي داخلي سگهه کي پنهجي اصلي جوهر ۾ نروار ڪرڻ سان آهي. طاقت وسيلي عالم ۾ امن قائم ڪرڻ وارو نظريو ڪي چڱا نتيجا ڏيئي نه سگهيو آهي. لطيف جو ڪاڪ تڙن جو تصورامن واري جڳ جو تصور آهي، جنهن ۾ ڪا جهل پل نه هوندي پر هرڪو پاڻ کي پاڻ جهلي ۽ پلي سگهڻ جي صلاحيت رکندو هوندو.ان دنيا ۾ محبت نپجندي ۽ چاهه جا چرو چڙهيل هوندا. پان جي رڱ واريءَ پِڪ سان ڪوڙين قرب جا رڱ رتل هوندا. لطيف سائين اهڙي امن ڀرئي جڳ جوڙڻ جي واٽ ڏسيندي هڪ وائيءَ ۾ فرمائي ٿو؛
جاڳو يارا! جيڏيون، جيڏيون پاڻ پرنجي،
جاڳئو جوشا جيڏيون، پاڻ پرنجي،
هلندي حبيبن ڏي، ويلو وچ نه ڪجي.
مٿا اُهس آسري، پتنگ جيئن پئجي.
عرض احوال ان کي، چڱيءَ ڀت چئجي.
نياز ڪري نڪڻين، واحد ڏي ورجي.
آهي موت مڙن تي، گوڙيون ڪئو ٿو گجي.
اجل ايندو ئي اوچتو جو سدا ٿو سُڄي.
اڳئان اوندهيءَ جو، سمر ساڻ ڪجي.
تان ڪي قوت قبر جو، گهڻو ٿو گهرجي.
آگو عيب آنهنجا ڍڪئو ٿو ڍڪيا ڳجهه ٻُجهي.
جيڪي وهي وجود ۾ صاحب سو سمجهي.
ڊڄي ڊاءَ ڌڻيءَ جي جيڪو ڀئي ڀڄي.
امن آهي اُن کي جو الله جي اجهي.
زندگي اهڙي طرح وقت جي ڪئپسول اند گهمي ٿي. وقت جون سموريون شيون ان تي لاڳو ٿين ٿيون. ڪوبه وقت جي واريءَ کان مٿاهون ناهي. وقت وري ٿو ته واري ڏيئي ٿو ڇڏي. وقت وڃي ٿو ته واريءَ وارن يعني بادشاهن تان واري واري ٿو ڇڏي. اهي سڀ ڳالهيون هڪڙو پاڻهرتو ضابطو ڪندڙ خاڪو جوڙين ٿيون، جن مان لطيف جو صوفي صاف انسان نروار ٿئي ٿو ۽ اهوئي امن جي ضمانت آهي. ”لطيف جو ساڌ “ اندر اُجريل ساڌ آهي جيڪو مغربي فلسفين جي ”سُپرمين“ کان وڌيڪ سگهارو ۽ جٽادار آهي. ايئن لطيف جو امن سنيهو عالمگيريت بدران عالم پسنديءَ جو پيغام آهي جيڪو سنڌ جي سڪار سان گڏ عالم جي آباديءَ جي ڳالهه به ڳائي ٿو؛
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.